Wednesday, February 15, 2023

ٿرپارڪر جي لوڪ ادب جو جائزو

ٿرپارڪر جي لوڪ ادب جو جائزو

معمور يوسفاڻي/ عمرڪوٽ



اسان جي معاشري ۾ جيڪو ادب موجود آهي، ان کي جيڪر پرکبو ته اهو ٿلهي ليکي ٽن قسمن ۾ ورهايل ڏسڻ ۾ ايندو، جيڪي آهن:

Ø      لوڪ ادب

Ø      عام ادب

Ø      مخصوص، محدود يا محلاتي ادب

لوڪ ادب انهيءَ ادب کي چيو وڃي ٿو، جنهن ادب جو ڪو وصي- وارث يا ڌڻي ڌوري نه هجي. اهو معاشري جي گڏيل ملڪيت هجي. جيئن اڏيون، پروليون، پهاڪا، چوڻيون، ڳجهارتون ۽ ڳوڙها وغيره.


لوڪ ادب اهڙو رهبر ۽ مفيد ادب آهي جيڪو ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين انسان جي رهبري ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح جيڪو ادب شاعر جي رهڻ واري خطي کان ٻاهر نڪري، ملڪ جي سڀني حصن ۾ پهچي مقبول عام ٿي ويو هجي، تنهن کي عام ادب چئبو. جيئن ڀٽ ڌڻيءَ جو ڪلام، ڪن ٻين شاعرن جو ڪلام وغيره.

ٻئي طرف جيڪو ادب ڪنهن جماعت، ڪنهن طبقي ڪنهن فرقي يا ڪنهن گروهه جو ترجمان هوندو ۽ سندس گردش ۽ دائري جي حد بلڪل ٿوري هوندي آهي، تنهن کي مخصوص، محدود يا محلاتي ادب چئبو آهي. اهڙو ادب يا ته ڪتابن ۾ لکيل رهجي ويندو آهي يا مري ويندو آهي يا پنهنجي طبقي ۽ جماعت جي خاتمي سان گڏ خود بخود ختم ٿي ويندو آهي.

گهڻا حضرات لوڪ ادب کي رواجي ڳالهه يا رواجي ادب سمجهن ٿا ۽ اُهي ڪڏهن ڪڏهن اڻسڌيءَ طرح لوڪ ادب کي ’غير معياري ادب‘ به لکندا رهيا آهن، ليڪن ائين نه آهي، ڇاڪاڻ ته لوڪ ادب لفظن سيکارڻ جو ذريعو، لفظن جي چيرڦاڙ، لفظن جو واڌارو، لفظن جو اونهون اڀياس، ماحول جي ڄاڻ، ڪلچر جي اپٽار، تاريخي واقفيت، نصيحت ۽ اخلاق، مام ۽ اشارا سمجهائڻ جو وڏو ذريعو آهي.

لوڪ ادب جي هڪ وصف هيءَ به آهي ته اُهو ادب جنهن جا ڪرڻا ملڪ جي شهرن ۽ ڳوٺن، جهنگلن ۽ ٻيلن ٿرن ۽ برن، تڙن ۽ تلائن، دڙن ۽ مڙهن، ڍنڍن ۽ ڍورن، واهن ۽ واهڙن، بندرن ۽ پتڻن ۽ گهرن خواهه اوطاقن جي رهاڻين ۽ ڪچهرين ۾ ڏسڻ ۾ اچن.

اسان جي سنڌ سڄي ۽ خصوصاً اڳوڻي ٿرپارڪر (هاڻي عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ ٿر ضلعن) جي لوڪ ادب جي به ڳالهه ڪريون ته به دفتر تيار ٿي وڃن.

حضرتا! ٿرپارڪر ضلعو سنڌ جو اُهو ادبي گنج آهي، جنهن ۾ ايترو ته لوڪ ادب آهي جنهن جو مثال ڪنهن ٻئي خطي ۾ ورلي ملندو. هن خطي ۾ لوڪ ادب جي گهڻائيءَ جو سبب يا واڌ جو ڪارڻ امن ۽ سکن ڀريو ماحول آهي. ٻيو ته هن خطي جي اهم تاريخ به آهي جنهن جي بنياد تي لوڪ ادب اڃان وسيع طور اڀري سامهون اچي ٿو. هن ضلعي جي من موهيندڙ فضا، ڏاتارن ۽ قدردانن جي ڪثرت سُگهڙن ۽ سڄاڻن جي گهڻائي ۽ درياهي ڇاڙن سبب پاڻيءَ جي ريل ڇيل جنهن سبب معاشي خوشحالي پڻ هن ضلعي جي لوڪ ادب جي گهڻائي ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهي. هيءَ لوڪ ادب جي گهڻائي اسان سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب اسڪيم تحت سهيڙيل ۽ شايع ڪيل ڪتابن ۾ ڀليءَ ڀت محسوس ڪريون ٿا.

لوڪ ادب ۾ سڀ کان اهم لوڪ ڪهاڻيون ۽ لوڪ داستان آهن، جن مان ڪيترن کي اسان جن وڏن شاعرن موضوع بنائي پنهنجا افڪار پيش ڪيا آهن، جيئن عمر مارئي، ڍول مارو، مومل راڻو، ليلان چنيسر، ڦل ۽ ڀوري، لاکو ۽ مهر راڻي، اوڍو ۽ هوٿل، ڦل ۽ سونل، پونم راءِ ۽ ليلان، صابر ۽ نوران ۽ ڳاهو ۽ ارڻي وغيره.

اهڙي طرح هن پٽ جا سورما، جن مان ڪيترن کي ڏهن ڏاتارن ۽ ستن سورهين ۾ ڳڻيو ويو آهي. انهن جون ڪهاڻيون پڻ وڏي حيثيت رکن ٿيون. انهن سورمن ۾ انڙ انڙاڻي، ڪرن همواڻي، جکرو هوٿياڻي، سپڙ چوٽاڻي، وڪيو پنهواڻي، دودو دوداڻي، پنرو بدواڻي، لاکو ڦلاڻي، جسوڌڻ مُهڙاڻي، هوٿي هالاڻي، ڄام هالو، ڄام سمون ۽ رڻمل راٺوڙ وغيره اچي وڃن ٿا.

ٻي طرف جڏهن اسين لوڪ ادب جي ٻين صنفن ڏي ڏسون ٿا ته اسان کي انهن ۾ ڳجهارت جو جهان سڀ کان وسيع ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جن جو مدار لوڪ ڪهاڻين تي آهي. اهڙي طرح دراهن، هنرن وغيره جو واسطو پڻ لوڪ ڪهاڻين سان آهي. جيئن ته سنڌ جون گهڻي کان گهڻيون لوڪ ڪهاڻيون ۽ تاريخي ڪردار هِتان کان اُسريا ۽ مشهور ٿيا. تنهنڪري انهن مضمونن سان واسطيدار سڀيئي صنفون هِتان کان ئي پيدا ٿيون ۽ پکڙيون آهن.

انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته لوڪ ادب جي ڄاڻن ۽ سُگهڙن، هن ادب جي نه صرف سونهن سوڀيا ۾ اضافو ڪيو آهي، پر انهيءَ جي بچاءَ جا به جَتن ڪيا آهن، جنهن جي باوجود به لوڪ ادب جي فن ۽ فڪر سان هٿ-چراند ٿيندي رهي آهي ۽ سُگهڙن جي جاءِ ٻُگهڙن ۽ ڪُگهڙن وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيئن ته هن خطي ۾ لوڪ ادب جي فڪر (ٻگهڙن) ۽ فن (ڪگهڙن) سان هٿ-چراند ڪندڙن جو تعداد گهٽ رهيو آهي، تنهنڪري هِتان جو لوڪ ادب به پنهنجي نِج نبار شڪل ۾ موجود ۽ محفوظ آهي، ڏينهون ڏينهن ترقي ڏانهن گامزن آهي ۽ هيئت توڙي مفهوم جي لحاظ کان پيارو، وڻندڙ ۽ عام فهم آهي. هن خطي جي لوڪ ادب جي فهم ۽ فڪر جون جهلڪون فارسي ۽ اردو ادب ۾ پڻ جهلڪن ٿيون. حضرت ڀٽ ڌڻي چيو ته:

سُرهي سيج، پاسي پرين، مَر پيا مينهن وسن.

ساڳي ڳالهه هن خطي جي سگهڙ چئي ته:

سڄڻ جاسين ساڪڙا، نيڻ مرسين روءِ،

ڌڻي اهڙي ديا ڪرو، ڪه ڏڻ ڪڏهان نه هوءِ.

يا هيئن ته:

سڄڻ جاسين ساڪڙا، نيڻ مريسن روئـي،

اهڙي ٻڌ بچاريو ڪِ ڏڻ ڪڏهان نه هوئـي.

فارسي جي مشهور شاعر ۽ فيلسوف بوعلي قلندر پنهنجي محبوب جي وڃڻ وقت هينئن چيو ته:

مَن شنيدم يار من فردا شود راهِ شتاب،

يا الاهي تاقيامت بر نه آيد آفتاب.

(بوعلي قلندر)

هن قسم جي فڪري هڪجهڙاين جا مثال اسان جي لوڪ ادب ۾ تمام گهڻا آهن. هِتان جي ڪنهن سُگهڙ ڀونئري ۽ ڀينگ جي ڀيٽ ڪندي چيو ته:

ڀينگ نِ ڀمرو اڏريا، ٻنهي هيڪي هينگ،

ٻيسين تڏهان اوڙکو، اوڀمرو، او ڀينگ.

هيءَ ساڳي ڳالهه علامه اقبالؒ پڻ چئي آهي ته:

پرواز ہے دونوں کا، اسی ایک فضا میں،

کرگس کا جہاں اور ہے شاہیں کا جہاں اور۔

ساڳي طرح نانگ، سارس ۽ هنس جو گرو هو، هاڻ اُهو دور ويو هليو ۽ گرڙ ۽ ڪانگ انهن جي جاءِ تي رهاڻ پئي ڪئي ۽ ڪو سُگهڙ وڻ هيٺ سُتو هو ته نانگ آيو ۽ سُگهڙ کيس چيو ته:

هنس ڳيو، نِ سارس ڳيو، ڳيو گر گياڻ،

جائو گُران گهر آپ ري، هاڏا جنبور هاڻ.

حضرت ڀٽ ڌڻي به فرمايو ته:

ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو،

وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانئيرن جو.

هن قسم جا مثال اسان کي لوڪ ادب جي مطالعي مان تمام گهڻا ملندا جيڪي لوڪ ادب جي فڪري معيار جا گواهه آهن.

فني مطالعي طور ’دوهو‘ سڀ کان اول سنڌ ۾ اُسريو، جنهن جو اصل نالو ’ڏوهو‘ هو.

هيءُ ڏوهو پوءِ اوڀر طرف سِرندو ويو ۽ ’دوهو‘ سڏيو ويو. ساڳي طرح هِتان جو ڳيت، گيت ٿي ويو. اسان وٽ جيڪي به دوهي جا شاعر مليا آهن تن سڀني ۾ پراڻو شاعر ’جيئندو جوڳي‘ پاتال بندر جو هو.

اڳتي هلي دوهي ۾ جڏهن واقعاتي مضمون داخل ٿيو ۽ سُگهڙن ان کي ڳالهين جي سنڌن ۾ ڳائڻ شروع ڪيو ته ان جو نالو ’ڳاهه‘ مشهور ٿيو. سنڌي ۾ ’ڳاهه‘ ملائڻ جي مفهوم ۾ ڪيترين ئي جاين تي استعمال ٿئي ٿو. جيئن سنگن کي ڳاهي داڻن کي ملائبو آهي، ڪاٺيءَ جي ٻن حصن يا ٻن ڪاٺين کي ملائڻ لاءِ جيڪا چوڙ هوندي آهي ان کي به ڳاهه چئبو آهي. ائين ئي سُگهڙن ڳالهه يا داستان جي ڳنڍڻ وقت جيڪو ڏوهو ڏنو اهو به ’ڳاهه‘ سڏيو ويو. اڳتي هلي ڪافي ڳائڻ وقت ٻن مصراعن جي وچين ربط برقرار رکڻ لاءِ ڏوهيڙا ڏنا ويا. هنن ڏوهيڙن ۾ پوءِ ڏوهي بجاءِ گهڻن سٽن وارا بيت به ڏجن ٿا، پر چئبو پوءِ به ’ڏوهيڙو‘.

اسان جي لوڪ ڪهاڻين جو داستان گوئي وقت وڏو تعداد آهي جنهن کي ’ڳاهن‘ ۽ ’ڏوهن‘ سان سينگاري بيان ڪجي ٿو ۽ ان کي عام داستان بجاءِ ’ڳاهن سان ڳالهيون‘ چئجي ٿو.

اسان وٽ لوڪ ادب جو هڪ ’اهڙو نه چيل‘ ۽ ’نه لکيل‘ حصو به آهي، جيڪو آهستي آهستي اسان جي گفتگو ۽ ڪچهرين جو اٽوٽ انگ ٿي ويو آهي، جيڪو آهي ’پهاڪو‘ ۽ ’چوڻي‘.

’پهاڪو‘ بنيادي طور ’پهو‘ يا ’رستو‘ مان نڪتل آهي، انهي رستي سان ايندڙن کي ’پيهڙا‘ چيو ويو آهي. هيءُ لوڪ ادب جو اُهو جهان آهي جنهن ۾ سڄاڻ ماڻهن گفتگو جا اهڙا ننڍا جز يا جملا ٺاهي ڇڏيا آهن، جيڪي ڪنهن واقعي يا ڳالهه جو مڪمل تت ڏيئي ڇڏيندا آهن. وري جڏهن انهن جو پير کڻبو يا ڳالهه کي کولبو ته سڄو داستان اڳيان اچي ويندو. مثال طور ڪو ماڻهو پنهنجي ڏانوءَ جو ڪم ڇڏي ٻئي جو ڪم ڪندو ته ڦاسي پوندو ۽ پوءِ سندس خبرچار لهبي ته چوندو ”اونڻ ٿو ڇُٽان، ته مٽي ٿو ڪٽان“ هن پهاڪي جي کول هينئن آهي ته ٿر جو هڪ ڪنڀار (سماجي جوڙجڪ ۾ ڪنڀار تمام نفيس ۽ شريف ذات آهي) ڏاڍو مڙس سڏائڻ جي شوق ۾ چوري ڪرڻ ويو، جهلجي پيو، جيل ۾ ويو ۽ اتي چڪي پيهڻ لڳو. سزا دوران ڪنهن احوال پڇيو ته چيائين ته هيڪر هِتان جان ڇُٽي ته وري ڪڏهن به چوري ڪونه ڪندس ۽ نڪين ڏاڍ مڙسي جو شوق ڪندس بس وڃي واپس مٽي ڪُٽي ٿانوَ ٺاهيندس. ”اونڻ ٿو ڇُٽان ته مِٽي ٿو ڪُٽان.“

اهڙيون ٻيون ڪيتريون چوڻيون ۽ پهاڪا آهن جيڪي پنهنجو علحده پس منظر رکن ٿا.

Ø      ڌوڙي ڌوڙي نان جهلي، چُهنڊڪيان ري ڪار ڪو اَهي.

Ø      کُڙائي کُڙائي کچ ڪنهي کڙائي، ڪٽڻ را مڙهي ڪوڙ.

Ø      گوسيان ٽوگهڙو ماريو، جڪي ۾ ڏوڪري ري ٻاپ رو ڪي جائـي.

Ø      مين ڪريو جاڻي، پاٻو ري جاڻي سچاڻي.

Ø      جرک رو جرک، ٻولي رو ڦرڪ.

Ø      سياري جي سوڙ، سڀڪو سيري پاڻ ڏي.

اهڙي طرح ڪجهه پهاڪا ڏيون ٿا جيڪي پنهنجو جدا جدا پسمنظر رکن ٿا، جيئن:

Ø      پاڻي نِ پرمار لاڀي تو ليجئـي گهڻو.

Ø      سو جڻا اهان، سؤ گائو پنڌ اهي، هيڪي هيڪي نان هيڪ هيڪ گائو آسي. (سوڄڻا آهيون، سؤ ميل مفاصلو آهي، هڪ هڪ ڄڻو هڪ ميل پنڌ ڪندو ته سؤ ميل ٿي ويندا).

Ø      آرس، اونگهه، جمائي، تِنين بک را ڀائي.

Ø      سيارو ماءُ جو پيٽ آهي.

Ø      سيءُ ۽ ٻيهه، جيترو ڪبو اوترو گهڻو.

(نوٽ: معمور صاحب هيءَ تقرير ڪنهن ادبي اجتماع ۾ ’ٿرپارڪر جي لوڪ ادب جو تعارف‘ جي عنوان سان ڪئي هئي. سندن هن تقرير بعد اسين سندن هڪ حمديه بيت ڏيون ٿا. معمور صاحب جڏهن ڳوٺان حيدرآباد ريڊيو تي سُگهڙن جي ڪچهرين ۾ ويندا هئا، ڳوٺ جي بس اسٽينڊ تي هڪ جهوپڙي هوٽل هوندي هئي، جنهن جو مالڪ مرحوم جلال رونجهو هو. جلال هميشه معمور صاحب کي چوندو هو ته سائين آئون اوهان جو پروگرام هر دفعي ٻڌان ٿو ڪڏهن منهنجو نالو به ريڊيو تي آڻيو. مذڪوره بيت پاڻ جلال رونجهي جي نالي سان ٺاهي پڙهيائون ۽ جلال بيحد خوش ٿيو. مٿان وري سائين صالح محمد شاهه، جلال فقير رونجهي کي سلام پڻ چيا ته جلال ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو). ان بيت سان گڏ سندس هڪ طويل بيت (هن طويل بيت ۾ پراڻي ٿرپارڪر جي سڀني ديهن جا الف- ب وار نالا پڻ آهن) ۽ سندن ڪجهه ٻيون صنفون به ڏيون ٿا،

بيت (حمد)

اول نانءُ الله جو وٺجي، جيڪو سڀ هنڌ، سڀڪنهن ساڻ،

قائم دائم حاضر ناظر، هر جاءِ واحد جي واکاڻ،

جڳ جو خالق، جڳ جو مالڪ، پالڻهار آ پرور پاڻ،

قادر، ڪُل تي قادر، جنهن جا اُڀ ۽ ڌرتي تي اهڃاڻ،

سج چند، تارا، روهه جبل ۽ دريا، مينهن جا مانڊاڻ،

ڇا پيو ٿئي ۽ ڇا ٿيندو، سا ڄاڻڻهار کي آهي ڄاڻ،

مالڪ جي ڇا مرضي آهي، عالم ان کان آه اڄاڻ،

عالم کي ڇڏ، عالم جي آڌار جو اسم زبان تي آڻ،

رب رسول جي رستي ڌاران، ٻيا سڀ رستا ڦوڳ ۽ ڇاڻ،

جنهن جو ناتو آهي نبيءَ سان، سوئي آهي سرت سڄاڻ،

راه شريعت، طور طريقت، حال حقيقت ۾ هالاڻ،

ماڳ معرفت مڻي بيٺا، محبت واري منجهه مهراڻ،

صوفي صاف، صفا ٿي وئڙا، ڪٽجي وئڙي ڪل ڪاراڻ،

رهبر جو وٺ ’رونجها‘ رستو، مام پروڙي منزل ماڻ،

جوکو ناهه ’جلال‘ انهي کي جنهن جي رب سان روح رهاڻ.

شبِ برات (بيت)

پندرهين ماه شعبان جي هيءَ رحمتن جي رات،

هيءَ رات نه آ ٻي بات جي، آهي دعائن جي رات،

هِن ۾ ايندڙ سال جي بجيٽ جي آ بات،

رزق، نيڪيون، بديون، ٻيا عمل ۽ اوقات،

ٻانهي جي تقدير ۾ ٿا لکجن سڀ لمحات،

ٿي رات سڄي رحمت وسي، فضل ۽ برڪات،

اڄ آهي انتظار ۾، پالڻهار جي ذات،

ته ڪهڙو بندو ٿو گهري، ڏيان ان کي ڏات،

پر ڏات مِلي ڏاتار کان ٿي توبه سندي تات،

توبه ڪريو تائب ٿيو، ٻيا هوس ڇڏيو هيهات،

دعا گهرو رب کان، ته ٽري ڪل آفات،

دعا ڌاران دم نه هڪ، ٻي وائي آڻيو وات،

”فَااَلله خيراً حافِظا“، پڙهو سيئن پرڀات،

هيءُ ڀلاري برات، اٿئو ڪرم ڪريم جو.

---

اٿئو ڪرم ڪريم جو، هيءُ رات سڄي ساري،

سج لٿي کان صبح سيئن، آهي مڙيئي موچاري،

واهڙ، رحم ڪرم جا، ٿا جال ٿين جاري،

اچيو ملائڪ مهر جا، ايئن چون چوڌاري،

ته آهي ڪو الله جو، ٻانهو منجهه ٻاري،

جو اُٿي ڪري عاجزيون، توبه تياري،

بخشش گهُري ڌڻيءَ کان، ڪري آزي نيزاري،

واڪا، رڙيون، ڪوڪرا، زور ڪري زاري،

ته ڏئي تنهن کان پاڻ ڌڻي، نعمت نياري،

هڪ ڪشادگي رزق جي، ٻي سوڀ ستاري،

بديون وڃنس بخشجي، ٿئيس گم گناهگاري،

اچو ته گهرون رب کان، هي دعا دل واري،

”ربَّنا، ظلمنا، انفسنا، اِلَّمُ تغفرلنا، و ترحمنا،

لنڪونن مِن الخٰسرين“، آيت اسراري،

پوءِ اچي بهاري، وڃن ڏکڙا ڏيهه مان.

(1976-8-11)

ٻول (ڄاڻ)

ڍاڳو، ڍوري، ڍورو، ڍور،

چارئي آهن، هينئڙي هور،

سگهڙ گهرجي اهل اتور،

ڳولي معنيٰ وارو مور.

تڪ بندي

موالي جي عيد:

گانجي جو گدام، آفيم هجي جام

ڪونڊو ۽ ڏنڊو هجي، ڀنگ جو ڇنڊو هجي

مواليءَ لاءِ موج آه، اهڙو نه ٻيو اوج آه.

پير جي عيد:

پينو هجي پير، خليفو مليس وير

گهنڊ کي وڄائي جماعت وڃي ڪاهي

اُٺ ۽ گهوڙا، ڍڳن جا جوڙا

وٺي مفت مال، ويٺو کائي سال.

مجاور جي عيد:

درويش جي قبر هجي، هر ڪنهن کي خبر هجي

ٺاهي مٿس مڪان، بنائجي دوڪان

ميلو لڳائجي، خوب ڪمائجي.

صوبيدار جي عيد:

ڪٿي به ڪا چوري ٿئي، ظلم ۽ زوري ٿئي

صوبيدار اچي، خوشيءَ منجهان نچي

سڏائي ٻئي ڌريون، لڳائين ڇريون

ڦُرَ مٿان ڦُرِ، کيسا ڪري پر!!

تپيدار جي عيد:

وڏيرو يار هجي، فصل تار هجي

ڍَل ۾ ڍرو ڪجي، اڌو اڌ ڇڏي ڏجي

هو به راضي ٿئي، پنهن جي به بازي ٿئي!!

آبدار جي عيد:

سائين ٿئي ساڻي، ڀڃي ڪٿان پاڻي

پسي پوي پٽ، لڳي منهنجو جهٽ.

وڏيري جي عيد:

وڏيرو ڀٽ هجي، هاري ڄٽ هجي

منشي سياڻو هجي ڪم جو ڄاڻو هجي

فصل ڀلو هجي، ڪمدار دلو هجي.

هاريءَ جي عيد:

وڏيرو هجي مڳ، هاري هجي ٺڳ

خوشامد ڪري گهڻي، پئسا اچي کڻي

راتوڌو ڀڄي وڃي، ته وڏيرو وڄي وڃي!!

بيت: سنڌ جا هنر (ڪاريگريون)

هالا، دادو ۽ سيوهاڻ، جنڊي، ڪاشي، دٻڪيون واڻ،

روهڙي، سکر ۽ لقماڻ، ٽوپيون، پوتارا، پهراڻ،

مِٺي، ننگر ۽ امراڻ، لويون رليون، کٿن ساڻ،

اڪڙي، ڊگهڙي ۽ ڊينگاڻ-ڳهه ۽ برتن، پوڄ پراڻ،

چِيلهه، بديڻا، سانگهڙ ساڻ، زيور، ڪانيون ۽ الياڻ،

ديري محبت ساڻ جنهاڻ، ڇُر ۽ ٻانڌوڻي جو ٻاڻ،

واه نصرپور، ٺٽو ٺاڻ، سوسي، لونگي، اجرڪ آڻ،

ڪهڙي ڪريان ويهي ڳاڻ، سنڌ سڄي هنرن جي کاڻ.

بيت: سارنگ لڌي سار

اول الله عليم آهه، سائين سڀن ساڻ،

پاڻ وڻنديون ٿو ڪري، ڪڍي نه ڪنهن جي ڪاڻ

تنهن مالڪ مينهن موڪليو، باريءَ ڪري ڀلاڻ

’ڪنٺو‘، ’پائر‘، ’پارڪر‘، وٺا ’پٽ- پراڻ‘

 

’ناري‘، ’ساري‘، ’ٿر‘ تي، وڄن جي واڄاڻ

’کائڙ‘ کير، کيرڻيون، ڍَوَ ڪيا ’ڍاٽاڻ‘

’مهراڻ‘ ملار ٿيا، ’روهيءَ‘ روح- رهاڻ

’ونگي‘، ’ولاسي‘ ’وَٽَ‘ تي، ڪئي وس وراڻ

 

مڙئي ’ملڪ‘ ملير ٿيو، مينهن جيءَ مانڊاڻ

سڀين پرين سڪار ٿيو، ساوڪ ۽ سرهاڻ

’برن‘ ۾ بهار ٿي، گاهن جيءَ گهراڻ

’گهارون‘ گلن گهيريون، ’ڇنن‘ جيءَ ڇاڄاڻ

 

’ڍنڍون‘، ’ڍورا‘، ’ڍوريون‘، سونهن سائِي ساڻ

’وڄُن‘ مڙئي واسيا، اچي کان اُتراڻ

’ديهون‘، ’پٽ‘ ۽ ’پها‘، ’ڳوٺن‘ وڏي ڳاڻ

’اڍيجـــــــــاڻـــــــــي‘،(1) ’اُٺَ ڊَهـــــــــــو‘، ’آٿــــــــــــيـــــــــلا‘، ’اوسِـــــــــــراڻ‘

 

’اَونَهَر‘، ’آڌيگام‘ تان، اُڏي وئي اونگهاڻ

اچي ’اسلام ڪوٽ‘ تان، ٿي ’آٻهاري‘ اُٿلاڻ

’اهر اڀرندو‘، ’آهوري‘، ڏس ’اِنڍالي‘ اوڍاڻ

’آٻنڌِ‘، ’اصحابو‘، ’آراڙو‘، ’آروئو‘ ’آڪڙاڻ‘

 

’اَڙٻلهيار‘ ۽ ’اوڪِراڙو‘، ’اهڙا مار‘ آلاڻ

’اَڪوتو‘ ۽  ’اڪِڙي‘، ’ابڙينگن‘ اونهاڻ

’بلالاڻي‘، ’ڀنڀرا‘ ’بَصران‘، ’بَرُوئاڻ‘

’ٻَگَل‘، ’ٻَلِهياري‘، ’ٻانڀڻاءِ‘، ’ٻيلي‘ ٿي ٻيلاڻ

 

’ٻيلو ڪرنا‘ ’ٻَپُوهار‘، ’ٻُلهاڙيءَ‘ جي ٻاڻ

’ٻانڀلاڻي‘، ’ٻهارڙي‘، ’ٻانڌي‘، ٿي ٻانڌاڻ

’ٻيرڇن‘ ۽ ’ٻوکلي‘ ’ٻرڙائي‘، ٻهراڻ

’ٻٽو ڪوٽ‘ ۽ ’ٻيلهڙو‘، ’ٻَرڙي‘ جي ٻيٽاڻ

 

’ٻانڌي‘، ’ٻَرڙائي ڪوٽ‘ تان، ’ٻُهڙاٺي‘ ٻاجهاڻ

’ٻُسٽان‘، ’ٻَريجي‘، ’بورجي‘، ’ٻانهياريءَ‘ جي ٻاڻ

’ڀيماويري‘، ’ڀُوڄڙو‘، ’ڀڪوئو‘، ڀور ڀلاڻ

’ڀڏيلي‘ ۽ ’ڀوڏيسر‘، ’ڀوري‘ ۽ ’ڀاناڻ‘

 

’ڀِٽاري‘، ’ڀوڏار‘، سان، ’ڀالوا‘ جي ڀاڻ

’تُرڪياري‘ ۽ ’تُرهو‘ ٿي ’تڳوسر‘ تڳاڻ

’تَل‘، ’تڏو گل‘، ’تُرڪڻي‘، ’تَلي‘ ۾ تازاڻ

تَپش‘، تُرڪيارَ‘ ٿي، ’تيجارين‘، ترساڻ

 

ٿُهيءَ‘ ۾ ’ٿڌڪار‘ ٿي، ’ٿاڌات‘، ٿَهراڻ

ٽَنڊو‘، ’ٽٻونهي‘، ’ٽيڀري‘، ’ٽالهي‘، ’ٽمونهاڻ‘

’ٽُوري‘، ’ٽوڀان‘، ’ٽانگي‘، ’ٽانگور‘ ۽ ٽهڪاڻ

’ٺانٺرائيءَ‘ ٺار ٿي، ٺڪراسي، ٺهراڻ

 

’پاتا،  ’پاٽ، ’پڻهاريو، ’پنجوئي، پوراڻ

’پلي‘، ’پٿورو‘، ’پڙهيارو‘، ’پوٺو‘، ’پَٽ- پچاڻ‘

’پاري ننگر‘، ’ساڙ ڌرو‘، ’پيٿاپور‘، پهراڻ

’پِروڙ‘، ’پٻڻ‘، ’پڃاتلي‘، ’پڌرئي‘، پڌراڻ

 

’پاٻو ويرو‘، ’پوسرڪو‘، ’پاٻوهر‘، پکڙاڻ

’پوپٽ‘، ’پيلو، ’پارڻو‘، ٿي ’پٻڻيءَ‘ تي پهچاڻ

’پاراڏي‘، ’پدمات‘ کان، ٿي ’پانيليءَ‘ پگهراڻ

’پنون‘، ’پاٽويون‘، ’پينگهارو‘، ’پرچيءَ‘ تي پرچاڻ

 

پُسيو پٽ ’پاتار‘ جو، ’پنهورڪي‘، ’پوراڻ‘

ڦٽا گاهه ’ڦانٽ‘ جا، وئي ’ڦاڏري‘ ڦڏاڻ

جهجو مينهن ’جاگير‘ تي، ’جانهيري‘ جلواڻ

’جاڙو‘، ’جنجهي‘، ’جوڙوئو‘، ’جوارياسر‘ ’جيداڻ‘

 

’جوڳڙيائي‘، ’جکراڏي‘، ’جيمس‘، جواڻ جماڻ

’جڳو‘، ’جُاڙيلو‘ جي پيا، ’جيتراڙ‘، ’جنهاڻ‘

’ڄانڀي ڪنڊي‘، ’ڄنگهه‘ ۾، ٿي ’ڄاريلي‘ ڄماڻ

’جُهن‘، ’جهلوري‘، ’جهامري‘، ’جهڏو‘ ۽ ’جهڪاڻ‘

 

’جهالو چونرو‘، ’جهانگرو‘، ’جهرڪياري‘ جهلڪاڻ

’جهڙڦڙ‘ ’جونجهارن‘ تي، ’جهرمريئي‘ جهولاڻ

’چوٽل‘، ’چونڊا‘، ’چوڙيو‘، ’چراليءَ‘ چانڊاڻ

’چاهو‘، ’چونرو‘، ’چٽوڙي‘، ’چنگل‘ ۽ ’چوٽاڻ‘

 

’چيلاڙي‘ ۽ ’چاڙهياڙ‘، ’چڀڙاڏي‘، ’چرواڻ‘

’چر ‘، ’چرون ‘، ’چيلهار تان‘، ’چنڊ مورئي‘ ’چانڊاڻ‘

’ڇور‘، ’ڇيلاڙو‘، ’ڇاڇرو‘، ’ڇن‘، ’ڇهيءَ‘ ڇمراڻ

’ڇَڇ‘، ’ڇنڊڻ‘ ۽ ’ڇڄڙو‘، وئي ’ڇڇيءَ‘ مان ڇڪتاڻ

 

’ڇاهي‘ ’ڇپڙو‘، ’ڇاڙ ٻيٽ‘، ’ڇپڻهار، ڇماڻ

’حسناڻي‘، ’حڪيم شاهه‘، ’حسن باغباڻ‘

’خداداد‘، ’خانواهه‘، ’خاڪي‘، ’خانوراڻ‘

’ديول ڪوٽ‘، دٻڪو‘، دريڙو‘، دوساڻ

 

’دڙيلو‘، ’دينور‘ ۽ ’دونهائو‘، ’دونهاڻ‘

’ڌينگاڻو‘، ’ڌارينڊڙو‘، ’ڌوڙڪين‘، ’ڌڙڪاڻ‘

’ڏگو‘، ’ڏنڀرلو‘، ’ڏونگري‘، ’ڏيات ٻهه‘، ’ڏهراڻ‘

 

’ڏوڏهار‘، ’ڏگهڪي‘، ’ڏيپلو‘، ’ڏاهلي‘، ’ڏوماڻ‘

’ڏاجهيري‘، ’ڏيپيار تان‘، وئي ’ڏگوءَ‘ مان ڏکياڻ

’ڊيٻو‘، ’ڊاڀو‘، ’ڊنڍ ورو‘، ’ڊهيٽي‘، ڊينگاڻ

’ڊٻ‘، ’ڊاهينرو‘، ’ڊاڀڙو‘، ’ڊاڀيءَ‘ پاسي ڍاڻ

 

’ڍورو‘ ’سيريين ‘، ’ڍڍرو، ’ڍوڍاري‘ ’ڍاراڻ‘

’ڍٽ‘، ’ڍيٻوري‘، ’ڍاڪلو‘، ’ڍنڍي‘ ۽ ’ڍنگهراڻ‘

’ڍنڍو‘، ’ڍوري‘، ’ڍنگرالو‘، ’ڍيگاريو‘، ڍوراڻ

’رام جاڳو، ’روهلڙي‘، ’راڄاري‘، راڄاڻ

 

’راڻا واءِ‘، ’راهمور‘، ’رندڪيءَ‘، رنداڻ

’راوڙ‘، ’رٻاريو‘، ’رتڻاڏي‘، ’روحل واءِ‘، ريلاڻ

’روهڙ‘، ’ريکڻ‘، ’راڄواه‘، ’راهومڪيءَ رهاڻ

’ريڌڙ‘، ’رپ‘، ’روپاهڙي‘، ’راڻپور‘، ’رمداڻ‘

 

’روهي‘، ’راٺي‘، ’رامسر‘، ’روهيراڙو‘، ’راڻ‘

’روڏو‘ ۽ ’رڻپاريو‘، ’روڏهار‘ ۽ ’روهلاڻ‘

’ساکو‘، ’سرهل‘، ’ساجناه‘، ’سُاهماڻيءَ‘ ساڻ

’سرو‘، ’سارڻ‘، ’سوڍي ٻهه‘، ’سهڻيءَ‘ ٿي سُنهاڻ

 

’سومرا‘، سر‘، ’سومريٽ‘ کان ’سرهيءُ‘، سميراڻ‘

’ساڍر‘، ’سڻا ڏي‘، ’سڀڙي‘، ’سينهوئيءَ‘ سونهاڻ

’سينهڙو‘، ’سونٺي‘، ’سونپور‘، ’سوڍاٻوڙ‘ سرهاڻ

’ستي ڏهر‘، ’سعيد ڪي‘، ’سونهري‘ سوناڻ

 

’سانگهه‘، ’سلور‘، ساڱرو‘، ’سوهاڳيءَ‘ سيراڻ

’ساڏورس‘، ’سينگاريو‘، ’سوراچند‘، سکراڻ

’سامي ويري‘، ’سارنگيار‘، ’ساڏوريءَ‘، سڀراڻ

’سامروٽي‘، ’سيريين‘، ’سامارو‘، سمراڻ

 

’سيڙهي‘ ۽ ’سينگاريو‘، ’سونل‘، ’سڪرياڻ‘

’سونهي‘، ’ساريٽي‘، ’سانوري‘، ’سڌوئيءَ‘ سوڌاڻ

’سيار‘، ’سجائي‘، ’سارنگسر‘، ’سيڏيو‘، سينهاراڻ

’ساڀو‘، ’سوڀيارو‘، ’سيداڻو‘، ’سڄڻ پار‘، سڄاڻ

 

’شادي پلي‘، ’شيخڙو‘، شولي‘ ٿي شغلاڻ

’صوفي‘، ’صابوسن‘، ’صاحب تڙ‘، ’صندوق‘ سان سوڀاڻ

’عظمت‘، ’عمرڪوٽ‘ سان ’علي بندر‘ اڪراڻ

اُٺيو ’علياڻين‘ تي، ’علي بحر‘ اٿلاڻ

 

’فتح ڍنڍ‘، ’فضل ڀنڀرو‘، ’فرش‘، فقيراڻ

’ڪرنا‘، ’ڪارو‘، ’ڪانگڻي‘، ’ڪانهياري‘، ڪاٺاڻ

’ڪائٿ‘، ’ڪنڀاريو‘، ’ڪيرٽي‘، ’ڪارونجهر‘، ڪاراڻ

’ڪانگ‘، ’ڪاموهي‘، ’ڪاٺڙي‘، ’ڪاڇيلي‘، ڪپراڻ

’ڪيلهڻ‘، ’ڪنري‘، ’ڪانٽيو‘، ’ڪلري‘ ۽ ’ڪڙماڻ‘

’ڪلات‘، ’ڪلوئي‘، ’ڪيهڙي‘، ’ڪلواري‘، ’ڪاڪياڻ‘

’ڪاهو‘، ’ڪروڙو‘، ’ڪاسبو‘، ’ڪانجي ڪوٽاڻ‘

’ڪرن‘، ’ڪونجيلي‘، ’ڪاڙڪي‘، ’ڪنڀ‘ ۽ ’ڪپوراڻ‘

 

’ڪانتراڻي‘، ’ڪاريهر‘، وئي ’ڪمڙهار‘ ڪناڻ

’ڪينجهه‘، ’ڪنگورو‘، ’ڪپلور‘، ’ڪچولي‘، ’ڪنڊياڻ‘

’ڪنر‘، ’ڪولاچي‘، ’ڪامارو‘، وئي ’ڪيسراڙ‘ ڪاڻ

’ڪوراڙ‘، ’ڪرو‘، ’ڪيرٽو‘، ’ڪنڊياري‘، ’ڪونڀاڻ‘

 

’کٿ‘، ’کنڊر‘، ’کنهبڙي‘، ’کاروڙو‘، ’کيراڻ‘

’کاڻي کيراهو‘، ’کنڀري‘، ’کامڻو‘ ۽ ’کاڻ‘

’کڏي‘، ’کينسر‘، ’کاريو‘، ’کريڙيون‘، ’کوراڻ‘

’کيرل‘، ’کيروهي‘، ’کنڀرو‘، ’کن‘ ۽ ’کاڙڪاڻ‘

 

’کيجڙياري‘، ’کيتلاڻي‘، ’کرڙو‘، ’کرڇيلاڻ‘

’کاڄاري‘ ۽ ’کلڙائي‘، ’کوسن واءِ‘ وراڻ

’کارئي ڄار‘، ’کڻهار‘ سان، ’کارو‘، ’کوکراڻ‘

’گنج گوندي‘، ’گورابند‘، ’گولاڙڪي‘، ’گوئينداڻ‘

 

’گوڙي ڏهرا‘، ’گور سر‘، ’گوگاسر‘، ’گوجهراڻ‘

’گڙنگ‘، ’گڍڙو‘، ’گيهل پور‘، ’گڙڪي‘، ’گورچياڻ‘

’گاجي ويرو‘، ’گريانڇو‘، ’گابرلوءِ‘، ’گولاڻ‘

’ڳنڍ‘، ’ڳوراهو‘، ’ڳونيرو‘، ’ڳموري‘ ڳاڙهاڻ

 

’گهڙاڪاڙينگا‘، ’گهوڙاڏي‘، ’گهرٽيءَ‘ تي گهمراڻ

’لڙهه‘، ’لياري‘، ’لنگڻي‘، ’لاڻيرو‘، لالاڻ

’لنڊو‘، ’ليلان‘، ’لاکاڪي‘، ٿي ’لوڻيار‘ لماڻ

’لوڻيو‘، ’لانڍي‘، ’لپلو‘، ’لالا ٻهه‘، ’لورياڻ‘

 

’لاکي ٽوڀو‘، ’لکميار‘، ’لولان‘، ’ليهوراڻ‘

’لاکو ڇن‘، ’لطيف شاهه‘، ’لاکيڻي‘ ’لانگهاڻ‘

’لالان‘، ’لڪورو‘، ’لعل ڇتو‘، ’لاڏو‘ ۽ ’لٽماڻ‘

’مونڌر‘، ’مڃري‘، ’ميرواهه‘، ’ماروهر‘، مانڊاڻ

 

’مارو‘، ’مانڌل‘، ’مور جهنگو‘، وئي ’موهر مان ميراڻ

’مٺي‘، ’مهپارو‘، ’موندرو‘، ’مڙهيو‘ ۽ ’ملڪاڻ‘

’ملڻهار‘ ۽ ’مالنهور‘، ’مٺڙيو‘ مٺاڻ

’مونڌا واءِ‘، ’ملهڻ سر‘، ’ماڃٺيءَ‘ ماٺاڻ.

 

’مامچيرو‘، ’مونيري‘، ’موکل ٻَهه‘، ’ميگهاڻ‘

’موتي سرو‘ مهڪيو، ’ماکياري‘ ماکياڻ

’مارو واءَ‘، ’موراسو‘، ’ميهاري‘، موکاڻ

’مومل ماڙي‘، ’مهميدو‘، ’مانجهاڪر‘، مانجهاڻ

 

’موجن‘، ’مهاڙي‘، ’ميهارڪي‘، ’مٺڙائو‘، موجاڻ

’محمد عالم‘، ’مصري شاهه‘، ’مبارڪ‘، مٿاڻ

’نوهيون‘، ’نبي سر‘، ’ناڙاڏي‘، ’نيلوفر‘، ’نوهٽاڻ‘

’ننگر‘، ’نصير چانڊيو‘، ’نيازي‘، ’ناصراڻ‘

 

’نئون ڪوٽ‘، ’نيبلو‘، ’ننگناهه‘ تي نيراڻ

’وهرو‘، ’ونگار‘، ’وتوڙائي‘، ’ويراسر‘ وسراڻ

’وهائو‘، ’ويجهيار‘، ’واگهريجي‘، ’وليداد‘، وڏاڻ

’وليءَ ويري‘، ’ويڙهيار‘، ’ولهارين‘ ويجهاڻ

 

’واڻياٺ‘ ۽ ’وارياسو‘، ’وچولو‘، ’واگهاڻ‘

’وڪاڏي‘، ’ولهيٽ‘ تي، ولين جي وڇاڻ

’ونگي‘، ’وڄوٽو‘، ’ويڙهيجهپ‘، ’واهر‘ ٿي وراڻ

’وريو‘، ’وڄاسر‘ ۽ ’ويسري‘، ’واصل ٻهه‘ وٿاڻ

 

’ويسرا واءِ‘ ۽ ’وائُڙي‘، ’وڪڙيو‘ واکاڻ

’هيرل‘، ’هيرار‘، ’هاسيسر‘، ’هوڙينگي‘ هونگاڻ

’هاڙهي‘، ’هميرهور‘، کان ڏس ’هنڍاڪر‘ هاڻ

’هاڙهه‘ ’هوندو‘، ’هنڱورو‘، ’هيدو‘ ’هميراڻ‘

 

”پلي“ پنهوارن ۾، سڀ پَرين سرهاڻ

دعائون ڪن ڌڻار ٿا، ڳئن ڪريو ڳاڻ

چئن طرفن چاهه مان، پهن ڪئي پهراڻ

دڙين، مڙهين، ڍاڻيين، ڍاٽين جي ڍاراڻ

 

مارو مرڪن موهر ۾، جو سمر اٿن ساڻ

لٿي ڪل جي ڪاڻ، ڪلمي ساڻ ڪريم جي.

ڏور:

سنڌي لوڪ ادب جي هن اهم نظماڻي صنف ۾ جيڪا ظاهري ڳالهه ڪئي پئي وڃي ان جو ڪو ٻيو گهرو مقصد به هجي ٿو. ان مقصد کي سڄاڻ سُگهڙ ڏوري لهندا آهن ته واهه واهه ٿي ويندي آهي. ڏور اُهي ئي سُگهڙ ڏيئي سگهندا آهن جن جو عام سُگهڙن کان وڌيڪ تاريخِ علم ادب، اسلامي مذهبي ڄاڻ ۽ تهذيب جو مطالعو هجي ٿو. پاڻ هتي ڪجهه ڏور ڏيون ٿا:

لاکي جنهن جي لنئون ۾، ٽڪر پئي ٽوڙيو،

راتو ڏينهان راڄن ۾، هو ڊُڪيو ۽ ڊوڙيو

ملڻ خاطر مهر جي، پئي پاڻ پتوڙيو،

جڏهن مِهرَ منهن موڙيو، ته راءِ ڇڏيس رُڃ ۾.

سمجهاڻي: (کولَ)

هِن بيت ۾ ’لاکي ۽ مهرراڻي‘ جي داستان جي ڳالهه ڳايل آهي، ائين هرڪو پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ سمجهندو پر صرف ائين نه آهي، سُگهڙ هِن ڏور ۾ تمام ڏورانهين ڳالهه ڪري ٿو. جيڪا جڏهن کولجي ٿي ته دماغ جا تاڪ کُلي وڃن ٿا. هُو هن ڏور ۾ حضرت نوح عليه السلام جو ذڪر ڪري ٿو. هِن ذڪر ۾ ٻيڙي جو تيار ٿيڻ ۽ حضرت نوح عليه السلام جي سڀني حامين جو سوار ٿيڻ ۽ سندس گهر واري جو سوار نه ٿيڻ جو بيان آهي جنهن کي ’راءِ ڇڏيس رُڃ ۾‘ جي خوبصورت نڪتي تي ختم ڪيو ويو آهي.

ڪاهي آيا ڪڇ کان، ويري مثل واءُ،

وڙهيا اچي ’ويرَ‘ سان، ڪري تابش تاءُ،

سمي جي سرير ۾، گهرا ڪيائون گهاءُ،

پر هو چُريو ڪين ڪي، نڪي ڊِنو ڊاءُ،

نڪي اُٿيو وڙهڻ لاءِ، نه ڪيائين هل هڳاءُ،

تنهن ڏيئي آڌرڀاءَ، پاڻ رکيائين پاڻ سان.

سمجهاڻي: (کولَ)

هِن ڏور ۾ ظاهري طرح ته بڊاماڻي پنري ۽ سنڌ ۽ ڪڇ جي هاڻن جي ڳالهه آهي پر سُگهڙ تمام پري پيو ڳالهائي. سندس وسيع نظر ۾ حضرت ايوب عليه السلام جي بيماري جو ذڪر ۽ ان تڪليف ۾ صبر ڪرڻ جو بيان آهي:

گهاتو منجهه گهڙي، وڌا ڪات ڪلين ۾،

پيو مڇ مري، سڀئي سرها ٿيا.

سمجهاڻي: (کولَ)

هتي مورڙي ۽ مانگر مڇ جي نالن ۾ سُگهڙ ڏوريندو ڏوريندو وڃي ’نمرود‘ جي ڳالهه تي پهچي ٿو. نمرود جي نڪ ۾ مڇر جو مڪين ٿيڻ روز نمرود جو ان مڇر کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ پنهنجي مغز ۾ موچڙا هڻائڻ ۽ بالآخر نمرود جي موت اچڻ جو بيان آهي.

جنهن پيار نه پيءُ جو، نڪو محبت ماءُ،

سو پکي آيو پڃري، سالڪ سندي ساءُ،

باندي رهيو بند ۾ مليس آڌرڀاءُ،

رهيو سرهو ساٿ سين، ڏٺائين نه ڪو سو واءُ،

پري پيس پڙلاءُ، ملڪن ۾ مشهور ٿيو.

سمجهاڻي: (کولَ)

هن عام سالڪانه ٻول ۽ سُگهڙائپ واري گفتگو جي اصل گهرائي حضرت عليه السلام جي پيدائش ۽ سندس مانُ مرتبي جي واڌ متعلق آهي. اهو سڀ خلقڻهار جو ڪمال آهي جو هڪ مٽي جو بوتو ’نور‘ جي ذري سان ’اشرف المخلوقات‘ ٿي وڃي ٿو.

ڪامل ڍريو ڪلاچ ۾ جوڌو جوان جري،

وڌائين ڪات ڪلين ۾، هڻي تاب تري،

مورڙي ملڪ ۾ ويئي پت پَري،

پيو مڇ مري، ڪُن اندار قرار ٿيو.

سمجهاڻي: (کولَ)

هن بيت ۾ سُگهڙ ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾ مڇ جي مرڻ جي ڳالهه ٿو ڪري ۽ مورڙي جي همٿ ۽ بهادريءَ جي ڳالهه ٿو ڪري، پر اصل ۾ هُو حضرت ابراهيم عليه السلام جي بتشڪني ۽ سندس ساڙڻ لاءِ مچايل ’مچ‘ جو ذڪر ۽ حضرت ابراهيم عليه السلام جي مچ ۾ داخل ٿيڻ سبب مچ جو گل و گلزار ٿيڻ يعني ڪنن ۾ قرار ٿيڻ جي ڳالهه آهي.

هِتي اِها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته ڪنهن به داستان جي ڏور بيت کي عام سطحي بيت نه سمجهڻ گهرجي ۽ ان جي معنيٰ کي سُگهڙ ٿي پري تائين ڏورڻ گهرجي. دراصل ’ڏور‘ آهي ئي مطالعي ۽ مشاهدي جو امتحان جنهن ۾ سُگهڙ نهايت ڏاهپ سان پري پري جا پنڌ ڏوري ٿو.
 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۴-۲۰۲۲ع سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو تان کنيل)

No comments:

Post a Comment