Saturday, January 21, 2023

پنھنجي منھن ميان مٺو ھئڻ - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

پنھنجي منھن ميان مٺو ھئڻ. (ورجيس)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ورجيس، سنڌيءَ ۾ سڏيون ٿا. ان کي اصطلاح، عربيءَ/ فارسيءَ ۾ سڏين ٿا. جڏھن ته کيس محاورو، اردوءَ وارا ۽ Idiom انگريزيءَ وارا سڏيندا آھن.

مٿئين مفروضي لاءِ، وڏڙن واتئون ھيئن ٻڌو آھي؛


طوطي جي عادت آھي، جيڪو لفظ ٻڌندو آھي سو ھوبھو يا ائين جو ائين اچاريندو آھي. جھڙوڪ: چئبس؛ ”ميان مٺو“ موٽ ۾ پاڻ به چوندو؛ ”ميان مٺو.“

طوطي وانگر اگر ڪو ”پنھنجي زبان سان پاڻ کي ميان مٺو چئي”، اھڙي ماڻھوءَ لاءِ چئبو؛ ”اھو پنھنجي منھن ميان مٺو آھي.“ يعني ”پنھنجي تعريف، پنھنجي مٺڙي زبان سان پاڻ ڪرڻ وارو.“

مطلب:

طوطي وانگر پنھنجي تعريف پاڻ ڪرڻ.

No comments:

Post a Comment