شاھ لطيفؒ جي ڪلام ۾ اصطلاح ۽ پهاڪا
(سر سهڻي، سر حسيني، سر ليلا چنيسر، سر مومل راڻو، سر ڪاموڏ ۽ سر گھاتو)
پروفيسر
مظهر علي قريشي
شاھ لطيف جي رسالي ۾، ٻين قصن وانگر،
سهڻي ميهار جو قصو صرف معمولي قصو نه آهي، پر ان ۾ وڏو راز ۽ لِڪُ لڪايو ويو آهي. جيئن ته شاھ صاحب هر هڪ ڪهاڻيءَ جو مختلف روحاني راز رکيو آهي. مثلا سريراڳ ۾ دنيا کي درياھ سان مشابهت ڏنل آهي.
اهڙيءَ طرح سر سهڻيءَ اندر ساهڙ لفظ مان مراد
آهي؛ مطلوب يعني محبوب حقيقي ۽ سهڻي
مان مراد آهي طالب.
ان لحاظ کان هن سر ۾ ڪم آيل
اصطلاحن کي يڪجا ڪري تحرير ڪيو ويو آهي. انهن اصطلاحن کي سندن مطلب ۽ مقصد مطابق
اهڙي معنيٰ سان ظاهر ڪرڻ سان گڏوگڏ، انهن اصطلاحن جون اهڙيون معنائون ظاهر ڪرڻ جي
به ڪوشش ڪئي وئي آهي، جن کي سڀ ڪنهن صورت ۾ صحيح ۽ درست سمجھيو وڃي.
سر سهڻي ۾ ڪم آيل
ڪجھ اصطلاح:
1.
ابتي دڳ پورڻ = ابتو هلڻ/
وڃڻ، مصيبت ۾ ڪاهي پوڻ.
2.
اجھور ۾
پوڻ = ڪُن/
مصيبت ۾ پوڻ.
3.
ادغام هجڻ
= (صوفين جو اصطلاح)، ملي هڪ ٿي وڃڻ.
4.
اڌي اڌامڻ = اوچتو ياد پوڻ، اڀرڻ/نڪري
نروار ٿيڻ.
5.
اکيون
ڪپار هجڻ = تارا
ڦوٽارجي وڃڻ.
6.
اندر
آئينو ڪرڻ = اندر پاڪ/
صاف ڪرڻ.
7.
انگھ لنگھائڻ
= پار پوڻ، خوف خطرن کان ٽپي پوڻ.
8.
اڻ تارو
هجڻ = اڻ ڄاڻ
ھجڻ.
9.
اوٻارا
اچڻ = خوشبوءِ
ٿيڻ.
10.
اوڀارن ۾
آڻڻ = آوھ/
مصيبت ۾ آڻڻ،
چڪر/ وٽ ۾ آڻي وجھڻ.
11.
اولي ۾ اولڻ = مصيبت ۾
وجھڻ/ ڏکن
۾ اڙائڻ.
12.
اولي آڌار
هئڻ = پار پهچائڻ.
13.
آڏو لڳ
ڏيڻ = رنڊڪ وجھڻ. رنڊڪ / اٽڪ کي اچڻ ٽيڻ.
14.
آڏي
آڻي پائڻ/ آڏي پائي
آڻڻ = هٿ جوڙڻ، مڃڻ، عاجزي ڪرڻ.
15.
آڪو
اوباهڻ = سلامت رکڻ
(ڪچو دلو).
16.
باب بس نه
هجڻ = وس ۾ نه هجڻ، ممڪن نه هجڻ.
17.
ٻانهن ڳچيءَ پائڻ = ڀاڪر پائڻ.
18.
ٻانهن نه
رسڻ = زور نه هلڻ.
19.
ٻڏندڙن
ٻوڙو هجڻ = آٿت/سهارو
هجڻ (سچن عاشقن کي).
20.
ٻر ٻر ڪرڻ = افسوس/ ارمان
ڪرڻ.
21.
ٻول ٻڌل
هجڻ = وعدي ۾ جڪڙيل هجڻ، غلام/ تابعدار هجڻ.
22.
ٻهون ٻنگ
نهارڻ = (درياھ جي) ورن وڪڙن کي
جاچڻ/ ڏسڻ.
23.
ٻيڻا ٿيڻ
= ٻيڻو ثواب ملڻ، تمام گھڻو فائدو ملڻ.
24.
ڀاڱان ٿيڻ = ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ.
25.
ڀاڱي اچڻ
= حصي ۾ ملڻ.
26.
ڀال ڪرڻ = مهرباني ڪرڻ.
27.
ڀريون
پائڻ = ڀڪون وجھڻ، ڪپر ڪيرائڻ.
28.
ڀُل ڀلان
ڪرڻ = ڊيڄارڻ.
29.
ڀني ڀاڻ
پسڻ = تمام سويرو محبوب جو ماڳ ڏسڻ.
30.
ڀڻ جھڻ
ڪرڻ = ڳالهائڻ، ڪڙڪو ڪرڻ، آواز ڪرڻ، صلاحون ڪرڻ.
31.
ڀوائتيون ڀريون پوڻ = خوفائتيون ڀڪون (ڪري) پوڻ.
32.
ڀير ڀرڻ =
(پاڻي ۾) چڪر هڻڻ، ڦيرا پائڻ، ڦرڻ.
33.
ڀيلو ڀڃڻ
= ڪوڙ کي ڪڍي ڇڏڻ.
34.
پاتار پهي
وڃڻ/ پاتار پهچڻ = غرق/
گم ٿي وڃڻ (تري ۾).
35.
پاسي پاڻ
نه هجڻ = هٺ/ خودي نه هجڻ.
36.
پاڻ سان
پاڻُ کڻڻ = خودي/ اڀمان ڪرڻ.
37.
پاڻيءَ پير ڌرڻ = پاڻي ۾ پوڻ.
38.
پاڻيءَ سين سينگار نه پسائڻ = پاڻيءَ
۾ نه گھڙڻ، خوف ڪرڻ/
ڊڄڻ.
39.
پاهم پوڻ
= پوئتي هٽڻ.
40.
پت پرڻ = انجام/
وعدو پورو ٿيڻ،
عزت قائم رهڻ.
41.
پچار
پوڻ = خبر پوڻ، هُل ٿي وڃڻ.
42.
پر پارڻ =
وعدو/ انجام پورو ڪرڻ.
43.
پرت پانءُ
وٺڻ = پريت جو پيرو کڻڻ، عشق/ محبت ۾
هلڻ/ گذارڻ.
44.
پرياڻ پوڻ
= ڏس ملڻ، اهڃاڻ ملڻ، حال اورڻ.
45.
پڳ پائڻ =
ڪامياب ٿيڻ.
46.
پلٽي
پارون ڪرڻ = تمام گھڻون وسڻ.
47.
پلؤ
نه رهڻ = رڪجڻ، بيهجڻ.
48.
پلئه پائڻ
= ملڻ، حاصل ٿيڻ.
49.
پنيءَ ٻوڙ
هجڻ = تمام ٿورو هجڻ.
50.
پورن مٿي
پور هجڻ = تمام گھڻي يادگيري هجڻ/ سڪ هجڻ، گھڻين ڳڻتين
جو وڪوڙڻ.
51.
پھ پچائڻ
= پُورُ/ خيال پوڻ، ياد پوڻ.
52.
پهس پور
هجڻ = سخت پيار هجڻ، گھڻي يادگيري هجڻ.
53.
پير ڀرڻ = اچڻ، سٺو هلڻ.
54.
تار ۾
تاڻي هڻڻ = محبت ۾ مبتلا ڪرڻ.
55.
تانگ نه
لهڻ = ترو/ اوچائي نه لهڻ، سڪ ختم نه ٿيڻ.
56.
ترهو تاڻي
ٻڌڻ = تيار ٿيڻ.
57.
تڙن جي
تلاش ڪرڻ = دنياوي شين/ وسيلن تي ڀارڻ.
58.
تڪون ڏيڻ
= گھڻون پاڻي پيئڻ، وڏا
ڍڪ ڀڙڻ.
59.
تُن پوڻ =
سوراخ ٿيڻ.
60.
تن تار ۾
وجھڻ = عشق ۾ اڙائڻ.
61.
توڏي جي
تنوار هجڻ = محبت هجڻ/ يادگيرو
هجڻ (محبوب جو).
62.
جاوا جواب
ڪرڻ = اجايون ڳالهيون ڪرڻ.
63.
جر جنڊ
ٿيڻ = تمام آساني ٿيڻ.
64.
جنبيءَ جنبڻ = پليتي کي چنبڙڻ.
65.
جوءِ جؤنڪ
ٿيڻ = ديدار جو شوق ٿيڻ.
66.
جھپ ڪرڻ =
ننڊ/ آرام ڪرڻ.
67.
جھوتيون
ڏيڻ = هيڏي هوڏي رلڻ/ ڦرڻ، نهارڻ/ ڳولڻ.
68.
جھول جھلڻ
= رڪجڻ، ڪُن جي
ٿڌي ۽ وڏي پاڻي ۾ رنڊجڻ.
69.
چاڙهئو
چاڙهڻ = موت جي سزا ڏيڻ، سوري
تي پاڙهڻ.
70.
چاڪ چورڻ
= سور جاڳائڻ.
71.
چت چريو
ڪرڻ = موهت ڪرڻ، محبت ۾ مبتلا ڪرڻ.
72.
چت چورڻ =
محبت ۾ مست ڪرڻ.
73.
چڪ
چڪنديون هجڻ = ڌٻڻ هجڻ.
74.
چنگ چڙهڻ
= (سنڌي اصطلاح) سوري تي چڙهڻ، عذاب
۾ پوڻ.
75.
چور چور
ٿيڻ = سينگار ختم ٿيڻ.
76.
چوڙا ٻيڙا
هجڻ = دنيا جو سينگار هجڻ.
77.
چيلھ چوتو
ٻڌڻ = تيار ٿيڻ، سنبرڻ.
78.
حقا
حق ٿيڻ = حق/ انصاف ملڻ.
79.
حل ٿيڻ = آسان
ٿيڻ، ملي هڪ ٿي وڃڻ.
80.
خلوت خيال
هجڻ = سڪون ۾ هجڻ.
81.
درياھ جا دليل هجڻ = (دنيا جا) وهم/ خيال هجڻ.
82.
دڙ
لائڻ = ڌڌڪو ڪرڻ، ڌمچر
ڪرڻ.
83.
دل اندر
دونهيون هجڻ = عشق جي آڳ هجڻ، تمام گھڻو عشق هجڻ.
84.
ڏاھ عهد
اچڻ = انجام/ اقرار/ ميثاق وارو اچڻ.
85.
ڏوت ڏي
لڳڻ = گھڻ کائو بڻجڻ، چشڪو چکائڻ.
86.
ڌاءُ
ڌتارڻ = ڀنڀلائڻ، ٺڳڻ.
87.
ڌڄ ڌوئڻ =
مٽي لاهڻ، نشان/
لالاڻ لاهڻ.
88.
رات رنگ
هجڻ = ميلاپ جو وقت هجڻ.
89.
رت روئڻ =
تمام گھڻو روئڻ.
90.
رڪاب سان
رڙهڻ = (فارسي اصطلاح) خدمت ڪرڻ، حاضري ۾ رهڻ.
91.
روح ريلو
ڪرڻ = دل ڪڍڻ، خواهش ٿيڻ.
92.
ريل رهڻ =
چراگاھ/ ساوڪ
واري ميدان تي اچڻ/ رهڻ.
93.
سار ڇڏڻ =
حوصلا خطا ٿيڻ.
94.
سانچؤ
سانچڻ = ڏڍ ڏيڻ.
95.
سانگ
ڍونڍڻ = جايون/ ماڳ ڳولڻ.
96.
سانوڻ
ڏينهن هجڻ = مستي هجڻ، (درياھ کي سانوڻ ۾ جوش هوندو آهي).
97.
ساڻي ٿيڻ
= مددگار بنجڻ/ ٿيڻ.
98.
ساھ جو سانگو ڪرڻ/ هجڻ = ساھ جو الڪو/ فڪر هجڻ.
99.
ساھ سانچڻ = جيءَ کي آٿت ڏيڻ.
100.
ساھ سنئون هجڻ = تمام پيارو هجڻ.
101.
ساھ سيباڻا هجڻ = جيءَ کي آٿت ھجڻ.
102.
ستي شاخ
چرڻ = ستل سور جاڳڻ.
103.
سزا وار
ٿيڻ = لائق هجڻ، (ان جي)
قابل هجڻ/ ٿيڻ.
104.
سک ٿي
سمهڻ = بي فڪرو آرام ڪرڻ.
105.
سڪي جي
سانباھ هجڻ = آخرت جي تياري هجڻ.
106.
سڪي ڏيڻ =
ڪنڌي تي آڻڻ.
107.
سڱ سنوان
ڪرڻ = دوستيءَ جا دم هڻڻ، مائٽيءَ جي دعويٰ ڪرڻ.
108.
سمن پوري
هجڻ = وعدي تي پوري رهڻ.
109.
سنئون
سنهائڻ = سچو رستو ڏيکارڻ.
110.
سُوٿون
ڏيڻ = مهڻا/ طعنا ڏيڻ.
111.
سُول ثواب
نه هجڻ = مزو/ لطف
(ثواب ۾) نه هجڻ، فائدو
نه هجڻ.
112.
سير سنوان
ٿيڻ = ڪاهي پوڻ (درياھ ۾).
113.
سير
لنگائڻ = پار پهچائڻ، مصيبت
مان ٻاهر ڪڍڻ.
114.
شيءِ ٿيڻ
= محو/ گم ٿي وڃڻ (الاهي عشق ۾)
115.
صدقو ڪرڻ
= قربان ڪرڻ.
116.
عدد عشق
نه هجڻ = عشق گھڻو هجڻ، عشق جو اسرار اونهو هجڻ.
117.
عميق جو
عشق هجڻ = حقيقي عشق هجڻ.
118.
غوطي ۾
غوطو هجڻ/ گوتي ۾ گوتو هجڻ = گھڻي ڳڻتي هجڻ.
119.
قلم وهائڻ
= قسمت ۾ لکڻ، تقدير ۾ لکي ڇڏڻ.
120.
کرس ڪرڻ =
ناز نخرا ڪرڻ.
121.
کل کانئڻ
= بدن ساڙڻ.
122.
کير پياڪ
هجڻ = معصوم/ پاڪ هجڻ.
123.
ڪچو چوڻ =
خراب چوڻ، طعنو/ مھڻو ڏيڻ.
124.
ڪر سئڻ = خبر
پوڻ، نالو ڳائڻ
125.
ڪر کڻڻ = ڪنڌ
مٿي کڻڻ، ٽيڙيون
ڏيڻ.
126.
ڪک پڇڻ = واهر
وسيلا پڇڻ/ جاچڻ
127.
ڪما حقہ =
(ع-ا)، جيئن واجب آهي، تحقيق.
128.
ڪنڌ ڪپن
سين هڻڻ = ماڻهو/ ڍرو ٿي وڃڻ.
129.
گھاٽ گھيڙ پڇڻ/ گھيڙ گھاٽ
پڇڻ = سهوليت ڳولڻ/ لنگھ پڇڻ.
130.
گھاگھائي
گھڙڻ = کلي خوش ٿي گھڙي پوڻ، مشڪندي/ ڪڏ
ڪري ڪاهي پوڻ.
131.
گھُور ڪرڻ
= جاچڻ، هلڻ.
132.
گھور گهڻا
اچڻ = گھڻا پور/ خيال پوڻ.
133.
لام لڳڻ =
آسري تي لڳڻ، پناھ ۾ هجڻ.
134.
لانئون لهڻ = پرڻجڻ.
135.
لعاب لڳائڻ
= ماٺ ڪرڻ.
136.
لڳ ٿيڻ = ويجھو
ٿيڻ، گڏ ٿيڻ.
137.
لنءَ
سڃاڻڻ = عشق جو اسرار سڃاڻڻ
138.
لنءُ لائڻ
= محبت/ عشق ڪرڻ/ ڏيڻ.
139.
ليڌو لوڙڻ
= لکيو لوڙڻ، قسمت ڀوڳڻ.
140.
مپ نه هجڻ = اندازو/ خبر نه
هجڻ.
141.
مڏڌڻ = وسيلو
ٺاهڻ.
142.
مرادون
پائڻ = مقصد حاصل ڪرڻ.
143.
مرادون
پڄڻ = اميدون/ مقصد پورا ٿيڻ.
144.
مشاهدو
ماڻڻ = ڏسڻ، ديدار حاصل ڪرڻ.
145.
منهن ڪرڻ
= وات ۾ وجھڻ، بهانو ڪرڻ.
146.
نجھرو نه
هجڻ = تڪليف نه هجڻ.
147.
نڌو کڻڻ =
قابو ڪرڻ/ غالب پوڻ، ٻڌڻ.
148.
نڪي هٿ نه
ساٿ هجڻ = ٺلهي جو ٺلهو/ بلڪل خالي هجڻ.
149.
نمرودي ناتو
ٿيڻ = شيطان سان صحبت ٿيڻ.
150.
نه ور نه
وٿ هجڻ = ڪجھ به نه هجڻ، خالي/
سڃو هڃڻ.
151.
نينهن نير
پائڻ = محبت ۾ جڪڙجڻ.
152.
نيھ ۾ پوءِ نهارڻ = محبت
۾ مهڻي هاب ٿيڻ.
153.
وار ونگو
ٿيڻ = نقصان پهچڻ.
154.
واري ڇڏڻ
= لاهي/ ختم ڪري ڇڏڻ.
155.
واؤ
ورڻ = ڀلو ٿيڻ، وارو اچڻ.
156.
وجود ۾
وڄڻ = اندر ۾ خدا جو ذڪر هجڻ.
157.
وچ وھ ۾ هجڻ = وڏي تڪليف ۾ هجڻ.
158.
وڏي وِرس
هجڻ = وڏي غلطي هجڻ.
159.
ورڄي وڃڻ
= ڳري وڃڻ، ڀڄي ڀري وڃڻ.
160.
ورچي ويهڻ
= بس ڪري ويهڻ/ ڪڪ ٿي ويهڻ.
161.
وڙ ٿيڻ = مهرباني
ٿيڻ.
162.
وڙ ڪرڻ = مهرباني
ٿيڻ.
163.
وصل ونگ
هجڻ = عشق جو رستو هجڻ، عشق
جو ڍنگ هجڻ.
164.
ولهو ٿيڻ
= خالي/ سڃو
ٿيڻ.
165.
وڻن ڪانگ
ويهڻ = انڌاريو ٿيڻ، اوندھ ٿيڻ جي
مهل هجڻ.
166.
وھ پوڻ = عشق جي موج/ جنبش ۾ اچڻ.
167.
وھ وڃائڻ = مستي ختم ڪرڻ.
168.
ويت واهر
ترڻ = بنا وسيلي جي ترڻ.
169.
ويٺي
ويساند نه هجڻ = طلب ۾ گذارڻ، آرام ۾ نه وهڻ.
170.
وير
وهيڻون هجڻ = وير جي وس ۾ هجڻ.
171.
ويرن ۾ وائي
هجڻ = مشهور ٿي وڃڻ، غوغاءَ هجڻ.
172.
ويلا ڪرڻ
= دير ڪرڻ، گذري وڃڻ، وقت گذرڻ.
173.
هٿ ڌرڻ = مهرباني
ڪرڻ، مدد ڪرڻ.
174.
هٿ ڪرڻ = قابو/ سوگھو
ڪرڻ.
175.
هڄي وڃڻ =
چٽ ٿي وڃڻ، نابود ٿي وڃڻ.
176.
هول هجڻ/
هول اچڻ = خوف/ ڀؤ ٿيڻ.
177.
هينئان
ترڻ = دل سان هلڻ.
178.
هينئڙو
هڄڻ/ هينئڙو هڄي وڃڻ = نابود ٿيڻ/ ختم ٿيڻ/ فنا ٿيڻ.
179.
هينئون
جھڄڻ = دل ڀرجڻ، ڳچ ڳري پوڻ.
180.
هينئين ۾
حل ٿيڻ = هڪ ٿي وڃڻ.
سر حسيني ۽ سر ليلا
چنيسر
1.
ابو ڏاڏو
گھورڻ = سڀ ڪجھ صدقي ڪرڻ.
2.
اٺن هنيل هجڻ = رهزنن جي ماريل هجڻ.
3.
آڌر
اچڻ = پرينءَ جو اچڻ.
4.
آڙيڪن
اڙي پوڻ = محبت ۾ مبتلا ٿيڻ.
5.
اکر ارادت
جو ڌوپڻ = تقدير جو
لکيو مٽائڻ.
6.
اکيون
ٻاجھ ڀري کڻڻ = مهر جي نظر ڪرڻ.
7.
اڪير جو
مينهن وسڻ = گھڻي سڪ جا ڳڻ.
8.
اگلي چوڻ = خراب چوڻ، عيبدار سڏڻ.
9.
اڱڻ سورڻ
= صاف ڪرڻ، ٻهاري ڏيڻ.
10.
آڳاهون
هجڻ = پري هجڻ.
11.
اندر اساٽ
هجڻ = اندر ۾ اڪير ھجڻ.
12.
انگن انگ
چاڙهڻ = سوريءَ تي چاڙهڻ.
13.
اوجھڙ وڃڻ
= گمراھ ٿي وڃڻ، ڀلجي وڃڻ.
14.
اوسيڙو
لاهڻ = آسرو ختم ڪرڻ.
15.
اولا نه
سهڻ = جدائي/ پردو نه سهڻ.
16.
اونداھ
ٿيڻ = ڏکيو/ مشڪل وقت اچڻ.
17.
اَوڻت
جو آچار ڪرڻ = رسڻ دشمني ڪرڻ.
18.
بک جتن جي
هجڻ = اٺن جي سڪ هجڻ.
19.
بي شڪري
ڪرڻ = گلا ڪرڻ.
20.
ٻاڙ ٻوڙ
وهڻ = (هارين جو اصطلاح) ٻائڙ ٻوڙ وهڻ/
تمام گھڻو ٿيڻ/ وهڻ (پاڻيءَ جو).
21.
ٻاڙ وڏو ٻوڙ وهڻ = پاڻي جو وڏو وهڪرو هجڻ/ تارون وهڻ. (هارين جو اصطلاح).
22.
ٻالاپڻ جو
ٻوڪ وسرڻ = جوانيءَ جو ڦوھ/ خنڪي وسرڻ، چلولائي وسري وڃڻ.
23.
ٻاڻ لڳڻ = عشق ٿيڻ، عشق جو تير لڳڻ.
24.
ٻاهون ٻوڏ ٻيل نه لاهڻ = سڌن
کان بس ڪرڻ.
25.
ٻُر ڏيڻ =
پاڻيءَ ڇنڊو هڻڻ، وصال ڪرائڻ، ملاقات ڪرائڻ.
26.
ٻڙڪي ٻاهر
نڪرڻ = ڇال مارڻ، اڌمون ڏئي هلڻ.
27.
ٻنڌڻ پوڻ
= عشق ٿيڻ، محبت ٿيڻ.
28.
ٻه رنگو
هجڻ = ٿورن مڪرن وارو هجڻ، منافق/
مڪار هجڻ.
29.
ٻورا ڪرڻ
= (مير بحرن جو اصطلاح) پرزا پرزا
ڪرڻ.
30.
ٻولايو
ٻوڏ چوڻ = ظاهراً ڌڪارڻ.
31.
ٻيلياڻيون
سمجھڻ = پنهنجيون/ خيرخواھ سمجھڻ.
32.
ٻيڻون ڪرڻ
= وڏي ملھ واري بڻجڻ/ ٿيڻ.
33.
ڀاڻ ڀائنڻ
= هٺ/ وڏائي ڪرڻ.
34.
ڀاڻ ڪرڻ =
هٺ ڪرڻ.
35.
ڀرُ ڏيڻ =
مغرور ٿيڻ/ مغروري
ڪرڻ.
36.
ڀري وڃڻ =
بگڙجي وڃڻ.
37.
ڀنڀور ڇڏڻ = هي جھان ڇڏڻ.
38.
ڀنڀور کي باھ ڏيڻ = دنيا
کي ڇڏڻ.
39.
ڀنڀوران
ٻهر ٿيڻ = دنيا کي تياڳ ڏيڻ.
40.
ڀنڻ ٿيڻ =
روئڻ/ روڄ راڙو ٿيڻ.
41.
ڀونءِ
تَري وڃڻ = مري وڃڻ، پاتال ۾ وڃڻ.
42.
ڀيرڳ ڀونءِ وجھڻ = ڪيرائي وجھڻ، ماري وجھڻ.
43.
پاسو ڪرڻ
= منهن موڙڻ.
44.
پاسي چڙهڻ
= طرفدار ٿيڻ.
45.
پاند
اڙائڻ = پاڻ ڳنڍڻ.
46.
پاند
ڳچيءَ پائڻ = آزي ڪرڻ.
47.
پاڻ کي
ڀانئڻ = وڏائي ڪرڻ.
48.
پاڻ کي
پسڻ = غرور/ خودي/ هٺ
ڪڻ.
49.
پاڻ مٺڻ =
خودي ختم ٿيڻ، پاڻ کي مصيبت ۾ وجھڻ.
50.
پاڻي ڀرڻ
= خدمت ڪرڻ.
51.
پاڻي لوڻ
هجڻ = ڳرڻ.
52.
پاهڻ ۾
پاڻي هارڻ = جبل ۾ روئڻ.
53.
پٿر ڪرڻ =
بسترو ڪرڻ، والارڻ.
54.
پٺ ۾ پُرڻ
= پويان هلڻ.
55.
پٺيءَ پوڻ
= هلڻ/ پويان هلڻ (ڪنهن جي نقصان ۾ هجڻ/
دشمن ٿيڻ).
56.
پچار ڇڏڻ
= پاسو ڇڏڻ، پچر ڇڏڻ، پري ٿيڻ،
يادگيري/ رستو ڇڏڻ.
57.
پڌرو پاڻي
هارڻ = ظاهر روئڻ، ڳوڙها ڳاڙڻ.
58.
پَرَ ۾
پڇڻ = ڳجھ ۾ ياد ڪرڻ/ سلامي
ڪرڻ.
59.
پرت پچار
نه هجڻ = عشق جي يادگيري نه هجڻ.
60.
پرهيز کي
پاسي ڪرڻ = آجو ڪرڻ، پابندين کان پري ڪرڻ.
61.
پرياڻون
نه پڇڻ = پريت نه ٽوڙڻ، پيرو نه ڇڏڻ، پٺ نه ڇڏڻ.
62.
پکو سهو
والارڻ = محلات ۾ رهڻ.
63.
پکي پوڻ =
نصيب ۾ اچڻ/ ملڻ، حصي ۾ اچڻ.
64.
پِڪ وجھڻ
= مهرباني ڪرڻ.
65.
پلئه لڳڻ
= دامن لڳڻ، سام لڳڻ/ پلاند کي وٺڻ (پويان لڳڻ).
66.
پنهون پور
ڪرڻ = پنهون جي صورت جھڙو ٺپو ٺهرائڻ.
67.
پھ پروڙڻ
= ارادا سمجھڻ، خيال لهڻ/ سمجھڻ.
68.
پهر پسڻ =
ڀاتي/ مائٽ/ ماڻهو
ڏسڻ.
69.
پهريئن دس
ڀڃڻ = هڪدم/ پهرينءَ
سٽ ڀڃي ڇڏڻ.
70.
پوٿيون پاڻيءَ
پائڻ = بس ڪري ويهڻ.
71.
پوڄا پير
ڏسڻ = ڦڏا پير ڏسڻ، خراب نمونو ڏسڻ، بد سؤڻ سمجھڻ (شادي جي هڪ رسم موجب گھوٽ جي پيرن کي ڍڪڻ مٿي سڌو
رکڻ، سٺو سؤڻ ۽ ڦڏو رکڻ، بد سؤڻ
سمجھبو آهي).
72.
پور چڙهڻ
= محبت ۾ محو ٿي وڃڻ.
73.
پوري نه
پوڻ = هار کائڻ، هارائڻ (برابر نه ٿيڻ) نه پڄڻ.
74.
پئان ٿيڻ
= پوئتي رهجي وڃڻ.
75.
پير ڀرڻ =
وڃڻ، هلي وڃڻ.
76.
پير
پرينءَ جو لهڻ = مقصد حاصل ڪرڻ.
77.
پير پوڻ =
پنڌ پوڻ، هلڻ/ ٿيڻ.
78.
پير کڻڻ =
ڳولڻ، پٺيءَ هلڻ، پيرو کڻڻ.
79.
پير موڙڻ
= پوئتي هٽڻ/ موٽڻ.
80.
پيراندي
نصيب ٿيڻ = خدمت/ قرابت/ وصال
ملڻ.
81.
پيرين هٿ
وجھڻ = پرچائڻ، آزي ڪرڻ (نئڙت ڪرڻ ۽ پرچائڻ جو هڪ نمونو).
82.
پينگهي ۾
پرائڻ = منڍ کان ملڻ.
83.
پيهي وڃڻ
= لڪي وڃڻ، غائب ٿي وڃڻ.
84.
تات توت
نه هجڻ = ياد/ پچار نه هجڻ.
85.
تاڪن ٿوڻ
ٿيڻ = ٻين جو کاڄ بڻجڻ.
86.
تتي ٿڌي
ڪاهڻ = هر وقت ڪم/ محنت ڪرڻ، هر وقت هلڻ.
87.
تڙ توڙڻ =
لڪ لتاڙڻ.
88.
ٿڙڪي ٿوڪ
پسڻ = قيميتي شين تي ڀلجڻ، اوجھڙ ۾
پوڻ، هرکجي پوڻ.
89.
ٿورڙياءِ
ٿڙڻ = ٿورڙو رسڻ، ٿورڙي ڪاوڙ ڪرڻ.
90.
جر هارڻ =
روئڻ.
91.
جنڊي جان
۾ پائڻ = بدن تي جنڊ رکڻ.
92.
جوڙ ٿيڻ =
برابر/ لائق ٿڻ.
93.
جھوٽي
جھاٽ ڏيڻ = گھري ننڊ وٺڻ.
94.
چاڙهيڪا
چکڻ = تڪليفون سهڻ، چاڙهين تي چڙهڻ.
95.
چاڳ ڪرڻ =
ناز نخرو ڪرڻ.
96.
چاءِ ڪرڻ
= دشمني ڪرڻ، ناز نخرو ڪرڻ.
97.
چپ ڦيرڻ =
موهت/ مستان ڪرڻ.
98.
چت ۾ چڻڪڻ
= اندر ڏکائڻ، ياد
پوڻ.
99.
چت کڻي
وڃڻ = دل تان لاهڻ، دل کڻڻ، محبت مٽڻ.
100.
چک سين
جاءِ هجڻ = محبت/ عشق/
درد هجڻ.
101.
چک هجڻ = ٿورڙي
قرابت هجڻ، ڏک هجڻ.
102.
چؤ
رنگو هجڻ = کيڏاري/
چالاڪ/ حرفتي
هجڻ، ڏاڍو پڪو/ گھڻن مڪرن وارو هجڻ.
103.
ڇڪ
نه ڇمڻ = پسگردائي ۾ رهڻ/ ترسڻ.
104.
ڇلنگيون
ٿيڻ = ٽڙي پکڙي وڃڻ، ٽولين ۾ وڃڻ.
105.
دونھين
دکائڻ = محبت پيدا ڪرڻ، محبت جو مچ ٻارڻ، سڪ سوز سان پرچڻ.
106.
دين دور
ڪرڻ = پابنديون ختم ڪرڻ، مذهب ڇڏڻ.
107.
ڏک چڙهڻ =
سينگار ڪرڻ، مشاهدو ماڻڻ.
108.
ڏک ڏرڻ = ڏکن
سان گڏ رهڻ.
109.
ڏک وهارڻ
= هار سينگار ڪرائڻ.
110.
ڏڪار ڏورڻ
= ڏکن سان هلڻ.
111.
ڏنانوُڻ
هجڻ = لاهيون چاڙهيون هجڻ، (طريقت
جي رستي ۾).
112.
ڏُنگر
ڏولائو ڏيڻ = پريشاني ڏيڻ، رولڙو
ڪرائڻ.
113.
ڏنگر ڏولي
ٿيڻ = آساني هجڻ، (وڏيون تڪليفون، ٿورڙيون ٿي وڃڻ).
114.
ڏنءُ ڏهاڳ
جو اچڻ = جدائي پوڻ/ ٿيڻ، وڇوڙو ٿيڻ، عذاب اچڻ.
115.
ڏنءُ ڏيڻ
= عذاب/ باھ ڏيڻ.
116.
ڏھ ڏھ ڏهڪار هجڻ = ملڪان ملڪ ڌاڪو/ رعب/ نالو هجڻ.
117.
ڏوئلي ٿيڻ
= آسان ٿيڻ.
118.
ڏيهان
ڏوڻوهار هجڻ = ڏيھ کان ٻيڻو، ٻين کان وڌيڪ ملهائتو هجڻ.
119.
راند وسائڻ
= خوشي ختم ڪرڻ.
120.
رائو رڃ
هجڻ = سڃو ميدان، ويراني
هجڻ.
121.
رت روئڻ = تمام گھڻو روئڻ رت روئڻ.
122.
رت مڃٺ
روئڻ = تمام گھڻو روئڻ.
123.
رکوئي رءِ
ڳڙڻ = سادن کي قبول ڪرڻ/ اڻ سينگاريل کي پسند ڪرڻ.
124.
روح راز
هجڻ = دل جون ڳالهيون هجڻ، محبوب
هجڻ.
125.
ريساڻو
راڄاڻ هجڻ = غيرتمند هجڻ.
126.
ريهي رڱڻ = عشق سان ڳاڙهو ڪرڻ.
127.
ساٽو ڪرڻ
= سودو ڪرڻ.
128.
ساٽي ڏيڻ
= سودي ۾ ڏيڻ.
129.
سانگھارو
ڪرڻ = گھٽتائي ڪرڻ، گھٽجڻ.
130.
ساھ سام
ڏيڻ = ساھ صدقو ڪرڻ.
131.
سڀن سِر
هجڻ = وڏو/ سردار
هجڻ.
132.
سڀوئي
سارڻ = سڀ وٺڻ.
133.
ست ڪرڻ = حاصل
ڪرڻ، هٿ ڪرڻ.
134.
ستوھ ڪرڻ = ظلم ڪرڻ.
135.
سٽون ڏيڻ
= جاچڻ، ڳولڻ.
136.
سڃ سرهي
ڪرڻ = رڃ کي راحت بنائڻ/ بر کي باغ بنائڻ.
137.
سڄڻن سندي
ڄر هجڻ = برھ جي باھ هجڻ.
138.
سڱ ۾ ٿيڻ
= لائق/ برابر هجڻ، (مائٽي جھڙي ٿيڻ).
139.
سِهو ٿيڻ
= پيوند/ واسطو ٿيڻ.
140.
سَوارو پڇڻ = سوير جو پڇڻ.
141.
سورن جو
سامان هجڻ = درد / ڏک هجڻ.
142.
سورن جي
سٽ سٽائڻ = ڏک ٻڌائڻ.
143.
سورن
سجڪيون ٿيڻ = ڏکن سان ڀرجي وڃڻ، ڏکن کي
چنبڙڻ.
144.
سياءَ هجڻ
= ويجهي مائٽياڻي هجڻ.
145.
شاخون
منجڻ = مبارڪون موڪلڻ.
146.
عريان ٿي
روئڻ = پڌري پٽ روئڻ، ظاهري روئڻ،
ڳوڙها ڳاڙڻ.
147.
عطر آوار
ٿيڻ = خوشبوءِ پکڙجڻ.
148.
عيبن کي
آڏو پوڻ = مدايون ميٽڻ/ عيب لڪائڻ.
149.
غريبي گڏڻ = هيٺانهين وٺڻ، نئڙت ڪرڻ.
150.
فرق وجھڻ
= وڇوڙو وجھڻ.
151.
فلق فراق
جو پوڻ = جدائي ٿيڻ، جدائي جو نڀاڳ اچڻ.
152.
قرب جو
ڪاڙهو هجڻ = اندر ۾ عشق هجڻ/ جوش هجڻ.
153.
قرب جو
ڪان لڳڻ = عشق ٿيڻ.
154.
کانڌ کائڻ = تحمل/صبر ڪرڻ.
155.
کاڻيءَ
کانئڻ = سڙيل کي ساڙڻ.
156.
ڪاري ڪان
هجڻ = گھڻو عشق هجڻ.
157.
ڪانگ لنوڻ
= خبر ملڻ (پنهون جي اچڻ جي).
158.
ڪانياري
ٿيڻ = گلاري/ عيبدار ٿيڻ.
159.
ڪاڻ پوڻ =
گھٽتائي پوڻ، عيب ٿيڻ، عشق ٿيڻ.
160.
ڪٿ ڪرڻ = دير
ڪرڻ، ڳڻ ڳوت ڪرڻ، ويچار ڪرڻ، هٻڪ ڪرڻ.
161.
ڪچو ٿيڻ =
مھڻو/ عيب
ٿيڻ.
162.
ڪچو ڍڪڻ =
عيب لڪائڻ.
163.
ڪڍ ڪاهڻ =
پٺيان هلڻ.
164.
ڪر موڙئو
اٿڻ = ٿڪجي اٿڻ.
165.
ڪڙي ٿيڻ =
نه وڻڻ.
166.
ڪشالو ڪڍڻ
= تڪليف ڪرڻ/ سهڻ.
167.
ڪم نه اچڻ
= نه اگهڻ، قبول نه پوڻ، صاب نه پوڻ.
168.
ڪوجھي ڪرڻ
= ڇڏي ڏيڻ (بدزيبي سمجھي) سٺو نه هلڻ.
169.
ڪور کرڻ =
هلڻ ڪلهڻ، رخ ڪرڻ.
170.
ڪوڙ ڪڻيون
هجڻ = ڪچ جو ٺهيل هجڻ.
171.
ڪوهيار
ڪڪورڻ = ميل کي رڱڻ.
172.
ڪيچ اکين
۾ ڪرڻ = محبوب ڏي هلڻ (ڪيچ ڏي رخ رکڻ)
173.
گوڏ گرٿ
ٻڌڻ = تيار ٿيڻ.
174.
گيرب گاءُ
نه وڻڻ = هٺ/ وڏائي
پسند نه اچڻ.
175.
گھر گھڃان
هجڻ = خوشيون هجڻ.
176.
گھگھرن
گڌڻ = پنهنجي ڪرڻ (پنهنجي ٻروچاڻي سمجھڻ).
177.
گھُور اچڻ = پور/ خيال
اچڻ، پور پوڻ.
178.
گھوڙن
هنيل هجڻ = مصيبت جي ماريل هجڻ. (مصبت پيل/ مصيبت
۾ ڦاٿل/ سزا مليل هجڻ).
179.
ڳاڙهي سج
ڳالھ مِڙڻ = سويري سان مقصد حاصل ٿيڻ.
180.
ڳالھ مڙڻ = مقصد ملڻ.
181.
ڳچيءَ سير
ڳھ ڪرڻ = هار سينگار سمجھڻ.
182.
ڳچيءَ هار
پائڻ = سينگار ڪرڻ، خوشي ڪرڻ.
183.
ڳلن هنج
نه لاهڻ = هر وقت روئڻ، روئڻ کان بس نه ڪرڻ.
184.
ڳهريون
ڳالهيون ڪرڻ = سکڻيون/ اجايون ڳالهيون ڪرڻ، موڳائپ
مان ڳالهائڻ.
185.
ڳوڙهن ڳاٽ
ڀري نهارڻ = روئندي ڏسڻ.
186.
لاڏوڻان
لاهڻ = ڊاٻو ڏيڻ، ٿورڙو ترسڻ. (اٺ جتي ويهندو آهي اتي ليڏوڻا لاهيندو آهي). ٽپڙ ٽاري
لاهڻ.
187.
لُڇڻ نه
لاهڻ = ڏک ختم نه ڪرڻ.
188.
لڏو لاهڻ
= ترسڻ، بس ڪري
ويهڻ.
189.
لڙاٽ منجھ
لڙڻ = گم/ غائب ٿي وڃڻ.
190.
لعل لاٽ
ڏسڻ = باھ ڏسڻ.
191.
لک لکائڻ
= گرم هوا لڳڻ.
192.
لَکڻ لکڻ
= عيب ڏسڻ، لڇڻ ڏسڻ
193.
لڪن سان
لڳڻ = جبلن جي لانگھن ۾ اٽڪڻ/ ڦاسڻ.
194.
لنءُ لڏڻ
= محبت جو وڃڻ.
195.
لوڙھ
لٽائڻ = پورائڻ، قبر ٺاهڻ.
196.
مامري پوڻ
= مصيبت ۾ پوڻ.
197.
ماڻي ماڳ
هجڻ = خودي/ هٺ هجڻ، ناز نخري جي هجڻ.
198.
مٿ پتي
پوڻ = رنجائڻ، ڪاوڙائڻ،
رنج ٿيڻ.
199.
مٿا ڏيڻ =
ڪوششون ڪرڻ، ڪشالا ڪڍڻ، تڪليف
سھڻ.
200.
مٿو ڌار
ڌرڻ = سسي جدا ڪرڻ.
201.
مٿي
منجھان مينهن وهڻ = ڳوڙها وهڻ، تمام
گھڻو روئڻ.
202.
مٽ موڙڻ =
عيوض ۾ ملڻ.
203.
مرڪ ڪرڻ =
ناز نخرو ڪرڻ.
204.
منڊيون
پائڻ = ادب ڪرڻ، آزي نيزاري ڪرڻ. (آڱريون آڱرين ۾ وجهي ادب سان بيهڻ جو نمونو).
205.
منڊيون
پائڻ = گھڻو روئڻ پٽڻ.
206.
منگرم ڏيڻ
= باھ نه ڏيڻ، نه ساڙڻ.
207.
منهن پٽڻ
= منهن مٿو پٽڻ، روڄ راڙو ڪرڻ.
208.
منهن
جڙاءُ هجڻ = سينگاريل هجڻ.
209.
منهن
مٿاهون نه کڻڻ = سرخرو ٿيڻ.
210.
مڻيون مچ
وجھڻ = دنيا جي شين کي ڦٽي ڪرڻ، دنيوي عيش ڇڏڻ.
211.
مڻئي تي
موهجڻ = گمراهي ۾ پوڻ.
212.
مور ماڻڻ
= محبوب حاصل ڪرڻ/ هٿ ڪرڻ، شڪار ڪرڻ، چڱي شيءِ هٿ
ڪرڻ.
213.
موڙ ماڻڻ
= چڱي نصيب وارو ٿيڻ. (گھوٽ ٿيڻ).
214.
موڙهجڻ = مستانو
ٿيڻ، عقل خطا ٿي وڃڻ.
215.
نان ڀنائڻ
= خوراڪ سمجھڻ.
216.
نشان ٿيڻ
= پڌري/ ظاهر ٿيڻ.
217.
نڪو خان
نه مان هجڻ = ڪجھ به نه هجڻ/ رهڻ، مال ملڪيت نه هجڻ. (نه مان نه عزت هجڻ).
218.
نڪي
ٻاهڙين نه ڪي ڳرهجڻ = سينگاريل نه هجڻ، ٻُٽي ۽ ٻُسي هجڻ.
219.
نه تون
هجڻ = ڪنهن جي پرواھ نه هجڻ، ڪنهن جو به نه هجڻ، ڪا به
شيءِ نه هجڻ).
220.
نهن سينءَ
نيڻ ٺرڻ = تمام خوش ٿيڻ، وڏو سڪون ملڻ.
221.
نينهن
نالو ڳنهڻ = عشق ڪرڻ.
222.
نينهن
نباهڻ = وفاداري ڪرڻ.
223.
نيھ ٿيڻ =
ڦٻي وڃڻ، (ملي وڃڻ).
224.
هاڃا ٿيڻ
= ظلم/ وئل ٿيڻ.
225.
هاڃي ۾
هڻڻ = مصيبت ۾ ڦاسائڻ.
226.
هار هائي
وجھڻ = دنيا کي تياڳ ڏيڻ.
227.
هار هٿ وجھڻ
= دنيا کي/ دنيوي شين کي چنبڙڻ.
228.
هائي هڻڻ
= باھ ۾ وجھڻ.
229.
هپي ڪام
پڃائڻ = تيار نه ٿيڻ.
230.
هٿ ۾ هجڻ
= وس/ اختيار
۾ هجڻ.
231.
هٿ کڻڻ = سڏڻ،
دانهون ڪرڻ. (منٿن ڪرڻ جو نمونو) ٻاڏائڻ.
232.
هٿ هڻڻ = ارمان/
افسوس ڪرڻ.
233.
هٿڙا ڌرڻ
= آٿت ڏيڻ، مدد ڪرڻ.
234.
هلڪي ڪرڻ
= بي ماني/ گھٽ ڪرڻ.
235.
هلڻ ۽
واجھائڻ = ڳولڻ، جاچڻ.
236.
هلو ملهو
چوڻ/ هلو ملهو
ڪرڻ = (هارين جو اصطلاح) هلڻ جي ڪرڻ.
(ڏاندن کي هلڻ لاءِ لفظ چيا ويندا آهن.)
237.
هندورن ۾
هجڻ = دادلي/ لاڏلي هجڻ.
238.
هور لاهڻ
= خطرو پري ڪرڻ.
239.
هيڏي ڪرڻ
= ظلم ڪرڻ، حالت ڪرڻ.
240.
هيڪاندي
ٿيڻ = هلڻ.
241.
هيڪاندي
ڪرڻ = ملائڻ.
242.
هيڪليون
هلڻ = مرشد کان سواءِ هلڻ.
243.
هينئون
لوڏڻ = دلگير ٿيڻ.
244.
هينئون
هڻي وڃڻ = اندر زخمي ڪرڻ.
245.
هينئون
وندرڻ = سڪون ملڻ.
246.
هينئين
ٿوڻيون هجڻ = ڏڍ/ اڌار/ ٺيڪ
هجڻ.
247.
واٽ ٿيڻ = هليا وڃڻ.
248.
واچائون
ڏيڻ = واعدا ڪرڻ، باسون ڏيڻ.
249.
واڪو
م لاهڻ = بس نه ڪرڻ.
250.
واڪيو
واڪيو وِک کڻڻ = دانهون ڪندي هلڻ.
251.
واءُ ذرو
لڳڻ/ ذور واءُ ڳلڻ = عشق جي لغار لڳڻ.
252.
وائي ڪرڻ
= ڳالھ ڪرڻ.
253.
وٺي وڃڻ =
پٺي ڏيئي وڃڻ، پوئتي وڃڻ، رسي وڃڻ.
254.
وچ پوڻ = رنڊڪ/
وڇوڙو پوڻ.
255.
وڏي وس
هجڻ = گھڻي آبادي هجڻ، خوشي هجڻ، وسندي هجڻ.
256.
ور چونڊڻ/ چونڊي وڃڻ = (سلوار جا ور مٿي کڻڻ) ٺهي ٺڪي هلڻ، تڪڙو هلڻ.
257.
ور ورڻ = ڀلائي
ڪرڻ.
258.
ورترو ورھ
وهائڻ = گھڻو عشق/ محبت ڪرڻ، گھڻو درد پرائڻ.
259.
ورق وري
وڃڻ = لکجي وڃڻ، تقدير جو مٽجڻ.
260.
ورھ سين
واڳجڻ = محبوب سان ملڻ.
261.
ورھ واٽون
لائڻ = سورن سير لائڻ (ڏکن حواڄڻ)
262.
ورھ وهائڻ
= عشق جو واپار ڪرڻ (عشق ڪرڻ).
263.
وڙ ڪرڻ = لائق/
مهرباني ڪرڻ.
264.
وڙ وڃائڻ
= نالائق ٿيڻ.
265.
وسي وسامجڻ
= روئي روئي ٿڪجڻ.
266.
وصال جي ور پوڻ = ملاقات، ديوار ٿيڻ، حوالي ٿيڻ (ميلاپ جي).
267.
وک اپڙڻ =
پنڌ جو نبرڻ.
268.
وک وتري
وجھڻ = تکو ٿيڻ.
269.
وڪني نه
هجڻ = بيزار نه هجڻ.
270.
ولهين ور
ڪرڻ = مسڪين تي مهرباني ڪرڻ.
271.
وڻوانديو
وڃڻ = گلارو ٿيڻ، مهڻي هاب ٿيڻ.
272.
وهاڻي
وصال ڪرڻ = قيامت جي ڏينهن ملڻ (صبح سويل ملڻ).
273.
وهلو ور
ڪرڻ، = تڪڙي مهرباني ڪرڻ.
274.
وهم لهڻ =
خيال سمجهڻ.
275.
وهڻ ۽
ويلا ڪرڻ = کائڻ پيئڻ، پيٽ ڀري خوش ٿيڻ/ رهڻ، سستي
ڪرڻ.
276.
ووءِ ووءِ
ڪرڻ = روڄ ڪرڻ.
277.
ويجھائي
وک وجھڻ = (وڏي وک وجڻ) ڇوهو هلڻ.
278.
ويساند
ڪرڻ = آرام ڪرڻ.
ٽن سرن مومل راڻو، ڪاموڏ ۽ گھاتو ۾ ڪم آندل ڪجھ اصطلاح.
1.
اڀي
اوسڙجڻ = گھڻو انتظار ڪرڻ، ڀٽڪڻ.
2.
اچيو اڀين
پوڻ = پوئتان بيهڻ.
3.
ادا ٿيڻ = پورو ٿيڻ.
4.
آديسي
اچڻ = قاصد اچڻ (آديسي
فقيرن جو اچڻ).
5.
آڏي
اڀي اچڻ = سامهون بيهڻ.
6.
آرتو
آب وهائڻ = رت جا
ڳوڙها وهائڻ.
7.
اکر نه
اڄهڻ = حيرت وٺڻ، ماٺ
ٿي وڃڻ (نه ڳالهائڻ).
8.
اکين آب نه ڪرڻ = اکين جو سُسي وڃڻ.
9.
اکين ٺار هجڻ = تمام گھڻو پيارو هجڻ.
10.
اگلائي
ميٽڻ = گستاخي معاف ڪرڻ.
11.
اگهور
گهورڻ = سمنڊ ڳولڻ/ سمنڊ ۾ پوڻ.
12.
اگھاڙي
هجڻ = نيچ/ ڪميڻي هجڻ.
13.
آڳ
۾ جھوڪي آڻڻ = آڳ ۾ آڻي جھوڪڻ، باھ ۾ وجھڻ.
14.
اڳ اوچو
ٿيڻ = وڏي عزت ٿيڻ/ وڌڻ (ڪنڌ مٿي ٿيڻ).
15.
انگ ۾
لکجڻ = قسمت/ نصيب ۾ لکيل هجڻ.
16.
انگ اڙڻ =
عشق ٿيڻ، ميخ محبت
جي لڳل هجڻ، نينهن
جي نوڪ لڳڻ.
17.
اوت اوتڻ
= گھڻو ڇٽڻ/ پالوٽ ڪرڻ.
18.
اولاڪو
اچڻ = باھ جو مچ/ سور اچڻ.
19.
اوليون
اجھڻ/ لڳڻ = وسيلا ختم ٿيڻ، (ڳن جو لڙهي
وڃڻ)
20.
اونچي ڳاٽ
اچڻ = لاپرواهيءَ سان هلڻ.
21.
اونهي اوهري وڃڻ = هن جھان ۾ وڃڻ (سمنڊ ۾ هليو وڃڻ).
22.
اوهري وڃڻ
= گم ٿي وڃڻ، پري هليو وڃڻ.
23.
بان بري
هجڻ = ڀڀوت سان ڀريل هجڻ، (ڌرتي جي رنگ جھڙو هجڻ)، الھ لوڪ هجڻ، تارڪ دنيا هجڻ.
24.
بري تي بڇ
ڪرڻ = نفس کي مارڻ (انسان لاءِ دشمن نفس آهي)، (مڇ
يعني نفس تي حملو ڪرڻ)
25.
ٻاٽڻ
ٻيليون ٻڌڻ = لائق عاشقن جون ٽوليون ڪرڻ.
26.
ٻڌا ٻاڻ
هڻڻ = ٻٽا نشان ڪرڻ، ٻٽا تير هڻڻ.
27.
ٻنڌڻ
ٻجھڻ = ڄار ۾ ڦاسائڻ/ ٻڌڻ (حسن ۾ ڦاسڻ).
28.
ٻول ٻڌل
هجڻ = وعدي سان جڪڙيل هجڻ، زال
هجڻ.
29.
ٻي ڪا
نه رهڻ = ڪجھ به ياد نه رهڻ،
ڪجھ به نه وڻڻ.
30.
ٻيڙو ٻڌڻ
= مڱجڻ/ پرڻجڻ
(شادي جي رسم موجب، مڱڻي
پرڻي وقت، گھوٽ طرفان ڪنوار کي ڳاڙهي سٽ
وارو ڌاڳو ٻڌبو آهي)
31.
ٻيلھ بڌڻ
= گڏ ٿيڻ، انبوھ ڪرڻ.
32.
ٻيلون ٻڌڻ = ٽولين ۾ اچڻ.
33.
ڀاڻ ڀيري
هڻڻ = خود ختم ڪرڻ.
34.
ڀتين ۾
ڀنگ پوڻ = هيڻو حال ٿيڻ، بيوس
ٿيڻ.
35.
ڀنڀولجڻ =
موهت ٿيڻ، مست ٿيڻ.
36.
ڀيرو ڀڃڻ
= نه اچڻ، منهن موڙڻ.
37.
ڀيرو نه
ڪرڻ = نه موٽڻ، نه اچڻ.
38.
پاراپو
ڏيڻ = پيغام ڏيڻ.
39.
پاند پڄڻ
= چنبڙڻ = حاصل ٿيڻ/ ملڻ.
40.
پاند
سين پاند لڳڻ/
ملڻ = گڏجڻ (ڪپڙي سان ڪپڙي جو پاند لڳڻ) تمام ٿورو ڇُهڻ.
41.
پاڻ ڏيڻ =
منزل/ ٿاڻو ڪرڻ (رهڻ).
42.
پاڻهي تهي
پوڻ = ڳاهٽ ٿيڻ.
43.
پاڻيءَ
پاڻ وجھڻ = پاڻي ۾ رهڻ/ ڪاهي پوڻ.
44.
پاھ پرائي
اچڻ = تازو توانو ٿي اچڻ، رونق/
طاقت حاصل ڪرڻ.
45.
پٽ نهارڻ/ پورڻ = اک ڇنڀ (اڳ ڇنڀڻ ۽ پٽڻ).
46.
پٽ نهاري
پور هڻڻ = اک ڇنڀ ۾ هڻڻ، تيز نگاھ سان هڻڻ.
47.
پٺي پاڻ
لائڻ = اڳواڻ ٿيڻ، وڳ لائڻ (پنهنجي پويان هلائڻ) رهبري ڪرڻ.
48.
پچار پوڻ
= ياد/ ذڪر/ ڳالھ
ڪرڻ.
49.
پڌر پوڻ =
ظاهر ٿيڻ.
50.
پر ۾ پچڻ
= ڳجھ ڳوھ ۾ سڙڻ/ جلڻ.
51.
پر پاند
پڃڻ = غير کي قابو ڪرڻ، ٻئي سان محبت ڪرڻ، پلئه ۾ چنبڙڻ (ٻئي کي)
52.
پرک پوڻ =
مشهور/ عالم آشڪار ٿيڻ.
53.
پڙ
پٽ پسڻ = ويراني/ سڃ ڏسڻ،
سڃو ميدان ڏسڻ.
54.
پڙين
ڳاڏئون هجڻ = خوشبودار هجڻ.
55.
پکا پکارڻ
= صاف ڪرڻ/ سينگارڻ، جاءِ/ پکن کي
اجارڻ.
56.
پلاڻي پنڌ
پوڻ = تڪڙو هليو وڃڻ (سوار ٿي راهي ٿيڻ).
57.
پنهنجو نالو رکڻ = شادي ڪرڻ (پنهنجي نالي ڪرڻ).
58.
پھ پوڻ = قابو ڪرڻ/ ٿيڻ.
59.
پهرين گھور وڍڻ = پهرئين ڀيري سان گهائڻ، تير نظر سان گھائڻ.
60.
پير پائڻ
= اچڻ، ڀيرو ڪرڻ.
61.
پئي وڃڻ =
اڳتي هلڻ، اڳتي جي واٽ وٺڻ.
62.
ڦٽ ڇڙي
پوڻ = زخم چڪي چوڻ.
63.
تڙ
لهڻ = ديدار حاصل ٿيڻ، ديدار ڪرڻ.
64.
تن تاڻ
هجڻ = ڪاڍو/ڪشش ڪرڻ.
65.
تنگ تاڻڻ
= تيار ٿيڻ، سانباهو ڪرڻ، پلاڻڻ.
66.
توشڪيون
تڪيا پسڻ = مومل وٽ اچڻ، ڪاڪ ۾ اچڻ (ڪاڪ جا وهاڻا ۽ گاديلا اچي ڏسڻ)
67.
ٽول ٽڪاڻا
وھ ٿيڻ = ڪا به شيءِ نه وڻڻ.
68.
جاڙون ڪرڻ
= غفلتون/ خطائون ڪرڻ.
69.
جٽي
جاڳائڻ = سجاڳ ڪرڻ، ننڊ مان اٿارڻ (ترسي).
70.
جر هارڻ =
روئڻ، ڳوڙها ڳاڙڻ.
71.
جنءَ ڪرڻ
= ويل وهائڻ، قهر ڪرڻ.
72.
جيري جاڻ
وجھڻ = پاڻ پڻو ختم ڪرڻ.
73.
جيهائي
ڪرڻ = وڏي جٺ ڪرڻ.
74.
جھڳا جاءِ
نه ڪرڻ = رڇن جو
انهن جاين تي پيل نه هجڻ/ نه بيهڻ.
75.
جھڳا جھول
پائڻ = معمولي ويڙھ ڪرڻ (کڏن ۾ ڄار هڻي مڇي
وغيرھ ڦاسائڻ)
76.
جھول ۾
جھڳا پائڻ = کڏن کوٻن ۾ ڄاريون هڻڻ (ننڍي ويڙھ ڪرڻ).
77.
ڄاماڻي
اهل هجڻ = حاڪماڻي هلت/ روش هجڻ (بادشاهي ٻار هجڻ).
78.
چاڳ ڪرڻ =
ماڻو ڪرڻ.
79.
چپ
سين چوڻ = رمز سان ڳالهائڻ (ماٺ ۾ رهڻ)
80.
چرهو چکڻ = ڳاھ کائڻ.
81.
چرو چڙهڻ
= گھڻو عشق هجڻ (عشق جي ديڳين جو رجهڻ،
جن مان ٻين کي عشق ملندو رهي)
82.
ڇارون ڇڇ
هجڻ = ننڍڙو پاڻي هجڻ.
83.
ڇاڪ
ڏسڻ = ناز نخرا ڪرڻ.
84.
ڇلر ڇٽ
هجڻ = مڇي هجڻ.
85.
ڇوھ ۾ ڇڏڻ
= تڪڙو/ هڪدم ڇڏڻ.
86.
حاضر
هڪيون هجڻ = موجود هجڻ.
87.
حجت ڇڃڻ = دعوائون ختم ٿيڻ، هام پوري نه ٿيڻ.
88.
حرفت سان
هيرڻ = اٽڪل سان پنهنجو ڪرڻ.
89.
حيلا ڇڏي
هلڻ = دانهون نه ورنائي هلڻ.
90.
دعوائون
ڇڏڻ = لڳ لاڳاپا/ حق واسطا ڇڏڻ (دنيا جي شين کي ڇڏڻ).
91.
دل ڦٽي
وڃڻ = عشق جاڳائڻ.
92.
دليين دونهن لاهڻ = اندر اجارڻ.
93.
ڏاڏاڻن ڏنگا هجڻ = وڏڙن جا داٻ دڙڪا هجڻ.
94.
ڏک مٿي
چڙهڻ = هار سينگار ڪرڻ.
95.
ڏن ڇڏائي
ڏيڻ = محصول معاف ڪرائڻ.
96.
ڏيکاري
ڏيڻ = ديدار ڪرائڻ (قصو ٻڌائڻ).
97.
ڏينهن ڏون
هجڻ = تمام ٿورڙو وقت هجڻ (ٻه ڏينهن يعني هڪ ڄمڻ جو ۽ ٻيو مرڻ جو هجڻ)
98.
ڌاڃ ڌرتي
ڌڻي هجڻ = سڀ جو مالڪ هجڻ.
99.
ڌٻي پوڻ =
ڏڪي وڃڻ، ڏڪي ڪري پوڻ.
100.
ڌوڙ ۾ ڌرڻ
= دفن ڪرڻ، پوڻ قبر ۾ پوڻ.
101.
رات پوڻ =
ڏکيو وقت اچڻ.
102.
راسن جي
رونق سهڻ = حسن جو تجلو سهڻ.
103.
راند
ڀانئڻ = مسخري سمجھڻ.
104.
راڻا رجپوت هجڻ = سچا عاشق هجڻ (راجائڻ جو اولاد هجڻ).
105.
رايون ڪرڻ
= گوهيون ڪرڻ، دانهون ڪرڻ.
106.
رتول جو
رکان هجڻ = محبت هجڻ.
107.
رتول روئڻ
= اندر ۾ روئڻ، (محلات ۾ ڳوڙها ڳاڙڻ).
108.
رڇن رنگ
ڏيڻ = سامان تيار ڪرڻ (مڇي مارڻ کان اڳ ٻٻر جي کلن جو ناسي رنگ ڏيندا آهن)
109.
رس پائڻ =
قابو ڪرڻ (نوڙي سان ٻڌڻ).
110.
رنگ رتول
ٻرڻ = محلاتن جو سڙڻ.
111.
رنگ رچڻ =
ڳاڙهو ٿيڻ، نينهن ۾ رڱجڻ
112.
رڻ ڪرڻ = ظلم/ قهر ڪرڻ،
(سڃ ڪرڻ)
113.
رهاڻ جو
رکان هجڻ = محبت هجڻ.
114.
ريلا رت
ڪرڻ = گھڻو روئڻ، رت روئڻ.
115.
ريءَ رڪ
وڍڻ = شرمندو ڪرڻ (بنا ترار جي وڍڻ)
116.
زبرون هڻڻ
= ڌڪ هڻڻ، گھاءُ ڏيڻ (عاشق بنائڻ).
117.
ساٿ سينءَ
سهڻ = پل ڀر لاءِ برداشت ڪرڻ.
118.
سانگ لائڻ
= مختلف نمونن سان تنگ ڪرڻ/ جلائڻ.
119.
سپت ٿيڻ =
سبق/ نتيجو ٿيڻ (چڱو رستو ٿيڻ).
120.
سٿ سڪڻ = صحبت
لاءِ تڙڦڻ.
121.
سڏ وجھڻ =
هوڪو ڏيڻ (خيرات جو).
122.
سر سڪڻ = سمنڊ
جو هٽي وڃڻ، درياھ جو سڪي وڃڻ.
123.
سڪوت سوڻ
= صبر وٺڻ، خاموش اچڻ/ ماٺ اچڻ (عبرت اچڻ).
124.
سڱ ٿيڻ = مائٽي/
شادي ڪرڻ، پاڻ ڳنڍڻ ناتو ڳنڍڻ (عشق ٿيڻ).
125.
سڱ سياڪو نه
هجڻ = ڪو به ويجھو مائٽ نه هجڻ (ساهري طرفان).
126.
سڱ ڪرڻ = ناتو
ڳنڍڻ.
127.
سڱ نه ڪرڻ
= پنهنجو نه ڪرڻ، خير عافيت نه ڪرڻ.
128.
سڳايون ۽
سڱ ڪرڻ = مٽي مائٽي تي ڀاڙڻ، مٽي
مائٽي ڪرڻ پنهنجو ڀانئڻ.
129.
سنڀوڙجي
اچڻ = تيار ٿي اچڻ
130.
سھجائي ڪرڻ = ساڙي وڃڻ.
131.
سھجائي وڃڻ = پچائڻ،
ڦٿڪائڻ، لڇائڻ.
132.
سهڄ ڪرڻ =
نوازشون ڪرڻ، انعام و اڪرام ڏيڻ.
133.
سونهن
سياءَ نه هجڻ = شريڪ/ برابر
نه هجڻ (حسن ۾).
134.
شڪ لاهڻ =
مشڪلاتون ميٽي پوري دڳ لائڻ (شڪ شبها ختم ڪرڻ).
135.
طعني سين
واڳجي وهڻ = عيب سڌارڻ
(راڻي طرفان ڦٽي ڪيل لڪڻ جيڪو
ڳجھو طعنو آهي، ان کي چنبڙي پوڻ)
136.
عام تي
وسڻ = سڀني کي فيض ڏيڻ، عام
تي مهربان ٿيڻ.
137.
عيبن جو
هجڻ = گھڻيون اوڻايون هجڻ.
138.
غير گمان
لاهڻ = شڪ شبها ڪڍڻ.
139.
فراق جا
مينهن وسائڻ = جدائيءَ ۾ گھارڻ،
جدائيءَ جي ڏکن ۾ روئڻ.
140.
فيض فرق
جاڳائڻ = برھ ڀڙڪائڻ، عشق جاڳائڻ، جدائي جو آزار جاڳائڻ/ ڏيڻ
141.
قناطون
کوڙڻ = ويهڻ، رهڻ (تنبو هڻڻ).
142.
قول ڪرڻ = وعدو ڪرڻ.
143.
کارو کوھ
وجھڻ = مڇي مارڻ جو ڪم ختم ڪرڻ، (ڄار
کي کڏ ۾ هڻڻ).
144.
کارو کوهه
۾ وجهڻ = واهپو نه رکڻ،
کڏ ۾ هڻڻ / ڦٽي ڪرڻ.
145.
کٽون
کڻڻ = هلي وڃڻ.
146.
کر
سان کلڻ = نفس
سان محبت ڪرڻ، غير سان خوش ٿيڻ.
147.
کري خبر
ڏيڻ = سچي/
پڪي ڳالھ ڪرڻ/ ٻڌائڻ.
148.
ککي کوڙ
هجڻ = گندي بوءِ هجڻ،
مڇيءَ جا ڍير هجڻ.
149.
ڪاڄ سڌرڻ = مراد پوري ٿيڻ.
150.
ڪارڻ ڪاهڻ
= پنڌ لاءِ هلڻ (آخرت ڏي هلڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ).
151.
ڪاڪ جا
ڪؤنر چرڻ = دنيا جي نعمتن جو حاصل ٿيڻ،
محبوب جو مشاهدو ماڻڻ
152.
ڪاڪ
ڪڪوريل هجڻ = مومل جا عاشق هجڻ (ڪاڪ جا رکيل هجڻ).
153.
ڪامڻ ڪسڻ = تير هڻڻ (عشق جو)، محبت پيدا ڪرڻ.
154.
ڪانگ
اڏائڻ = انتظار ڪرڻ، قاصد موڪلڻ (سنڌ جي هڪ رسم موجب ڪنهن جو مڙس ٻاهران اچڻ ۾
ڏينهن لائيندو آهي ته اهي زالون ڪانءَ کي لنوندي
ڏسي، چونڊيون آهن ته؛ ”تون وڃ! منهنجي خاوند جي سٺي خبر آڻ ته ان جي عيوض مٺيون مانيون
ڏيندس.“)
155.
ڪانيٽا
رکڻ = کائڻ (ڏند ڳاڙها ڪرڻ).
156.
ڪاڻ وجھڻ
= ڪانيارو ڪرڻ (ڪاڻ ڪڍڻ).
157.
ڪاڻياري
ڪرڻ = بدنام/ مهڻي
هاب ڪرڻ.
158.
ڪاڻيون
هجڻ = عيب/ گھٽتائي واريون هجڻ.
159.
ڪتين ڪر
موڙڻ = رات جو پورو ٿيڻ (ڪتين جا تارا وچ آسمان کان هلي ٿيندا ته ٻئي طرف صبح ڏي
وقت ويجھو ٿيندو).
160.
ڪتين ڪر
موڙڻ = گھڻي رات گذري وڃڻ.
161.
ڪچائي
لپيٽڻ = اوڻائي ڍڪڻ.
162.
ڪر موڙڻ =
لهڻ، ڪنارو ڪرڻ (آرس ڀڃڻ).
163.
ڪريم جو
ڪوٺائو اچڻ = ملڪ الموت جو اچڻ، قاصد جو اچڻ.
164.
ڪس اچڻ = پسند
اچڻ، موافق ٿيڻ.
165.
ڪس
رڪٽ ڪرڻ = ڪاوڙ ڪرڻ، دل جي ڪس لاهڻ.
166.
ڪس
رڪٽ لاهڻ = زنگ/ ڪاوڙ ختم
ڪرڻ (سومل وارو شڪ ختم ڪرڻ)
167.
ڪڪر ڪرڻ =
ڇانو ڪرڻ، رحمت ڪرڻ،
مهرباني ڪرڻ.
168.
ڪُل کي ڪر ٿيڻ = ساري
لوڪ کي خبر پوڻ.
169.
ڪنڌ ڦيرڻ
= منهن موڙڻ، ڪاوڙجڻ.
170.
ڪنوارن
ڪڪورڻ = ڪنوارين جي عشق ۾ مبتلا ٿيڻ/ رڱجڻ.
171.
ڪڻڪي وڃڻ = هلي وڃڻ، کسڪي وڃڻ.
172.
ڪوڙي ڪاغذ
اچڻ = سڌ پائي اچڻ، ڪوڙي نياپي تي اچڻ.
173.
ڪوئن جئن ڪڍڻ = خسيس سمجھي ورهائڻ/ ڏيڻ.
174.
ڪينجھر
ڪنڌيين تڳڻ = ڪينجھر ۾ رهڻ/
ترسڻ.
175.
گندگي
گوشو ڪرڻ = مڇي کي ڦٽي ڪرڻ، مڇي مارڻ کان پري ٿيڻ.
176.
گوشو ڪرڻ
= گم ڪرڻ، پاسو ڪرڻ.
177.
گيرب گاءِ
نه هجڻ = هٺ/ آڪڙ نه هجڻ.
178.
گھاءَ لڳڻ
= عشق ٿيڻ (زخم ٿيڻ عشق جو).
179.
گھر مهارا
گھورڻ = سيج/ هندورو کڏ پوڻ، سيج/
هندورو قربان ٿيڻ.
180.
گھڻ ڄاڻ
گھنگھرجڻ = ماهرن جو منجھي پوڻ.
181.
گھوٽ هجڻ
= مالڪ هجڻ، مڙس/ڀتار
هجڻ.
182.
گھور پوڻ = صدقي/شڪار ٿيڻ.
183.
گھوري سڀ
گھورن = وسڪارو لائڻ، سڀ ڪجھ قربان ڪرڻ.
184.
گھوريندي
گھور پوڻ = ڳوليندي ڪن ۾ پوڻ، مصيبت ۾ پوڻ.
185.
ڳالھ ڪرڻ = جٺ ڪرڻ
(ڳجھ اشارو ڪرڻ).
186.
ڳالهه وهي
وڃڻ = غفلت ڪرڻ، تر تان گسڻ.
187.
لاڌيئڙن
لڏڻ = راڻي جو هليو وڃڻ.
188.
لاڳ لاهي
وهڻ = لاڳاپو ڦٽي ڪرڻ، واسطو/ حق ڦٽي ڪرڻ.
189.
لالي
لڳائڻ = ڳاڙهاڻ ڪرڻ، شادي ڪرڻ، (ميندي هڻڻ).
190.
لانگ
ورائي وڃڻ = تڪڙو اچڻ (سوار
ٿي اچڻ).
191.
لاهوتي
ٿيڻ = سنياسي بڻجڻ (ڳولائو
ٿيڻ)
192.
لڊوڻان
لنگھي وڃڻ = آخرت مان پار پوڻ، لامڪان پهچڻ.
193.
لڏ پرتڻ =
حوالي ٿيڻ، سڀ ڪجھ حوالي ٿيڻ.
194.
لک لاڙي
ڏيڻ = ڍڪ ڏيڻ.
195.
لوڏ لڏڻ =
طريقي/ روش اختيار ڪرڻ، روش هلڻ.
196.
لوڌي ٿيڻ
= سڪايل ٿيڻ، تڙيل هجڻ، شڪار ٿيڻ.
197.
لوڪ وچان
لڏڻ = لاڏاڻو ڪري وڃڻ، ملڪ مان هليو وڃڻ.
198.
ليءَ لغار
پسن = گندگي (مڇي جي) ڏسڻ.
199.
ماڱر مٽڻ
= نوريءَ کي ڇڏڻ.
200.
ماڳ ڍوئڻ
= گھر ڏي موٽڻ.
201.
ماڳ رهڻ = هستي ختم ٿيڻ/ ڪرڻ.
202.
مامري
وجھڻ = مصيبت ۾ وجهڻ، شڪ ۾ وجھڻ (عشق ۾ ڦاسائڻ)، آزار ۾ وجھڻ.
203.
ماموين
مثال ٿيڻ = مُردن/ لاشن مثل ٿيڻ.
204.
ماڻ سر ڪرڻ = انگل سهڻ.
205.
ماڻڪ
پرائڻ = املھ هٿ ڪرڻ (ڄام تماچي کي هٿ ڪرڻ).
206.
ماڻهو ڪرڻ
= سٺو ڪرڻ (انسان ٺاهڻ).
207.
مت ٿيڻ = نتيجو/ نصيحت بڻجڻ.
208.
مٿان پوڻ =
غالب ٿيڻ.
209.
محروم ٿيڻ = واقف/ گهائل
مائل ٿيڻ.
210.
مذڪور مارڻ
= يادگيري مارڻ،
ڳالهه مارڻ.
211.
مس موٽڻ
ٿيڻ، موٽڻ مس ٿيڻ = مشڪل سان بچڻ.
212.
مشڪ ماڻڻ
= مزا مڻڻ، واس وٺڻ.
213.
مقابلو
ٿيڻ = سامهون اچڻ، روبرو ٿيڻ، منهن چڙهڻ،
ملاقات ٿيڻ.
214.
منهن ۾
مورجڻ = ڦُٽڻ/ پئدا ٿيڻ (منهن ۾)
215.
منهن پوڻ
= ديدار ڪرڻ، روبرو ملڻ.
216.
مُنهن
مهراڻ پوڻ = درياھ ۾ گهڙڻ.
217.
منهن نه
مارڪي وڃڻ = ٻاهر نه نڪرڻ، ڪيڏانهن به ٻاهر نه نڪرڻ.
218.
مڻيون مٿن
۾ هجڻ = حاڪم هجڻ، تاج مٿي تي هجڻ.
219.
مُھ ۾ اچڻ
= سماهون اچڻ، لوڙڻ.
220.
موڪ مارڻ = گھڻي مڇي مارڻ.
221.
ميڙ منجڻ = ٽولو موڪلڻ (رسم موجب مجرم ماڻهو جي لاءِ
ڏوهه معاف ڪرائڻ خاطر ڪجهه ماڻهن جو جٿو
فريادي وغيره ڏي ڏوهه جي معافي لاءِ موڪلبو آهي،
ان کي چئبو آهي ميڙ موڪلڻ)، معافي
وٺڻ جو نمونو.
222.
ميڪر مارڻ
= نفس کي مارڻ (مڇ کي مارڻ).
223.
مئڪي ڌيءَ
پسڻ = مهاڻي ڏسڻ.
224.
مينهن
وسائڻ = روئڻ/ ڳوڙها ڳاڙڻ.
225.
مينهن وسڻ
= گھڻو روئڻ،
ڏکيا ڏينهن اچڻ.
226.
نانءُ رکڻ
= بلي ڪرڻ، شادي ڪرڻ.
227.
نجابت بنا
هجڻ = شرافت/ بزرگي هجڻ، انصاف هجڻ، انصاف جو
اهڃاڻ هجڻ.
228.
نرت نياءُ
ڪرڻ = انصاف ڪرڻ.
229.
نکٽ نيئي
وڃڻ = صبح ٿي وڃڻ، (تارن جو لڙي/
لهي وڃڻ).
230.
نڪ
نرڄايون هجڻ = شرمندگي هجڻ، شرم حيا جو وڃڻ.
231.
نڪ نرڄو
ٿيڻ = بي حيا ٿيڻ.
232.
نڪ وڃڻ = شرمندو
ڪرڻ.
233.
نڪا
رات نه ڏينهن هجڻ = ڪو به
وقت مقرر نه هجڻ.
234.
نڪو
نينھن جو پسڻ = گھڻو
عشق ڏسڻ (عشق جون نهرون ڏسڻ).
235.
نينهن نيش
اڇڻ = عشق جو گھڻو ٿيڻ، عشق جو ڀڙڪي پڌرو ٿيڻ.
236.
نيھ گھڙجڻ = عشق جو پيدا ٿيڻ.
237.
نيهانيون
نڪن هجڻ = شرم نه هجڻ (گھڻا نڪ هجڻ)،
بي لڄو هجڻ.
238.
نيهن
نيزار هجڻ = غمزا/ نگاهون ملائڻ، عشق جا پٿر چٽڻ.
239.
هارِ هجڻ = آسري
/ آڌار تي هجڻ.
240.
هٿ لاهڻ = ساٿ ڇڏڻ،
ناتو ٽوڙڻ.
241.
هڏ هيڻ
هجڻ/ هيڻ هڏ هجڻ = ڪمزور / ضعيف / مسڪين هجڻ.
242.
هڪيون هجڻ
= حاضر/ موجود هجڻ.
243.
هول اچڻ = خطرا / خوف / ڊپ اچڻ.
244.
هيري هٿ
وجهڻ = حاصل ڪرڻ.
245.
هيڪاند ڀڃڻ
= وفاداري ختم ڪرڻ، اڪيلو ڇڏڻ.
246.
هينئڙو ماڳ
هجڻ = اندر کي آرام هجڻ.
247.
هينئون جاءِ هجڻ = دلجاءِ
هجڻ.
248.
واٽا وٽڻ = سوکڙيون ورهائڻ (واٽن وانگر ورهائڻ)،
خير ڪرڻ، ونڊ ونڊڻ.
249.
واجھ وجھڻ
= سڪڻ، نهارڻ، واجھائڻ، ڪوششون ڪرڻ، انتظار ڪرڻ.
250.
وارث ولهو
نه هجڻ = ڪو به مالڪ/ پونير/ اولاد نه هجڻ.
251.
واريءَ پٺ
هجڻ = سڃ/ ويراني هجڻ، (واري بدران رڻ پٽ
هجڻ).
252.
واس ورائڻ
= موٽائي اچڻ.
253.
واهوندا
ورڻ = بهار جي موسم اچڻ.
254.
وائي وات
هجڻ = يادگيري هجڻ
255.
وڏي وار
لڳڻ = پڇتائڻ، ارمان ڪرڻ، پريشاني
۾ پوڻ.
256.
ور وڏوڙجڻ
= مڙس جو ڪاوڙجڻ.
257.
ورھ وراڪا
ڏيڻ = وڇوڙي جون دانهون ڪرڻ.
258.
ورهه ويراڳ وجهڻ = وڇوڙو/ جدائي ڪرڻ
259.
وروڻيون وڃڻ
= سسي وڃڻ.
260.
وڙ رائيين وڃڻ = غير کي پسند ڪرڻ (جڙتو راڻي کي پسند ڪرڻ
يعني سومل کي)
261.
وڳ وساري
هلڻ = ڪڙم قبيلا/ دوست احباب وسارڻ.
262.
وڻائون نڪري
وڃڻ = نعمتن کي ڇڏي وڃڻ (وڻن مان هليو هلڻ).
263.
وهڪ وڃڻ = ننڊ / آرام ختم ٿيڻ.
264.
وهه لڳڻ = عشق ٿيڻ، عشق جو جذبو اچڻ.
265.
وير ۾ گڏجي
وڃڻ = پاڻي سان هڪ ٿي وڃڻ.
266.
ويرا وهه
ٿيڻ = نه وڻڻ (زهر ٿيڻ)
267.
ويس ورن ڪرڻ = هار سينگار ڪرڻ (مختلف نمونن جون پوشاڪون
پهرڻ).
نوٽ:
محرم = عربي لفظ ”حرم“ مان نڪتل آهي. سندس معنيٰ آهي
”هو نااميد ٿيو“.
لغت ۾ محروم جي معنيٰ آهي. ندورو = بدبخت ڪم نصيب وغيره
محروم = عربي لفظ آهي ۽ ”حرم“ لفظ مان ورتل آهي هن جي معنى آهي ”هو نا
اميد ٿيو“ اهڙي طرح محروم جي معنيٰ مان واقف ۽ رازدار به آهي.
هتي شاھ لطيف پنهنجي ڪلام ۾ شايد انهيءَ لفظ کي سُر ۽ لئه سان هڪ ڪري بيهارڻ لاءِ محرم لفظ ۾ ”و“ جو واڌارو ڪري ”محروم“ ڪيو آهي.
اصطلاحن جي ترتيب ۾ ڪجهه بي ترتيبي ٿي وئي آهي. ڏسجي ک سان شروع ٿيندڙ اصطلاح جيڪي ڪ کان اڳ آيا آهن جيڪي پوءِ اچڻ گهرجن.
ReplyDeleteمهرباني
مونکي پنھنجي ڪم ڪرڻ ۾ مذڪورھ پھاڪن وڏي مدد ڏني آھي
ReplyDeleteخير محمد ٻرڙو سيوھاڻي
ReplyDelete