Friday, February 10, 2023

ٽن شين جو آرُ خراب - جبار آزاد منگي

ٽن شين جو آرُ خراب. (چوڻي)

جبار آزاد منگي



سياڻا چئي ويا آهن؛ ٽن شين جو ”آرُ“، ڏاڍو خراب آهي!

۱) ماکيءَ جو آرُ:

ماکي، جاتي اچيس تاتي ويھي رهندي آهي. ھنڌ ماڳ نہ ڏسندي آ!

۲) دولت جو آرُ:

دولت بہ ناهي ڏسندي تہ مان ڪنھن وٽ آهيان؛ ڪنجوس مکي چوس وٽ آهيان يا سخيءَ وٽ آھيان.


۳) عورت جو آرُ:

عورت جو بہ نينھن به جنھن سان لڳي. پوءِ ڀلي اهو بي نسلو ۽ بي شڪليو ڇو نہ هجي.

ھيئن به چوندا آھن؛

۱. چشڪو، خراب شيءِ آهي.

۲. عورت؛ نه تخت ڏسي، نه بخت ڏسي.

۳. لڳيءَ کي لک لعنت آھي.

۴. لڳي ھووئي ته ڪل پوئي، نه ته پڇ لڳيان واليان ڪنون.

 

(جبار آزاد منگيءَ جي فيسبڪ پوسٽ تان ۱۰ فيبروري ۲۰۲۳ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment