Saturday, February 18, 2023

سچل سرمست جي سنڌي شاعريءَ ۾ اصطلاحن/ محاورن جو تحقيقي جائزو - رياض ڪلهوڙو

سچل سرمست جي سنڌي شاعريءَ ۾ اصطلاحن/محاورن جو تحقيقي جائزو

رياض ڪلهوڙو



ABSTRACT:

Sachal Sarmast is a renowned saint scholar his poetry was based proficiency technical excellence and artistic studies, it is well known that in Sachal Sarmast’s poetry the features and characteristics of the Sindhi language are well-integrated and well-integrated. In his poetry, He combines the sensibilities of the language with the social sensibilities. The poem of Sachal Sarmast is the embodiment of poetry and indulgence. In the poem of Sachal Sarmast, the phrase and adornment that has arisen with the terminology and idiom is found to be an example. Attraction and the sentimentality are due to myths, sayings, terms, idioms, interpretations, metaphors, interpretations, and parables in his Poetry. Idioms, Phrases and Terms are an important part of the language. There may be a language in the world that they do not use. Poetry consisting of words and phrases, recipes and restrictions, expressions and metaphors, the appearance and texture of words; Definitions and languages are used to describe, to convey, to influence, to create emotion.

چوڻيون، پھاڪا، اصطلاح، محاورا ۽ ورجيسون ٻوليءَ جو اهم حصو ھوندا آھن. دنيا ۾ شايد ئي ڪا اھڙي ٻولي ھجي، جنھن ۾ انھن جو استعمال نه ٿيندو ھجي. شاعريءَ ۾ صنايع ۽ بدايع، ترڪيبون ۽ بندشون، تشبيھون ۽ استعارا، لفظن جي بيهڪ ۽ بناوت؛ بيان ۽ زبان جو چسڪو، معنيٰ ڏيڻ، اثر وٺڻ، مٺاس ۽ چشڪو پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا وڃن ٿا. انجنيئر عبدالوهاب سهتي، ٻوليءَ جي حسناڪين بابت لکيو آهي ته:


”ٻولي، سلاست ۽ بلاغت جي پد تي تڏهن پھچندي آهي، جڏهن منجهس قدامت ۽ جدت جي آميزش سان ڌرتيءَ تي مروج اصطلاح ۽ ورجيسون، استعارا ۽ ڪنايا، تشبيهون ۽ تمثيلون، پھاڪا ۽ چوڻيون، منڊيءَ تي ٽڪ جيان ٽانڪي ۽ ٽوپي سجائجن“.(۱)

مهذب معاشري ۽ شاهوڪار ٻولي جي ٻين اهم نشانين سان گڏ اها به هڪ نشاني آهي ته، ان سماج جي ريتن رسمن متعلق اصطلاح، محاورا، پهاڪا ۽ چوڻيون موجود هجن. سنڌي ٻوليءَ کي ان جي سماج ۾ مٿين معيار موجب پرکڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته، سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي قسم جا اڪيچار اصطلاح، محاورا، پهاڪا ۽ چوڻيون موجود آهن، جن ۾ سنڌي سماج جون ريتون رسمون نمايان آهن. سنڌي ٻوليءَ جي آسودگي بيان ڪندي ڊاڪٽر غلام قادر سومري لکيو آهي ته:

”سنڌي انيڪ خوبين سان سنواريل سينگاريل هڪ وسيع زبان آهي. سنڌي ٻوليءَ جي اڪيچار خصلتن مان ڪهڙيون ڳڻائي ڪهڙيون ڳڻائجن. سنڌي ٻوليءَ کي اهو اعجاز حاصل آهي ته، ان ۾ هر موضوع تي جھجھو مواد ملي ٿو. سچ ته ”وکر“ ونڌيو پيو آهي.“(۲)

اساسي شاعريءَ جيان اصطلاح ۽ محاوري جون پاڙون به سماج ۽ فطرت سان جڙيل هونديون آهن. قاضي قادن، شاهه ڪريم، لطف الله قادري، ميين شاهه عنات ۽ شاهه لطيف جيان سچل سرمست به پنهنجي شاعريءَ ۾ محارون ۽ اصطلاحن کي ڪتب آندو آهي. سچل سرمست سري جو سرموڙ ۽ شاهه لطيف کانپوءِ سنڌي ٻولي جو هڪ عظيم شاعر هو. هن نه رڳو سنڌي زبان ۾ شعر چيو، پر پارسي، سرائڪي، اردو ٻولين ۾ به بلندپايه شاعري ڪئي. هن جو شعر وحدت الوجود ۽ تصوف جو آئينه دار آهي. بيتن ۽ ڪافين ۾ فني گهرائي به آهي ته فڪري وسعت به آهي. اهو ئي سبب آهي جو سچل جو ڪلام عالمن ۽ اديبن جو محور رهيو آهي. پهاڪن ۽ اصطلاحن جي اهميت بيان ڪندي ڀيرو مل مهر چند آڏواڻيءَ لکيو آهي ته:

”سنڌيءَ ٻوليءَ جو ڳچ جيترو خزانو، سندس اصطلاحن ۽ پهاڪن ۾ سمايل آهي. اڪثر انهن ۾ نج سنڌي ڪم آيل آهي. هن وقت تائين فقط ڏيڍ هزار کن پهاڪا ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. مصنف هيستائين ايترا ٻيا به ڪٺا ڪيا آهن، پر پهاڪا اڃا گهڻا آهن ۽ منجهن وڏي فيلسوفي سمايل آهي. پهاڪن ڪم آڻڻ ڪري مضمون سلوڻو ۽ سوادي ٿئي ٿو ۽ ساڳئي وقت انهن مان سڌ پوي ٿي ته جنهن ملڪ ۾ اهي چوڻ ۾ اچن ٿا، تنهن جي ماڻهن جا مذهبي يا ڌرمي خيال، پنگتي رسمون ۽ ٻيا دستور ڪهڙا آهن“.(۳)

سنڌ جي اساسي شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ چوڻيون، پھاڪا، اصطلاح، محاورا ۽ ورجيسون ڪتب آڻي، سنڌ جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ اخلاقي پهلوئن جا عڪس چٽيا آهن. سنڌ جي ٻين ڪلاسيڪي شاعرن سان گڏ سچل سرمست به عوامي ٻوليءَ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ سمايو آهي. سچل به فطرت سان گڏ سماج ۾ موجود ريتون رسمون ڳايون آهن. ڊاڪٽر مهر خادم لکيو آهي ته:

”سچل سائين پوري ڌرتيءَ ۽ آسمان جي حسناڪين کي پنهنجي شاعري ۾ جڳهه ڏني آهي. هو جتي ڌرتيءَ جي ماڻهن، پکين،، گلن، جانورن، رنگن ۽ سونهن جو ذڪر ڪري ٿو، اتي آسماني سج، چنڊ، تارن، سيارن، ڪهڪشائن ۽ عرش ڪرسيءَ کي به پنهنجي شاعريءَ ۾ سمائي ٿو“.(۴)

سچل سرمست پنهنجي شاعريءَ ۾ سماجي حسناڪين سان گڏ ٻوليءَ جي حسناڪين کي به سمايو آهي. سچل سرمست جي شاعري صنايع و بدايع جو ڀنڊار آهي. سچل سرمست جي شاعري ۾ اصطلاح ۽ محاوري سان جيڪا زيب و زينت پيدا ٿي آهي، تنهن جو مثال ملڻ محال آهي. سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ جيڪا سحر انگيزي، ڪشش ۽ جاذبيت آهي، سا پهاڪن، چوڻين، اصطلاحن، محاورن، تشبيهن، استعارن، تلميحن ۽ تمثيلن جي بدولت آهي. سچل سرمست جي شاعري ۾ ڪم آيل اصطلاحن ۽ محاورن جو مختصر جائزو هيٺ ڏجي ٿو. سچل چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور طرفان ۱۹۹۵ع ۾ شايع ٿيل ”سچل جو ڪلام عرف عاشقي الهام“ مان سچل جي شاعريءَ جا مثال ڏنا ويا آهن. مثالن سان گڏ صفحي جي به نشاندهي ڪئي وئي آهي. جيئن پڙهندڙ کي پڙهڻ ۽ ڳولڻ ۾ ڪا دقت پيش نه اچي.

 

”ڪانگ اڏائڻ“ 

اوسيئڙي يا انتظار ۾ ويهڻ، نياپو موڪلڻ، قاصد روانو ڪرڻ، پيغام موڪلڻ، واجھائڻ، اڪير هئڻ، اوسيئڙي ۾ هئڻ، بدسوڻ لڳڻ، برائيءَ جا آثار نظر اچڻ، بڇڙا سنوڻ هئڻ. 

”سيئي سچل آئيا، جن لئه ڪانگ اڏايم“(ص ۷۱)

 

”پير گھمائڻ“

قدم گھمائڻ، هلڻ، گھمڻ، سير ڪرڻ، اچي برڪت بخشڻ برڪت وارو ڪرڻ. ڪنهن بزرگ شخصيت جو ڪنهن وٽ وڃڻ.

”پاڻئون ڄاڻي پير گھمايم، سرهو ڪيڙم سير“(ص ۷۷)

 

”جوڳ پچائڻ“

ڏاکڙا ۽ ڪشالا ڪرڻ، تڪليفون وٺڻ.

جيڪو رات ڏينھن سر ڌڙ جي بازي لڳائي جوڳ ٿو پچائي،

اهو به اڄڪلهه مَسَ مَسَ ٿو پنھنجو ننگ ناموس بچائي.

”جوڳي ٿي ڪر جوڳ پچايم، ڏاڍو ڪيم انڌير. (ص ۷۷)

 

”لاڳاپا لاهي بيهڻ يا لاڳاپا لاهڻ“

آسرو يا ڊپ لاهي بيهڻ، لڄ لاهڻ، بي حيا ٿي بيهڻ، خواري کڻڻ، بدنامي کڻڻ.

”ڇڏ سڀ لاڳاپا لاهي، اهو وڃڻ ته واجب ناهي“.(ص ۸۰)

 

”ڏونگر ڏورڻ“

جبل جھاڳڻ، تڪليفون سهڻ

”سارا ڏونگر ڏورئين، ڪاڪي ڙي ڪنهن لاءِ“ (ص ۸۶)

 

”منهن ڦيرڻ يا منهن ڦيرائڻ“

منهن ٻئي پاسي ڪرڻ، منهن موڙڻ، بي رخي اختيار ڪرڻ، ناراضپو ڏيکارڻ، ناراضگي ڏيکارڻ.

”ڪهڙي ڳالهيون ويڙيچن ڏنهن، منهن ڦيرايئي مايا“ (ص ۸۶)

 

”پِير پُڇڻ“

پيرن تي وڃي دعائون گھرڻ، بزرگن جي تلاش ڪرڻ، مراد حاصل ڪرڻ لاءِ روحاني حيلا وسيلا اختيار ڪرڻ.

”اهي اڱڻ منهنجي آيا، جن جي ڪاڻ پِير پڇايم ٿي.“ (ص ۸۸)

 

”ورهه وهائڻ“

عشق پرائڻ، عشق ونڊڻ

ورهه وهايم جيڏيون، پوءِ پرجھڻ پئي“. (ص ۹۶)

 

”مچ مچڻ“

باهه دکڻ، باهه ٻرڻ، عشق ۽ محبت ۾ گرفتار ٿيڻ، فساد وڌڻ، جھيڙو ٿيڻ، دل ۾ درد جو پيدا ٿيڻ

”اديون آتش عشق جا، من ڪي مچ مچن ٿا“. (ص ۱۰۰)

 

”اکين ۾ جايون اڏڻ“

سڪ ۽ سچائيءَ ساڻ آجيان ڪرڻ. گھڻو پيار ڪرڻ، گھڻو ڀانئڻ

”تنهنجي اچڻ جي ڪاڻ مون، جايون سي اکڙين ۾ اڏيون“. (ص ۱۰۲)

 

”رت روئڻ“

رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ، تمام گھڻو روئڻ، زارو زار روئڻ، سخت صدمو رسڻ، گھڻو ڏک ڪرڻ، هنجون هارڻ، سخت پشيمان ٿيڻ، شرمسار ٿيڻ.

”انهن ڪارڻ جيڏيون، اکڙيون رت روئن“. (ص ۱۰۲)

 

”هنجون هارڻ“

ڳوڙها ڳاڙڻ، روئڻ، راڙو ڪرڻ، لڙڪ وهائڻ، جھڄڻ.

”ويٺي ڳرهيان ڳالهڙيون، هنجون هت هاريون“. (ص ۱۰۴)

 

”پيچ پائڻ“

نينھن لائڻ. پيچ پائجي ته توڙ نباهجي ۽

ائين نه ٿئي جو پيچ در پيچ سُڪَ پئجي وڃي،

 ته پوءِ هٿوڙن ۽ مترڪن سان ويٺو ماڻھو ان کي ڀڃي.

”ڪا گھڙي نيباهه نه ڄاڻج، پيچ نه تنهن سان پاءِ وي“ (ص ۱۰۵)

 

”اک اڙائڻ“

نينهن لڳائڻ، اک اٽڪائڻ، عاشق ٿيڻ، تڪڻ، ڏسڻ

”دردمنديءَ جي دل توئي سان، اکن اڙائي آڻي“ (ص ۱۱۷)

 

”رت ريلا ڏيڻ“

تمام گهڻي خونريزي ٿيڻ، رت ڇاڻ ڪرڻ. چون ٿا ته هلاڪو بادشاهه هلان ڪري هندستان ۾ ايتري ته رت ڇاڻ ڪئي هئي جو گهٽي گهٽي ۾ رت ريلا ڏئي پيو وهي ۽ جيڪو ماڻھو پيو اهو واقعو ڏسي رڳو رت ۽ رت پيو رُئي.

”سچل اکڙين مئون ٿيا، ريلا رت روان“. ( ص ۱۲۱)

 

”رنگ لائڻ“

فيض پھچائڻ، جوهر پيدا ڪرڻ.

بزرگن جي صحبت پنھنجو نيڪ اثر هرگز نه ٿي وڃائي،

۽ ڪڏهن نه ڪڏهن اهڙو ته رنگ ٿي لائي،

 جو انسان کي سج چنڊ کان به وڌيڪ ٿي چمڪائي.

”دل اسانجڙيءَ لعل لپيٽيو، رمزن جو رنگ لايو“ (ص ۱۲۱)

 

”ڪمر ٻڌڻ“

همت ڪرڻ، ڪمر ڪشڻ، مردانگي ڏيکارڻ، بهادري ڏيکارڻ، جرئت ڏيکارڻ، پاڻ پتوڙڻ، ڪوشش ڪرڻ، سعيو ڪرڻ، سندرو ٻڌڻ، بيٺ ٻڌڻ، آماده ٿيڻ، تيار ٿيڻ، سنبرڻ، ڪمر ڪسڪ (صفت)، ڪمزور چيلهه وارو،نستو، بي ستو، ضعيف، لاغر، هيڻو، اڀرو، ڏٻرو.

هن ته ويچاري ڏاڍي ڪمر ٻڌي هئي

پر اوچتو جو هن جي ڪمر ٽٽي پئي

ته وري سڌي ٿي نه سگهي.

ڪمر جا ٻڌائون، وري نا ڇوڙيائون، نيئي سر ڏنائون لاٿائون ميار“. ( ص ۱۲۲)

”وک وڌائڻ“

پير ڀرڻ، وڌيڪ ڀائيچاري جو قدم ڀرڻ، برادريءَ ۾ وڌي هلڻ

”مي جا پيتائون، سي سهرا ڳيتائون، وڏي وک وڌائون، پاڙيائون قرار“ ( ص ۱۲۲)

 

”رنگ رلائڻ“

مزو ڪرڻ، خوشي ڪرڻ، لطف اندوز ٿيڻ، عيش ڪرڻ، رنگ رليون منائڻ.

”منجھون حب هلياسي، ماري چوٽ چلياسي، وڃي رنگ رلياسي، تنين هي تنوار“. (ص ۱۲۲)

 

”منهن موڙڻ“

منهن ڦيرائڻ، پاسو ڪرڻ، موڙو ڪرڻ، رخ مَٽڻ

نشانا گوڙيائون، منهن نا موڙيائون، ٻئي هٿ ٻڌايون، ڪٺا قرب دار“. (ص ۱۲۲)

 

هٿ ٻڌڻ“

منت سماجت ڪرڻ، عرض يا وينتي ڪرڻ.

نشانا گوڙيائون، منهن نا موڙيائون، ٻئي هٿ ٻڌايون، ڪٺا قرب دار“. (ص ۱۲۲)

 

”لنو لائڻ“

عيب لائڻ، ڏوهي ڪرڻ، مياري ڪرڻ

پاڻئون ڄاڻي پاڻ سان هت، لنو تا لائڻ آيو“. (ص ۱۲۹)

 

”ورهه وسائڻ“

وڇوڙي جي برسات وسائڻ، زار زار روئڻ، محبت ۾ سور سهڻ، درد ڪاٽڻ، هاءِ دوس ڪرڻ.

”عرش منجھارون الهي هت، ورهه وسائڻ آيو“. (ص ۱۲۹)

 

”رنگ رچڻ“

رنگ جو چڱي طرح اثر ٿيڻ، رنگ لڳڻ، رنگ چڙهڻ، رنگ وهڻ، رنگ ڄمڻ، رنگدار ٿيڻ، رنگين ٿيڻ، محفل ڄمڻ، تماشو شروع ٿيڻ، مجلس مچڻ

”سڙن سگھن ڪين ڪي، اهڙي رنگ رچن“. (ص ۱۴۹)

 

”چت چائڻ“

دل کڻڻ، منهن موڙڻ،

”پرين ڏسج پاڻ ڏي، چت نه وڃ مون تئون چائي“. (۷۵۰)

 

”ٻارڻ ٻارڻ“

اندر ۾ عشق جي باهه ٻاري ڇڏڻ

”ياد ڪريندي تن کي، ٻارڻ ڄڻ ڄاريا“.(ص ۳۵۳)

 

”پير ڀرڻ“

قدم کڻڻ، ٿورو ڪرڻ، لائق ڪرڻ، مهرباني ڪرڻ

”ڀلي پير ڀريان انهيءَ ويلي اوڏهين“(ص ۳۷۲)

 

”ڏکڙا ڏرڻ“

ڏک ڏسڻ، تڪليون سهڻ، سور سهڻ

”اوهان ٻاجھون سپرين، ويٺي هت ڏکڙا ڏوريان“(۷۵)

 

”ڏلهي ڇڏڻ“

ڀري ڇڏڻ، پيٽ ڀري کائڻ

ڏلهي ڇڏيو ڏٿ سان، ڏوٿين ڏيا“. (ص ۳۲۸)

 

”گھوڙا گھوڙا ڪرڻ“

پڪار ڪرڻ، دانهن ڪرڻ، رڙيون ڪرڻ، واڪا ڪرڻ، مدد لاءِ زور سان آواز ڪرڻ، فرياد ڪرڻ، روئڻ پٽڻ، ارمان ڪرڻ

گھوڙا ڙي گھوڙا، جو مون هن مستانو ڪيو“(پورب)

 

”لقب لائڻ“

لڄائڻ، ٽڪو لائڻ، عيبدار ڪرڻ، عيب لڳائڻ، گلا ڪرڻ، بدنام ڪرڻ

”هت پنهوارن ريءَ پاڻ کي، ڪيها لقب لايان“.(ص ۳۵۴)

سچل سرمست پنهنجي شاعريءَ ۾ اصطلاحن ۽ محاورن کي ڪتب آڻي، پنهنجي شاعريءَ کي لساني آسودگي بخشي آهي. اصطلاحن ۽ محاورن، سندس ڪلام کي ظاهري توڙي باطني حسن سان سرشار ڪيو آهي. اساسي شاعرن جِي مالها جي هن موتيءَ به پنهنجي شاعريءَ ۾ انوکا، نيارا ۽ نت نرالا اصطلاح ۽ محاورا ڪتب آڻي سنڌيءَ ٻوليءَ جي آبياري ڪئي آهي.  

 

حوالا:

۱.      سهتو، عبدالوهاب انجنيئر. ”شاهه جي شاعريءَ ۾ اصطلاحي عنصر“. حيدرآباد: رومي پبلشرز ۲۰۲۱ع، ص ۱۳

۲.      سومرو، غلام قادر، ڊاڪٽر. ”سنڌي ٻوليءَ ۾ انگن جو سماجي ڪارج“. حيدرآباد: سنڌي لئينگئيج اٿارٽي، ۲۰۰۳ع، ص ۹

۳.      آڏواڻي، مهرچند، ڀيرومل. ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“. ڃامشورو: سنڌي ادبي بورڊ، ۲۰۱۸ع، ص ۱۶۶

۴.        مهر خادم، ڊاڪٽر. ”سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ انسان شناسيءَ واريون ڪيفيتون“. حڪومت سنڌ: ثقافت ۽ سياحت کاتو، ۲۰۱۶ع، ص ۱۴

 

 

(رياض ڪلهوڙو؛ لوچي لڌم لال، تحقيقي ۽ تنقيدي مقالا، چانڊوڪي پبليڪيشن، واھي پانڌي، ڇاپو پھريون، سال ۲۰۲۳ع، ص ۵۳ کان ص ۶۱ تائين تان کنيل)

2 comments:

  1. markhorwrites.blogspot.com is my blog and I am a blogger from Hyderabad, Sindh, PK. Lets visit my blog.

    ReplyDelete
  2. Sir I need your contact, reach to us via my website and then contact me via Contact Us page. Thanks

    ReplyDelete