Saturday, April 22, 2023

پھرين چٽي، پوءِ ھٽي، پوءِ کٽي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

پھرين چٽي، پوءِ ھٽي، پوءِ کٽي. (واپاري، چوڻي)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



دڪان کولڻ وارا، جڏھن دڪان کوليندا آھن. چوندا آھن؛ ”شروع ۾ سمجھو ته پئي چٽي.“

سال اڌ ۾ ٿورو گھڻو اھو دڪانڙو/ھٽڙو ھلي پوندو آھي. وڏو ھٽ ته نه ٿيندو پر ٿورڙي ڄڻ ھٽي يا ھٽڙي ھوندي آھي، جتان پيو پيٽ گذر ٿيندو. وقت به پيو گذرندو آھي. تعلقات به پيا ٺھندا آھن. نفعي نقصان جي ڄاڻ/ سُڌِ به پئي پوندي آھي. اک به پئي کلندي آھي ته پيٽ تڳاءُ به پيو ٿيندو آھي.


پنجن ڏھن سالن پڄاڻان، جڏھن دڪان جو چڱو خاصو تجربو حاصل ٿي ويندو آھي ته پوءِ منجھانئس چڱو خاصو نفعو پيو جڙندو آھي. جنھن مان پيٽ گذر کان علاوھ جاءِ جڳھ، شادي مراديءَ جھڙا ڪم به ڪري سگھبا آھن. ان وقت چوندا آھن؛ ھاڻي ويٺو کَٽُ ۽ کاءُ.

ان وقت ۾ اھا ڪمائي ھوندي آھي، اصل ۾ پھرين پيل چٽيءَ جي کٽي.

مطلب؛

۱ - خفي ۾ نفعو آھي.

۲ - سيڙپ کانسواءِ نفعو ناھي.

۳ - اٿندي سان ڪا به گاڏي فل اسپيڊ نه وٺندي آھي.

۴ - Wait, get, collect.


No comments:

Post a Comment