Sunday, April 26, 2020

ڪيڏانھن منھن مريم جو، ڪيڏانھن ٽنڊو الھيار


ڪيڏانھن منھن مريم جو، ڪيڏانھن ٽنڊو الھيار
خليل کوسي جي پھاڪن ۽ چوڻين بابت لکيل ڪتاب جو تعارف
گل حسن لاکو
پھاڪا؛ لوڪ ادب جي لساني ۽ ادبي تحقيق آھن.
پھاڪا ۽ چوڻيون، اصطلاح ۽ محاورا؛ سنڌي ٻوليءَ جي سونهن ۽ حسناڪي آهن.
پھاڪا، چوڻيون، اصطلاح، ورجيسون؛ سنڌي ادب ۾ لوڪ ڏاهپ جو اھم علمي ادبي ذخيرو آھن. جنھن کي سانڍي، سنڌ جي سڄاڻ اديبن، سنڌ جي لوڪ ڏاهپ کي محفوظ ۽ مٿانھون ڪيو آھي.


ديوان ڪوڙومل چندن مل کلناڻي، اھو پھريون وڌوان ھو جنھن (سنڌي پھاڪا) ڪتاب ۱۸۸۹ ۾، ڇپايو.
ان کان پوءِ ديوان ڪيولرام سلامت راءِ آڏواڻيءَ جو پھاڪن جو ڪتاب (گل شڪر) ۱۹۰۵ ۾، ڇپيو.
روچيرام گجو مل ڪرپالاڻي انگريزيءَ ۾ سنڌي پھاڪن جو ڪتاب ۱۸۹۲ ۾ ڇپايو.
ان کان علاوه ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ، گھنشامداس سترامداس، پيسومل، سترامداس جڙياسنگھاڻي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ليکراج عزيز، مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر بلوچ، عبدالڪريم سنديلي ۽ موجوده وقت ۾ انجنيئر عبدالوھاب سهتي ۽ خليل کوسي جو ڪم ساراھ جوڳو آهي.
چون ٿا تہ؛ پھاڪن ۽ چوڻين جي اصل خالق جو ڪو پتو ڪونهي. مگر اسان جي يار خليل کوسي اٺن سالن جي پنڌ، پورھيي ۽ جاکوڙ ذريعي ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ اسرندڙ پھاڪن، چوڻين، سندن راوين، ماڳ مڪانن، ڳوٺن ۽ شھرن جي جاگرافي ۽ روايتن کي سھيڙي لوڪ ادب جي ھڪ تاريخ جوڙي آهي.
جيڪو ساراھ جوڳو علمي ادبي تاريخي تهذيبي ۽ ثقافتي ڪم آهي.

No comments:

Post a Comment