Monday, November 26, 2012

ٻهراڙين جي فطري اصلاحي ۽ محاوراتي ٻولي - سيد گدا حسين شاھ بخاري

ٻهراڙين جي فطري اصلاحي ۽ محاوراتي ٻولي!

سيد گدا حسين شاھ بخاري/ ڳوٺ ٻٽڙا
ڪنهن به ٻوليءَ جي سونهن ۽ وسعت ڏسڻي هجي ته ان جي نثر ۽ نظم سان گڏوگڏ ٻهراڙين ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻوليءَ جي مخصوص علاقائي لهجي ۽ رنگ ۾ رڱيل ٻوليءَ جو ٿورو به جائزو وٺجي. ائين ڪرڻ سان خبر پوندي ته انهن جي ٻولي ۽ گفتگو، انتهائي سادي، سٻاجهي، برڪت واري، ادب ۽ اخلاق جو سرچشمو نظر ايندي. جنهن کان انڪار ڪرڻ بلاشبه سنڌي زبان سان تعصب ۽ ٻه-اکيائي سمجهي ويندي. 
اڄ به سنڌ جي انهن ٻهراڙين ۾ اها مخصوص لهجي، انداز ۽ اصطلاحن واري سادي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. اهي خاص ڪري اصطلاح ۽ محاورا، ٻوليءَ جي سونهن، سوڀيا ۽ نزاڪت ۾ خاطر خواه وڻندڙ اضافو ڪن ٿا. شهرن ۾ ڳالهائي ويندڙ نخريلي ۽ مغربي طرز انداز واري پيوند لڳل سنڌي ٻوليءَ کان اها ٻهراڙيءَ جي سادي ۽ سليقي واري فطري اصطلاحي ۽ محاوراتي ٻولي سؤ دفعا بهتر ۽ مٺڙي لڳي ٿي.
ٻهراڙيءَ ۾ جڏهن ٻار کي بخار ٿئي، تڏهن سندس ماءُ چوندي ته؛ ”اڄ دشمن تپيا اٿس!“ يا وري اهو چوندي ته؛ ”اڄ ”صحتيو، تپيو يا ڪڻسيو آهي.“
ڪنهن ٻار کي ارڙي (Small pox) نڪري ته چوندا آهن: ”مهر ٿي آهي“ يا ”مهروان نڪتي آهي“ يا ”ٺار ڪيو آهي.“ هندو وري اهو چوندا آهن ته: ”ديويءَ درشن ڏنو آهي.“
ٻار جو هٿ يا ڪنهن جو گهر سڙي ويندو آهي ته ٻهراڙيءَ جا ماڻهو چوندا آهن: ”هٿ ٺريو آهي“ يا ”گهر ٺريو آهي.“
انهن جي گهر مان چور چوري ڪري وڃن ته چون: ”باقي الله جو نانءُ ڇڏي ويا آهن.“ يا اهو پڻ چوندا آهن ته؛ ”چورن لوڙهو لتاڙيو آهي.“
ڪنهن عورت کي جيڪڏهن حمل ٿئي ته چون: ”دوپشتي آهي.“ يا ”پيرن ڀاري آهي.“ يا چون؛ “پيرين سيرين“ آهي. ”پنهنجا مهينا اٿس“ يا ”پوري مهيني“ آهي يا ”سنئين مهيني“ آهي.
جيڪڏهن عورت جو ويم ٿئي ته چون: ”پير لڌا اٿس!“ يا ”هلڪي ٿي آهي.
ٻار مري وڃي ته چون: ”ٻار لٿو آهي.“
ڪنهن ٻار کي ڊيڄارڻو هجين ته چون: ”ماٺ ڪر مم ٿي اچي!“
ٻار کي پٽڻو هجي ته چون: ”پاڙ سائي ٿيئي.“ يا چون؛ ”دشمن مرنئي.“ يا اڃا به چونس؛ ”الله سولي ڪريئي.“
دُعا ڪرڻي هجين ته چون: ”الله جي امان هجنئي.“ يا چون؛ ”آڍڙو ٻڍڙو ٿيندين.“ يا اڃا به وڌي چون؛ ”ڪؤڙي ول جيان وڌندين.“ ڇو جو ڪؤري ول جا پن بلڪل ڪؤڙا هوندا آهن، جنهن ڪري ڪو به جانور يا جيت نه کائيندو آهي. مطلب ته ڪا به تڪليف نه ايندئي.
عمر وڌڻ جي لاءِ دعا طور چونس: ”ٽڪر جبل جيڏي عمر ماڻيندين.“
ڀاڳ وڌڻ لاءِ چونس: ”عرشئون اڏبين.“
صحتمند رھڻ لاءِ دعا ڏيندي چونس: ”شل ڪو ڪوسو واءُ نه لڳيئي!“
گهر جو ڀاتي بيمار ٿئي ته چون: ”الله راضي ٿيو اٿس.“
مرڻ کي ويجهو اچي ته چون: ”امانت پرتل آهي“ يا ”شيءِ مالڪ کي پهتل آهي“ يا وري چوندا ته؛ ”هاڻي الله جو مهمان آهي.“
مري وڃي ته چون: ”رضا ڪئي اٿس.“
وڏي ماڻهوءَ جي مرڻ تي چون: ”پيالو پيتو اٿس“ يا ”وصال ڪيو اٿس.“
مرشد وفات ڪري وڃين ته چون: ”برقعو مٽايو اٿس“ يا ”جامو ڇڏيو اٿس.“
گهر کي ٻهاري ڏيڻي هجي ته چون: ”گند ٻهار!“ يا گند ڪڍُ!“ ڇو ته ”گهر کي ٻهاري“ پاراتي جو اصلاح آهي.
ماني کائڻ مهل چون: ”ماني وڌاءِ“.
ماني کٽي پوي ته چون: ”ماني وڌي وئي!“
گهر جو دروازو بند ڪرڻ لاءِ چون: ”ڪڙو قائم ڪر!“ يا ”دروازو ڀر“ يا وري ”دروازو قائم ڪر!“ ڇو ته در بند ڪرڻ به پاراتي جو اصطلاح آهي.
ڍورن ڍڳن کي ”رزق“ يا ”مال“ چون.
سباڻ کي، کير ڄمائڻ لاءِ جيڪا لسي يا ڏهي کير ۾ وجهبي آهي، چون: ”کير ۾ وڌندو وجھ!“
کير ولوڙڻو يا گڏڻو هجين ته چون: ”اٿي ڦٽي ٺاھ!“ يا ”ڦٽي وڌاءِ!“
مانڌاڻيءَ کي چون: ”صدوري“ يا وري ”گهر ڌياڻي“ چون.
ڪڙمي سارين جي پوک ڪرڻ وقت، اڳ ۾ ٻنيءَ ۾ ٻاريون ٺاهي، ان ۾ وٿاڻ جو ڀاڻ وجهندا آهن. جنهن کي هاري پنهنجي ٻوليءَ ۾ ”لھُ“ چون جنھن جي لغت اندر معنيٰ آھي طاقت.
اَن تورڻ ۽ ٻورين ۾ ڀرڻ وقت ”هڪ“ جو نالو ئي نه وٺن. هڪ کي چون: ”برڪت“ يا ”ڪل جو ڀلو“چون.
ٽن جو لفظ به زبان سان نه وٺن، (ڇو ته طلاق ۾ ٽي دفعا طلاق ”لفظ“ اچاريو وڃي ٿو) تنهنڪري ڏون (ٻن) کان پوءِ ٽن جي بدران چون: ”وڌين تون“ (يعني ڳڻپ ھيئن ڪن؛ برڪت، ڏون، وڌين تون. مراد؛ ھڪ، ٻه ۽ ٽي ورتي ويندي آھي).
ڇهن جو لفظ به زبان سان نه وٺن. پنجن کان پوءِ ڇهن لاءِ وري چون: ”گنج“. (ڳڻپ ھيئن ڪن؛ برڪت، ڏون، وڌين تون، چار، پنج، گنج.)
اٺانوي کان پوءِ نوانوي جو نالو ئي نه وٺن. بلڪ نوانوي کان پوءِ چون: ”وڌانوي“ يعني وڌائيندڙ.
ٻهراڙيءَ ۾ اڪثر ڪري مختلف بيمارين ۾ سنئوڻ لاءِ، ڪياڙي يا پيٽ تي ڏنڀ ڏياريو ويندو آهي. جيڪڏهن ڏنڀ ڏياريو هجين ته چون: ”گل ڦل.“ يا وري چون: ”ٿڌ ڏياريو اٿس“.

No comments:

Post a Comment