Saturday, December 5, 2020

سنڌ جي ثقافت پهاڪن جي آئيني ۾ - ڊاڪٽر ناهيد پروين

سنڌ جي ثقافت پهاڪن جي آئيني ۾

ڊاڪٽر ناهيد پروين



پهاڪا، چوڻيون ۽ اصطلاح، سنڌي ماڻهن جي دانائيءَ، ڏاهپ ۽ سياڻپ جو آئينو آهن. سنڌي ٻوليءَ جي پهاڪن مان، سنڌ جي تاريخ جو پتو پوي ٿو. نه رڳو اهو پر قديم وقت کان وٺي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، اٿڻي ويهڻي ۽ هلڻي چلڻيءَ جي پروڙ، پهاڪن مان پوي ٿي. مطلب ته سنڌ جي ثقافت جي عڪاسي، اسان جي ٻوليءَ جا پهاڪا ڪن ٿا. بظاهر اهي پهاڪا، تمام مختصر پر ادائيگيءَ وقت ڀرپور مفهوم ۽ معنيٰ کي ظاهر ڪن ٿا. انهن جي استعمال سان ڳالھ اختصار ۾ پوري ٿي وڃي ٿي ۽ اجائي ڊيگھ کان به جان ڇٽي پوي ٿي.


دنيا جي ڪا به ٻولي پهاڪن کان خالي نه آهي ۽ نه وري ڪو به دور پهاڪن بنا گذريو آهي. پر اهو پتو نٿو پوي ته اهي عقل جا نسخا، تجربن جا ٽوٽڪا ۽ دانائن جا قول، ڪهڙن عقل جي اڪابرن جا چيل آهن؟ جڏهن ته اڄ ڏينهن تائين اهي پهاڪا هر حال، هر ماحول تي ٺهڪي اچن ٿا. هر شهر ۾، هر ڳوٺ ۾، هر گهر ۾، ھر مڪان ۽ ماڳ ۾ مشهور ۽ مقبول آهن، پر علائقي ۽ خطي جي حوالي سان ڪجھ چوڻيون ۽ پهاڪا مخصوص پڻ آهن.

پهاڪا نه رڳو تاريخ جو آئينو آهن، پر ملڪ جي ماڻهن جي لياقتن، صلاحيتن، هنرن، حرفتن، رسمن ۽ رواجن جا عڪاس به آهن. ايتري قدر جو سندن ڪمال ۽ زوال، اوج ۽ پستيءَ جو اندازو به پهاڪن مان لڳائي سگهجي ٿو.

مثال:

”انڌير نگري چرٻٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي ٽڪي سير کاڄا.“

دراصل پهاڪا اهڙا مڪمل رهبر آهن، جيڪي پنهنجي پويان هلندڙن کي، سنئون رستو ڏيکارين ٿا ۽ صحيح پار پتو ڏين ٿا. اهي ڏاهن جون ڳالهيون، صديون گذرڻ بعد به اڄ ڏينهن تائين نه مٽيون آهن. زماني جي گردشن، زمين جي اٿل پٿل، ٻوڏن ۽ خطرناڪ طوفانن، انهن مضبوط ڪوٽن (پهاڪن) کي ڪٿان به نه لوڏيو آهي ۽ نه وري انهن جو سلسلو ڪٿي ختم ئي ڪرائي سگهيا آهن.

پهاڪن بابت عالمن جا رايا:

پهاڪن بابت مختلف عالمن جا ڌار ڌار رايا آهن. ڊزرائيل جي چوڻ موجب:

”پهاڪن ۾ زندگيءَ جي هر رنگ جي جهلڪ موجود آهي. منجهن هلڪي ۽ ڀرپور طنز جي چاشني رهي ٿي. انهن جو گهر جي هلت چلت سان گهرو ۽ گهاٽو واسطو هوندو آهي. جيتوڻيڪ هنن جو استعمال گهٽجي ويو آهي. تڏهن به انهن ۾ عقل ۽ دانائي، ڏاهپ ۽ سياڻپ جو اڻ کٽ خزانو لڪل آهي.“

اي ايس جيڪر چوي ٿو ته؛ ”ڪنهن به قوم جي عادتن، طور طريقن ۽ خيالن جي عڪاسي جنهن نموني سان پهاڪا ڪري سگهن ٿا، سا ڪنهن ٻئي نموني سان نٿي ٿي سگهي. “

شري گووند، هنديءَ ۾ تمام سهڻي راءِ ڏني آهي ته؛ کھاوتیں بھاشا کا مرم ھیں جس نی بھاشا کا یہ مرم نہیں سمجھا اس نی کچھ نھیں سمجھا

پهاڪي، چوڻيءَ ۽ اصطلاح ۾ معمولي فرق آهي. ”پهاڪو“ عموماً هر قسم جي ضرب المثل کي چئبو آهي. جڏهن ته چوڻي ڪنهن مشهور ماڻهوءَ جي چيل ڳالھ يا قول کي چئبو آهي. ۽ اصطلاح معنوي لحاظ کان ڪجھ مختلف آهي. ڇاڪاڻ جو اصطلاحن جي رواجي معنيٰ هڪڙي آهي ته لغوي معنيٰ وري ٻي اٿن. مثال طور: ”اکين اڳيان ڦرڻ“ لفظي معنيٰ اٿس؛ سامهون ڏسڻ ۾ اچڻ. پر رواجي معنيٰ ”ياد پوڻ“ آهي.

چوڻ کي ته پهاڪا مڙيئي سڀ ئي پهاڪا آهن، پر پهاڪن کي انهن جي نوع جي حوالي سان مختلف قسمن ۾ ورهائي سگهون ٿا. ڪجھ قسم هيٺ ڏجن ٿا:

1.    مذهبي پهاڪا

2.    اخلاقي پهاڪا

3.    تاريخي پهاڪا

4.    سماجي پهاڪا

5.    معاشي پهاڪا

6.    مشهور شاعرن جا بيت، پهاڪن طور چيل.

۱. مذهبي پهاڪا:

جن پهاڪن ۾ مذهبي رنگ سمايل هجي يا مذهب جي ڪا تعليم مختصر لفظن ۾ ڏني وڃي اهي پهاڪا ”مذهبي پهاڪا“ آهن. اسلام هڪ اهڙو آفاقي مذهب آهي، جنهن ۾ زندگي گذراڻ جا سڀ اصول پيش ڪيا ويا آهن. مطلب ته انساني حياتيءَ سان لاڳاپيل هر مسئلي ۽ هر مونجهاري جو حل اسلام ۾ موجود آهي. سنڌي ٻوليءَ تي به اسلام جو وڏو اثر ٿيو ۽ قرآني آيتن ۾ نبي صه جي حديثن کي پنهنجي مٺڙيءَ ٻوليءَ ۾ سادن ۽ سولن لفظن ۾ پيش ڪيو ويو ته جيئن ماڻهن کي مذهب جي باري ۾ وڌيڪ ۽ بهتر ڄاڻ ملي.

”جهڙي نيت، تهڙي مراد.

(انما الاعمال بالنيات) حديث پاڪ. جڏھن ته قرآن شريف ۾ به اهو ئي فرمان آهي. مطلب ته سولي سنڌيءَ ۾ معنيٰ اٿس:

”چڱو چڱو ڪر ته چڱو ٿيئي.“

اسلام ۾ صبر ۽ شڪر جي تمام گهڻي تلقين ڪئي وئي آهي. قرآن پاڪ ۾ رب تعاليٰ فرمائي ٿو ته:

(ان الله مع الصابرين) سنڌي پهاڪي موجب؛

”صبر جن جو سينڱ، تير نه گسي تن جو.“

شڪر ڪرڻ سان رزق ۾ برڪت پوي ٿي ۽ مصيبت جو منهن به نٿو ڏسڻو پوي. سو هر وقت الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪرڻ گھرجي. ”شڪر الحمد لله“ چئي. سنڌي پھاڪي مطابق:

”ٿورو ڏسي ارهو نه ٿجي، گهڻو ڏسي سر هو نه ٿجي.“

هميشه پنهنجي عيبن تي نظر ڪجي، ٻين جا عيب نه ڦولھجن. بعض اوقات ماڻهو، پاڻ ته برائيءَ ۾ پورو ٻڏل هوندو آهي، ته به ٻين جو ننڍڙو عيب به وڏو ڪري پيش ڪندو آهي. الله تعليٰ ان عمل کي سخت ناپسند ڪيو آهي. سنڌي پهاڪي ۾ اهڙي ماڻهو لاءِ چون ٿا ته:

”پرڻ چوي ڏونگهي کي؛ وڃ ٽه-ٽنگا.“

ڪائنات جي هر شيءِ تي قادر، هڪ ئي ذات آهي. ان تقدير پاڻ لکي آهي. قرآن ۾ آيو آهي ته:

”ان الله على شيءِ قدير“

سولي سنڌي ۾ ائين چيو اٿن ته:

”جيڪو لکيو منجھ ازل، تنهن کي ڪير وجهي جهل.“

بندي کي گهرجي ته اٺ ئي پهر مالڪ کي ياد ڪري. هر لمحي هر لحظي سندس وات تي هڪ ئي وائي هجي.

”ڏٺو سڀ وسار اڻ ڏٺي کي ياد ڪر.“

۲. اخلاقي پهاڪا:

تمام مذهبن جي اخلاقيات هڪجهڙي آهي. ڪنهن به مذهب ۾ قتل جي اجازت ناهي. ڪو به مذهب چوري، ٺڳي ۽ ڪوڙ کي پسند نٿو ڪري. مطلب ته اخلاقي طور تي مذهبن ۾ مت ڀيد نه آهي. سنڌي ٻوليءَ جي پهاڪن ۾ اخلاق جا گهرا ۽ اهم نڪتا سمايل آهن. جنهن ۾ هر مذهب جي اخلاقيات موجود آهي. سنڌي پهاڪن ۾ گامو سچار جو ذڪر به موجود آهي ته سچ جي ساراھ به آهي. ڪوڙن جون ٺڳيون به آهن. پورهيت جي پورهئي جي واکاڻ به ڪئي وئي آهي ته ڪم ڪوس کي گهٽ وڌ به ڳالهايو ويو آهي. مطلب ته سنڌي پهاڪا اسان جي سماج جي اخلاقيات کي واضح ڪن ٿا. ۽ اهڙي حقيقتن پيش ڪن ٿا، جنهن کي اسان ڪڏهن به رد نٿا ڪري سگهون.

مثال:

”سچ ته بيٺو نچ، ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ.“

”جيڪو ڏاڍو سو گابو.“

”ڪم پرين سڀ ڪو آهي، چم پرين ڪو نه آهي.“

”ظلم قائم آهي پر ظالم قائم نه آهي.“

”جتي لوڀي هجن، تتي ٺوڳي بک نه مرن“

مطلب ته اهڙا الائجي ڪيترا پهاڪا آهن جن مان هتان جي ماڻهن جي اخلاقي اطوارن جو پتو پوي ٿو.

۳. تاريخي پهاڪا:

هي پهاڪن جو اهو قسم آهي جنهن جو تعلق تاريخ جي ورقن سان آهي. تاريخ تي نظر وجهبي ۽ غور ڪبو ته انهن پهاڪن جي پروڙ پوندي. ماضيءَ جي گذريل واقعن جو تفسير، جيڪو پهاڪن ۾ لڪل آهي، سو ڪنهن ٻئي حوالي ۾ نظر نه ايندو. مثال:

”پارسي؛ گهوڙي چاڙهسي“

ارغون، ترخان ۽ مغلن جي دور کان وٺي، ويندي ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دور تائين، سنڌ ۾ فارسيءَ جو راڄ هوندو هو. جيڪو پارسي سکندو هو ۽ پارسيءَ ۾ لکندو پڙهندو هو سو ئي اعليٰ علمدار بڻبو هو. هيءُ پهاڪو به ان دور جي عڪاسي ڪري ٿو. پر ان پهاڪي کي رد ڪندي شاھ لطيف ٺھ پھ چئي ڏنو ته:

جي تو فارسي سکيو، گولو توءِ غلام،

اڃيو تان آب گهري، بکيو تان طعام،

ايءُ عامن سندو عام، خاصن منجهان ڪين ٿئي.

”ميرن کي ڪٿان لڳي؟“ چي؛ گهر مان  لڳي.“

ان پهاڪي مان واضح آهي ته پهاڪو ميرن جي پڄاڻيءَ واري دور جو آهي. جڏهن به پراون تي اعتبار ڪبو ۽ پنهنجن کان پاسو ڪبو آهي، تڏهن باھ به پنهنجا ئي ٻاريندا آهن.

”مغلن اڳيان، فارسي وسري وڃي.“

يقينن زباندانن اڳيان، ڪير پنهنجي مهارت ظاهر ڪندو. هي پهاڪو به پري کان پڌرو آهي ته مغلن جي زماني جا ڳڻ ڳائي رهيو آهي.

”عمر وٺي وٺي مارئي وٺندو، ٿر ته ڪين ٿيلهيندو.

يعني سومرن جي حڪمرانيءَ جو زمانو ۽ عمر سومري جو راڄ هو ۽ مشهور لوڪ داستان ”عمر مارئي“ جي عڪاسي ٿي رهي آهي.

”انڌو هاٿي، لشڪر جو زيان.“

راجا پورس جي هاٿين پنهنجو لشڪر لتاڙيو هو. پر ڏٺو وڃي ته ان هڪ واقعي کانسواءِ ٻيا به ڪيترا ئي واقعا پيش آيا هوندا. ڇاڪاڻ جو آڳاٽي زماني ۾ لڙايون هاٿين، اٺن ۽ گهوڙن تي ويهي وڙهبيون هيون.

”ڪنن  جي ڳالهين، مير بجار مارايو.“

سس پس ڪرڻ هونئن به غير اخلاقي حرڪت آهي. پر اڪثر ڪري ان سان وڏا ممڻ مچي پوندا آهن. ڳالھ خون ريزيءَ تائين وڃي پهچندي آهي. تاريخ ۾ اهڙو جيئرو جاڳندو مثال آهي. مير بجار خان ڪلهوڙن جو هڪ وڏو سياڻو وزير ۽ سپه سالار هو. جنهن کي سندس فوج مجبور ڪيو ته ميان غلام نبيءَ سان جنگ ڪجي ۽ ان مجبور ٿي جنگ ڪئي، پر پوءِ غلام نبي کي مارائي ان جي ڀاءُ عبدالنبي کي تخت نشين ڪيو. جنهن کي بعد ۾ اچي اهو ڊپ ٿيو ته مير بجار خان کيس مارائي نه وجهي. تنهن لڪ ڇپ ۾ ڳالهيون هلائي چالاڪي ۽ مڪاريءَ سان مير بجار کي مارايو. اڄ تائين بجاراڻي نسل جا ماڻهو، سنڌ ۽ بلوچستان جي علائقن ۾ رهندا اچن ٿا.

۴. سماجي پهاڪا:

سماج جو پهريون ايڪو فرد ۽ گهر آهي. يعني گهر کان وٺي سماج جي هر عنصر ۽ هر جزي تي پهاڪا ملن ٿا. هن قسم جي پهاڪن ۾ مختلف قسمن جي وهنوارن، هلت چلت، اٿڻ ويهڻ، کائڻ پيئڻ، گهمڻ ڦرڻ، ايتريقدر جو هڪٻئي سان تعلقات جو ذڪر به ملي ٿو. سماجي پهاڪن مان ديس جي سماجي حالت، بالڪل چٽيءَ ريت سامهون اچي ٿي. سڄي معاشري جي نفسيات جو پتو سماجي پهاڪن مان پوي ٿو. گهرو سياست کان وٺي ٻاهرين سياست ۽ ثقافت مان بکندي آهي.

”سياري جي سوڙ سڀ ڪو پاڻ ڏي سيري“

هن دنيا ۾ هر ڪو ماڻهو پنهنجو سک تلاش ڪري ٿو.

”گهڻين زالين گهر نه هلي، گهڻن مردن هر نه هلي“

”چئو ڌيءُ کي سکي ننهن.“

”آئي ٽانڊي ڪاڻ، بورچاڻي ٿي ويٺي.“

”اهڙو سون ئي گهوريو جو ڪن ڇني.“

اهي پهاڪا نج گهر سان واسطو رکن ٿا. گهر ۾ گهڻو تڻو عورتون رهن ٿيون. گهر جي سياست بلڪل نرالي هوندي آهي. گهرو پهاڪن ۾ جيڪا لذت يا چاشني آهي سا ورلي ڪا ٻين وٽ ملندي.

سماج سان واسطو رکندڙ هر ماڻهو، هر پيشي، هر مسئلي جو ذڪر سماجي پهاڪن مان ملي ٿو. مثال:

”قاضي ڄاڻي، قيام ڄاڻي.“

”جيءُ خوش ته جهان خوش.“

”سوناري جا سؤ ڌڪ، لوهار جو هڪڙو ڌڪ.“

”ڌوٻيءَ جو ڪتو؛ گهر جو نه گهاٽ جو.“

”کٽو واڻيو، پراڻيون وهيون ساري.“

 

۵. معاشي پهاڪا:

پهاڪن جي هن قسم ۾ ملڪ جي اقتصادي حالت اچي وڃي ٿي. ان قسم جي پهاڪن مان ماڻهن جي معاشي حالت جي خبر پوي ٿي ته ماڻهو غريب هئا يا امير، ڪنجوس هئا، يا سخي، ڪفايت شعاري به ڄاڻندا هئا يا رڳو پئسو پائي اڏائي ڇڏيندا هئا. ان دور ۾ ماڻهن جي معاشي حالت چڱي هئي يا اڄ بهتر آهي. ماڻهو وقت سان تبديل ٿيا آهن يا نه. دولت ميڙڻ ڄاڻندا هئا يا رڳو کپائي کٽائي ويهندا هئا. ڪنهن به واپار مان ڪيترو نفعو پهچندو هئن ۽ ڪيترو نقصان رسندو هئن. اهو سڀ معاشي پهاڪن ۾ بظاهر مختصر پر واضح نموني ۾ بيان ٿيل آهي.

مثال هيٺ ڏجن ٿا:

”ان جو واپار هس مان ڇلو ۽ ڇلي مان هس.“

”ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ.“

”ڪک هيٺان لک.“

”نوانوي وارو ڌڪو.“

”پوءِ ڍائي کان قرض نه کڻجي توڙي لک لٽائي.“

”سخي ۽ شوم، سال ۾ ٻئي برابر.“

”دولتمندن جا، ڏاند به ويامن.“

”جنهن جو ڪم اهو ئي ڪري، ٻيو ڪري گهاٽو ڀري.“

”قرض، ڪوڙھ جو ٽڪو آهي.“

مطلب ته مٿين پهاڪن مان واضح ٿئي ٿو ته اڄ به ساڳيو حال آهي. ماڻهن پنهنجون عادتون مٽيون ناهن. اڄ به اسانجي معاشي حالت اڳي وانگر آهي. پر اڳي ماڻهن ۾ تن آساني نه هئي، پر هاڻي هر ڪم لاءِ مشين ايجاد ٿي وئي آهي. جنهن ماڻهن کي جتي خرچ ۾ وڌو آهي، اتي سستي ۽ ڪاهلي به پيدا ڪئي آهي.

۶. مشهور شاعرن جا بيت پهاڪن طور چيل:

سنڌ جي مشهور ۽ عوامي شاعرن جا بيت به پهاڪن طور استعمال ٿيندا آيا آهن. اسان جي گهر جا وڏڙا ۽ وڏڙيون، موقعي مهل سان، اهي بيت پهاڪن طور پيش ڪندا رهن ٿا. انهن بيتن ۾ مام موجود آهي. اهڙا اونها راز سمايل آهن، جيڪي هر دور ۽ هر وقت جي تقاضائن کي پورو ڪن ٿا.

مٺ ڀيڙيائي ڀلي، جي اپٽي ته واءُ،

جي پڌر وڌي ڳالهڙي، ته ڇڏي وڃي ساءُ.

پاڻي مٿيءَ جهوپڙا مورک اڃ مرن.

وري لاکيڻي لطيف جو ته هر بيت هڪ نصيحت ۽ وصيت آهي. پر ڪي بيت ته واقعي اڄ ڏينهن تائين پهاڪن طور ڪتب اچن ٿا.

ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين.

ڪي ويجهائي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين.

ايءَ نه مارن ريت، جو سيڻ مٽائين سون تي.

وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي.

اڻ چوندن م چئو، چوندو چيو وسار.

اٺئي پهر ادب سين، پر اهائي پار.

ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،

ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجھ، اچي بوءِ بهار جي.

مٿين سڀني حوالن مان اهو نتيجو سامهون اچي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ پهاڪن جو اهڙو خزانو آهي جيڪو ماضي، حال ۽ مستقبل کان واقف ڪري ٿو. نه رڳو پهاڪن سان ٻولي مالامال ٿي آهي، پر پهاڪن جي آئيني ۾ سنڌ جي ثقافت واضح ۽ چٽي نموني نظر اچي ٿي. اهي پهاڪا اسان جي تاريخ به آهن ته اچڻ وارن ڏينهن لاءِ رهبر به آهن. انهن مان اسان کي سبق وٺڻ گهرجي ۽ انهن جو استعمال گهڻي کان گهڻو ڪرڻ گهرجي.

بقول شاعر جي:

ڪنين ماضي ۾، ڪنين استقبال،

حيف تنين حال، جن وساريو حال کي.

 

مددي ڪتاب

”گل شڪر“ ديوان ڪيولرام سلامتراءِ.

”پهاڪن جي پاڙ“ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو.

”سنڌي گرامر ۽ ڪمپوزيشن“ ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي.

”اصطلاحن جي اصليت“ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو.

”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ.

 

 

(ڪلاچي، تحقيقي جرنل، ڪراچي يونيورسٽي، سال ۱۹۹۸ع، ص۱۶۵ کان ۱۷۲ تائين، تان ٿورن سان کنيل.)

No comments:

Post a Comment