Saturday, March 13, 2021

ساھتيءَ جي سنڌي ٻولي ۽ پھاڪا - نصير اعجاز

ساھتيءَ جي سنڌي ٻولي ۽ پھاڪا

نصير اعجاز



ڀرين جي ٻولي، انھيءَ جا لفظ، پھاڪا ۽ اصطلاح ساھتي پرڳڻي جي معياري ٻوليءَ جي عڪاسي ڪن ٿا. ڇو ته ھيءَ قديم وسندي، ساھتيءَ جو اڻٽُٽُ حصو رھي آھي. جتان وڏا عالم ۽ اديب پيدا ٿيندا رھيا آھن. اھڙن عالمن منجھان ديوان ڪوڙو مل چندن مل کلناڻي به ھڪ آھي. جنھن جي پنجاھي کن ڪتابن مان ھڪ ڪتاب ته آھي ئي سنڌي ٻوليءَ جي پھاڪن ۽ اصطلاحن متعلق. ڪنھن به انساني سماج ۾ جيئن عام زندگيءَ ۾ ڳالھائڻ يا لکڻ ۾ پھاڪن جو استعمال ٿئي ٿو، تيئن سنڌي سماج ۾ به ايئن ئي ٿئي ٿو. انھيءَ ڪري سنڌي ٻولي، پھاڪن ۽ اصطلاحن ۾ به شاھوڪار آھي. ڀرين ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ به سنڌي ٻوليءَ جا پھاڪا ۽ اصطلاح مُروج رھيا آھن. ڪي پھاڪا ۽ اصطلاح ته عورتن جي عام ۽ گھريلو زندگيءَ واري نوعيت جا ھوندا آھن ۽ ڪي وري ھر مرد توڙي عورت ڳالھائڻ مھل استعمال ڪندا آھن.


ذاتي مشاھدن، ساروڻين، بزرگن جي واتان ٻُڌل ڳالھين ۽ ڪتابن آڌار چئي سگھجي ٿو ته ڀرين ۽ ڀرپاسي ۾ توڙي ساھتي پرڳڻي جي ٻين علائقن ۾ ڪيترا ئي پھاڪا، چوڻيون ۽ اصطلاح اھي ئي آھن جيڪي باقي سموري سنڌ ۾ مروج رھيا آھن. پر ڪي اھڙا پھاڪا ۽ اصطلاح به آھن جن جو بنياد، خالص ڀرين ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ آھي. يعني جيئن ھر علائقي جا پنھنجا پھاڪا ۽ اصطلاح آھن، تيئن ڀرين جا به آھن. جيڪي پوءِ سموري سنڌ ۾ به عام ٿي چُڪا آھن. انھن ۾ ڪي چوڻيون ۽ پھاڪا اھڙا آھن جيڪي ھندو جاتيءَ جي ماڻھن ۾ عام جام استعمال ٿيندا رھيا آھن.

ڀرين ۾ پراڻي وقت ۾ مُروج پھاڪن ۽ اصطلاحن جا ڪجھه مثال ھن ريت آھن:

۱. جتي پاڙا، اُتي ڍيڍ واڙا.

۲. جتي ماکي، تِتي مَک.

۳. جھڙو راجا، تھڙي پرجا.

۴. جھڙو سنگ، تھڙو رنگ. (يعني جھڙي سنگت، اھڙيون ئي عادتون يا حرڪتون).

۵. جھڙي سٺ، تھڙيون ٽي ويھون.

۶. جھڙي ڪرڻي، تھڙي ڀرڻي.

۷. جھڙي نيت، تھڙي مراد.

۸. جنھنجو کائجي، تنھنجو ڳائجي.

۹. جَوَ ڍيرِي، گڏھه رکپال. (ورجيس)

۱۰. ڏاڍو، سو گابو.

۱۱. ڪُوڙي جي ڊوڙ، کُڏ (ڪوٺي) تائين.

۱۲. اڱر ڪوسا ته ھٿ ساڙين، جي ٿڌا ته ھٿ ڪارا ڪن.

۱۳. اَڪ ڪارا ڪرڻ. (اصطلاح) يعني ڪو خاص ڪم نه ڪرڻ. (مثال: سموري حياتي تو ڪھڙا اڪ ڪارا ڪيا).

۱۴. اڇو مُنھن، نيرا پير. (ورجيس) (ڪنھن غلط ڪم ڪرڻ تي ملامت ڪرڻ. خاص طور عورتون اھو جملو استعمال ڪنديون رھيون آھن).

۱۵. چور جي ڏاڙھيءَ ۾ ڪَکُ. (ورجيس)

۱۶. ککر ۾ کڙو ھڻڻ. (اصطلاح) (ڪنھن کي مڇرائڻ).

۱۷. ڏينڀُن وانگر ورائي وڃڻ. (اصطلاح) (ڪنھن ڳالھه تي ڪنھن کي وٺ ڪرڻ).

۱۸. اَڪ جي ماکِي لاھڻ. (اصطلاح) (ڪو سَوَلو ڪم ھجڻ پر اھو مُحاورو ڪنھن ڏُکئي ڪم لاءِ ھن نموني استعمال ٿيندو رھيو آھي ته؛ ”اھو ڪم ڪو اَڪ جي ماکي لاھڻ ڪونھي“).

۱۹. ڌُڌِڙ ۾ پير ھڻڻ. (اصطلاح) (اجايون ڳالھيون ڪرڻ، ڌُڪا ھڻڻ).

۲۰. ھٿن ۾ ھريڙيون ھجڻ. (اصطلاح) (ڪنھن کان ھٿن مان ڪا شيءِ ڪِرڻ تي اڪثر عورتون اھڙا طعنا ھڻنديون آھن).

۲۱. ڌڻُ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي. (يعني ته ڌڻ جو ڌڻي سائين ڪو نه ھوندو ته ڌڻ پيو لاوارث رلندو.)

۲۲. اُٺ تڏھن ئي پي رڙيا، جڏھن ٻورا پي سِبيا.

۲۳. چريا ڏئي چار، سياڻو وٺجي ھڪڙو.

۲۴. جتي اُٺ ترندو، اُتي پُڇ به تري ويندو.

۲۵. شيرو ٻلو شاھه جو؛ نه پيءُ جو، نه ماءُ جو.

۲۶. گنجي جي مٿي ۾؛ نه جُون، نڪا لِيک.

۲۷. ڀَرِي ٻيڙيءَ ۾، واڻيو ڳورو.

۲۸. تڪڙي ڪُتي، انڌا گُلر ڄڻي. (تڪڙ ڪرڻ سان غلطين جو امڪان).

۲۹. مُلي جي ڊوڙ، مسيت تائين. (محدود سوچ ھئڻ).

۳۰. کاٽِي کڻڻ. (اصطلاح). (واھن جي کاٽي کڻبي آھي جيڪو وڏي محنت وارو ڪم ھوندو آھي. پر جڏھن ڪو ماڻھو ٿوري گھڻي ڪم تي ٿڪجي پوڻ جا بھانا ڪري تڏھن چئبو آھي ته؛ ”ڪھڙي کاٽي کنئي اٿئي يا وڏي ڪا کاٽي کڻي آيو آھين“).

۳۱. ڦاڙھا مارڻ. (اصطلاح). (ڪھڙا ڦاڙھا ماريا اٿئي يعني ڪھڙو وڏو ڪم ڪيو اٿئي).

۳۲. بيڪار کان، بيگار ڀلي. (يعني بيڪار ويھڻ کان بيگار ۾ ڪم ڪرڻ به چڱو).

۳۳. اُتم کيتي، وڌندڙ واپار، نيچ نوڪري، پنڻ بيڪار. (ھن چوڻيءَ ۾ وڏو سبق سمايل آھي ته ٻني ٻارو ڪرڻ اُتم آھي ۽ ڪاروبار به سدائين پيو وڌندو ۽ نفعو ڏيندو جڏھن ته نوڪري نيچ ۽ پنڻ بيڪار ڪم آھي).

۳۴. اَسي، مت کسِي.

۳۵. اپڻي گھوٽ ته نشا ٿيوئي.

۳۶. ادي مُئي ادو ڄائو، اسان اھڙي جا اھڙا.

۳۷. گدڙ ڊاک نه پُڄي، آکي؛ ٿُو کٽا.

۳۸. پَڪي گھڙي کي ڪنا وجھڻ. (اصطلاح)

۳۹. اڳيان باھه، پُٺيان پاڻي. (ورجيس)

۴۰. انڌير نگري چرٻٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي ٽڪي سير کاڄا.

۴۱. اڇي ڏاڙھي، اٽو خراب. (ورجيس) (پيريءَ ۾ غلط ڪم ڪرڻ).

۴۲. انبن جون سِڪون، انبڙيون نه لاھين.

۴۳. انڌو ھاٿي، لشڪر جون زيان.

۴۴. انڌي گھوڙي ڪَلُ ۾. (اصطلاح)

۴۵. انڌي؛ جھڙي پيڪين، تھڙي ساھرين.

۴۶. انڌن، وڃي مُلتان لڌو.

۴۷. انڌي کي جھڙو تئو، تھڙي آرسي.

۴۸. اربعا خطا ٿيڻ. (اصطلاح) (ڪھڙو غلط ڪم ڪيم. ڪھڙي اربعا خطا ٿي).

۴۹. اول پيٽ پنجُوءَ جو، ٻار ٻچا پوءِ.

۵۰. اھڙو سون ئي گھوريو جيڪو ڪن ڇني.

۵۱. ايئن مار کائڻ، جيئن پتڻ تي اُٺ ڪُٽجي. (ورجيس)

۵۲. ساڳيا گڏھه، ساڳيا آٿر. (ورجيس)

۵۳. ايئن ڀڄڻ، جيئن کاري ھيٺان ڪانءُ ڀڄي. (ورجيس)

۵۴. اُھو ڪِي ڪجي، جو مينھن وسندي ڪم اچي. (آئيءَ ويل ڪم اچي).

۵۵. ٻه گدرا مُٺ ۾ نه اچڻ. (اصطلاح)

۵۶. ٻٻرن کان ٻير گھرڻ. (اصطلاح)

۵۷. بي عقل بازار ۾ سنگتي نه کڻجي ساڻ، اَول ڪُٽائي پاڻ، پوءِ سمر ڏئي ساٿين کي.

۵۸. ٻه جَوئي (ٻن زالن واري) کان وري به سُکيو ھجڻ. (اصطلاح)

۵۹. ٻُڏيِ ٻيڙيءَ جون ھريڙون به چڱيون. (يعني ٻڏندڙ وٽان جيڪو به ملي).

۶۰. ٻائي جو ٻائو، واڱڻ جو واڱڻ. (ورجيس) (سدائين بي عقل، ڇسو ئي ھجڻ).

۶۱. ٻلي؛ سؤ ڪُئا کائي، حج تي ھلي.

۶۲. ٻليءَ کي خواب ۾ ڇيڇڙا.

۶۳. ڀِتين کي به ڪن ھجڻ. (اصطلاح)

۶۴. پاڻ نه پاري، ڪُتا ڌاري. (ورجيس)

۶۵. پاڻي ولوڙڻ. (اصطلاح)

۶۶. پاڻھي سُئي سڳي کي سيريندي.

۶۷. پُڇڻا، نه مُنجھڻا.

۶۸. پُٽ ٻٽيھه لکڻو، موچڙو (پادر) ڇٽيھه لکڻو.

۶۹. پرائي دھلين، احمق نچي.

۷۰. پرائي ماڙي ڏسي، پنھنجي ڀُنگي نه ڊاھجي.

۷۱. پڙھيو آھي پر ڪڙھيو ناھي. (ورجيس)

۷۲. حرڪت ۾ برڪت.

۷۳. دائيءَ کان پيٽ ڳجھو نه ھجڻ. (اصطلاح)

۷۴. دل کوٽي، عذر گھڻا.

۷۵. پنج ئي آڱريون گيھه ۾ ھجڻ. (اصطلاح)

۷۶. پنھنجو مُنھن، پنھنجو موچڙو. (جڏھن پنھنجو ئي ڪو غلط ڪم ڪري ته ٻئي کي ڇا چئجي).

۷۷. پوڙھو اُٺ، ٻه ڪنواٽ لھي.

۷۸. پنھنجي وڍيءَ جو؛ نه ويڄ، نه طبيب.

۷۹. پوءِ ڍائي کان قرض نه کڻجي، توڙي لک لُٽائي.

۸۰. ڦُڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ.

۸۱. چَرين جا پُور، مٿي جا سُور. (ورجيس)

۸۲. چريءَ کي پُٽ ڄمي ته چُميون ڏئي ماريس.

۸۳. جيڪي چُلھه تي، سي ئي دِل تي.

۸۴. جيءُ خوش، ته جھانُ خوش.

۸۵. جيڏا اُٺ، تيڏا لوڏا.

۸۶. جيري لاءِ ٻڪري ڪُھڻ. (اصطلاح)

۸۷. جيسين سائو کڻي ساھه، تيسين بُکئي جو وڃي پساھه.

۸۸. جِت پُڄڻ ناھي وس، اُت ڀڄڻ ڪم وريام جو.

۸۹. جتي لوڀي ھوندا، اُتي ٺوڳي بُک نه مرندا.

۹۰. جتي وڻ نه ھجي، اُتي ڪانڊيرو به درخت.

۹۱. جھڙا روح، تھڙا ختما.

۹۲. جھڙا ڪانگ، تھڙا ٻچا.

۹۳. جو اڳي، سو تڳي.

۹۴. جِن کاڌا پلَي جا پيٽارا، تِن جا ھينئڙا ويچارا.

۹۵. ڏاڍي جي لٺ کي؛ ٻه مٿا.

۹۶. لڀي لوڻڪ به ڪا نه، سَڌون مريئڙي جون. (ورجيس)

۹۷. سَکڻي ڪُني، گھڻو اُڀامي.

۹۸. دوست اُھو، جو اوکيءَ ويل ڪم اچي.

۹۹. ھڏُ به ڏي، ھَڙَ به ڏي. (ورجيس)

۱۰۰. ڪنھن کي واڱڻ وائي، ڪنھن کي بصر بادي، ڪنھن کي ٿُوم سوادي.

۱۰۱. لوڪ لڏڻ ۾، چري اڏڻ ۾.

۱۰۲. سونٽي ھجي ساڻ، ته گڏھه گوھي نه ڪري.

۱۰۳. ڪٿي چور سُڃا، ته ڪٿي ڍور سُڃا.

۱۰۴. چنڊو چنڊي کي، سؤ ڪوھن تان ڳولي لھي.

۱۰۵. نانگ کي کير پيئارڻ. (اصطلاح)

۱۰۶. جتي ويڙھا، اُتي جھيڙا.

۱۰۷. ڪِني رن جا؛ يار به گھڻا، ته ٻار به گھڻا.

۱۰۸. وڙھن سانھَن، لتاڙجن ٻُوڙا.

۱۰۹. سَير مٿان، سَوا سير.

۱۱۰. اک لڀي ڪو نه، دٻ سُرمي تي.

۱۱۱. کاڌي، کُوھه کُٽي وڃن.

۱۱۲. اَڪن کان انب گھُرڻ. (اصطلاح)

۱۱۳. ڀلي بُک ڀرم جي، شال نه وڃي شانُ.

۱۱۴. اڇا ڪپڙا کيسا خالي، ماڻھن ليکي مُلڪ جو والي.

۱۱۵. پنھنجي مُٽ ۾ پاڻ تِرڪڻ. (اصطلاح)

۱۱۶. ڳوھ کي کڻي کُٽي، ته ڳولي شڪارين جا گَھر.

۱۱۷. تِر جي گُٿي، سؤ چوٽون کائي.

۱۱۸. ڪچيون ٻُوٽيون کائڻ (اصطلاح) (ڪنھن تي سخت ڪاوڙ ۾ ڇوھه ڇنڊڻ)

اھڙا ٻيا به ڪيترا ئي پھاڪا ۽ اصطلاح آھن، جيڪي اڳي ڀريا ۽ سموري ساھتيءَ ۾ مُروج رھيا آھن. ڪاڪي ڀيرومل مھرچند اڏواڻيءَ ۱۹۵۶ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ڇپرايل سندس ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ۾ به سنڌ جي وچولي واري علائقي جي سنڌي ٻوليءَ بابت لکندي خاص طور ساھتي پرڳڻي جي ٻوليءَ جو ذڪر ڪيو آھي جنھن ۾ ڀريا به شامل آھي. ھن ڀريا ۽ ڀرپاسي جي علائقن مان مليل سنڌي پھاڪن ۽ اصطلاحن جا به ڪجھه مثال ڏنا آھن. ڪاڪي ڀيرومل پنھنجي زماني جي حساب سان ساھتي پرڳڻي ۾ ڳالھائجندڙ سنڌي ٻولي، لھجن ۽ لفظن جي اُچارن جي اُپٽار ڪئي آھي. جيتوڻيڪ وقت گذرڻ سان گڏ ٻين علائقن وانگر ساھتي پرڳڻي ۾ ڳالھائجندڙ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جا اُچار به ڪنھن حد تائين مٽجي ويا آھن، پر تڏھن به سندس ڏنل معلومات کي بنيادي اھميت حاصل آھي ۽ موجوده توڙي ايندڙ نسلن، تاريخ نويسن ۽ ٻولين تي تحقيق ڪندڙن لاءِ رھنمائيءَ جو ذريعو ثابت ٿيندي. سندس ڪتاب جي انھيءَ حصي مان ڪي خاص ڳالھيون ھيٺ پيش ڪجن ٿيون.

ڪاڪو ڀيرومل سري، وچولي ۽ لاڙ جي سنڌي لھجن جي ڀيٽ ڪندي لکي ٿو ته سري وانگر ساھتي پرڳڻي ۾ ڪاٿي، ڪاڏي، جاڏي، تاڏي، جاتي ۽ تاتي چون ٿا پر سيوھڻ پاسي ڪٿي، ڪيڏي، جيڏي، تيڏي، جتي ۽ تتي به چون. ساھتيءَ ۾ چون ”پھرو“ پر ڪتابي سنڌيءَ ۾ لکن ”پھريون“. لفظن ۾ نڪ جي اُچار گڏڻ جي عادت ساھتي پرڳڻي ۾ گھٽ آھي جنھنڪري ”پھريون“ بدران چون ”پھرو“. ساڳي طرح منھنجو، تنھنجو ۽ پنھنجو بدران مھنجو، تھنجو ۽ پھنجو چون ٿا. (ڪاڪي ڀيرومل جو اھو مشاھدو پراڻو آھي ڇو ته وڏي عرصي کان ساھتيءَ ۾ نڪ وارا اُچار مُروج آھن). ھُو لکي ٿو ته ڪتابي سنڌيءَ موجب ”چيو اٿس“ معنى ”ھن چيو آھي“ پر ساھتيءَ ڏي ان جي بدران چون ”چيو اٿائين“ يا ”چيو ٿائين“. سندس ان ڳالھه کي به صرف ٻھراڙين ۾ ڳالھائجندڙ ٻوليءَ جي حد تائين مڃي سگھجي ٿو ڇو ته ساھتيءَ جي ليکڪن جي ڪتابي ٻوليءَ ۾ ايئن ناھي.

ھن ساھتي پرڳڻي جي ڪجھه الڳ قسم جي لفظن ۽ پھاڪن جا به مثال ڏنا آھن جيڪي سندس چوڻ موجب ٻين ھنڌن تي عام نه آھن. مثال طور ”اڄ اُڪرس ڪيو اٿس يعني اڄ گھُٽ يا گرمي آھي. اُڪرس معنى ھوا بند ٿيڻ جي ڪري گرمي يا گھُٽ. (اُڪرس لفظ موجوده وقت ايئن ئي استعمال کان ٻاھر آھي جيئن ڪيترا ئي خالص سنڌي لفظ وقت سان گڏ استعمال مان نڪري چُڪا آھن ۽ انھن جي جاءِ ٻين ٻولين جي لفظن والاري ڇڏي آھي). ٻيو مثال آھي جاءِ کي راڳو ڏيارڻ جنھن جي معنى آھي گاري سان لنب يا ليپو ڏيارڻ. ساھتيءَ وارا پئسن بدران چون ڏوڪڙ ۽ جھجھو بدران چون کوڙ. وڏي ڀاءُ يا پاڻ کان وڏي کي چون ”ڀائو“ جيڪو نھايت مٺو لفظ آھي ۽ سري ڏي به چالو آھي.

ڪاڪو ڀيرومل لکي ٿو ته ساھتي پرڳڻي جي موري تعلقي ۾ گوال نالي ھڪ واڻيو وڏو ڌاڙيل ٿي گذريو آھي، تنھنڪري گوال لفظ به عام طور ڌاڙيل لاءِ استعمال ٿيندو ھو. ھُو ساھتيءَ جي خاص اصطلاحن ۽ پھاڪن جا مثال ھن ريت ٻڌائي ٿو:

۱. ڊڀڙي جو ڪُمي معنى بيگر ۾ وھندڙ يا مفت ۾ ڪم ڪندڙ. ڊڀڙو يا ڊڀرو کي درٻيلو به چون ٿا جيڪو ڪنڊياري تعلقي ۾ آھي.

۲. پنجُوءَ جي پِڻ سان ھڻڻ. (اصطلاح) معنى واجبيءَ کان وڌيڪ وٺڻ يا ڊگھي ڳالھه ڪرڻ. ساھتي پرڳڻي ۾ پنجوءَ نالي ھڪ واڻئي وٽ ھڪ وڏو پِڻ (اَن جو ماپو) ھو جنھن تان اھو اصطلاح ٺھيو.

۳. پنج پنجوءَ جا، کُٽا ئي پيا آھن. يعني ٻارھو ئي کُٽل آھي.

۴. اول پيٽ پنجوءَ جو، ٻار ٻچا سڀ پوءِ.

۵. چَٽي چنيجن جي، پُرڻ تي پيئي. چنيجا ۽ پرڻ نالي ٻه ڳوٺ موري تعلقي ۾ ھڪٻئي جي آمھون سامھون، ٻن وڏن دڙن تي ٻڌل آھن. ھڪ ڀيري ڪي ڌاڙيل چنيجن کي ڌاڙو ھڻڻ ويا پر رات جي وڳڙي ۾ ڀُلجي وڃي پرڻ کي ڌاڙو ھنيائون. جنھن تان اھو پھاڪو مشھور ٿي ويو.

۶. ڦُلوءَ واڻئي رات وھاڻي، ڳالھين ڪندي ڳوٽي کاڻي. ڦُلوءَ نالي ھڪ واڻيو ڀرين ۾ ٿي گذريو آھي جنھن بابت ھڪ گيت به مشھور ھو ”ڦُلو ھڪ ڳوٺاڻو ھو، مزي جھڙو واڻيو ھو.“

۷. اھڙي جُٺ ڪيائينس، جھڙي ٻُرڙي ڪئي ٻارن سان. ٻُرڙن جي ذات وارا نوشھري ۽ ڪنڊياري تعلقن ۾ گھڻا آھن. ڀرين جي پاسي ۾ به ٻرڙن جا ڳوٺ آھن جن مان ھڪ ڳوٺ ”ٻرڙا“ سڏجي ٿو. ھن پھاڪي جو بنياد اتان جي ھڪ واقعي تي ٻڌل آھي. چون ٿا ته ڪنھن لڱا ڪي ٻرڙا، پنھنجا ٻار پنھنجي ڪنھن ذات ڀائيءَ جي سنڀال ھيٺ ڇڏي، پاڻ لاباري تي ويا. پٺيان ٻارن ڏاڍو ھلاک ڪيس ته ٻرڙي اھڙو ڪم ڪيو جو ٻارن کي اَن جي گُنديءَ ۾ بند ڪري، سندن مائٽن کي وڃي چيائين ته؛ پنھنجا ٻار وڃي پاڻ سنڀاليو ڇو ته مونکان سنڀاليا نٿا وڃن.

۸. ٻُرڙي پوي نه ٻاجھه، ڀرِ ۾ ٿو ڀاءُ مري. جڏھن ڪو ماڻھو پنھنجي ڪنھن غريب ڀاءُ ڀرائي جو قياس نه ڪندو آھي، تڏھن ايئن چئبو آھي. اھو پھاڪو به ڪنھن ٻُرڙي جي پٿر دليءَ سبب عام ٿيو ھوندو.

۹. ٻيو ھر ڪو اچڻو وڃڻو، پمون ٿانائي. پمون (پمن) نالي ساھتيءَ جو ھڪ واڻيو لڳڻي ٻيڙي ھو يعني ھڪ ھنڌ ويٺو ئي ھوندو ھو. تنھنڪري جڏھن ڪو ماڻھو ھڪ ھنڌ گھڻو وقت کُپ کوڙي ويٺو ھجي تڏھن ھن لاءِ ايئن چئبو آھي.

ساھتيءَ جي ٻوليءَ جي حوالي سان ڀرين جي چڱي مڙس ايم پي اي مُراد علي شاھه جو چوڻ آھي ته اھا معياري ٻولي آھي، جنھن کي ڪتابن ۾ لکڻ جي مڃتا مليل آھي. سڄي سنڌ ۾ ڳالھائجندڙ سنڌي ٻوليءَ ۾ عام طور ۽ ساھتيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ سنڌي ٻوليءَ ۾ خاص طور ھڪ ئي لفظ جي زيرُن زبرن مٽجڻ سان کوڙ معنائن بابت به ھن خيالن جو اظھار ڪيو. ھن ھڪ ڪچھريءَ ۾ ان جو مثال ڏيندي چيو ته وَرُ لفظ جي معنى مُڙس به آھي ته وَڪڙُ به. مثال طور رستي جو وَرُ يا ڪنھن نوڙيءَ کي وَرُ ڏيڻ. ايئن ئي ان ھڪ اکر کي وَرَ کنجڻ لاءِ استعمال ڪجي ٿو. اھو ئي اکر سُٿڻ جي وَرَن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. اُن کي وِرُ ڪري پڙھبو ته معنى ٿيندي اُونھو يا گھرو _ مثال طور ڦٽ يا زخم جو وِرُ ٿي وڃڻ.

سيد مُراد علي شاھه کي افسوس آھي ته اڄڪلھه ڪيترا ئي اديب توڙي ڳائڻا، سنڌي ٻوليءَ کي کاري رھيا آھن ۽ ايتري قدر جو لفظن تي زَيرُن زبرُن جو خيال به نٿا رکن. جنھن سان لفظن جي نه رُڳو شڪل ئي کري پوي ٿي پر معنى به مٽجي وڃي ٿي. ماسٽر چندر ساھتيءَ جي شھر ٺاروشاھه جو ھو ۽ توھان سندس ڳايل ڪلام ٻڌندو ته ھر لفظ جو تلفظ يا اُچار بلڪل صاف ۽ معياري ملندو. مثال طور سندس ھڪ ڪلام ڳايل آھي؛ ”رُٺا ئي رھن پر ھُجين حياتي“. ان ڪلام کي ڪن ٻين ڳائڻن ”ھُجن حياتي“ ڪري ڳايو آھي، جيڪو بلڪل غلط آھي. جيڪڏھن ”ھُجن“ ڪري ڳائبو ته ان کانپوءِ ”حيات“ لفظ استعمال ٿيندو. ايئن ئي ٻيا گھڻا ئي لفظ آھن جن ۾ زبر جي بدران زير ڏئي ڳايو وڃي ٿو يا زير جي جاءِ تي زبر ڏني وڃي ٿي.“ سيد مُراد علي شاھه چيو.

 

(بھراور کان ڀريا تائين؛ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تان کنيل)

No comments:

Post a Comment