Saturday, November 24, 2012

مال مفت دل بي رحم - مختيار سمون


مال مفت دل بي رحم
مختيار سمون
ڪنھن به ٻوليءَ ۾ پھاڪا ۽ چوڻيون ان ٻولي ڳالھائيندڙ قومن جي مجموعي شعور جي عڪاسي ھوندا آھن، جيڪي سالن ۽ صدين جي حاصل ڪيل تجربن کان پوءِ وجود ۾ ايندا آھن. اھي پھاڪا ۽ چوڻيون، ڪڙو سچ ۽ حقيقتن تي مبني ھوندا آھن. جيڪي ھر دور ۾ مخصوص حالتن جو نقشو چٽي، ماڻھن لاءِ سبق ۽ سکيا جو ڪم ڏيندا آھن. سنڌي ٻولي پڻ اھڙن پر معنيٰ ۽ سبق آميز پھاڪن ۽ چوڻين سان مالامال آھي. پھاڪا ۽ چوڻيون، مختلف موقعن تي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿين ٿا ۽ ڳالھين کي سمجھڻ جو ادراڪ به ڏين ٿا ته پيدا ٿيل مسئلن ۽ مونجھارن جي حل ۾ ڪارائتا ڪردار به ادا ڪن ٿا. سنڌي ٻوليءَ ۾ اھڙين کوڙ سارين چوڻين مان ھڪ جيڪا تمام عام فھم، پر معنيٰ ۽ مقصد ۽ روزمرھ جي گفتگو ۾ گھڻو استعمال ٿيندڙ چوڻي آھي، سا آھي؛ ’مال مفت، دل بي رحم.‘  


چئن لفظن واري انھيءَ اڻ-پوري جملي يعني phrase ۾ عقل، دانشمندي، تجربي ۽ مشاھدي جا مڻ سمايل آھن. لفظ ’مفت‘ جي تشريح ھيئن ٿي سگھي ٿي ته ڪا اھڙي شيءِ، خدمت عيوض يا انعام اڪرام جيڪو بغير ڪنھن ادائگي يا محنت جي حاصل ڪيل ھجي اھو مفت ۾ حاصل ٿيل ھجي ٿو. حاصلات جي ادائگي پئسن واري حوالي سان به ٿي سگھي ٿي ته محنت، مزدوري، مشقت، جدوجھد، اوجاڳن ۽ انتظارن جي صورت ۾ به ٿي سگھي ٿي. ادائگي عيوض حاصل ٿيل شيءِ ئي وڏو مان مرتبو، اھميت ۽ حيثيت رکي ٿي ۽ ماڻھوءَ وٽ ان شيءِ جو قدر ۽ قيمت به ھجي ٿي. آمريڪا جي اڳوڻي صدر ابراھام لنڪن، محنت عيوض حاصل ٿيندڙ شين جو قدر ۽ قيمت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ۽ ان احساس کي پنھنجي پٽ ۾ پيدا ڪرڻ لاءِ سندس استاد کي ھڪ خط لکيو ھو، جنھن ۾ ھن لکيو ھيو؛
“Teach my son that a dollar earned is of more value than five found.”
”منھنجي پٽ کي اھو سيکاريو ته؛ محنت سان حاصل ڪيل ھڪ ڊالر به مفت ۾ حاصل ڪيل پنجن ڊالرن کان وڌيڪ اھميت رکي ٿو.“ (ترجمو)
ڏٺو ويو آھي ته جيڪا شيءِ مفت ۾ حاصل ٿئي ٿي ان ڏانھن ماڻھوءَ جو رويو ڏاڍو غير ذميوار ۽ ظالمانه ٿئي ٿو. يعني؛ ’مال مفت، دل بي رحم‘. ڀلي اھا مفت واري شيءِ لکن ۽ ڪروڙن روپين جي ڇو نه ھجي، پر ان جي استعمال، پرگھور ۽ تحفظ واري معاملي ۾ ماڻھو ڏاڍو ھٿ-ڦاڙ، بي غور ۽ بي رحم ٿئي ٿو. ڇو ته ائين ڪرڻ سان ھن جو ڪجھ به ضايع نه ٿيندو آھي. نه پئسو ۽ نه ئي محنت. پنھنجي اوسي پاسي نظر ڦيرائڻ سان ڪيترا ئي اھڙا مثال ملندا آھن، جنھن ۾ اسان کي شين، سھوليتن ۽ خدمتن جو بي درديءَ سان زيان ٿيندي نظر ايندو آھي. مثال انفرادي به ٿي سگھن ٿا ته اجتماعي به. جنھن ۾ ڪو فرد، ڪو گھراڻو، ڪو قبيلو يا قوم پنھنجي وڏڙن يا ٻين جي محنتن، مشقتن، جدوجھدن ۽ قربانين جي عيوض حاصل ٿيل مال ملڪيت، عزت، اھميت، آزادي، آجپي، نعمتن ۽ سھوليتن کي مال غنيمت سمجھي ان جي لٽ مار ڪندي آھي ۽ پوءِ ان مان ھميشھ لاءِ ھٿ ڌوئي ويھندي آھي.
ھونئن به وراثت ۾ مليل، حصي ۾ آيل يا ڪنھن کان عرض ڪري حاصل ڪيل يا زور زبردستيءَ سان کسي حاصل ڪيل شيءِ اھڙي خود اعتمادي ۽ خوشيءَ جو سبب بڻجي نه ٿي جيڪا ماڻھو پنھنجي صلاحيتن، ڪوششن ۽ محنتن جي عيوض حاصل ڪري ٿو. سرائڪي ٻولي جي ھڪ چوڻي پڻ ان حقيقت جي وضاحت ھيئن ڪري ٿي؛
اپڻي گھوٽ ته نشا ٿيوئي.
يعني محنت ڪري حاصل ڪيل لاڀ ئي اصلي سڪون ۽ راحت ميسر ڪري ٿو.
ايلاز منٿ ڪري يا پنھنجي مجبوري ۽ معذوري ظاھر ڪري، ڪا شيءِ مفت ۾ حاصل ڪرڻ سان ماڻھوءَ جي عزت نفس، خودي ۽ خود اعتمادي کي به نقصان رسي ٿو، جنھن لاءِ خوددار ماڻھو سدائين منع ڪندا رھيا آھن. جھڙوڪ؛
جس سي مٽي خودي، وھ نوازش نه ڪر قبول،
مانگي ھوئي جنت، جھنم سي ڪم نھين.
اوھان ڪڏھن سوچيو آھي ته اسان جي ملڪ ۾ ماڻھو سرڪاري گاڏيون، مفت ۾ حاصل ڪيل يا چوري ڪيل بجلي، سرڪاري عمارتن، پارڪن، روڊن ۽ رستن سان ڪھڙو حشر ڪن ٿا ۽ انھن کي ڪيئن ٿا استعمال ڪن. يقينًا جواب اھو ھوندو ته ’بي درديءَ‘ سان. اھو ان ڪري جو ھو سمجھن ٿا ته اھي سڀئي شيون پرايون آھن. جڏھن ته حقيقت اھا آھي ته اھي پرايون نه پر پنھنجيون آھن ۽ مفت ۾ نه آھن ڇو ته انھن تي عوام جو ئي پئسو خرچ ٿيل آھي ۽ اھو پئسو عوام وٽان ٽئڪس ۽ ڍل جي صورت ۾ حڪومت کي ملي ٿو. جيڪو بعد ۾ خرچ ٿئي ٿو. اسان وٽ مفت ۾ حاصل ٿيندڙ شين جي برباديءَ جا ٻيا به ڪيترا ئي مثال موجود آھن. سڀ کان پھريان ئي اولاد کي خوشحال والدين پاران ملندڙ مراعتن ۽ سھولتن جو ئي مثال وٺو. والدين جنھن شيءِ جي استعمال ۾ پيا احتياط ڪندا ۽ ان جو حساب ڪتاب رکندا، اھا سندن اولاد حوالي ڪيو، منٽن ۾ صفايو ٿي ويندو، ڇو ته والدين جون ان جي حاصلات ۾ اوجاڳا، محنت ۽ تڪليفون شامل آھن پر اولاد کي بنا ڪنھن تڪليف جي حاصل ٿيل نعمتن جو ڪھڙو قدر ۽ سندن رويو ’مال مفت، دل بي رحم‘ وارو ئي ھوندو. ماڻھن مان مفت خوري واري رويي کي ختم ڪرڻ لاءِ اڄڪلھ سڄي دنيا ۾ شراڪتي عمل يعنيparticipatory program واري پاليسي تي زور آھي.
اھو ڪم آھي به چڱو، ڇو ته جيستائين ڪو فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻھوءَ کي جدوجھد ۾ شامل نه ڪيو ويندو، تيستائين اھو فائدو يا اھا ترقي ديرپا ثابت ٿي نه ٿي سگھي. ماڻھوءَ کي پنھنجي پيرن تي بيھڻ جي تربيت ڏيڻ گھرجي. ڇو ته پرائي مال کي ڏسي، ٽوپي نراڙ تي رکڻ سان ڪو پائيدار ترقي جو دروازو ڪو نه ٿو کلي، پر اھو رويو ماڻھوءَ جي معذوري ۽ مجبوري کان اڃا به وڌائي ڇڏي ٿو. اڄڪلھ ته ’مالي سھائتا ڪندڙ عالمي تنظيمون‘ پڻ ڪنھن به قسم جي فنڊ ڏيڻ کان اڳ ’شراڪتي عمل‘ وارو شرط لاڳو ڪن ٿيون. انھن جو چوڻ آھي ته؛ جيڪڏھن ڪنھن ضرورتمند کي سڌو سنئون پئسا ڏبا ته ھو مفت خوري تي ھري پوندو. پر کيس جيڪڏھن پئسن ڪمائن لاءِ جائز ذريعو ميسر ڪري ڏبو ته اھو ڪارگر ثابت ٿيندو ۽ ان ڪمايل پئسي جو وٽس قدر به رھندو، ڇو ته ان ۾ سندس محنت به شامل ھوندي.
بھرحال، محنت ۾ عظمت آھي. پنھنجي صلاحيتن جي عيوض حاصل ڪيل مال ملڪيت، عزت ۽ شھرت اطمينان به بخشي ٿي ته وري ماڻھوءَ ۾ انھن لاءِ قدر واري جذبي کي به پروان چڙھائي ٿي نه ته ٻي صورت ۾؛ مال مفت، دل بي رحم.

No comments:

Post a Comment