Monday, October 5, 2020

شاهه جي ڪلام ۾ اصطلاح ۽ پهاڪا - سر کنڀات، سر سريراڳ ۽ سر سامونڊي

شاهه جي ڪلام ۾ اصطلاح ۽ پهاڪا

(سر کنڀات، سر سريراڳ ۽ سر سامونڊي)

پروفيسر مظھر علي قريشي



شاهه لطيف جي ڪلام مان هيءَ ڳالهه عيان آهي ته ان ۾ تجنيس حرفي تمام گهڻي ڪم آندل آهي. ان ڪري ڪنهن به بيت ۾ استعمال الفاظ هڪ قسم جا اصطلاح پيا معلوم ٿين ٿا. حالانڪ ڪيترا الفاظ، اصطلاح نه آهن، ليڪن اهي تجنيس حرفي ۾ ڪم آندل ڪلام جي وڏي نزاڪت کي نروار ڪندڙ آهن. شاهه جا محقق، ٻوليءَ جا پارکو ۽ عالم اديب، شاهه جا ڪيترا ئي بيت پهاڪن طور ڪم آڻيندا رهن ٿا. ان ڪري ڏسجي ٿو ته شاهه جو سارو ڪلام، اهڙين خوبين جو هڪ اکٽ خزانو آهي. هن مضمون ۾ سندس ڪلام مان ٽن سرن: (۱) سر کنڀات (۲) سر سريراڳ ۽ (۳) سر سامونڊيءَ جا اصطلاح ۽ پهاڪا قلم هيٺ آڻي، انهن جي معنيٰ کي سمجهائڻ جي حتي المقدور ڪوشش ڪئي وئي آهي. تاهم آ طفلِ مڪتب جي حيثيت ۾، سمجهان ٿو ته انهي ۾ ڪيتريون ئي غلطيون سرزد ٿي ويون هونديون، جنهن لاءِ اميد ته عالم ۽ اديب رهنمائي ڪندا.


اصطلاح

1.            ادورائون سڻڻ = دانهون/ فريادون ٻڌڻ.

2.           آڏت چوڻ = سلام/ سنهيو ڏيڻ.

3.            آرِ لڳڻ = محبت ڪرڻ.

4.           آراکن ۾ هجڻ = موت جي نظر ۾ هجڻ، ڪن جي نظر ۾ هجڻ.

5.            آڙي لڳڻ = مشڪلات/ اٽڪ پوڻ، نقصان پهچڻ.

6.            آساري پوڻ = ويسرڪرڻ، غافل ٿيڻ.

7.            آکا ڏيڻ = ]باس ڏيڻ جو هڪ قسم اکا وجهڻ = [ چانور ورهائڻ.   

8.            آکر آئڙڻ = (نمونو) پسند اچڻ.

9.            آڳي اُبهڻ = نجات حاصل ڪرڻ.

10.        اڳيان اوڄ اچڻ = طاقت / سگهه / فائدو ملڻ.

11.        امارو هجڻ = سعيو/ نسبت هجڻ.

12.        امر کڻڻ = حڪم پورا ڪرڻ.

13.        امل اچڻ = قيمتي شيءِ ڏيڻ (موتي).

14.        امل اوباهڻ = ماڻڪ بچائڻ.

15.        امل اولڻ = موتي ڪڍڻ.

16.        اميدون پچڻ = مراد پوري ٿيڻ.

17.        انڌيءَ اچار هجڻ = دنيا جو مثال هجڻ.

18.        انسان ارک ٿيڻ = بي وفا ٿيڻ.

19.        انگن انگ چاڙهڻ = (بدن) سوري تي چاڙهڻ.

20.        اُهس اسرڻ = باهه مٿان اڏامڻ، نور ۾ ڪاهي پوڻ، قربان ڪرڻ.

21.        آھو لاهڻ = اميد لاهڻ، آسرو لاهڻ.

22.        اوباهڻ = شفا ڏيڻ، نوبنو ڪرڻ.  

23.        اوسارا اچڻ = آسرو ٿيڻ، روئڻ.

24.        اولاڻيو نه اٿڻ = خالي نه اٿڻ، پلاڻ کان بنا نه هلڻ.        

25.        آونگ چاڙهڻ = سامان/ برتن رکڻ.

26.        اوهري وڃڻ = هڪلي / ڪاهي وڃڻ.

27.        اويسهه پائڻ = فال وجهڻ.

28.        اويسهه پوڻ = اڻ تڻ هجڻ.

29.        بازي ڀڃي ڇڏڻ = حرفت ڇڏڻ.

30.        باطن جا بانا ڏيکارڻ = راز ٻڌائڻ، اسرار ڏيکارڻ.

31.        ٻاجهه سين ٻيڙا رکڻ = حفاظت ڪرڻ، بچائڻ.

32.        ٻار ۾ ٻيڙا وجهڻ = ٻار ۾ وجهڻ، ٻيڙن کي ٻيٽ ۾ هاڪارڻ

33.        ٻار مان ٻڏا اڪارڻ = اوڙاهه مان ڪڍڻ.

34.        ٻانهپ ٻيڙيون ٻڌڻ = تمام گهڻي عجز عاجزي ڪرڻ.

35.        ٻرڻ ۽ پڄڻ = هلي پهچڻ.

36.        ٻنڌڻ ٻڌڻ = پلو پهه ڪرڻ، ادم ڪرڻ.

37.        ٻُور نه ڏيڻ = گورو/ اٺ نه ڏيڻ.

38.        ٻيڙا ٻيٽ اولڻ = ٻيڙن کي نقصان ڏيڻ.  

39.        ڀر ۽ ڀروسو نه هجڻ = ڀروسو ۽ ڀت نه هجڻ، اڌار/ پناهه نه هجڻ.

40.        ڀر سکاڻ ڏيڻ = سکاڻ کي ٽيڪ ڏيڻ.

41.        ڀُل گهرجڻ = طاقت/ ڀلائي گهرجڻ.

42.        ڀلائي جا ڀير هجڻ = چڱاين جو مجموعو هجڻ.

43.        ڀن ڀڃڻ =  نقصان ٿيڻ، سامان ڀڃڻ.

44.        ڀيڃ ڀني اچڻ = تمام سويرو اچڻ.

45.        ڀيڻي ڀر نه هجڻ = اجهو/ اڌار/ طاقت نه هجڻ.

46.        پاٻوهي پير ڏيڻ = کلندي هلڻ.

47.        پاپن جو پڃرو هجڻ = گناهن جو گهر هجڻ.

48.        پاتار ۾ پيهجي وڃڻ = پاتار منجهه پيهجڻ، تري تائين وڃڻ، نئڙت ڪرڻ.

49.        پار پهچڻ = پارکي پهچڻ، پرينءَ ڀر پهچڻ، مقصد حاصل ڪرڻ، منزل مقصود کي پهچڻ.

50.        پاڻ ۾ پاريون ڪرڻ = اندر ۾لڙڪ هارڻ، هنجون هارڻ.

51.        پاڻ ڀانئڻ = خودي ڏيکارڻ.

52.        پاڻ پرنجڻ = ڪرڻ، حوالي ڪرڻ.

53.        پاڻ وهيڻو هجڻ = پنهنجي وس هجڻ.

54.        پاڻي سين پيک ڪرڻ = سمنڊ/ پاڻي سان پيار ڪرڻ.

55.        پاڻيٺ پائڻ = موتي حاصل ڪرڻ

56.        پاڻيٺ پرکڻ = سون کي سڃاڻڻ.

57.        پاهوري پچار ڪرڻ = کائڻ جي ڪرڻ، (کائڻ جي) يادگيري ڪرڻ.

58.        پتڻ پور ڪرڻ = گهمرا ڪرڻ/ مٿان ڦرڻ (موت جو)، واري سان موت اچڻ.

59.        پَٽَ پهرجڻ = پکڙجي وڃڻ/ پوڻ.

60.        پچار پوڻ = ياد ڪرڻ.

61.        پچي پوڄ پوڻ = پچي راس ٿيڻ (گهڻن جو).

62.        پدمان پري ٿيڻ = درجو گهٽجڻ.

63.        پڌر پڳ نه لڳڻ = پڌر پڳ نه هجڻ، عشق جو راز ظاهر نه ڪرڻ، ظاهر ظهور ڪو نشان ڏسڻ ۾نه اچڻ.

64.        پرينءَ سان پاڙن = برابر سمجهڻ/ برابر ڪرڻ (پرين سان).

65.        پڙلاءَ پيهي وڃڻ = غائب/ گم/ هڪ ٿي وڃڻ.

66.        پڙيون ڀائڻ = سرهاڻيون ڪرڻ.

67.        پلاڻي پائڻ = بار وجهڻ

68.        پلڪ پريان جي نه پرڻ = برابر نه ٿيڻ.

69.        پلڻ جا پئند وجھڻ = سوگهو/ قابو ڪرڻ.

70.        پلهءُ پائڻ = اَزي ڪرڻ، ڳچيءَ ۾ ڳارو ڪرڻ.             

71.        پلو اڳيان پائڻ = عاجزي ڪرڻ، ڳچيءَ ۾ ڳارو ڪري دعا گهرڻ.

72.        پلئه پائڻ = ملڻ، ٿيڻ/ ڪرڻ، پلاند ۾ جهلڻ.

73.        پن پنڻ = وينتي ڪرڻ، خيراتون وٺڻ.

74.        پنڌ پورڻ = طئي ڪرڻ.

75.        پنڌ پوڻ = هلڻ.

76.        پوڄ پائڻ = گهڻو وجهڻ/ رکڻ

77.        پور پرائڻ = عشق ڪرڻ.

78.        پي پچار رسائڻ = پرين جي پيچري تي پهچائڻ.

79.        پي پچار هجڻ = پرين جي ياد هجڻ.

80.        پيرين پنڌ نه پڄڻ = پنڌ نه ٿيڻ/ اڄهڻ (ڪريل کان)

81.        پيڪو ۽ پانهنجي سڃاڻڻ = خاندان/ بنياد سڃاڻڻ

82.        ڦرهي ڦير اچڻ = نقصان پهچڻ.

83.        ڦوڙائي وڃڻ =  جدائي ڪرڻ.

84.        تات هجڻ = يادگيري هجڻ.

85.        تاريءَ تڳڻ = اَسري تي جيئڻ.

86.        تانگهي ۾ تاڻڻ = ٿوري پاڻي ۾ تيز هلڻ.

87.        تائب ٿيڻ = پڇتائڻ، پيش پوڻ، شرمائجڻ.

88.        تر ۾ تاڪائڻ = بند ڪرڻ (جهاز جي تري ۾).

89.        تر تروڪڻيون هجڻ = تمام سهنيون هجڻ (اکيون).

90.        تراز کي تاري وڃڻ = ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ.

91.        ترهو تاڻي ٻڌڻ = سنڀرڻ، تيار ٿيڻ.

92.        تري تن پوڻ = سوراخ ٿيڻ، نقصان پهچڻ.

93.        تڪ ڏيڻ = ڳهڻ / ڳيت ڏين -؟                

94.        توائي ڪرڻ = ڀٽڪائي ڇڏڻ-؟

95.        تور تڪوم ڪرڻ = تور تڪون ڪري ڇڏڻ[ ڪٿ ڪرڻ / واجهائڻ

96.        توڪل تڪيو ڏيڻ = خدا جو ڀروسو ڪرڻ

97.        توهه طلبڻ = ڀلائي گهرڻ.

98.        توهه ڪرڻ = مهر/ لطف گهرڻ.

99.        تيلي روءِ هجڻ = خراب شڪل هجڻ، (نوٽ: ”تيلي روءِ“ جون رسالن ۾جدا جدا معائون آهن. جن ۾ چمڪيلي/ سهڻي ۽ ٻئي رسالي ۾ ”خواب“ جي معنيٰ ورتل آهي.)

100.     ٿڪيو ٿوڪ ڇڏڻ = عمدا کاڌا ٿوڪارڻ.

101.     ٿوڪ ٿُڪڻ = عمدا کاڌا نه وڻڻ.

102.     ٿوهي ۾ ٿاڻو هجڻ = (عشق جي) اندر ۾ جاءِ هجڻ.

103.     جار پرائڻ = ڏک ملڻ.

104.     جان جور هڻڻ = زور سان نيزاريون ڪرڻ.

105.     جر پٽيون جهاڳڻ = پاڻي ۽ پٽ کي هلڻ، سفر ڪرڻ.

106.     جر پلئي پائڻ = دعا گهرڻ، باس طور چانور پاڻي ۾ وجهڻ وقت، ڳچيءَ ۾ ڳارو ڪري پاڻي ڇنڊو هڻڻ يا دعا گهرڻ.

107.     جر جاٽون ڏيڻ = زيارت ڪرڻ، اکا ڏيڻ.

108.     جَرُ جُهارڻ = سلام ڪرڻ خيرات گهرڻ، پوڄڻ (سمنڊ تي).

109.     جهاٽ ڏيڻ = جلدي ڪرڻ، همت ڪرڻ.

110.     جهرجهنو ٿيڻ = پراڻو/ ڪمزور ٿيڻ.

111.     جهريون جهاڳڻ = موج مان/ ڪنن مان ٽپي اچڻ.

112.     جهريون جهاڳي اچڻ = ڪنن مان ٽپي اچڻ.

113.     جهوري ڇڏڻ = گيسر/ غفلت ڇڏڻ.

114.     جوٽن تائين جُٽڪڻ = گهڻي دولت گڏ ٿيڻ، گوڏن تائين گڏ ٿيڻ.

115.     جيءَ جنجار ۾ وجهڻ = فڪر/ ڳڻتي ۾ پوڻ.

116.     چارو نه هجڻ = چوڻ چاور نه هجڻ، بيان کان بات ٻاهر هجڻ.

117.     چاڪ چڪڻ = ڦٽ ڪڙهڻ، زخم اٿلڻ.

118.     چاڳ مان چنڻ = ناز مان چرڻ.

119.     چت ۾ چتيارڻ = دل تي رکڻ - ياد ڪرڻ

120.     چت ۾ چڻڪڻ = اندر ۾ وسڻ/ ياد پوڻ.

121.     چت چيتارڻ = سُرت رکڻ.

122.     چتان چُور لاهڻ = اندر مان يادگيري ڪڍي ڇڏڻ.

123.     چتاءُ نه چُرڻ = دل تان نه لهڻ، نه وسرڻ.

124.     چٽ چٽڻ = ذائقو وٺڻ.

125.     چٽ چکڻ = مزو وٺڻ، وس واري شيءِ کائڻ.

126.     چر چتان لاهڻ = اندر مان يادگيري ڪڍڻ ڇڏڻ، چر چتان لفظ کي ڪلياڻ اَڏواڻيءَ ”چر“ لکيو آهي.

127.     چڪڻ چاڙهه هجڻ = پوارئتو وهڪرو/ هنڌ هجڻ.

128.     چڱي ڀت چوڻ = سٺي نموني ڳالهائڻ / چوڻ.

129.     چوپا ڪرڻ = نه کائڻ، ٿوڪاري ڇڏڻ.

130.     چوٽيءَ تائين چور هجڻ = ٻڏل هجڻ.

131.     چوڏهين مان چنڊ جو اچڻ = محبوب جو اچڻ.

132.     چيت چت ۾ رکڻ = ڌيان ڌرڻ، ياد ڪرڻ.

133.     چيٺي چڱي ڪرڻ = چڱي ٺاهڻ، سنوارڻ.

134.     چئي چڪڻ = چئي چئي ٿڪجي پوڻ.

135.     چيئن چاڙهڻ = باهه ۾ وجهڻ.

136.     ڇوهي چوڙهڻ = طوفان ۾ هلڻ.

137.     حاج حاصل ڪرڻ  = مراد پوري ڪرڻ، ڪم راس ڪرڻ.

138.     حيلن هزار ڪرڻ = وڏيون ڪوششون ڪرڻ.

139.     خالي نه ٿيڻ = (فقيرن/ مڱهارن جو اصطلاح) نراس نه موٽڻ، هٿين خالي نه موٽڻ، سکڻو نه موٽڻ.

140.     ڊاءِ ڀڄڻ = ڪنبڻ، خوف/ ڀؤ ڪرڻ

141.     ڍينگ ڍرڻ =ڏن جهازن جو) ڊهي پوڻ.

142.     ڏنڀ ڏسڻ = عذاب سهڻ.

143.     ڏوراپو ڏيڻ = مهڻو ڏيڻ.

144.     ڏيساندر پاند هجڻ = پرڏيهه هجڻ.

145.     ڏيهه جا ڏهائي هجڻ = تر جا رهاڪو هجڻ.

146.     ڏيهه ڏهي وڃڻ = بدن ساڙي وڃڻ.

147.     رائي رات رهڻ = سڃ ۾ گذارڻ.

148.     رت روئڻ = تمام گهڻو روئڻ.

149.     رت ڪرڻ = پيار ڪرڻ.

150.     رڃن ۾ روشن ٿيڻ = پڌرو/ ملڪان ملڪ مشهور ٿيڻ.

151.     رند رهڻ = رستي تي هلڻ.

152.     روح رچنديون ڪرڻ = رهاڻيون / خاشيون ڪرڻ.

153.     ريهڻ ريجهڻ = ڳنڍڻ، لنئون لائڻ.

154.     سانگ پوڻ = وڇوڙو پوڻ، پري ٿي وڃڻ، سفر ٿيڻ.

155.     سانگ ڪرڻ = حيلا ڪرڻ، سفر ڪرڻ.

156.     سانگ وڃڻ = (س-ا) ڪنهن سانگي سفر تي ٻاهر وڃڻ.

157.     سانڱاهي سئين وهڻ = سمجهي سڌو هلڻ.

158.     ساھ ڏيڻ = ڇڪ ڏيڻ، وير جو چڙهڻ.

159.     سائر ساھ ڏيڻ = (شاعراڻو اصطلاح) وير چڙهڻ.

160.     سبب ڪرڻ = مهرباني ڪرڻ.

161.     سڀئي جنم سڪڻ = اصل/ ازل کان سڪڻ، پيار ۾ رهڻ.

162.     سٽ پروڙڻ = واپار/ وهنوار سڃاڻڻ.

163.     سڄاين ۾ هجڻ = خير گهريائي، چڱائي ۾ هجڻ.

164.     سڌين سيڻ نه هجڻ = خيالن سان محب/ دوست نه ملڻ.

165.     سر ڪرڻ =  تيار ڪرڻ، ٽپائڻ.

166.     سڙهه سوري ٻڌي = سڙهه سورڻ، تيار ٿيڻ.

167.     سکاڻ ساڄو جهلڻ = قابو ڪرڻ.

168.     سکائون ڪرڻ = باسون باسڻ.

169.     سمنڊ جي سيوا ڪرڻ = خدمت/ واپار ڪرڻ.

170.     سنجهي سيٽڻ = سويري هلڻ/ ڪاهڻ.

171.     سنئون سڀاڳ هجڻ = بخت هجڻ.

172.     سودو سڦرو ٿيڻ = فائدو ملڻ.

173.     سوري سڙهه ٻڌڻ = تيار ٿيڻ سنڀرڻ، تياري ڪرڻ.

174.     سون سين سٽ هجڻ = سون سان واهپو/ واپار هجڻ.

175.     سيٽ جوڙڻ = سودو ڪرڻ.

176.     سيٽ سُوَٽ پائڻ = مضبوط ڌاڳو وجهڻ.

177.     سيخ ٿيڻ = اڀو ٿي وڃڻ، اڀرڻ، چڙڻ.

178.     سير ستاوا ٿيڻ =  تڪڙا/ ڇوها وڃڻ.

179.     سيهي سار لهڻ = خسيس شيءِ کي سڃاڻڻ.

180.     عام کي انت ڏيڻ = ظاهر ڪرڻ.

181.     عرض اونائڻ = مڃڻ/ قبول ڪرڻ.

182.     فضل جو ڦيرو ڪرڻ = مهرباني ڪرڻ.

183.     کاري کيڙائو هجڻ = سياح/ سمنڊ جو مسافر هجڻ.

184.     کامي وڃڻ = وسامي/ ختم ٿي وڃڻ.

185.     کٽ کٽڻ = بازي کٽڻ، فائدو ٿيڻ/ وٺڻ.

186.     کڏ کوڙڻ = کاڏو کوڙڻ، سست ٿي ويهي رهڻ.

187.     کر کجائڻ = کرن کي کجائڻ، چڙ/ کار ڏيارڻ (رقيبن کي).

188.     کرن ۾ کام پوڻ = لچن کي ساڙ وٺڻ.

189.     کنڊ کيڙائو هجڻ = سياح هجڻ، ولاتيون گهمندڙ هجڻ.

190.     کنڊ کيڙڻ = دنيا جا حصا گهمڻ.

191.     کنڊ کيڙو اچڻ = مسافر/ سيلاني جو اچڻ.

192.     کنوڻ کنوڻ = موت اچڻ.

193.     کُهرءِ کهارڻ = فڪر ۾ رهڻ/ گذارڻ.

194.     کوڙيون ڪيو گجڻ = (مٿان) اچڻ، ڪڙڪڻ.

195.     کوها کڻڻ = تيار ٿي وڃڻ، سنڀرڻ.

196.     ڪالوڻي ڏيهه کي ڪڙهڻ = قيامت جو خيال ڪرڻ.

197.     ڪائو ڪچ ڪڍڻ = ڪوڙو جنسار ڦٽي ڪرڻ، خسيس شيون ڦٽي ڪرڻ.

198.     ڪائو ڪمائڻ = ڪوڙ جو وهنوار ڪرڻ.

199.     ڪٿ ڪرڻ = ڳڻتي/ ويچار ڪرڻ.

200.     ڪٿ نه ڪرڻ = ليکو نه ڪرڻ، ڳڻ ڳوت نه ڪرڻ.

201.     ڪُر سڃاڻڻ = اصل/ خاندان سڃاڻڻ.

202.     ڪَسُ لاهڻ = گهٽتائي دور ڪرڻ.

203.     ڪوڙ ڪمائڻ = ڪوڙ جو واپار ڪرڻ.

204.     ڪوڙي ڪوڙ ڪڍڻ = خراب خيال/ دغا ڪڍڻ.

205.     ڪير هٽائڻ = مضبوط ڪرڻ.

206.     ڳچ ڳري پوڻ = اندر هيسائجي وڃڻ، احساس ٿيڻ، قياس اچڻ، اندر هيسائجي وڃڻ.

207.     ڳن ڳريو ڪرڻ = (مير بحرن جو اصطلاح) تياري/ سنبت ڪرڻ.

208.     ڳُڻ ڳهيو پائڻ = قابو/ سوگهو ڪرڻ.

209.      ڳوڙها ڪرڻ = (س-ا) منجهائڻ، فڪر ۾ وجهڻ.

210.     ڳوڙها ڪرڻ = منجهائڻ، رئارڻ، پريشان ڪرڻ.

211.     لاڄو لنگهائڻ = ٺاهڻ، دوست ڪرڻ.

212.     لال لڱن کي لائڻ = سينگار ڪرڻ.

213.     لائو لڱو ميڙڻ = سڀني کي گڏڻ.

214.     لائون لهڻ = پرڻجڻ، شادي ڪرڻ (س-ا).

215.     لپيٽ لڳڻ = ڌڪ لڳڻ، ضرب اچڻ، نقصان پهچڻ.

216.     لڄُ پائڻ = ليلائڻ، شرمائڻ.

217.     لڄ کڻڻ = ننگ ڪرڻ، ذمو کڻڻ.

218.     لڏو لاهڻ = ويهي رهڻ.

219.     لڏو م لاهڻ = ڳوليندو رهڻ، بس ڪري نه ويهڻ.

220.     لک لاکيڻو هجڻ = مُلهائتو/ قيمتي هجڻ.

221.     لکيو لوڙڻ = قسمت ڀوڳڻ.

222.     لنڪا لوپي اچڻ = (رام جي لنڪا لٽڻ مان ورتل اصطلاح) لنڪا جا مال خريد ڪري گهر ڀرڻ.

223.     لنو لاهي هجڻ = محبت ڏي مائل هجڻ.

224.     ليکي ۾ لنڊو هجڻ = گنهگار هجڻ.

225.     ماڪائي وجهڻ = ڪُڏ ڪرڻ، شوق ڪرڻ.

226.     مت منجهڻ = عقل وڃڻ.

227.     مٽي مان لهڻ = وڏو مرتبو ملڻ (مرڻ کانپوءِ به).

228.     مٺي نه ڀانئڻ = ڪاوڙ نه لڳڻ.

229.     مدايون ٿيڻ = خامي پوڻ.

230.     معمور ٿيڻ = خوش/ سکيو ٿيڻ.

231.     ملاحظو ٿيڻ = جوکو ٿيڻ/ نقصان پهچڻ.

232.     ملاحظو ڪرڻ = جاچڻ.

233.     من رتو ڪرڻ = دل خوش ڪرڻ.

234.     من رڱڻ = دل خوش ڪرڻ.

235.     منجهاران مڙ هجڻ = لنءُ لڳڻ (اندران).

236.     منڊيون پائڻ = عاجزي ڪرڻ.

237.     منهن ۾ مچ ٻرڻ = تمام سهڻو بڻجڻ/ هجڻ.

238.     موتي نه وڻجڻ = سٺو ڪم نه ڪري سگهڻ.

239.     مونو هڻي موٽڻ = اولڙ ڪري/ لتاڙي اچڻ (گاھ کي).

240.     ناسيدي نگاه ڪرڻ = اڀرندي ڏسڻ.

241.     نست ۽ نٻر هجڻ = ضعيف هجڻ/ ٿي وڃڻ.

242.     نڪڻو نياز ڪرڻ = چڱيءَ طرح نئڙت ڪرڻ.

243.     نهايت نه هجڻ = انت/ حد نه هجڻ.

244.     نهوڙي نيڻ = مارڻ، ضعيف ڪرڻ.

245.     نيٽ ڇنائڻ = رسا/ نوڙ ڇنائڻ، آجو ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ.

246.     نير پائڻ = زنجير هڻڻ، جڪڙڻ.

247.     نير ساڻ نمڻ = زنجيرن هوندي آزي ڪرڻ.

248.     نينهن جي نائڪ لڳڻ = عشق جي لپيٽ لڳڻ.

249.     نينهن نکارڻ = اندر بدن ڌوئي صاف ڪرڻ.

250.     نينهن نياپي نه ٿيڻ = سلامن سان عشق نه ٿيڻ.

251.     نيڻ نچورڻ = نين نچوئڻ، ڳوڙها ڳاڙڻ، اکين مان پاڻي هارڻ.

252.     هاهر ڪري هلڻ = هونگار ڪري هڪلڻ جي آواز ڪري هلڻ.

253.     هٿڙا ڏيڻ = مدد ڪرڻ.

254.     هٿڙا ڌرڻ = حفاظت ڪرڻ.

255.     هڏ پوڻ = اندر ۾ اثر ڪرڻ.

256.     هڙ نه هنج هجڻ = ڪجهه به نه هجڻ، خالي هجڻ.

257.     هڙ هلائڻ = سودو ڪرڻ، وٿ وٺڻ، تجويز هلائڻ، هنر هلائڻ.

258.     هلائڻ هاڪارڻ = (ميربحرن جو اصطلاح) ٻيڙيءَ کي ڌڪي هلائڻ.

259.     هي هي ڪرڻ = افسوس ڪرڻ.

260.     هيج هج ڪرڻ = نٽائڻ.

261.     هيڪاندا هجڻ = گڏ هجڻ.

262.     هيڪاندي هجڻ = اڪيلائي/ نويڪلائي ۾ هجڻ، گڏ ويٺل هجڻ.

263.     واٽ نهارڻ = انتظار ڪرڻ.

264.     وار واسڻ = سنئوڻ ڪرڻ.

265.     واس ورنيون هجڻ = خوشبودار/ سرهيون هجڻ.

266.     واس وهائڻ = خوشبوءِ وٺڻ.

267.     واهوندي ورڻ = بهار جي مند ۾ موٽڻ.

268.     واهي وڏوڙجڻ = سنڀاليندڙ جو ڪاوڙجڻ.

269.     وايون ڪرڻ = ڳالهيون ڪرڻ.

270.     وائي ورڻ = اکر اڄهڻ/ اڪلڻ.

271.     وجهه کي ور وجهڻ = قابو ڪرڻ، چنبڙي پوڻ.

272.     وجود ۾ وهڻ = اندر ۾ هجڻ/ وهڻ، واپرجڻ.

273.     وجود وڃائڻ = هستي ختم ڪرڻ.

274.     وڃڻ وائي ڪرڻ= هلڻ واري ڪرڻ.

275.     وڄ کنوڻ = موت اچڻ.

276.     وڌنديون وکون وجهڻ/ پائڻ = تڪڙو هلڻ.

277.     الوڙڻ نه ڏيڻ = هلائڻ نه ڇڏڻ.

278.     وڙهڻ وچڙڻ = پريشان/ ڪڪ ٿيڻ.

279.     وکر وھائڻ = سودو/ واپار ڪرڻ، ڳنهڻ.

280.     ولاتن وٽ پسڻ = پري وارن خزانن کي ڏسڻ.

281.     ولها ونهيان ڪرڻ = نوازڻ، مهرباني ڪرڻ.

282.     ولهن سين وٽڻ = مسڪينن سان اورڻ.

283.     ونڪي واٽ وٽڻ = ڏکيو رستو سمجهڻ.

284.     وڻج وهائڻ = واپار ڪرڻ.

285.     وهاٽڻ = هوش مان ڪڍڻ.

286.     وهامي وڃڻ = لهي وڃڻ، غروب ٿيڻ.

287.     وهلي وهامي وڃڻ = پريشان/ ڪڪ ٿيڻ.

288.     وهه پوڻ = وڙهڻ، نه سڃاڻڻ.

289.     وهه چڙهڻ = روانو ٿيڻ، منزل کي پهچڻ.

290.     وهه ويڌ ڪرڻ = ظلم/ ويڌن ڪرڻ، نقصان ڪرڻ.

291.     وهوري وڃڻ = وير جو وڪوڙي وڃڻ.

292.     وير وکر پائڻ = گهڻو بار وجهڻ.

293.     ويرم لاهي وهڻ = غفلت ڇڏڻ.

294.     ويرو تار وسڻ = هميشه هنجون هارڻ.

295.     ويسري وک کڻڻ = سستي ڪرڻ، غافل رهڻ.

296.     ويڳاڻو ٿي ويهڻ = سست ٿي وهڻ.

297.     ويلو وچ ڪرڻ = دير ڪرڻ، ويرم ڪرڻ.

298.     ويمي جو وت لهڻ = واپار جو قدر ڪرڻ، وڻج واپار جي خبر لهڻ.

299.     ويڻ وماسڻ = فڪرمند ڪرڻ، سياڻپ جا سخن چوڻ.

300.     ويڻ وماسيا هجڻ = سخن موزون/ معنادار هجڻ.

پھاڪا ۽ چوڻيون

(1) جيڪي منجهه جهان، سو تاريءَ تڳي تنهنجي،

لطف جي لطيف چئي، تو وٽ ڪمي ڪان،

عدل ڇٽان آءُ نه، ڪو ڦيرو ڪج فضل جو.

هي بيت سمورو جيتوڻيڪ، خدا تعاليٰ جي رحمت جو اظهار آهي، تاهم هي بيت ڳالهائڻ ٻوڳهائڻ وقت پهاڪي طور به ڪم آندو ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن هي بيت سڄو سارو هڪ ئي پھاڪي طور ڪم آندو وڃي ٿو. پر ڪڏهن هن کي به حصن ۾ جدا جدا صورت ۾ ڪم آندو وڃي ٿو. پهرئين حصي ۾ پهريون ٻه مصرعون ۽ آخري مصرع خدا تعاليٰ کان صرف مهرباني ۽ فضل جي گهر ڪيل آهي. ليڪن انصاف ۽ عدل جي نه. ڇا لاءِ ته انسان پاڻ کي وڏو مجرم سمجهي، پاڻ کي سزاوار سمجهي ٿو. جنهن ڪري مالڪ حقيقي کان مهرباني جي طلب ڪرڻ لاءِ اها سٽ، پهاڪي طور ڪم ايندي رهندي آهي.

(2) تانگهي ۾ تاڻي، ٻڌ پنهنجو ترهو،

اونهي ۾ آڻي، ڪو نه ڏيندءِ ڪو ٻيو.

هي بيت به پھاڪي طور ڪم آندو ويندو آهي. ڳالهائڻ ٻولهائڻ وقت سمجهاڻيءَ وقت ڪنهن کي اها نصيحت ڪبي آهي، ته ”اهو ڪي ڪجي، جو اوکيءَ مهل ڪم اچي.“ هي لفظ ته هئا نثري لفظن ۾. ليڪن انهيءَ مٿئين ساڳئي مقصد لاءِ منظوم نموني ۾ نصيحت ۽ هدايت طور، اهو بيت پهاڪي طور چيو ويندو آهي. جنهن جو مطلب به ساڳيو آهي. ڇو ته اول ۾ ئي دورانديشي ڪرڻ کپي. ان لاءِ ڪجهه محنت ڪري پاڇي بچائجي. ڇا لاءِ ته مصيبت جي مهل، ٻيو ڪو به ڪنهن کي ڪم ڪو نه ايندو ۽ نه وري ڪنهن سان ڪير اچي مدد ڪندو.

(3) ساري رات سبحان جاڳي جن ياد ڪيو،

ان جي عبداللطيف چئي، مٽيءَ لڌو مان.

عام طور تي هي بيت به محنت ۾ عظمت بابت، پھاڪي طور ڪم آڻي سگهجي ٿو. يعني ته خدا تعاليٰ جي عبادت ڪندڙن جي مرڻ کان پوءِ به وڏي عظمت ٿئي ٿي. اهڙن ماڻهن جي خدا تعاليٰ ايتري قدر وقعت وڌائي ٿو، جو ماڻهو مرڻ کانپوءِ به ان وٽ اچي سلام ڀرين ٿا. ان ڪري مذڪوره بيت کي مثال طور، انسان کي سندس لاءِ هدايت طور ڪم آڻي سگهجي ٿو.

(4)  هڪي ٻانهي چت ۾، ٻي صاحب سنواري.

(5) هڪي ٻانهي چت ۾، ٻي جا ڪري الله.

مٿيان ٻه بيت، سريراڳ سر ۾ چيل آهن. جيڪي پھاڪن طور، خاص محفلن توڙي عام ڳالهائڻ مهل، موقعي پٽاندر ڪم آندا ويندا آهن. انسان، هڪ ضعيف ۽ محتاج آهي. هو جيڪي ڪجهه ڪرڻ لاءِ سوچي ٿو يا جيڪي ڪجهه ٿيڻ لاءِ سوچي ٿو، اهو ڪم ۽ ان جي مزاج ۽ منشا مطابق اُن طرح نه ٿو ٿئي، پر سندس مرضيءَ خلاف ٿئي ٿو. ڇا لاءِ ته ڪم ڪرڻ وارو صرف خدا تعاليٰ آهي. تنهنڪري عام طور ائين چيو ويندو آهي ته؛ ”بندي جي من ۾ هڪڙي، ڌڻيءَ وٽ ٻي.“ انهن ئي لفظن جي ساڳئي مفهوم ۽ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ، مٿيان بيت پهاڪن طور ڪم آندا ويندا آهن.

(6) چڱا ڪن چڱايون، مٺايون مٺن،

جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن.

هي بيت به سر سريراڳ ۾ چيل آهي. جيتوڻيڪ مٿيان سڀئي بيت، صوفيانه ۽ مذهبي آهن. تڏهن به سنڌي ٻولي ۾ ڳالهائڻ وقت، پهاڪن طور ڪم آڻجن ٿا. مٿيون بيت به اهڙي ئي قسم جو بيت آهي، جنهن مان انسان جي اصليت جو پتو پوي ٿو. جنهن مان اصل ۽ نقل جي ڪم جي ڪل پوي ٿي. عام طرح سنڌ ۾ قديم وقت ۾ انسان جي بنياد ۽ خاندان کي وڏي اهميت ڏني ويندي هئي. ايتري قدر جو کين سرڪاري نوڪريءَ ۾ اصل ۽ نقل کي وڏوعمل دخل هو. عام طور سٺي ڪم ۽ چڱائي وغيره جي وڏي اميد ڪري سگهجي ٿي ۽ سٺي خاندان وارو، ماڻهن مان ڪنهن کي به نقصان ڪين پهچائيندو. ڪنهن سان به برائي ڪا نه ڪندو. پر ان جي اُبتڙ، بد-خاندان وارو ماڻهو، هر وقت ٻين سان برائي ڪري سگهي ٿو ۽ ان سان به برائي ڪري سگهجي ٿي. جنهنڪري چيو ويندو آهي ته؛ اصل، اصل ۽ نقل، نقل آهي. تنهنڪري چڱي خاندان واري ماڻهوءَ مان چڱائيءَ ۽ بري خاندان جي ماڻھوءَ مان برائيءَ جي اميد ڪري سگهجي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو نه رڳو انسان، پر ٻين شين لاءِ به اهو ساڳيو خيال ڪارفرما هوندو آهي. مثلًا ڪنهن وڻ لاءِ چيو ويندو آهي ته؛ جنهن جو بد بڻياد، تنهن جو ميوو مٺو نه ٿئي.“ جيتوڻيڪ ان کي سوين مڻ مصرين جو پاڻي پيار جي. انهيءَ ساڳئي مقصد ۽ مطلب لاءِ، مٿيون بيت عام طور تي هر موزون موقعي مهل تي بار بار ڪم آندو ويندو آهي. جيڪو مٿين ڳالهه جي پٺڀرائي ۽ شاهدي آهي ته چڱا ماڻھو، چڱايون ڪن ٿا ۽ بري بنياد وارا ماڻهو، برايون ڪن ٿا. تنهنڪري ماڻهوءَ جو بڻياد ۽ اصليت جهڙي هوندي، منجھانئس اهڙي ئي اميد ڪري سگهجي ٿي.

مددي ڪتاب

۱. شاهه جو رسالو- ڊاڪٽر گربخشاڻي (ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز).

۲. شاهه جو رسالو- غلام محمد شهواڻي.

۳. لغات قديمي- مرزا قليچ بيگ.

۴. لغات لطيفي- مرزا قليچ بيگ.

۵. غريب اللغات ڀاڱو پهريون- ڀيرومل مهرچند آڏواڻي.

۶. شاهه جو رسالو- ڪلياڻ  آڏواڻي.

۷. شاهه جو رسالو- سرڪاري ڇاپو.


No comments:

Post a Comment