ڪهڙي اچي کٽراڳ ۾ پيو
آهين؟ (اصطلاحي جملو)
کٽراڳ يا
کٽ-راڳ، در اصل هڪ راڳ آهي، جنهن ۾ سڀ سُر جھڙوڪ؛ شڌ، ڪومل ۽ تيور وغيره لڳن ٿا.
جنھنڪري اهو راڳ، بذات خود سکي، ڳائڻ هڪ وڏو جهنجهٽ آهي. جنھنجي ڪري کٽ-راڳ جي
اصطلاحي معنيٰ ٿي؛ جهنجهٽ ۾ پوڻ.
راڳداريءَ
جي ڄاڻن، کٽ-راڳ جي جهنجهٽ کان واقف هئڻ سبب، کٽراڳ وارو اصطلاح وضع ھيٺ آندو.
جنھنڪري کٽراڳ، جنجھٽ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيڻ لڳو.
مطلب: ۱.
ڪهڙي جهنجهٽ ۾ اچي پيو آهين؟
۲.
کٽراڳ ۾ پوڻ؛ جنجھٽ ۾ پوڻ.
۳.
کٽراڳ؛ جنجھٽ.
(لطف علي شاھ منظور نقوي جي ڪتاب ’سنڌ جي مدنيت‘ تان کنيل)
No comments:
Post a Comment