Sunday, November 25, 2012

کيڏڻ وارو دور! - اسير امتياز


کيڏڻ وارو دور!
اسير امتياز
اڄ جي هن اُداس ماحول ۾ جڏهن ماڻهو جو من اڪيلائي محسوس ڪندو آهي ته پوءِ اهو ماڻهو پنهنجي من کي وندرائڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪندو آهي، اُداس گهڙين ۾ ماڻهو جو من شايد راحت ئي تلاشيندو آهي جنهن ۾ ماڻهو جي من کي راحت ملندي آهي، سو ان ڪري به دل چوي ٿي ته ڪجهه کل ڀوڳ به ڪجي ته جيئن اوهان جي دلين تائين اها راحت پهچي سگهي. سو دوستيون ڪري به هر ڀيري اوهان دوستن سان ڪا نه ڪا نئين ڳالهه شيئر ڪندو آهيان، جنهن ۾ ٿورڙو ئي سهي پر مزاح جو عڪس هجي ٿو. اڄ به هن هفتيوار ڪالم ۾ اوهان سان کلڻ جهڙيون ڳالهيون شيئر ڪبيون. مون کي اُميد آهي ته اوهان کي راحتڙي رسندي. سڀ کان اول ته مان توهان کي اڄوڪي ڪالم جي عنوان واريءَ ”کيڏڻي“ کان واقف ڪرايان ته بهتر ٿيندو، دوستو هي کيڏڻي اسان توهان ڀلي نه سمجهون پر هن کيڏڻي کي ٻار ضرور سمجهن ٿا. گهڻو ڪري هن کيڏڻي جو تعلق ٻارن سان ئي هوندو آهي. منهنجو به تعلق ان کيڏڻي سان ننڍي هوندي جو آهي. پر هاڻ ٻار ناهيان پر پوءِ به مون ۾ اڄ اُهي ٻاراڻيون موجود آهن. ماڻهو وڏا ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ شايد انهن ڳالهين کي وساري ٿا ڇڏين پر مون انهن ڳالهين کي ناهي وساريو ۽ وسارڻ به نه گهرجي. تنهن ڪري آئون اڄ به ان کيڏڻي جي ويجهڙائي ۾ رهندو آهيان. ان ڪري به اُهي کيڏڻيون کڻي توهان سامهون حاضر ٿيو آهيان. اصل ۾ اهو چوندي انتهائي ڏک به ٿئي ٿو ته هاڻ اسان جي ٻارن کان اهي کيڏڻيون، مطلب ته اُهي رانديون به ويون جيڪي اڳ ۾ ٿينديون هُيون ۽ جيڪي هاڻ هن بي رحم دور ۾ نه پيون ٿين، عجيب قسم جون رانديون اچي ويون آهن جيڪي ڪنهن به حوالي سان راندين جي زمري ۾ ته اچن ئي ڪونه ٿيون. اڄ جو ٻار ڪاٺيءَ کي ڏور ٻڌي ڪلهي تي کڻي ”اسان وڏا خوني ماڻهو“ چئي راند ڪندي نظر اچي ٿو. حقيقت ۾ هي ڪا راند ڪونهي. هن راند، هن ڪلچر جي متعارف ٿيڻ تي، اسان جي ٻارن کان تعليم ته وئي پر اصل رانديون به ويون، جيڪي اسان ننڍي هوندي ڪندا هئاسين. مون کي ياد ٿو پوي ته اسان جي زماني ۾ ايڏيون ته مزيدار رانديون ٿينديون هُيون جو هاڻ اڄ جي ٻار کي يا اڄ جي ماڻهو کي انهن راندين جا نالا يا اهي رانديون کيڏڻ به شايد نه اچن. ڇا ته ماحول هو ڇا ته ننڍپڻ هُيو، جو اسان پاڻ ۾ ”سن“ ڇوڪرا اُهي رانديون کيڏندا هئاسين. پاڻ کان وڏي عمر واري کي اهو چئي راند کيڏڻ ڪونه ڏيندا هئاسين ته ”تون وڏو آهين“ جي اهو وڏو هروڀرو به ضد ڪندو هو ته پو راند ڦٽيءَ ويندي هئي ۽ ها... سچي راند ڦٽڻ وقت هڪ عجيب ترنم ۾ گيت ڳائي راند ڦٽائيندا هئاسين ته ”اسين نه کيڏڻي، ڪاليءَ ڪُتيءَ کيڏڻي ۽ پوءِ اها متل راند پل ۾ ڦٽيءَ ويندي هئي.


ان دور جي راندين مان هر راند جو پنهنجو پنهنجو انداز ۽ پنهنجو پنهنجو نالو به هوندو هيو. جيئن هي راندين جا ڪجهه نالا آهن، جنهن ۾ هي هڪ عام راند ”چور پوليس“ آهي، جيڪا اڄ گهڻو تبديل ٿي وئي آهي. اهو ان ڪري به جو اڄوڪي پوليس به تبديل ٿي وئي آهي. چوندا آهن ته؛ هر چيز وقت تي تبديل ٿيندي آهي. سو هي رانديون به پيون تبديل ٿين ته پوليس به.. هاڻ هي هيٺ اهي رانديون پيش ڪيان ٿو. ٿي سگهي ٿو ته اوهان به ننڍپڻ ۾ اهي رانديون ڪيون هجن ۽ متان منهنجي هن راندين جي ذڪر تي توهان کي اهي رانديون ياد اچن ۽ توهان گهڙي پل لاءِ پنهنجي ٻاراڻي عمر ۾ واپس موٽي وڃو ته پوءِ پنهنجي ٻاراڻي زندگي ۾ جهاتي پائي، جلدي موٽڻ جي به ڪجو. جيئن اصل مقصد کي سمجهي سگهون.
اجهو هي ڪجهه رانديون آهن ته؛ ”هڏڙيءَ هار، جٿان پڄَ، اُٿاهين مار“، ”آفر آفر ڪُرڙا گهڻا“، ”گهُو گهُو ماٽيءَ کِر کِر ماٽيءَ“، ”ست ٽڪريءَ“، ”سٽُ ڪُٽ“، ”ٿلم ٿلي“، ”ڇم ڇم ڏاڪا“، ”ڏائيءَ ٻُچيءَ“، ”ٻالي ڪنڊي ڪڍو“ ۽ ان کان ٻيون کوڙ ساريون رانديون اڳ ۾ کيڏيون وينديون هيون، جيڪي هاڻوڪا ٻار کيڏن ئي ڪونه ٿا.
سنڌ اندر ملهه، ڪوڏي ڪوڏي ۽ ٻيون ڪجهه رانديون آهن جيڪي ميلن ملاکڙن تي ٿين ٿيون. باقي ٻيون سڀ ٻاراڻيون رانديون ويون. نه ته اسان وٽ ٻارن جي راندين جي لاءِ گرائونڊ ٺهن ٿا ۽ نه ئي وري ڪو اڄ جي ٻار کي ڪو راند جو موقعو به فراهم ڪيو وڃي ٿو.
واهه جو اسان جو ننڍپڻ هُيو ۽ واهه جو اسان پنهنجي ننڍپڻ ۾ راندين جا مزا ماڻيا. اڄ جو ٻار انهن راندين کان گهڻو پري آهي. اهو ته فقط ٿوري گهڻي تعليم پرائي ٿو ته ٺيڪ! نه ته باقي اڪثر گهڻا ٻار ته وتن ٿا ”آچر، مجو“ جا ڊائلاگ هڻندا ۽ مار ماران واريون رانديون کيڏندا. اسان جي زماني ۾ رانديون ته عجيب هونديون هيون پر انهن راندين مهل جيڪو ڪجهه ڳايو يا جهونگاريو ويندو هو اهو به عجيب ۽ وڻندڙ هوندو هيو. ياد ٿو پوي ته جڏهن ننڍي هوندي راند ڪندا هئاسين ته سڀ کان اول ان راند جي آغاز جو آواز ڪڍندا هئاسين جيئن هي آواز آهي ته ”جيڪو ليڪا نه ڪڍيسي انهدي ناني لنڊيءَ“ اهڙي طريقي سان کوڙ رانديون ۽ انهن جو دلچسپ آغاز جيڪو هاڻ ڪٿي به نظر ڪونه ٿو اچي، ان ۾ اسان جي ٻار جو به ڏوهه ناهي ۽ نه ئي وري ڪنهن ٻئي جو، جيئن جيئن وقت تبديل ٿئي ٿو سو تئين تئين هر شئي وڃي پئي تبديل ٿيندي، هُون به جيڪو ڪجهه سماج جي روين مان ماڻهو سکي ٿو اهو ئي ڪري ٿو، اهو ائين جيئن هي سنڌي جو پهاڪو آهي ته ڪالا ٻڌ قمري نال، رنگ نه مٽاوي ته عادت اُهائي چاوي سو دوستو اسان ڪارا قمرن سان ٻڌي ڇڏيا آهن جنهن ڪري ئي عادتون به ساڳيون ساڳيون پيش ٿي رهيون آهن، نه فقط ايترو پر اڄ جي دور ۾ هر چيز پئي تبديل ٿئي، ٿوري گهڻي ڳالهه تي ڪو ڪنهن سان ڪو ڪنهن سان ڪا نه ڪا کِٽَ لايون ويٺو آهي.
هاڻ جتي ماڻهو رڳو کِٽَ ۽ رڳو کيچڻيون پچائيندا هجن ته اتي پو باقي ڇا بچندو، اهڙي دور ۾ ڀلا ڪو ٻار اهي رانديون ڪري ته ڪيئن ڪري ۽ ها... اڄڪلهه ته ٻارن جو گهر کان ٻاهر نڪرڻ به مشڪل ٿي ويو آهي جي ڪو ٻار ٻاهر گهٽيءَ ۾ پنهنجي ڪنهن پاڙي جي ٻار سان راند کيڏڻ جي لاءِ ويو به سهي ته پو ان کي ورائي ڪير؟ چوندا ناهن ته ”ڳئي پڙَ ڏيوڻ، پٽ وڃا ول آئي.“ سو ان ڪري به هاڻ ٻارن جو پنهنجي گهر کان نڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي، افراتفري جو ماحول اچي ويو آهي وقت سان گڏ هر شئي خوفائتي پئي ٿيندي وڃي، اهڙي دور ۾ ڀلا انهن راندين جي کوکلي بت ۾ ڪير ساهه وجهي ۽ ڪير ڪري اهڙي ڪوشش جنهن سان هڪ دفعو ٻيهر انهن گم ٿي ويل راندين، ريتن، رواجن ۽ رسمن کي ورائجي، جي ڪو گهڻو آواز کي واوَرَ ڏينداسين ته وري ڀنگ گهرڻ جي لاءِ کوڙ سارا ڪاٽڪو در تي پهچي ويندا ان ڪري به ڍڪيءَ ڀلي آهي، ائين نه ٿئي جو سڀاڻي پڇتائڻو پوي، دوستو ان ڪري به اوهان کي صلاح ته پنهنجي ٻارن کي پاڻ پنهنجي گهر اندر رانديون ڪرايو ته بهتر ٿيندو، نه اوهان پنهنجا ٻار وڃايو ۽ نه ئي وري پنهنجون رانديون ۽ اوهان سڀ هاڻ ٿوريون گهڻيون رانديون پنهنجي پنهنجي ٻارن سان وقت ڪڍي به ڪندا ڪيو، جيئن ٻارن جي راند معتلق ذهني اوسر ٿيندي رهي ۽ اسان جو ٻار انهن راندين کان واقف به ٿيندو رهي، رڳو ويهي سکڻيون اوٻاسيون به نه ڏيو، جو پو توهان کان سڄو ڏينهن ڪو ڪم ڪار نه ٿئي، هُون به اڄڪلهه اسان وٽ واندڪائي مڙئي سوائي آهي جو سڄو سڄو ڏينهن وانديون خبرون ڪندي گذري ٿو وڃي، اصل ڪا خبر ئي ڪانه ٿي پوي،دير ئي ڪانه ٿي ٿئي جو سج لهي ٿو وڃي ۽ اسان جي ماڻهو کي واندڪائي جو ته ڪو احساس ئي ڪونه ٿو ٿئي،اهڙي عالم ۾ هاڻ اسان جو ماڻهو انهي واندڪائي مان ڦاسي ويو آهي ٻيو ڪجهه ٿئي نه ٿئي بس رڳو هوٽل تي ويهي وقت وڃائڻو ئي پوي ٿو، اهڙي واندڪائي مهل اوهان سمورن سڄڻن کي هڪ سهڻي صلاح ته ڇو نه ان ويل پنهنجي گهر وڃي پنهنجي ٻارن سان ڪا راند ڪجي ته ڪيڏو نه سٺو ٿيندو ۽ ها.... گهرن ۾ ٻار به ٻن قسمن جا رهن ٿا اوهان فقط ٻار سان راند ڪجو ۽ ان کي راند کيڏڻ سيکارجو، ٻارن سان نه...!
توهان هاڻ ڀلي راند کيڏڻ ۽ کيڏارڻ جي تياري ڪريو شال اوهان جي ڪو متل راند نه ڦٽائي، اسان جي ته ننڍي هوندي متل راند روز ڦٽندي هئي جواسان جا ڪجهه سن شيطان به هوندا هئا توهان شال انهن شيطانن کان بچجو، ۽ هاڻ هي راند رتي ڇڏجي ته بهتر ٿيندو، جي توهان راند ڦٽائيندڙن شيطانن کان بچي ويا ته ايندڙ هفتي وري ملاقات ٿيندي، موڪلايون ڪونه ٿا، ساٿ سلامت سنڌ سلامت.

No comments:

Post a Comment