Wednesday, January 30, 2013

فارسي جا نعم البدل سنڌي پھاڪا ۽ چوڻيون - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

فارسي جا نعم البدل سنڌي پھاڪا ۽ چوڻيون
سھيڙيندڙ
انجنيئر عبدالوھاب سھتو

1.       اتفاق سان دنيا فتح ڪري سگهجي ٿي. Union is strength.
2.       اٺ ننڊ ۾ به ڪڪڙا ڏسندو آهي. A cat always dreams of mice.
3.       اڄ جو فڪر ڪرڻ، سڀان لاءِ آسايش آهي.
4.       اڄوڪي ڪم کي سڀاڻ تي نه رکڻ گهرجي. Do not put off till tomorrow what can do today.
5.       احمق جو عذر ٻڌڻ نه جڳائي.
6.       اصيل گهوڙي لاءِ هڪ چابڪ ڪافي آهي. ٽٽوءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو. A word to the wise is sufficient.
7.       افسوس آهي سياڻي تي، جو اَياڻي سان گڏ وهي.
8.       اميد/ انتظار جو ڏينهن، گهڻو وڏو ٿي پوندو آهي. Sad hours sum long.
9.       انڌو خدا کان ٿو گهري؟ ٻه سڄيون اکيون.
10.   انسان خطا جو گهر آهي. Man is liable to error.
11.   انصاف دين جو اڌ آهي.
12.   اها ترار جنهنکي صيقل نه لڳندو، تنهن تي ڪٽ چڙهندي.  The used key is always bright. 
13.   اها ٽاري جا بلند ٿيندي آهي سا ڪُهاڙيءَ جو ڌڪ کائيندي آهي. جيڪو غرور ڪندو، سو نيٺ ڌڪ کائيندو. Pride goeth before a fall.

14.   اها جاءِ جتي لوڻ کائين ته لوڻ جي دکي نه ڀڃ. جنهن چلھ تي کائجي ان ۾ نه مٽجي. Never be ungrateful.
15.   اها ڳنڍ جا هٿ سان ڇڙي، ڏندن سان نه کولڻ گهرجي.
16.   اهڙيءَ جاءِ تي ويھ جتان تو کي نه اٿارين.
17.   اهو پاڻي جو آبرو هاري، سو نڙيءَ ۾ نه هار/ سو نه پيءُ.
18.   اھو پاڻي جو کڏ ۾ رهي ٿو، سو گندو ٿئي ٿو. Stagnant Water stinks.
19.   اهو تير، جو ڪمان کان ڇُٽو، وري نه موٽندو. ڏڌو کير ٿڻين نه پوندو. Words once spoken cannot be recalled. It is no use crying over spilt milk.
20.   اهو جنهن پلاٿي قبولي، سو پشيمان نه ٿيندو. The good at all never repent.
21.   اهو جنهن چڱائي ڪئي ۽ بڇڙائي ڏٺي سو ڪهڙو. احسان جو بدلو احسان آهي. One good turn deserves another.
22.   اهو جو اک کان پري ٿيو، سو دل کان به پري ٿيندو. Avarice is the root of all evil out of sight, out of mind.
23.   اهو جو داناءُ آهي، سو ئي طاقت وارو آهي. علم وڏي طاقت آهي. Knowledge is power.
24.   اهو سال، جو چڱو آهي، سنديس بهار مان پڌرو آهي. Coming events cast their shadows beforehand.
25.   اهو ڪم نه ڪر جنهن مان نقصان پهچي.
26.   اهو ئي ٻار کڻندو جو ٻج ڇٽيندو.
27.   آدميءَ کي نسب (ناتو) هنر سان هئڻ گهرجي ۽ نه پيءُ سان. آدميءَ جو شرف هنر سان آهي، نه مائٽن جي بزرگيءَ سان. Boast of your merit and not of your pedigree.
28.   آرزو ڀلي ڪر، پر اندازي موجب.
29.   باري (خدا) تعاليٰ جو فضل ۽ رحمتون بي حد آهن.
30.   باغ جو ذوق، بلبل جي دل مان هرگز نه ويندو/نٿو وڃي. People never forget what they once have been fond of.
31.   باغ جي صفائي، باغائي جي منهن مان پڌري آهي. The face is the index of the mind.
32.   باھ جڏهن لڳندي آهي ته سڪا آلا ساڙيندي آهي.
33.   بخت جڏهن ڦيري کائيندو ته عربي گهوڙو به گڏھ ٿي پوندو آهي. There is no flying against fate.
34.   بد اصل ماڻهو جيڪڏهن بڇڙائي ڪري ته عجب ڪونهي.
35.   بزرگي عقل تي آهي نه عمر تي. Brains do not lie in beards. Wisdom alone is age.
36.   بکايل ٻلي، ننڊ ۾ وَھَ ئي ڏسي. ٻليءَ کي خواب ۾ ڇڇڙا. A cat always dreams of mice.
37.   بکايل لاءِ رکي ماني به ڪوفتا آهن. بک ۾ بصر به مٺا. Hunger is the best sauce. Hunger needs no mustard.
38.   بگهڙ جي توبه؛ (انجو) موت آهي. بگھڙ جنھن ڏينھن شڪار کان توبه ڪندو، ان ڏينھن مرندو. بڇڙي عادت، مرڻ تائين نٿي لهي. Habit is the second nature.
39.   بي ادب ماڻهو هزار ماڻهن هوندي به اڪيلو آهي. ادب وڏو ڇٽ آهي. A man devoid of manners is lonely among a thousand men.
40.   بي مروت طبيب گهرندو آهي ته ساري خلق بيمار هجي.
41.   بيد جي وڻ کان، ميوي جي اميد نه رکڻ گهرجي. You can’t draw blood from a cabbage. You cannot make silk purse from a sow’s ear.
42.   ٻانهيءَ جو شڪر چؤ ته گويا خدا جو شڪر چيئي.
43.   ٻلي کي، ڏوليءَ اڳيان، ڪهڻ گهرجي. (اڳ ۾ رسم هوندي هئي ته ڪنوار کي هميشه لاءِ ڊپ ۾ رکڻ واسطي گهوٽ، ان جي ڏوليءَ اڳيان، ٻليءَ کي ڪهندو هو.) To nip the matter in the bud. The first blow is half the battle.
44.   ٻيو دفعو عمر ڪنهن کي به نٿا ڏين.
45.   ڀانئين ته خوار نه ٿيان ته جماعت سان يڪرنگ ٿي وچ ۾. هڪ ٽنگين جي ملڪ ۾ وڃجي ته ٻي ٽنگ کڻي لڪائجي. In Rome do as the Romans do.
46.   پاڻ کي ٿورو ڄاڻڻ گهرجي.
47.   پاڻ کي گهٽ ڏس، پاڻ تي مغرور نه ٿي.
48.   پاڻ لاءِ رنج ۽ يارن لاءِ راحت طلب ڪر.
49.   پاڻي پنهنجي لاءِ واٽ کولي ٿو. The water finds its own level.
50.   پاڻي جو زور، سندس سر چشمي کان آهي.
51.   پاڻي جو هيڪر ويو، سو وري ڪسيءَ ۾ نه موٽي ايندو. Words once spoken can never be recalled?
52.   پٿر اڇلائيندڙ جو بدلو آهي؛ پٿر. The fox must pay his even skin to the flayer. Tit for tat.
53.   پڇتاءَ مان ڪو فائدو ناهي.
54.   پڇندي پڇندي ڪعبي ته وڃي سگھبو. پڇندڙ نه منجهندڙ. انڌن به ملتان لڌو آھي. He that seeketh findeth.
55.   پنهنجو پيءُ ٿي، جيڪڏهن مڙس آهين. Boast of your own merit and not of your pedigree.
56.   پنهنجو حساب نه گهٽ نه وڌيڪ.
57.   پنهنجي تعريف ڪرڻ؛ ڪپھ چٻاڙڻ آهي. Self-praise is no commendation.
58.   پنهنجي رليءَ کان پير ڊگهو نه ڪر. سوڙ آهر پير ڊگهار. Cut your coat according to your cloth.
59.   پنهنجي شهر ۾ هر ڪو بادشاھ آهي. گدڙ به پنهنجي ڏر تي شينهن. Every cock is proud of its own dunghill.
60.   پنهنجي وات آهر، گرھ کڻ. Cut your coat according to your cloth.
61.   پوءِ ڍائي کان قرض نه وٺ. Don’t borrow from an upstart.
62.   پوستين/ چوغو سياري لاءِ آهي نه اونهاري لاءِ.
63.   پهرين جنگ، پوئين صلح کان، بهتر آهي.
64.   پيرن ڦٽيل کي، پير ڦٽيل جي درد جي خبر آهي. لڳي هووئي ته ڪل پوي. The wearer knows where the shoe pinches.
65.   پيلو ڪتو، گدڙ جو ڀاءُ. A gambler and a swindler are near neighbors.
66.   تازو وٺندو ۽ پراڻو ڇڏيندو رھ. Ring in the new, ring out the old.
67.   تاڙي هڻو، جو جيڪي نيائون سو نيائون. No use crying over spilt milk.
68.   تندرستن کي بيمارن جو درد نه هوندو آهي. He jests at sours who never felt a wound.
69.   تو تي آهي ڪوشش ۽ خدا تي توفيق.  God helps those who help themselves.
70.   ثواب پاڻهي پنهنجي گهر وٺي وڃي ٿو. ثواب ڪرڻ، خود پنهنجو انعام آهي. Virtue is its own reward.
71.   جاهلن جو جواب آهي ماٺ. Silence is the best answer to fool.
72.   جُتي کڻي سوني هجي ته به مٿي تي رکڻ نه گهرجي. Keep the man at an arm’s length.
73.   جڏهن ٻه دليون هڪ ٿينديون ته جبل به ٽوڙي سگهنديون. ٻه ته ٻارنهن. Union is strength.
74.   جڏهن ڪم وس کان نڪريو وڃي، تڏهن پشيماني ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو. It is no use crying over spilt milk.
75.   جنگ کان موٽڻ روا ناهي.
76.   جنهن جي ڇت وڏي، تنهن جي برف گهڻي.
77.   جنهنجا گهڻا ملڪ رليل آهن، سو ڪوڙ چوندو آهي. Old men and travelers lie by authority.
78.   جهان ۾ چڱي سخن کان ٻي ڪهڙي بهتر شيءِ آهي؟
79.   جيستائين تنور گرم آهي، تيستائين نان ٻڌي سگهبو. Make hay while the sun shines.
80.   جيستائين ٿي سگهيئي بڇڙي دوست کان ڀڄندو رھ. Keep away from bad companions.
81.   جيستائين جان خطري ۾ نه وجهندين، تيستائين دشمن تي سوڀ نه پائيندين. Risk not, gain not.
82.   جيستائين ڪ ماڻھو سخن نه ٿو ٻولي، تيستائين سندس ھنر لڪل آھي.
83.   جيسين پاڙ پاڻي ۾ آهي، تيسين ميوي جي اميد آهي. .Where there is life, there is hope.
84.   جيسين جاءِ نه ڄاڻين تيسين پير نه رک. قدم سنڀالي کڻ. Look before you leap.
85.   جيسين صلح ڪري سگهجي تيسين جنگ جو در نه کڙڪائجي.
86.   جيسين نانگ سڌو نه ٿيندو، تيسين ٻر ۾ نه ويندو. Honesty is the best policy. You cannot succeed unless you are honest.
87.   جيسين نه ڄاڻين ته سخن عين صواب آهي، تيسين نه چؤ.
88.   جيڪڏهن ڀانئين ته بزرگ ٿيان ته سخا ڪر.
89.   جيڪڏهن طالع اٿئي (ته) وڃ، پُٺ ڀر سمھ. A lucky man does as he likes.
90.   جيڪڏهن ڪنڊو (ڪانڊيرو) پوکيندين، سمن نه لڻندين. جَوَ پوکي، ڪڻڪ نه لڻندين. As you sow, so shall you reap?
91.   جيڪڏهن گهڻو سخن ڄاڻين ته گهٽ ڇو.
92.   جيڪڏهن يار مهربان آهي ته ڪم آسان آهي. If God be for us, who can be against us?
93.   جيڪو پاڙوسيءَ جي آسري تي وهندو، سو بکيو سمهندو.
94.   جيڪي جٽاءُ نه ڪري، تنهن سان دل لڳائڻ نه گهرجي.
95.   جيڪي زود ٿئي سو دير جٽاءُ نه ڪندو. Lightly come, lightly go.
96.   جيڪي گهٽ هجي سو ڇڏي ڏي، ۽ جيڪي بهتر هجي سو آڻ. Always strive for the best.
97.   چڱن جي ڪمن جي پڇاڙي خراب نه ٿيندي.
98.   چڱن لاءِ ڪم ڏکيا نه آهن. چڱا ڪن چڱايون مدايون مٺن.
99.   چڱن ماڻهن جو مهمان ٿيڻ گهرجي.
100.         چڱو چئو، پوءِ جيڪڏهن دير سان چئين ته ڪهڙو ڪم.  دير ۾ خير. Discretion in speech is more that eloquence.
101.         چڱو ڪم ڀري ڪرڻ سان ٿيندو آهي. Practice makes man perfect.
102.         چڱي ڪم ۾ استخاره جي ضرورت ناهي. A good deed needs no augury.
103.         چڱي يار کي بڇڙي ڏينهن/ مصيبت ۾ سڃاڻڻ گهرجي. Adversity tries friends.
A friend is need is a friend indeed. Adversity tests the friend.
104.         چنڊ مان روشنائي، ڪا عجب جي ڳالھ ناهي.
105.         چنڊ هميشه ڪڪر هيٺ نه لڪل رهندو آهي.
106.         چور هميشه بکيو آهي.
107.         حاسد ڪڏهن به آرام نه پائيندو. Jealousy is an incurable sore.
108.         حساب حساب آهي ۽ ڀاءُ ڀاءُ. ٻه ڀائر، ٽيون ليکو. Business is business.
109.         حسد (ريس) اهڙو مرض آهي جنهن جي دوا ناهي. Jealousy is an incurable sore.
110.         حق تعاليٰ جون نعمتون ياد ڪرڻ گهرجن.
111.         حيلي ڳوليندڙ کي گهڻا ئي بهانا آهن.
112.         خالي بندوق کان به ماڻهو ڊڄندا آهن.
113.         خدا تعاليٰ مظلومن جو حامي آهي.
114.         خدا دير سان وٺندڙ پر سخت وٺندڙ آهي. خدا جي ديگ چرڪو تپندي آهي. God’s mills grind slow but sure.
115.         خدا سان هج ۽ بادشاهي ڪر.
116.         خدا کان ڊڄ ۽ ڪنهن سان به بدي نه ڪر.
117.         خدا گڏھ کي سڃاڻي سڱ نه ڏنا. Curse cows have short horns.
118.         خلق جي شيوا کانسواءِ ٻي ڪا عبادت ناهي. Service of mankind is the best service.
119.         خوش معامله/ چڱي وهنوار وارو، ٻين جي مال ۾ ڀاڱيوار آهي. An honest dealer is trusted by all. Honesty is the best policy.
120.         خوشيءَ جي/ کي پٺ ۾، ناخوشي آهي. سکن پٺيان ڏک، ڏکن پٺيان سک. No Joy without an alloy.
121.         خيال نه ڪجانءِ ته سڀڪو جھنگل خالي آھي، شايد ڪو چيتو منھجس ستل ھجي.
122.         خيانت ڪندڙ ريڍار، بگهڙ کان بد تر آهي.
123.         در گذر ڪر ته توکان به در گذر ڪن.  Live and let live
124.         درياءَ ڏي وڃ، ڪسيءَ کان ڪم نه ٿيندو.
125.         دشمن کي حقير ۽ ويچارو نه سمجهڻ گهرجي. Never despise an enemy.
126.         دل ڀڃڻ بڇڙي ۾ بڇڙو ڏوھ آهي، ڇاڪاڻ ته دل خدا جي اکين ۾ منظور ٿيل آهي.
127.         دل سڀڪنهن علم مان صفائي حاصل ڪريٿي.
128.         دلارام جي منهن کي سينگاريندڙ زال جي ضرورت ناهي. Good wine needs no bush. Fair faces need no paint. Beauty unadorned is adorned the most.
129.         دوستيءَ جي اک عيب نٿي ڏسي. Friendship blinds the eyes to the friend’s fault.
130.         دهل جو آواز پري کان ٻڌڻ، وڻندڙ آهي.  Distant drums sound well. It is distance that lends enchantment to a scene.
131.         ڊگهي عمر، تجربي خاطر آهي.
132.         ڏاڍائي ۽ نرمائي هڪ ٻئي سان گڏ چڱيون آهن.
133.         ڏاڪو ڏاڪو ڪري کڏ تي وڃڻ گهرجي. Slow and steady run, wins the race.
134.         ڏاهو ماڻهو، چرين جو درد ٿو کائي.
135.         ڏسندڙ (سڄي) اک، ٽيھ هزار لٺين کان بهتر آهي.
136.         ڏسندڙن جي اڳيان خبر چوڻ خطا آهي.
137.         ڏنگي ڪاٺي جيسين باھ ۾ نه وجھبي، تيسين سڌي نه ٿيندي.
138.         ڌنار کانسواءِ ڌڻ ناس ٿي ويندو. ڌنار کانسواءِ ڌڻ سڃو.
139.         رکيل شيءِ ڪم ايندي، اگر جي کڻي نانگ جو زهر هجي. A store is no sore.
140.         روزي پنهنجي  پيرين ڪنهن جي در نه پيهي ايندي آهي. Go out in search of provision, it will not come to you.
141.         زمانو ماڻهن سان سينگاريل آهي.
142.         سڀ ڪم ڄاڻندڙ گويا سڀ ڪم اڻ ڄاڻندڙ آهي. Jack of all trades, master of none.
143.         سڀ ڪنھن ماڻهوءَ جو مقدار پري کان پڌرو آهي.
144.         سڀان جو غم اڄ نه کائڻ گهرجي. The tomorrow will speak, enough for the day is the trouble thereof of itself.
145.         سڀڪنهن جي دل آرزوءَ جي تابع آهي.  Every one is the victim of his own desire.
146.         سڀڪنهن جي ڪوشش، سندس همت آهر آهي.
147.         ستل فتنو نه جاڳاءِ. Let the sleeping dogs lie.
148.         ستل کي ستل ڪيئن جاڳائيندو؟ How can the blind lead the blind.
149.         سج کي ڪڪر کان ڪهڙو زيان؟
150.         سچ چوڻ ڪوڙو آهي. Truth is bitter.
151.         سچ کانسواءِ ٻيو ڪو سخن جو زيور ناهي.
152.         سچن کي سنهن/ قسم جي حاجت ناهي.
153.         سچو ٿي ته سچن کي پهچين.
154.         سخت هڻندين ته سخت کائيندين. چڪر کي پڄي؛ لتر. Tit for tat.
155.         سخن آهي سخن چوندڙ ماڻهوءَ جي دل جو آئينو.
156.         سڌيءَ واٽ ويندي، ماڻهو رستو نه وڃائيندو. Honesty is the best policy.
157.         سستي جي وڻ جو ميوو آهي ڪفر. Procrastination is the thief of time.
158.         سگهائيءَ جي وقت اگهن جي سار لھ.
159.         سلامتي/ صلح جي وقت ۾ جنگ جا هٿيار ٺاھ. If you want peace, prepare for war.
160.         سواءِ خواهش جي هٿ پير ڪين هلندا. Money makes the mare go.
161.         سهانگو مليل، بي قدر/ خوار هوندو آهي. It is quality that counts and not quantity.
162.         سهراب جي مرڻ کانپوءِ، نوش دارو. After death the doctor. To shut the stable after the steed is stolen.
163.         سؤ دوست به گھٽ آهن، هڪ دشمن به گهڻو آهي.
164.         سؤ ڪانون کي، هڪ پٿر بس آهي.
165.         شينهن جيستائين نه بکائبو، تيسين شڪار نه ڪندو.
166.         صبر سان ڪچن انگورن مان به حلوو ٺاهي سگهجي ٿو.
167.         صبر ڪَوڙو آهي، پر ميوو مٺو اٿس. صبر جو ميوو مٺو آهي. Everything is his who knows to wait.
168.         ضرور ڳوليندڙ، لهندڙ آهي. He can seeketh findeth.
169.         ضرورت ايجاد جو مايو آهي. ضرورت مادرِ احتياج است. Necessity is the mother of invention.
170.         طمع لفظ ۾ ٽي حرف آهن ۽ ٽيئي خالي/ بنا ٽٻڪي. طمع بري بلا آهي. Covetousness bursts the bag. Covet all lose all. Avarice is the root of all evils.
171.         طمع، ماڻهوءَ جي آبرو ضايع ڪري ٿي.
172.         ظاهر، اندر جو عيان آهي. منهن، اندر جو آئينو آهي. The face is the index of the mind.
173.         ظلم ظالم تي ظاهر ٿيندو آهي. An evil deed will recoil upon its doer
174.         عافيت جو قدر اهو ڄاڻندو جو ڪنهن مصيبت ۾ گرفتار ٿيندو. Blessings are valued when they are no more.
175.         عاقل اهو آهي جو آخر جو خيال ڪري.
176.         عقل وارو ٻه دفعا/ ٻيهر ٺڳجي نٿو سگهي. A wise man is not imposed upon twice.
177.         عمل جي بدلي کان غافل نه ٿي. جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي. As you sow, so you reap.
178.         غم کاءُ پر غم وڌائيندڙن جو نان نه کاءُ.
179.         قرض اهڙو کڻ جو ڏيئي سگهجي.
180.         قناعت ۾ عزت آهي، طمع ۾ ذلت.
181.         قناعت، ماڻهوءَ کي توانگر بنائي ٿي. Contentment makes a man rich.
182.         کڏ (کوھ) کوٽين ڪنهن ٻئي لاءِ، پهريائين خود تون پوءِ ڪو ٻيو. جيڪو کڏ کوٽيندو، سو ئي ان ۾ پوندو. Evil unto him who evil thinks.
183.         کڏ کوٽيندڙ هميشه کڏ جي تري ۾ آهي. Those who dig a pit for others, will themselves fall
184.         کل (چمڙي) جو گذر، چمار جي گهر ٿئي ٿو. All is grist that goes, to the mill.
185.         ڪاراڻ کان مٿي ٻيو ڪو رنگ ڪونهي. Nothing can white wash the blackness of disgrace.
186.         ڪاسي/ پيالي هيٺيان، نيم/ اڌ ڪاسو آهي. ديڳڙي اندر ديڳڙو. There are wheels within wheels.
187.         ڪافر سڀڪنهن کي پنهنجي دين ۾ سمجهندو. Everything looks pale in the jaundiced eye.
188.         ڪجھ کاءُ، ڪجھ ڏي، ڪجھ رک.
189.         ڪشالي ڪڍڻ کانسواءِ، گنج حاصل نٿو ٿئي. No pains, no gains.
190.         ڪلراٺي زمين، سنبل جو گل پيدا نه ڪندي.
191.         ڪم جي آخر ڏسندڙ ماڻهو، مبارڪ ٻانهو آهي.
192.         ڪم جي شروعات مان ان جي پڇاڙي پروڙ.
193.         ڪمينن جي ڪم جي رونق خراب آهي. خسيس ماڻهو ڪو ورلي چڙهندا.
194.         ڪنڊي کي چؤ ته خراب آهي نه باغ کي. Do not judge the tree by it fruit. Know thyself.
195.         ڪنهن به ماڻهوءَ ڏي بي گمان نه ٿي ته خلق اڳيان بڇڙو نه ٿين.
196.         ڪنهن به واقعي جو علاج ان جي ٿيڻ کان اڳ ڪرڻ گهرجي. Prevention is better than cure.
197.         ڪڻڪ ڪڻڪ مان ڄمندي ۽ جو جون مان. As you sow, so shall you reap.
198.         ڪو ماڻهو نه چوندو ته منھنجو ڌونئرو کٽو آهي. No person condemns his own article.
199.         ڪوزي مان اهو ئي چڪندو/ وھندو جو ڪوزي ۾ هوندو. جيڪي ڪُني ۾ هوندو، سو ئي پاٽ ۾ پوندو. What is bred in the bone will never wear out of the flesh. What is in the pot will come out in the plate
200.         ڪهڙو نه چڱو ٿئي هڪڙي اک سڄي اشاري سان ٻه ڪم ٿين. ايڪ ڪم دو ڪارج. Killing two birds with one stone.
201.         ڪيتريون اميدون، نا اميدن جي پيچ ۾ آهن.
202.         گڏھ جوَ ڏٺا آهن، سو گاھ ڪيئن کائيندو. You cannot see green cheese but your teeth must water
203.         گڏھ جو موت ڪتي جي شادي آهي:  One man’s gain is another’s loss.
204.         گڻ ڏسندڙ اک، عيب کان خالي آهي.
205.         ڳڀ (مغز) کانسواءِ داني مان ڪئن چڪي ڄمندي.
206.         لالچ ڇڏ، بادشاهي ڪر. Leave greed and be a King.
207.         لوهي ميخ، پٿر ۾ نه ويندي.
208.         ماءُ جي پيرن هيٺان بھشت آهي.
209.         ماءُ جي دل سڙندي ۽ دائيءَ جي دامن. Mother is mother, ayah is ayah.
210.         ماڪوڙيءَ جي سوکڙي آهي؛ مڪڙ جو پير. برگ سبز است، تحفته درويش درويش جو تحفو آهي سائو پن. A window’s mite.
211.         ماڪوڙيءَ جي گهر ۾، ماڪ جو ڦڙو به ٻوڏ آهي. A slight loss is great one to poor man.
212.         ماني/ روٽي کاراءِ، پوءِ جيڪو ڪم چوين سو چؤ. Feed me, command me. An army marches on it stomach.
213.         ماڻهن جي زبان، خدا جو چهبڪ آهي. پينچن ۾ پرميشر. .People’s voice is God’s voice
214.         ماڻهو جيستائين ننڍائي نه ڪندو تسيتين وڏو نه ٿيندو. هر که خدمت کرد او مخدوم شد.
215.         ماڻهو، ڪنن رستي ٿلهو ٿيندو آهي. سٺا سخن ٻڌي، داناءُ ٿيندو آهي.
216.         ماڻهوءَ جو نسب هنر سان هئڻ گهرجي نه پيءُ سان. Boast of your merit and not of your pedigree.
217.         متين موڙهل آدمي ساڳيو ڪم ٻه دفعا ڪندو آهي.
218.         مڇي هر وقت پاڻيءَ مان وٺبي ته تازي هوندي.
219.         مردن جي صحبت تو کي مرد ڪندي.
220.         مردن جي قول کي ساھ آهي.
221.         مرڻ کان اڳ واويلا ڪرڻ. To cry before punishment is inflicted.
222.         مسافر واٽ نه ڄاڻندو، ته ڪئن هلندو.
223.         مشڪ اهو آهي، جنهن مان خود سرهاڻ اچي، نه اهو جنهن لاءِ عطار چوي. Good wine needs no bush.
224.         معافي ڏيڻ ۾ لذت آهي جا بدني ۾ ناهي.  Forgiveness is the noblest virtue
225.         مون سان اهو ڪر جو جيڪڏهن تو تي روا ٿئي ته پسند ڪرين. جيڪي پاڻ لاءِ پسند ڪرين سو ٻين لاءِ به ڪر. Do to others what you would like to be done by others to you.
226.         مهانگي وڪڻندڙن جي سزا آهي؛ نه خريد ڪرڻ.
227.         مهمان کي عزت ٽن ڏينهن لاءِ ملندي آهي. A constant guest is never welcome.
228.         مهمان، خدا جي سوکڙي آهي.
229.         مهماني، پويان پير رکي ٿي. ڀلائيءَ جو بدلو ڀلائي آهي. One good turn deserves another.
230.         نا اميديءَ ۾ اميدون آهن. The darkest hour is before the dawn.
231.         نا مناسب جاءِ تان ڳولا ڪرڻ، برابر آهي نه ڳولڻ جي.
232.         ناچ ڪرڻ خود نٿو ڄاڻي، آکي؛ اڱڻ کڙ ٻڙ آهي. پڙهي پاڻ نه ڄاڻي، ماري کٿابي. A bad workman quarrels with his tools.
233.         نانگ ڏنگيل، نوڙيءَ کان ڊڄندو آهي. A burnt child dreams the fire.
234.         نقد کي اوڌر لاءِ نه مٽاء. Do not sell the substance for the shadow.
235.         نقصان ڪهڙي به نقطه نظر سان ڏسجي ته حقيقت ۾ فائدو.
236.         نقصان، ڪؤڙو آهي.
237.         نمڪ-شناس ڪتو، چڱو آهي ناحق شناس ماڻهوءَ کان.
238.         نه جيڪي ڪي قد ۾ بهتر آهي سو قيمت ۾ ڀليرو آهي. All that glitters is not gold.
239.         نه ڪيل ڪم لاءِ انجام ڪونهي.
240.         نئون نوڪر، تيز هلندو آهي. نئون ٿانءُ، پاڻي ٿڌو رکندو آهي. A new broom sweeps clean.
241.         واءَ آندل شيءِ کي وري به واءَ کنيو وڃي.  Ill-gotten ill spent
242.         وڏو پٿر کڻڻ نشاني آهي؛ نه هڻڻ جي. Barking dogs seldom bite.
243.         وڏو ڪم ڪرڻ، عزت جو مايو آهي نه وڏو نالو. نام بلند به از بام بلند. .  A good name is above riches
244.         وطن جي حب، حضرت سليمانؑ جي بادشاهيءَ کان بهتر آهي. East and west home is the best.
245.         وڻندڙ لفظ، نانگ کي به ٻر کان ٻاهر آڻيندا آهن. A wicked man can be won over by sweet words.
246.         هٿن مٿان اڪثر هٿ آهي. چورن مٿان مور. There is always somebody more powerful than the most powerful. For everyone there is always superior.
247.         هڪ سون جو جَو، هزار مڻ زور کان بهتر آهي. پيسو آهي ته سڀ ڪجھ آهي. Money makes the mare go.
248.         هڪ گهڙي غافل ٿيس (۽) سو سال واٽ دور ئي وئي. ترِ جي گُٿي سؤ چوٽون کائي.
249.         هڪ هٿ ۾ ٻه گدرا نه وٺي سگهبا. You cannot whistle and drink at the same time.
250.         هڪڙو صبر ڪر ۽ هزار افسوس نه کاءُ.
251.         هڪڙو ڪامل علم، ڪيترن ناقص علمن کان بهتر آهي. One thing known to perfection is better than many things imperfectly known.
252.         هڪڙي گل ڪري، بهار نٿو ٿئي. One swallow does not make a summer.
253.         هڪڙي هٿ سان ٻه هنداڻا کڻي نه سگهبا. You cannot do two things at a time.
254.         هڪڙي هٿ مان آواز نه ايندو آهي. تاڙي هڪڙي هٿ سان نه وڄندي آهي. It takes two to make a quarrel.
255.         همزبانيءَ کان همدلي بهتر آهي.
256.         هنر وارو ڪٿي به ويٺو نه رهندو. A man with art is nowhere a stranger.

No comments:

Post a Comment