Tuesday, November 27, 2012

نيٺ انڌن وڃي ملتان لڌو! اسير امتياز

نيٺ انڌن وڃي ملتان لڌو!
اسير امتياز
هاڻوڪي بي رحم دور ۾ ماڻهو کي کلائڻ ڪنهن جي به وس جي ڳالهه ناهي، گهڙي پل جي کِل کان پوءِ ساڳين ئي ماڻهن وٽ رڳو درد ئي هجي ٿو، ڀلا جتي رڳو درد ۽ ڳوڙها هجن اُتي ڪنهن کي کلائڻ ڪيترو آسان هوندو؟ اُهو ته هر ڪو ئي اندازو لڳائي سگهي ٿو ته هن ماتمي موسم ۾ ڪنهن کي کلائڻ ڪيتري جوکم جو ڪم هوندو ان جو ته اندازو ئي نٿو لڳائي سگهجي! هن ڪالم ذريعي مان ناچيز ڪنهن کي کلائي به ڪيئن ٿو سگهان! جنهن ماحول ۾ جتي رڳو غم جو عالم ڇانيل هجي ۽ ماڻهو ڪنهن جي پٿر تي ويٺل هجن اتي ڀلا خوشي به ڪهڙي! جتي چوڏس سوڳواريءَ ترسيل هجي، ماڻهو مايوسين جي نذر ٿي رهيا هجن، اُتي ته فقط ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو. پر ڪا چواڻي آهي ته ”نه روئڻ ۽ بنا تڪليف جي هجڻ کان پوءِ، کلڻ ئي سهي.“ سو ان ڪري به پنهنجي ننڍڙيءَ ڪوشش سان ڪجهه کِل ڀوڳ جهڙيون ڳالهيون اوهان سان شيئر ڪندي، اوهان کي سنڌي جي پهاڪن، چوڻين ۽ مُحاورن جي آڌار تي کلائڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ ڪجهه سيئريس ڳالهيون به اڄ اوهان سان شيئر ڪندس، ڇو ته هر وقت مذاق به سهي ناهي. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو سنجيده به ٿي پوي ته بهتر!

دوستو سنڌ اندر چوڻين ۽ پهاڪن جو رواج ڏاڍو وڻندڙ رهيو آهي پر هاڻ اُهي چوڻيون ۽ پهاڪا به وڃي پيرن کي پرتا! هر ڪو پنهنجي مصروفيتن ۾ مصروف رهي ٿو، تنهن هوندي به سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اُهي پهاڪا ۽ چوڻيون اڄ به مشهور آهن ٻهراڙي جي ماڻهن وٽ اڄ به اُهي چوڻيون ۽ پهاڪا موجود آهن جيڪي هر وقت پيش ٿيندا رهن ٿا، سنڌي جو هڪڙو پهاڪو ڏاڍو مشهور آهي ته ”انڌن وڃي ملتان لڌو.“ اهڙي ئي طريقي سان سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ٻيا به کوڙ سارا پهاڪا ۽ چوڻيون مشهور آهن جيڪي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ هر وقت پيش ٿيندا رهن ٿا. سنڌ جي هر علائقي ۾ جدا جدا ٻوليون، مُحاورا ۽ پهاڪا پيش ٿيندا رهن ٿا، انهن پهاڪن ۽ چوڻين ۾ مزاح سان گڏ ڪو پيغام به هوندو آهي جنهن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي پر ڪاش.... انهن کي ڪير سمجهي به ڪيئن ۽ ڇو؟ سنڌ اندر پهاڪن، چوڻين ۽ مُحاورن سان گڏ سنڌ جون ٻوليون، انداز ۽ لهجا به عجيب و غريب آهن. سنڌ اندر کوڙ ساريون ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون ۽ سنڌي ٻولي جون کوڙ ساريون چوڻيون ۽ پهاڪا مشهور آهن، جنهن مان ڪي ڏاڍا معني خيز ۽ وڻندڙ به هوندا آهن. انهن پهاڪن کي پيش ڪرڻ ۽ سمجهڻ کان اڳ ۾ هتي ڪجهه دوستن جي به ڳالهه ڪندو هلان ته جيڪي منهنجي هن سلسلي کي پسند ڪن ٿا، منهنجي دوستيءَ جو حلقو وسيع ڪونهي، بس ڪي مون جهڙا ئي منهنجا دوست آهن جيڪي منهنجي مشڪريءَ کي قبول ڪن ٿا، نه ته اڄ جي دور ۾ ڪير ٿو ڪنهن جي ڪاڻ ڪڍي. منهنجن دوستن مان ڪيترا ئي منهنجا اهڙا دوست به آهن جنهن کي منهن تي ڪيڏي ڪيڏي مهل سچ به چئي ڏيندو آهيان. پر ڪي ته اهڙا به دوست آهن جو ٿورڙي ڳالهه تي ٻُوٿ ٿا سُڄائين! پنهنجن حُجائتن دوست سان ڪڏهن ڪنهن چوڻي جي روپ ۾ ڪا ڳالهه شيئر ڪندو آهيان ته ڪڏهن وري ڪنهن لطيفي، پهاڪي سان ڪا نه ڪا ڳالهه چئي ويندو آهيان. شابس آ انهن دوستن کي جيڪي ويچارا اُها مشڪريءَ برداشت ڪن ٿا. منهنجن اهڙن ئي دوستن مان منهنجو دوست باغي به آهي جنهن ڪڏهن به منهن نه سُڄايو آهي. هي دوست دلير دل دوستن مان هڪ آهي، جو منهنجو چڙ ڏياريندڙ ڀوڳ به برداشت ڪري ٿو. ڪلهه کان وٺي پنهنجي انهي دوست کي بار بار اهو چئي مخاطب ٿيان پيو ته ”نيٺ انڌن وڃي ملتان لڌو“ اهو ان ڪري جو اسان جا ڪجهه دوست ملتان ويا آهن، اُهي انڌا ته ناهن پر پو به مشڪريءَ وچان اهڙي قسم جو انهن ڏانهن هڪڙو ميسج به ٺاهي موڪليو آهي، سو دوستو ان ڪري اڄوڪي ڪالم جو عنوان اهو مناسب لڳو آهي، مون کي اها خبر ناهي ته انڌا ڪڏهن ملتان ويا هئا يا نه، پر اُهو پهاڪو مشهور آهي، اهڙا کوڙ سارا پهاڪا ۽ ڪي ڳالهيون آهن جيڪي ٺهن يا نه ٺهن پر ”هڻ ڌڪو“ جيان پيش ڪيون وڃن ٿيون. جيئن اسان وٽ اهو به چيو ويندو آهي ته ”ڀورو باهه“ هاڻ نه باهه ڀوري ٿيندي آهي ۽ نه ئي ڪو ان سان ماڻهو ڀورو به ٿيندو آهي، باهه ته ساڙي رک ڪري ڇڏي ٿي. اهڙي طريقي سان ٻيون کوڙ ساريون اهڙيون ڳالهيون مشهور آهن جيڪي ائين جيئن ”منهن نه مٿا، جن پٽيندا لٿا“ جيان بيان ڪيون وڃن ٿيون، جنهن جو ته مزو ئي پنهنجو آهي. هتي في الحال مزي کي ڇڏي ڪري هلون ٿا لفظن ۽ انهن جي معنائن طرف! اسان وٽ هڪڙو لفظ ”پٽُ“ به آهي جيڪو آهي ته ”پٽُ“ پر ان پٽُ جون به کوڙ ساريون معنائون آهن. ان جون کوڙ ساريون معنائون ٺهڻ نه ٺهڻ جهڙيون آهن، جيئن ڪٿي هن پٽُ لفظ جي معني آهي ته؛ ”گاڏي کي پٽُ پويان اچي پيو“ هاڻ هتي هن پٽُ جي معني ٿي تيز، اسپيڊ، يا ٻهراڙي ۾ جنهن کي ”ڇوهُو“ به چيو وڃي ٿو، ته ٻئي پاسي هن ”پٽُ“ جي معني آهي ”پٽڻ“ يعني ڇنڻ ٽوڙڻ، سولي سنڌي ۾ ته ”گاهه کي پٽڻ“ گاهه جو پٽڻ هوندو آهي، پر هتي وري پٽُ جي معني نرم سان نڪري ٿي، جيئن ماڻهو چون ٿا ته ”صفا گولڙا پٽُ ئي“ ته دوستو اهڙا ڪيئي پٽُ به آهن جيڪي سالن کان وٺي بيابان جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، صفا پٽُ سليمان جيان! ٿئي ڪا وسڪار ته وهوا نه ته اُهي پٽُ ته پٽُ ئي پيا آهن، هاڻ هتي پٽُ معني پٽوڙو يا رڻ پٽُ غير آباد علائقو جتي ڪا به وسنهه نه هجي ته ان کي پٽُ سڏبو آهي، سنڌ اندر اهڙيون کوڙ ساريون چوڻيون آهن جيڪي معني هڪڙي ۽ مفهوم ٻئي سان پيش ٿين ٿيون، جيئن هڪڙو سنڌي جو پهاڪو آهي ته ”جي ابا چرين کي سـڱ هجن ها ته توکي ڀالا لڙڪن ها“ هاڻ هتي ڀالا مان مراد آهي ته تمام وڏا ڪنُ، جيڪي ان چريي ماڻهو جي خاص سڃاڻپ هجن ها، نه چرين کي سڱ ٿيندا آهن ۽ نه ئي وري ڀالا، چريا ته کريا آهن اُهي ته پري کان ئي پڌرا هوندا آهن انهن کي سڱن ۽ ڪنن جي ڪابه ضرورت ڪانهي. رڳو ماڻهو جو پنهنجو حافظو درست هجي ۽ ڏسڻ واري ماڻهو کي اک هجي باقي چريا پرکڻ آسان ڪم آهي. ها ته دوستو هتي هن پهاڪي ۾ لفظ ڀالو به آهي جنهن جي معني هتي ڪنُ طور نڪري ٿي پر اصل ۾ اهو ڀالو ڪا ٻئي مصيبت به آهي، جنهن جي لاءِ مرشد لطيف فرمايو آهي ته، ”هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين آڏي ڍال م ڍار“ اهڙي طرح هي آڏي ڍال آهي جنهن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، سمجهه جي لاءِ به کپي! هجن ذهن جيڪي سمجهن نه ته اُهو به ائين ئي هوندو جيئن چرين ويچارن جي لاءِ هروڀرو به چيو ويندو آهي ته ”چرين جي لاءِ بر ئي بازر“ هتي محسوس ٿئي ٿو ته چوڻ وارا چريا آهن انهن کي سمجهڻ گهرجي ته اڄ جا چريا بر نه پر بازرن طرف گهڻا هوندا آهن، اهو زمانو ويو جو ائين چئي چرين جي دل رکبي هُئي هاڻ جي ڪو ائين چرين کي چوندو ته چريا ڀڄندا بازر ڏي.
سياڻا به اهڙا جو داناءُ جا داڻا، اهڙين ئي سياڻن لاءِ اُهو به چيو ويندو آهي ته ”فلاڻو ته سياڻو ڪانءُ آهي“ ڪانوَ سياڻا آهن يا ناهن اُهو پرکڻ لاءِ وقت کپي پر هتي ٿورڙو اُهو به واضح ڪجي ته ڪانوَ سياڻا به آهن ته ڊيڄو به...! جو اڪثر ائين به چيو ويندو آهي ته ”اِلاڻا فِلاڻا تون ته ڏرون ڪانءُ جئين“ اسان جي ٻهراڙين ۾ اڪثر ڪري مالوند ماڻهو به رهن ٿا ۽ انهن جو گذر سفر به اڪثر ڪري مال جي سانگي هوندو آهي، انهن مالوند ماڻهن وٽ اڪثر ڪري ٻاڪرو مال سوايو هجي ٿو، ٻهراڙي جون عورتون صبح جو سوير ٻڪرين جي ڏُهائي ڪنديون آهن، ڪنهن ڀلي ٻڪريءَ کي جڏهن ڏُهي بس ڪنديون آهن ته پوءِ ان جي گهڻي کير ڏيڻ واري عمل جي ساراهه ڪندي چون ٿيون ته ”اديءَ منهنجي ٻڪريءَ اهڙي ڀلي آهي جو چونئريءَ کير جي ”گُٺو“ ڪري آئي آهيانس“ هن لفظ گُٺو جي معني آهي ”مُني“ يعني اڌ کان مٿي چونئري کير جي ڀريل کان ٿورو گهٽ کي گُٺو چيو وڃي ٿو، پر ساڳين ئي ٻهراڙين ۾ اُهي سمورا لڪيل لفظ عورتن جا نالا به آهن، جيئن اسان جي علائقي ۾ ڪجهه اهڙا ئي نالا آهن، جنهن جون معنائون ته ٺهيو پر اُهو به سمجهه ۾ نٿو اچي ته اُهي نالا آهن يا ڪا ٻي مصيبت! پر جڏهن انهن ئي عورتن ۽ ڇوڪرين يا ڇوڪرن کان انهن رکيل نالن بابت پڇون ٿا ته اُهي به چون ٿا ته اُهي اسان جي ڇٺيءَ جا نالا آهن.
توهان به اهڙن نالن جي سليڪشن ڪجو ۽ پوءِ توهان جي اولاد جا شناختي ڪارڊ به نه ٺهي سگهن، مون کي اميد آهي ته توهان سمجهي ويا هوندئو، ۽ هاڻ اچو ته ٿورڙو پُراڻين روايتن مان ٻاهر نڪري اچون ته جيئن اسان به هن جديد دور جا ماڻهو سڏجي سگهون پر پنهنجون اُهي قيمتي روايتون هرگز نه وسارجو جيڪي ڪارائتيون آهن، جنهن ۾ ٿورو فائدو آهي ته اُهي روايتون برقرار رکو، جي نه ته پوءِ وڃي کڏ ۾ پون. جيئن اسان جي ٻهراڙين ۾ مهمانوازي جي روايت پراڻي ۽ مانائتي آهي. اهڙي طريقي سان اُهي روايتون اپنايون جيڪي وقت جي ضرورت آهن. توهان پنهنجون ضرورتون پاڻ ڳولي لهو ته بهتر آهي. چوندا ناهن ته ”انڌن وڃي ملتان لڌو آهي“ ته تيئن توهان ملتان نه ته ٻيون ڪافي پنهجون قيمتي وڃايل روايتون ۽ ٻيون اهم شيون ڳولي لڌيون ته اسان ڪمايو. سو ان ڪري به جي توهان پنهنجي ڪا هڪ اڌ وڃايل چيز هٿ ڪري ورتي ته تنهن تي ايندڙ هفتي ضرور ڳالهائينداسين. موڪلايون ڪو نه ٿا.
ساٿ سلامت، سنڌ سلامت.


No comments:

Post a Comment