شاهه جي ڪلام ۾ آيل اصطلاح ۽ پهاڪا
(سر ڪلياڻ ۽ سر يمن
ڪلياڻ)
پروفيسر مظهر علي قريشي
شاهه جي اصطلاحن ۽ محاورن تي ڪم بنهه گهٽ ٿيو
آهي. ڪم عالمن ايڪڙ ٻيڪڙ
ان ڏس ۾ ڪونتل ڪڏايا
آهن، جن کي مناسب پذيرائي نه ملي سگهي.
اسان محترم پروفيسر مظهرعلي قريشي صاحب کي ان
موضوع تي لکڻ لاءِ عرض ڪيو، جنهن جي موٽ ۾، نهايت محنت ۽ جفاڪشيءَ سان هيءُ مضمون لکي
موڪليو اٿائون. اسان اهو سلسلو جاري رکڻ چاهيون ٿا.
ان سلسلي ۾، شاهه جي ڪنهن پارکوءَ کي اصطلاحن جي معنيٰ، مفهوم سان اختلاف
هجي ته اهو لکي موڪلي. ان سان هڪ ته صحتمند تنقيد جو باب کلندو ۽ لطيف فهميءَ کي پڻ هٿي ملندي
– ادارو[
انسان ۽ حيوان جي درميان فرق ڪندڙ شين مان
”ٻولي“ هڪ اهم شيءِ آهي. ان ڪري انسان کي ”حيوان
ناطق“ سڏيو وڃي ٿو. ”ٻارهين ڪوهين ٻي“ جي مصداق،
دنيا ۾ ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهائجڻ ۾ اچن ٿيون. انهن ٻولين مان ڪي ٻوليون ادبي آهن
ته ڪي غير ادبي، ڪن ٻولين ۾لوڪ ادب جو ذخيرو تمام
گهڻو آهي ته ڪن ۾ وري گهٽ. ججهي لوڪ ادب جي ذخيري سان مالامال ٻولين مان، سنڌي ٻولي سرفهرست آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترا ئي مختلف
لهجا آهن، جن مان هر هڪ ۾ لوڪ ادب تمام ججهو
آهي. جيڪو ميڙي چونڊي ۽ ڪٺي ڪرڻ سان وڏو ذخيرو بنجي ٿو ۽ کيس دنيا جي وڏين ٻولين
جي صف ۾،
اول نمبر تي آڻي بيهاري ٿو.
لوڪ ادب، جيئن ته هر ٻوليءَ لاءِ وڏي اهميت ۽
پٺيءَ جي ڪرنگهي واري هڏي جي حيثيت جو حامل آهي، ان کي
”عوامي ادب“ سڏجي ته به روا آهي. ان جا سنڌيءَ
ٻوليءَ ۾ ٻه مکيه حصا آهن ۱- لوڪ گيت
۲- لوڪ ڪهاڻيون. لوڪ گيت واري حصي
جا وري ڪيترا ئي مختلف قسم آهن. مثلًا؛ سھرا، ڳيچ، لوليون ۽ سينگار غيره.
لوڪ ادب جي ٻئي حصي ۾ نثري ادب سمايل آهي.
جنهن ۾ڪهاڻيون، اصطلاح، پهاڪا، ڳجهارتون وغيره اچي وڃن ٿيون. جنهن مان هر هڪ صنف
جي پنهنجي خاص خوبي آھي ۽ وري تن منجھان، پهاڪا وڏي اهميت
رکندڙ آهن.
سنڌي ٻولي اصطلاحن ۽ پهاڪن جي اڻ کٽ ذخيري جي
ڌياڻي آهي. جنهن سبب هيءَ ٻولي تمام سوادي، سلوڻي، سهڻي ۽ سدا شاهوڪار ليکي وڃي
ٿي. اهڙيءَ طرح روزمره جي عام
ڳالهائڻ ۾، ڪم
ايندڙ اصطلاحن توڙي پهاڪن کان پري رهي صرف شاه لطيف جي ڪلام ۾ڪم آيل اصطلاحن ۽ پهاڪن
کي پوريءَ ريت گڏ ڪرڻ سان به تمام وڏو ذخيرو
ظاهر ڪري سنڌي ادب ۾ اضافو آڻي سگهجي ٿو. مضمون ۾
شاه لطيف جي ڪلام مان صرف سر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ ۾استعمال ٿيل اصطلاحن کي ڪٺو ڪري، پيش ڪجي ٿو.
عام طور تي پھاڪي ۽ اصطلاح کي هڪ شيءِ تصور ڪيو ويندو آهي.
پر ايئن نه آهي. هنن ۾ فني طور تي يا مجموعي طور تي ڪافي فرق آهي.
پهاڪا:
فني لحاظ کان ڏسبو ته پهاڪا ڪجهه لفظن جو هڪ
اهڙو بامعنيٰ ميڙ آهن، جنهن ۾ ”درياھ ڪوزي ۾ بند هجڻ“ جي مصداق تمام وڏو مطلب سمايل ٿئي ٿو. هن
۾ لفظ تمام سادا ۽ سليس هوندا آهن. هنن جي تاريخ،
تمام قديم آهي. پھاڪا ملڪ توڙي ان قوم
جي تاريخ، جاگرافي، تاريخي واقعات، حالات، ماڻهن جي خيالات، رجحانات، عقيدن، تهذيب
۽ تمدن، رهڻي ڪهڻي، سماجي توڙي معاشي حالتن جو چٽو پٽو آئينو آهن. هي جملا وڏڙن، سياڻن، سگهڙن
۽ سالڪن وغيره جي سياڻپ، ڏاهپ، مشاهدات ۽ زندگي جي تجربات تي ٻڌل نچوڙ ۽ نتيجو
آهن. هنن ننڍڙن ٽوٽڪن ۾ وڏو فلسفو سمايل آهن. هي سائنسي
تجربات وانگر، سياڻن جي تجربن مان اخذ
ڪيل نتيجا آهن. ان ڪري
پهاڪا، اصطلاحن کان تاڃي ۾ توڙي جوڙجڪ ۾،
مختلف آهن.
اصطلاح:
مجموعي طرح سان ”اهڙا الفاظ“ آهن، جن جي ظاهري معنيٰ ۽ مطلب هڪڙو هجي، پر اصل معنيٰ ۽ مطلب
ٻيو هجي. اها معنيٰ، جيڪا سوچ ويچار ۽ اونهي اڀياس سان ظاهر ڪئي ويندي هجي. يعني ”ڪنهن لفظ جي ٻي خاص معنيٰ کي اصطلاح سڏبو آهي.“
فني لحاظ کان ڏسبو ته اصطلاح جي جوڙجڪ ۽ مطلب، پهاڪن کان بلڪل مختلف آهي. هي رڳو هڪ يا ٻه لفظ آهن، جن جو
ظاهري مفهوم هڪڙو ته باطني مفهوم ٻيو آهي.
مگر پھاڪن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه لفظن جو اهڙو ميڙ
آهي، جنهن جي باطني معنيٰ ڪا نه آهي.
اصطلاح به تمام پراڻا آهن، ٻوليءَ جو سينگار ۽ سونهن آهن، سندن معنيٰ به وسيع آهي.
هي جيتوڻيڪ مشاهدات ۽ زندگيءَ جي تجربات سان واسطو رکندڙ نه آهن، پر ٻوليءَ لاءِ
وڏي وقعت وارا آهن. اصطلاح جيتوڻيڪ
تاريخ ۽ جاگرافي ظاهر ڪندڙ ڪين آهن، پر ٻوليءَ جا موتي مڻيادار آهن.
جن سان ٻولي، تمام سوادي ۽ زود اثر
بنجيو پوي ٿي. اصطلاح توڙي پھاڪا، ٻوليءَ جي وڏي وٿ، وڏي اهميت ۽ حيثيت جا حامل آهن.
1. اَوتڙ نه اولڻ (ناکئن جو اصطلاح) = نجات حاصل ڪرڻ،
منزل مقصود کي پهچڻ.
2. اڄي ٻڄي اچڻ/ اجهي ٻجهي اچڻ =
ٿڪجي/ هلاک ٿي اچڻ، چڱيءَ طرح ٻڌي سمجهي اچڻ.
3. اڇون ٿيڻ = منجهڻ، حيوان ٿيڻ.
4. اڱار اوتڻ = اڱر
ڳهڻ/ ٻارڻ.
5. اڱارن آٽي ٿيڻ = ڳري
هڪ ٿي وڃڻ.
6. اگھي اگهائڻ = درد جو
قدر ٿيڻ.
7. اُميري پائڻ (ڪورين جو اصطلاح) = ڳنڍڻ، ملائڻ.
8. اونچي ڳاٽ اچڻ = مٿي
ڪنڌ ڪري اچڻ.
9. انڌا اونڌا ويڄ ھجڻ = ڄٽ حڪيمن جو هجڻ.
10.
انگن انگ چاڙهڻ = بدن سوريءَ تي چاڙهڻ.
11.
انگن چڙهڻ/ انگهن چڙهڻ = عذاب/ مصيبت ۾
پوڻ.
12.
اوتڙ اولڻ
= ڦاسڻ.
13.
اورڻ = حال ٻڌائڻ، مناجات/ اڀياس ڪرڻ.
14.
آچام ٿي
بيهڻ = نشان ٿي
بيهڻ.
15.
بي بها
بالم ڪرڻ = بي مثال پيارو بنائڻ.
16.
ٻاجهه جي
ٻڪي ڏيڻ = فضل/ مهرباني ڪرڻ.
17.
ٻڪي ٿيڻ = فائدو ٿيڻ/
ملڻ.
18.
ٻنگ لهڻ = وجهه وٺڻ.
19.
ٻه ڏاهين
ٻرڻ = ٻه ڀيرا
هلڻ/ سڙڻ.
20.
ٻهون بجهڻ
= گهڻو
سمجهڻ.
21.
پتي
تي پوڻ = دل تي اثر
ٿيڻ، نظر اچڻ.
22.
ڀَلائين
سندو ڀر هجڻ = محبوب/ سڄڻ بڻجڻ،
سڄڻ هجڻ.
23.
ڀورو ڪين
ڀڃڻ = سمجهه ۾
نه اچڻ
24.
ڀيڏي ڀر
ڏيڻ = ٽيڪ
ڏيڻ (ٻانهن کي).
25.
ڀيرو ڪرڻ = چڪر
هڻڻ، گهمراه ٿيڻ.
26.
ڀيرڻ ۽ ڀانئڻ
= خيال
ڊوڙائڻ، ڪمائي ڪرڻ، ڪرڻ کان پوءِ مغروري ڪرڻ.
27.
پاٻوهيو پڇڻ = هيج
مان حال پڇڻ، کلندي پڇڻ.
28.
پاند ۾
پائي وڃڻ = فائدو
حاصل ڪرڻ/ فائدو ملڻ.
29.
پاڻ سي نه
ڪرڻ = پري نه ٿيڻ، هٽي نه وڃڻ.
30.
پاڻ وڃائڻ
= خودي ختم ڪرڻ.
31.
پاڻي
پيارڻ = تکو ڪرڻ
(اوزار کي).
32.
پاهان پڳ
ڏيڻ = پوئتي موٽڻ،
پويان پير ڪرڻ،
ڀڄي وڃڻ.
33.
پاهون پسڻ
= پوئتي ڏسڻ.
34.
پٽ پڙاڏو
ڪرڻ = ٻيائي ڪڍڻ،
وڏيون دانهون ڪرڻ.
35.
پٽي وجهڻ = آزي ڪرڻ.
36.
پٽيون ٻڌڻ
= علاج ڪرڻ.
37.
پڌر
پير نه ھجڻ = راز
نه ٻڌائڻ.
38.
پر سين
پچارون ڪرڻ = ٻين کي
ٻڌائڻ، ڌارين سان ڳالهه ڪرڻ.
39.
پر
۾ پڇڻ = ڪنڊ/ ڪن/ ڳجهه ڳوهه ۾ڳالهائڻ.
40.
پر
پيئڻ = تمام
گهڻو پيئڻ.
41.
پرت وٽڻ = پيار ونڊڻ.
42.
پريتڻون پڇڻ = محبت ڪرڻ.
43.
پرهون
پساه/ پويون پساه پسڻ =
(صوفين جو اصطلاح) الا الله جو ذڪر دل تائين پيدا ڪري، ساڳيو ذڪر دل کان مٿي کڻڻ واري ذڪر جي عمل کي ”پويون پساه“ چوندا آهن.
مرڻ گهڙيءَ تي هجڻ، سڪرات تي هجڻ.
44.
پرهه جا
پياڪ هجڻ = سويرو پيئندڙ/ عبادت ڪندڙ هجڻ.
45.
پريان سين
پيڪار ڪرڻ = پرين سان هم صلاح ٿيڻ.
46.
پڙاڏو پٽ
ڪرڻ = ٻيائي /
ڪينو ڪڍڻ.
47.
پڪئين پر
چرڻ = ٿورڙي تي خوش ٿيڻ.
48.
پند پارڻ = صلاح/
نصيحت تي هلڻ، صلاح وٺڻ.
49.
پوڄ پيارڻ
= گهڻو پاڻي
ڏيڻ.
50.
پھ پوڻ = پور
پوڻ، يادگيري اچڻ.
51.
پهاڻ
پڄائڻ = ڪشالا ڪڍڻ،
تڪليفون ڪرڻ.
52.
پيڄ پيارڻ
= پرهيز جو
کاڌو کارئڻ.
53.
پير ڀرڻ = هلي اچڻ.
54.
پيڙا پاڻ
سان نيڻ = درد دفع ڪرڻ.
55.
پيش پوڻ = حاضر ٿيڻ،
آڻ مڃڻ.
56.
توڙ تائين
تاڙڻ = پڇاڙي
تائين هلڻ/ ڪاهڻ، آخر تائين نه رڪجڻ.
57.
ٺپ ٺرڻ/
ٺپ ٺري وڃڻ = حيران ٿي وڃڻ، خاموش ٿي وڃڻ.
58.
ٺڇڻ ٺار
وجهڻ = زخمن
کي ٺارڻ لاءِ دوا وجهڻ (علاج ڪرڻ).
59.
ٽوهه ٽارڻ
= تڪليفن کان
پاڻ بچائڻ/ پري ڀڄڻ، سک
طلبڻ.
60.
جنت جو
جام پيڻ = پاڪ شراب
پيڻ، خوشيون ماڻڻ.
61.
جهالو ٿي
جهلڻ = پختگي سان
(تير) سهڻ.
62.
جهان جون
جوڙون جوڙڻ/ جهان جون جوڙون جوڙ ڪرڻ = ڪاريگري سان
جهان کي خلقڻ، جهان جون اميدون پوريون ڪرڻ.
63.
جيءُ جڙڻ = بدن
کي قابو ڪرڻ.
64.
ڄاڻ وڃائي
ڄلڻ = بي خبر ٿي هلڻ، هستي ماري هلڻ.
65.
چار
ئي پهر چورڻ = سمورو وقت
هلائڻ.
66.
چاڪ چٽڪا
چکڻ = ڌڪ/ زخم
کائڻ، عذاب/ سور سهڻ.
67.
چاڪ چڪڻ = ڦٽ اٿلڻ، ڦٽن جو سور ڪرائڻ.
68.
چاڪ چيهون
ڪري چڪڻ = ورون ڪري/ وڏو ڦٽ ٿي وهڻ.
69.
چانگ ٿيڻ = ڪامل/ چڱو
ڀلو ٿيڻ، خوش ٿيڻ.
70.
چاه لڳڻ = باه لڳڻ،
شوق جاڳڻ.
71.
چت ۾ چتائڻ
= اندر ۾ جاچڻ، خواهش
ڪرڻ.
72.
چڪيا ڪرڻ = علاج ڪرڻ، ٽهل ٽڪور ڪرڻ.
73.
چڱائي چکڻ
= سک ملڻ، بقا حاصل ڪرڻ.
74.
چنگ چڙهڻ = مشهور/
پڌرو ٿيڻ، سينگارجڻ، خوش ٿيڻ، سوري تي چڙهڻ.
75.
چنگ چورڻ = ڪمان کي
ڪڇڻ، ڪمان کي ڇلڪڻ.
76.
چيٺي چڱو ڪرڻ = سنڀالي/ حيلو
ڪري چاق ڪرڻ.
77.
ڇيت ڪري
ڇلڻ = چڱي طرح ڏسڻ، هوش/ ڌيان ڪري جاچڻ.
78.
حال حاصل
ڪرڻ = حقيقت هٿ
ڪرڻ.
79.
حقاني حرف
= حق، الله
تعاليٰ.
80.
حقاني حرف
چوڻ = حق/ سچ
چوڻ.
81.
دارون ۽
ڪارون ڪرڻ = حيلا وسيلا ڪرڻ.
82.
دائودي ديون ڪرڻ = حشمت/
ڏهڪاءُ ڏيکارڻ.
83.
دؤر ڪرڻ = وري وري پڙهڻ، وظيفو بنائڻ.
84.
ديڳ ۾ دوڳ
هجڻ = ۱-
ديڳ ۾ بدن/ جسم جو رجهڻ/ ڪڙهڻ. ۲. گوشت جي ٽڪرن جو ديڳ ۾ ڪڙهڻ.
85.
ديون ڪرڻ = چمڪڻ،
بهار لائڻ.
86.
ڊٺن ڊڀ
هجڻ = بيمارن جي
دوا بنجڻ/ هجڻ.
87.
ڏسڻ جو
ٽوه هجڻ = ظاهر ۾ سٺو/ سهڻو هجڻ.
88.
ڏکندو ڏاڍو ٿيڻ = مرض/ ڏک وڌڻ.
89.
ڏکندو
ڏاڍو ٿيڻ = مرض/ ڏک وڌڻ.
90.
ڏنڀ ڏيڻ = عذاب/
ايذاءَ ڏيڻ.
91.
ڏونگرين ڏٻائون ڏيڻ = (۱) مصيبتن کي مهڻو ڏيڻ. (۲) جبلن کي ڏوراپو ڏيڻ.
92.
ڏيٺائي
ڏيٺ هجڻ = تماشبين بڻجڻ.
93.
ڏينهن ڏون
هجڻ = (۱) جٽادار نه هجڻ (۲) هن دنيا جو فاني هجڻ
(۳) ٿورڙي ڄمار هجڻ.
94.
ڌئي ڌار
ڌرڻ = حسد کي
پري ڪرڻ.
95.
راه رد
ڪرڻ = رستو بند
ڪري ڇڏڻ.
96.
رڪن چيت
نه هجڻ = سڪل گل
يعني عاشقن کي ڪل/ خبر نه هجڻ.
97.
رڳون رباب
ٿيڻ = وحدت ۾
هڪ ٿي وڃڻ.
98.
رلڻ ڇلڻ = ڏورڻ ۽
سمجهڻ.
99.
روز
راس ڪرڻ = هڪ
ڏينهن ۾ خوش ڪرڻ.
100. رهنما راحت هجڻ = شفاعت جو
رهنما هجڻ.
101. ساٿر صحت هجڻ = چڱ
ڀلائي جي دوا هجڻ، مفيد هجڻ.
102. سانگ ڪرڻ = لحاظ/
خيال ڪرڻ.
103. ساه جون رڳون سوجهڻ = (۱) اندر کي
چڱيءَ طرح پرکڻ. (۲) صاف ڪرڻ.
104. ساه سلهاڙي ڏيڻ = ساه گڏي ڏيڻ.
105. سبق سابق = الست
جو سبق هجڻ.
106. سڀ سڀوئي هجڻ = سڀ
ڪجهه هجڻ.
107. سٽ ۾ سر ڏيڻ = سر عيوض ۾
ڏيڻ، سودو ٿيڻ.
108. سٽ جوڙڻ = مقابلو
ڪرڻ، ترتيب بيهارڻ.
109. سٽ سارڻ = پڙهڻ،
ظاهري علم پڙهڻ.
110. سڃ ڪرڻ = ڏيکارڻ.
111. سڄين آڱرين هجڻ = چڱو
ڀلو هجڻ.
112. سر سٽ ۾ هجڻ = سر
عيوض ۾ هجڻ.
113. سر سڃڻ = تير
هڻڻ، نشان ڪري چٽڻ.
114. سر سانداڻ
ڪرڻ/ سر سنداڻ ڪرڻ = ڌڪن لاءِ تيار
ٿيڻ.
115. سرو سنباهڻ = شراب تيار ڪرڻ.
116. سکائون ڪري سانڍڻ = تمام پيارو هجڻ.
117. سڳر سوٺڻ = رستو
ڳولي لهڻ (مڪان ۽ لامڪان جو).
118. سڳر سونهڻ = ڳولڻ،
رستو لهڻ/ جاچڻ.
119. سلي سوري چاڙهڻ = سلهاڙي
ڦاهي ڏيڻ.
120. سمجهڻي رهڻ = کامي/
سڙي وڃڻ.
121. سور سجهائڻ = ڳارڻ، جهورڻ.
122. سور سڃ ڪرڻ = ڏک ملڻ.
123. سوري سورانگهڻ = سوري
مٿان هلڻ، سوري چڙهڻ.
124. سوريءَ سر هجڻ = سوري
تي چڙهڻ.
125. سور سڃ ڪرڻ = (۱) سورن سان سٻنڌ ڪرڻ. (۲) سور پٺيان لائڻ.
126. سير سڀن ۾ ڏسڻ = سڀني
۾ پنهنجو پاڻ پسڻ/ ڏسڻ.
127. طالعن کي تنوارڻ = ڀاڳ/ بخت کي چورڻ، بخت
کي سڏڻ.
128. عام سان آه سلڻ = ٻين
کي ٻڌائڻ.
129. غور غريب ڪرڻ = مسڪينن جي سنڀال لهڻ.
130. فڪر ڪفر ڪرڻ = (صوفين
جو اصطلاح) وڏي توجهه سان خدا جي ذات ۽ صفات تي غور ڪرڻ.
131. ڦڪيون فرق ڪرڻ = دوا
مان فائدو ٿيڻ.
132. قلب ۾ ڪهڻ = هينئين سان ڪھڻ.
133. کل کانئڻ = جان جلائڻ، بدن ساڙڻ.
134. کنيو ڇڏڻ = کسائڻ.
135. ڪاتي پائڻ = ڪهڻ/
هٺ وڃائڻ.
136. ڪاتي پوڻ = ڪسجڻ.
137. ڪارون ڪرڻ = دانھون ڪرڻ، ڪوششون ڪرڻ.
138. ڪانيارو ٿيڻ = محتاج
ٿيڻ، ڪاڻ ڪڍڻ وارو ٿيڻ.
139. ڪايا سان ڪپج ڪرڻ = (آيرويد جو اصطلاح) پرھيز نه ڪري بدن سان، ظلم ڪرڻ.
140. ڪباب ڪرڻ = (فارسي اصطلاح)
ذرا ذرا ٿيڻ، ذرا ذار ڪرڻ، پرزا
پرزا ڪري جلائڻ.
141. ڪٿ ڪڇڻ = ڪجهه به
نه چوڻ.
142. ڪر کڻڻ = پاسو ورائڻ، ٻانهن چورڻ.
143. ڪرلاهو ٿي اچڻ = عبادت ڪرڻ.
144. ڪرلاهو ٿيڻ = خبر لهڻ وارو
ٿيڻ.
145. ڪڙئين ڪڙڪو
نه لهڻ = زخمن جي ڪڙين جو آواز بند نه ٿيڻ.
146. ڪڙو ڪلام نه هئڻ = مٺو هئڻ (محبوب جو سخن).
147. ڪسڻ جو ڪوپ ڪرڻ = ڪسجڻ
جو ڌنڌو هلڻ/ ظلم هلڻ.
148. ڪک چٽڻ = ڪک هڻڻ،
ڪک لائڻ.
149. ڪلهن ئان ڪورڻ = ڪلهن کان ٻانهون وڍڻ، پاڙ کان
ٻانهن ڪپڻ.
150. ڪمائي ڪرڻ = پورهئو/
عبادتون/ ڪشالا ڪرڻ.
151. ڪنجهو ڪنجهه هئڻ = دانهون ۽ رڙيون هجڻ.
152. ڪو ڪلام ڪهڻ = ڳجهه ڳالهائڻ.
153. ڪيو ڪان ڇڏڻ = تير گسائڻ.
154. گهٽ اندر گهوڙا
هجڻ = اندر ۾ زور
ڀريو آواز هجڻ.
155. ڳنڍ ڪرڻ = هٿ
ڪرڻ، وٺڻ.
156. ڳنگا لهي ٻاڻ هڻڻ = تير چتائي چڱيءَ
طرح هڻڻ.
157. لاڳ لاهي وهڻ = آسرو نه ڪرڻ، لاڳاپو نه رکڻ.
158. لائي لت ڏيڻ = مٿان پير رکي
زور ڏيڻ.
159. لڇڻ ڪڇڻ نه ٿيڻ =
بلڪل خاموشيءَ ۾ هجڻ.
160. لکڻ ۾ نه لکجڻ = نصيب ۾ نه
هجڻ.
161. ليکا جي نه
لکجڻ ۾ اچڻ = حساب ۾ نه
آڻڻ، عشق ۾ شمار نه ڪرڻ.
162. لڱن لوهه لڳڻ = بدن
۾ تير لڳڻ.
163. لوري لڳڻ = تير
لڳڻ، يادگيري هجڻ، تات هجڻ.
164. لوڪ لکائڻ = عام
کي ڄاڻائڻ.
165. لوهه چاڙهڻ = تير هڻڻ.
166. لوهه لچڪي وڃڻ/
لوهه لڇي وڃڻ = بدن ڏڪي وڃڻ، لرزي ۾ پوڻ.
167. لوئي وات ڪرڻ = ڳالهائڻ،
ٻڌائڻ، ظاهر ڪرڻ.
168. ليکي لکڻ = ڳڻڻ/ حساب ۾ آڻڻ.
169. لئن لڳڻ = محبت/
عشق ٿيڻ.
170. ماري ميڻ ڪرڻ = قبضي
۾ آڻڻ، تابع ڪرڻ.
171. ماڳ هئڻ = پوري نشان تي
تير هڻڻ، پوري جاءِ تي هجڻ.
172. ماموري پوڻ = بخار
ٿيڻ، بخارجڻ.
173. مٿي وٽ مڙڻ = سر جي عيوض
ملڻ.
174. مٽي ٿيڻ = خراب ٿيڻ
(دز ۾).
175. منجهان ئي منجهه وڙهڻ
= اندر جو
اندر ۾ وڙهڻ (نفس سان وڙهڻ).
176. منجهه ڏيڻ = اندر
جو احوال/ راز ٻڌائڻ.
177. مونن ۾ منهن پائڻ = مراقبي / ڌُن
۾ ويهڻ.
178. ناڙون نهارڻ = نبضون
ڏسڻ.
179. نفس جو نهو = عالم ارواح.
180. نيزي نظاري
ٿيڻ = تير جي
آڏو اچڻ، تير جي سامهون اچڻ.
181. نينهن ڳري گچڻ = وڏي عشق ۾
ڦاسڻ.
182. نينهن نيڻين ڳڻ ڳالهه ڪرڻ = اکين سان
عشق ڪرڻ.
183. واءُ ورائڻ = ملاقات
جي خوشخبري موڪلڻ.
184. وائي پوڻ = ڳالهائڻ، تڪرار ڪرڻ.
185. وائي ور لهڻ = رمز پروڙڻ.
186. وترا ورق
ورائڻ = گهڻا پنا پڙهڻ
(غير کي ڏسڻ).
187. وجود جو ورق ڌوئڻ = خودي ختم ڪرڻ.
188. وڄا وسري وڃڻ = علم/
ڄاڻ ختم ٿي وڃڻ.
189. وچ پوڻ = ويڇو
پوڻ، جدائي ٿيڻ.
190. وحدت سين وهانءُ ڪرڻ = پاڻ فنا ڪري ڇڏڻ.
191. ور پوڻ = حاصل ٿيڻ،
ملڻ.
192. ورسي وڃڻ = ڀلجي وڃڻ.
193. ورق پوڻ = رنڊڪ
پوڻ.
194. ورق ورائڻ = ٻئي کي ڏسڻ،
گهڻن سان دل لائڻ.
195. ورھ وھائڻ = عشق
پرائڻ، عشق ونڊڻ.
196. وري ورق پوڻ، ورق ورڻ = وارو ورڻ/ بخت اچڻ.
197. وصالان وچ پوڻ = رنڊڪ
پوڻ.
198. وه پاڻ وڃائڻ = عشق
۾ غرق ٿي وڃڻ.
199. وه ووڙڻ = زهر جي
ڳولا ۾ هجڻ، موت جي تلاش ۾ هجڻ.
200. وهائڻ = وٺڻ،
خريد ڪرڻ.
201. ويءَ وهائڻ = سودو
ڪرڻ، دستورالعمل ڪرڻ، شيوو بنائڻ.
202. ويڄ وهارڻ = حڪيمن
کي آڻڻ (ٻين کي آڻڻ؟).
203. ويڄن وات هجڻ = حڪيمن
کي ياد هجڻ، اها دوا جيڪا حڪيمن کي هر گهڙي زبان تي هجي.
204. ويرو تار نه وسرڻ = سدائين ياد رهڻ.
205. ويڻ وارئڻ، ويڻ ورائي چوڻ =
ورندي ڏيڻ، موٽائي چوڻ.
206. هٿ ۾ حاضر هجڻ = (سر)
تيار رکڻ/ سر تري تي هجڻ.
207. هنجون هارڻ = زاروزار
روئڻ، ڳوڙها ڳاڙڻ.
208. هو هلاچو هل هجڻ = خدا تعاليٰ
جو نالو هجڻ، غوغاءُ هجڻ.
209. هيجا ساڻ هينئين هلڻ = دل سان/ سچي محبت سان هلڻ، ذوق سان هلڻ.
210. هيڪائي هيڪ ٿيڻ = محو ٿي وڃڻ،
ملي هڪ ٿي وڃڻ.
ڪم آندل ڪتاب
۱ . شاه جو رسالو، ڊاڪٽر گربخشاڻي.
۲ . شاه جو
رسالو، (بمبئي) ڪلياڻ آڏواڻي.
۳ . شاه جو
رسالو، غلام محمد شهواڻي.
۴ . شاه جو
رسالو، سر ڪاري ڇاپو.
۵ . قديم سنڌي
لغات، مرزا قليچ بيگ.
۶ . لغات
لطيفي، مرزا قليچ بيگ.
۷ . فيروزالغات، اردو.
۸ . انگريزي
لغت، A.T شاهاڻي.
۹ . انگريزي - سنڌي لغت، شاه صاحب.
No comments:
Post a Comment