ساھوارن سان تعلق رکندڙ اصطلاح
(پکي، جانور، جيت، کاڌخوراڪ جون شيون ۽ وڻ ٽڻ)
سنڌي
زبان جي محسن شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ کي ڊاڪٽر دائود پوٽي نهايت ئي عمدي نموني ۾
هن طرح خراج تحسين پيش ڪيو آهي؛ ”’هي سنڌي ساهت جي آسمان جو چمڪندڙ ستارو‘
نظم ۽ نثر جو مالڪ ۳ جولاءِ ۱۹۲۹ تي غروب ٿي ويو. سندس وفات ڪري سنڌي علم و ادب کي
سخت صدمو پهتو آهي. هن ڀلي شخص پنهنجي ساري حياتي علمي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي،
۽ پڇاڙيءَ تائين قلم هٿ مان نه ڇڏيائين. سنڌي ساهت جي ترقيءَ لاءِ جيڪا جفاڪشي ڪئي
اٿس سا اڄ تائين ٻئي ڪنهن کان نه ٿي آهي.“
مرزا قليچ
بيگ ڪل ۴۵۷ ڪتاب تصنيف ڪيا آهن، جن مان ھڪڙي بهترين تصنف ”سنڌي وياڪرڻ“
آهي. جنهن جو مطالعو سنڌي ٻوليءَ جي لکندڙن توڙي پڙهندڙن کي، ضرور ڪرڻ جڳائي. عام طرح اسڪولن ۾ شاگردن کي سنڌي وياڪرڻ ۾ وصفون سيکاريون
وينديون آهن، جنهن ڪري وياڪرڻ کي هڪ خشڪ مضمون سمجهي کانئس سڀ پري ڀڄندا آهن. ليڪن مرزا قليچ بيگ جي تصنيف ڪيل وياڪرڻ ۾ خشڪ ڳالهيون بلڪل گهٽ آهن. ٻئي طرف منجهس گهڻيون ئي دلچسپيءَ
ڀريون ۽ علمي مايو وڌائيدڙ ڳالهيون شامل آهن. هن تصنيف جا ڪل چار ڀاڱا آهن جن مان
پهرئين ڀاڱي ۾ ”علم صرف“
ڏنل آهي، ٻئي ڀاڱي ۾ ”علم نحو“ ڏنل آهي، ٽئين ڀاڱي ۾ ”علم املا“ اشتقاق ۽ صرف ڏنل آهي ۽ چوٿين ڀاڱين ۾ ”علم بديع ۽ علم عروض‘ مثالن
سان سمجهايل آهي.
”علم
نحو“ ۾ صفحي ۷۳ تي مرزا قليچ بيگ لکي ٿو ته: ”سنڌيءَ ۾
ڪيترا ئي مرڪب لفظ آهن، خاص طور ”فعل يا
مصدورن“ جن جي معنيٰ رواج ۾ ناهي. اگرچ هر
هڪ گڏيل لفظ جي معنيٰ کي ”اصطلاحي معنيٰ“ ٿو چئجي، ۽ انهن لفظن يا فقرن کي ”سنڌي اصطلاح“
ٿو چئجي. انهن جو ڄاڻڻ نهايت ضروري آهي ۽ انهي مان ڪي اهڙا ته مشڪل
آهن، جو مادري زبان وارن کي به نه ايندا هوندا. تنهنڪري چڱي مضمون نويسيءَ جي لاءِ، انهن جو ڄاڻڻ بلڪل ضروري آهي.
ساڳئي
ڪتاب جي صفحي نمبر ۸۷ تي جسم جي مختلف عضون سان تعلق رکندڙ ڪجهه سنڌي اصطلاحن جي
درجي بندي ڪئي وئي آهي ۽ فوٽ نوٽ ۾ ڪن جون معنائون ڏنيون اٿس. افسوس جي ڳالهه هيءَ آهي ته جنهن ڪم جي ابتدا سن ۱۹۱۶ع ۾ مرحوم مرزا قليچ بيگ
ڪئي، تنهن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سنڌيءَ جي گهڻگهرن مان ڪنهن به ڪوشش نه ورتي. سنڌي وياڪرڻ جو مطالعو ڪندي، مون کي خيال ٿيو ته ڇو نه آ پنهنجي
فرصت جو وقت هن ڏس ۾ استعمال ڪري سجايو ڪريان. مون جڏهن پنهنجي ارادي جو ذڪر نئين زندگي جي سابق ايڊيٽر مولانا عبدالواحد
سنڌيءَ سان ڪيو ته هن نه صرف منهنجي همٿ افزائي ڪئي، بلڪ مشورو ڏنو ته؛ هر
اصطلاح جي معنيٰ پڻ درج ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي جملي ۾ استعمال ٿيل مثال ڏيڻ گهرجن. اهڙيءَ طرح منهنجي ڪيل ڪوشش جي نتيجي ۾ سنڌي اصطلاحن جي پهرين قسط تيار ٿي. جنهن ۾ بلڪل ست سؤ اصطلاحن جي جسماني عضون جي مناسبت سان درجه بندي ڪيل آهي.
اھڙيءَ درجه بنديءَ جو سودو سرن پيغام جي ايڊيٽر محترم ڪريم بخش خالد صاحب جي
حوالي ڪيو. جنهن ان کي نظر مان ڪڍڻ کانپوءِ، هڪ چڱي ڪوشش قرار ڏنو. ۽ پيغام جي جنوري ۱۹۷۹ع واري شماري ۾ پهرين ۽ مارچ ۱۹۷۹ع
واري پرچي ۾ ٻي قسط شايع ڪيائين. خالد صاحب، انهيءَ
سلسلي ۾ مون کي وڌيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ همٿايو. اهڙيءَ طرح سنڌي اصطلاحن جي
هيءَ وڌيڪ قسط تيار ڪئي اٿم، جنهن ۾ ڪل ۳۱۴ اصطلاح شامل ڪيل آهن. هن قسط ۾ ڪيل درجه بندي جو وچور هن ريت آهي.
نمبر
|
عنوان
|
تعداد
|
الف
|
پکي
|
۱۹
|
ب
|
جانور
|
۶۳
|
ج
|
جيت
|
۱۴
|
د
|
کاڌ خوراڪ سان تعلق رکندڙ شيون
|
۱۹۷
|
ھ
|
وڻ ٽڻ
|
۲۱
|
|
ڪل تعداد
|
۳۱۴
|
هن
سلسلي ۾ پڙهندڙن جو ڌيان، هن ڳالهه ڏانهن ڇڪائجي ٿو ته درجي بندي ڪندي، ڪيترا ئي اهڙا اصطلاح نظر آيا، جيڪي منهنجي
نظر ۾ غير مانوس ھيا يا ٻڌندڙ جي ڪنن کي اڻ وڻندڙ محسوس ٿين ھا. اهڙن اصطلاحن کي هن درجي بندي مان خارج ڪيو ويو آهي.
هن ڪم ڪندي، مون کي احساس ٿيو ته ڪيترا اهڙا اصطلاح آهن، جيڪي پهرين قسط ۾ شامل ٿيڻ کان غلطيءَ سببان رهجي ويا آهن. جن کي اڳتي هلي
پيش ڪيو ويندو.
(نوٽ: ان سلسلي ۾ محترمہ جن ٽين قسط تيار ڪئي ھئي، جيڪا پيغام رسالي جي
سيپٽمبر ۱۹۸۱ع واري پرچي ۾ شايع ٿي ھئي. اھي ٽئي قسطون پاڻ ۾ ملائي، نئين سر ترتيب
ڏئي، ’انساني عضون جي نالن تي مشتمل اصطلاح‘ جي عنوان سان ھن ئي بلاگ
تي رکي وئي آھي.)
پڙهندڙن
کي گذارش آهي ته اهي مختلف ڪتابن پڙهندي، جڏهن سنڌي اصطلاح استعمال ٿيل ڏسن ته اهي جملا پاڻ وٽ ڪتاب جي حوالي سان نوٽ بڪ ۾ درج ڪندا رهن. اهڙيءَ طرح
سنڌي اصطلاحن تي، بهتر نموني ۾، دسترس حاصل ٿي سگهندي.
(الف) ”پکي“
1.
اڏامندڙ پکي سڃاڻڻ؛ عقل وارو هئڻ، تيز فهم هئڻ.
2.
اَل ڪانءُ؛ بيوقوف، احمق، نادان، ناتجربيڪار.
3.
اندر ۾ ڪانءُ هجڻ؛ دل ۾ دغا هئڻ.
4.
ائين ڀڄڻ جيئن کاريءَ هيٺيان ڪانءُ؛ ڊپ وچان
ڀڄڻ.
5.
بوم خصلت؛ (چٻري وانگر) ويراني پسند ڪندڙ، منحوس، نڀاڳو.
6.
ٻگهلو ڀڳت ٿيڻ؛ مطلب خاطر سادو بڻجڻ، بهاني سان
ڀورڙو ٿيڻ، ويساهي ٺڳڻ.
7.
پرائي جهار پرائي جهرڪي؛ پرايو معاملو.
8.
تتر ڇڏائي وڃڻ؛ غفلت سببان سونهري موقعو هٿان
وڃائڻ.
9.
تتر ڏيکاري ڀتر ڏيڻ؛ وعدو ڪري ڦري وڃڻ.
10.
ڪانگ اڏائڻ؛ انتظار ڪرڻ، منتظر وهڻ، مڪن.
11.
ڪانگ ڪڍڻ يا ڪانگ ڪڍي وهڻ؛ ڊگهو پٽ هڻڻ.
12.
ڪانءَ جي چهنب ۾ موڪلڻ؛ تيز رفتاري سان روانو ڪرڻ.
13.
ڪانءُ نڪرڻ؛ عيب/ گهٽتائي، يا خامي نظر اچڻ.
14.
ڪڪڙ بڻجڻ؛ گهر کان ٻاهر نه نڪرڻ.
15.
ڪڪڙوڪو هجڻ؛ ويران هئڻ، ڪجهه به نه هئڻ، خاموشي
ڇانئجڻ.
16.
ڪنگ رڙڻ؛ ويراني هجڻ.
17.
گهر جا ڪڪڙ مارڻ؛ پنهنجن تي ظلم ڪرڻ، غريبن تي ستم ڪرڻ.
18.
ماديءَ ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ؛ بزدل ۽ بي همٿ ماڻھو جو وڏي ڪم ڪرڻ جي دعويٰ ڪرڻ.
19.
مور هجڻ؛ خوبصروت هجڻ، سونهن هجڻ.
(ب) ”جانور“
1.
اٺ پتڻ تي هئڻ؛ ڪنهن ڪم کان سخت نٽائڻ.
2.
اٺ پٺيءَ تي؛ سدا مسافر، هميشه سفر ۾.
3.
اٺ پٺيرو؛ مشڪل، عارضي، ٿوري وقت لاءِ.
4.
اٺ پير ٺاهڻ يا اٺ پير ڪڍڻ؛ توبه ڪرڻ، گناهه
کان باز اچڻ، همٿ هارڻ.
5.
اٺ پيرو؛ تيز رفتار قاصد.
6.
اٺ تي بلا کائڻ؛ بنا سبب تڪليف پهچڻ، بدبختي
لڳڻ.
7.
اٺ جو سڱ؛ ڪجهه به نه.
8.
اٺ قطاري ڏيڻ؛ گهڻو ڏيڻ، گهڻي سخاوت ڪرڻ.
9.
اٺ؛ بيوقوف، جاهل، طويل القامت.
10.
انڌ جي گهوڙي تي چڙهڻ؛
بيپرواهي اختيار ڪرڻ، ظلم ڪرڻ.
11.
اهو به وڃڻ، سهو به
وڃڻ؛ ڪم نه ٿيڻ، محنت ضايع ٿيڻ.
12.
باندر وانگر نچائڻ؛ ڪنهن کي پنهنجيءَ مرضيءَ
مطابق هلائڻ، تابعدار ڪرڻ.
13.
بگهڙ پوڻ؛ مصيبت پوڻ، آفت نازل ٿيڻ، نقصان
پهچڻ.
14.
ٻٽي ٻڪري در تي نه هئڻ؛ ڪنگال هئڻ.
15.
ٻڪر ٻوساٽ ڪرڻ؛ زبردستي ڪرڻ، ڪڇڻ نه ڏيڻ.
16.
ٻڪري بڻجڻ؛ ڊڄڻ، خوف کائڻ، ڀؤ ڪرڻ.
17.
ٻڪري کائڻ؛ ڪنهن جو ڏوهه ڪرڻ، ٻلي مارڻ.
18.
ٻلي مارڻ؛ گناهه ڪرڻ.
19.
ٻئين ڏاندن هر ھلائڻ؛ پرائيءَ مڙسيءَ تي ڪم ڇڏڻ، پنهنجي ڪم کي ڇڏي ٻيو ڪم ڪرڻ.
20.
ڀاڙي جو ٽٽون؛
خوشامدڙيو.
21.
ڀولي جي پڇ کي باهه ڏيڻ؛ ڳالهه مان ڳالهوڙو
ڪرڻ، جڳهڙو وڌي وڃڻ.
22.
ٺاٺارڪي ٻلي؛ ھريل، ضدي.
23.
ٿڪل ڏاند ٿيڻ؛ سست ٿيڻ.
24.
ٽيئون ٽوپڻ؛ عام ماڻھو، ڪمذات.
25.
جيري لاءِ ٻڪري ڪهڻ؛ ٿورو فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ
گهڻو نقصان ڪرڻ، پنهنجي گجرن پچائڻ لاءِ ڪنهن اشراف جي گهر کي باهه ڏيڻ (مقالات الحڪمت، صفحو نبر ۱۸۶ کان ۱۸۷ تائين.)
26.
ڄؤر ٿي لڳڻ؛ پٺيان پئجي وڃڻ.
27.
ڇتي (ڪتي)
وارا چڪ ھڻڻ؛ سخت ڪاوڙ مان
ڳالهائڻ.
28.
ڇڙ ڇڙ گابا ٿيڻ؛ منتشر ٿيڻ، جدا جدا/اڪيلو هجڻ.
29.
ڇيلو ٿي لڳڻ يا ڇيلي ٿي لڳڻ؛ هميشه پٺيان هلڻ، پٺ وٺي هلڻ.
30.
خچر کلو ڪرڻ؛ هنگامو ڪرڻ، شور ڪرڻ، مسخري ڪرڻ.
31.
خرمغز؛ مٿو کائيندڙ.
32.
دفتر ڪتا کڻي/ گهلي
ويا؛ اڳوڻو چڱو وقت گذري ويو يا اڳوڻو چڱو
رواج ختم ٿي ويو.
33.
ڏاند ڏهڻ؛ ناممڪن ڪم ڪرڻ.
34.
ڏندين ڏاند ھجڻ؛ طاقتور هجڻ، جوان ڍڳو ھجڻ، پنهنجي پيرن تي بيٺل.
35.
ريڍو ڪرڻ؛ ضد ڪرڻ.
36.
سهي جي کل هئڻ؛ گيدي
هئڻ، ڊڄڻو هئڻ.
37.
سؤ ڏاچيءَ جو سردار؛ وڏو ماڻهو.
38.
شتر بي مهار؛ (بي لغام اٺ) سرڪش، نٺر.
39.
شينهن جي ڪن ۾ هئڻ؛ ڪنهن شيءِ جو اهڙي
هنڌ هجڻ جتان انهيءَ کي حاصل ڪرڻ گهڻو مشڪل هجي.
40.
شينهن ڪلھي چڙهڻ؛ ڪو
مشڪل ڪم سر انجام ٿيڻ، ڌيءَ پرڻائڻ.
41.
صدقي جي ٻڪري بنجڻ؛ جنهن جي طفيل تي ماڻهو
فائدو حاصل ڪري، ٻئي جو ڏوهه يا جوابداري کڻڻ.
42.
ڦاڙها مارڻ؛ ڪو مشڪل ڪم ڪرڻ، ڪو وڏو ڪم ڪرڻ.
43.
ڪتن هاب ٿيڻ؛ بري حالت کي
رسڻ.
44.
ڪتي ٻلي کان قابو؛
بلڪل سلامت.
45.
ڪتي جو به ور نه هئڻ؛
شان کان گهٽ هئڻ.
46.
گدڙ ڪوڪ؛ برادري جو
سڏ.
47.
گدڙ گپ هئڻ يا گدڙ گپ
ٿيڻ؛ ٿورڙي برسات پوڻ، نالي ماتر مينهن وسڻ.
48.
گدڙ، گدڙ جي ڪوڪ
اونائي؛ برادريءَ واري جو سڏ اوٺائڻ.
49.
گڏهه پائي؛ بيوقوفي،
حماقت.
50.
گڏهه تي چاڙهڻ؛ سزا
ڏيڻ.
51.
گوڙا وجهڻ؛ مصيبت
وجهڻ.
52.
گوڙي ڪن برابر؛ سڀئي
برابر آهن، ڪو به فرق نه هئڻ گهرجي.
53.
گونگي
گانءِ؛ خاموش طبع وارو ماڻهو، ماٺيڻو.
54.
گهوڙا پوڻ؛ مصيبت پوڻ.
55.
گهوڙا چڙهڻ؛ حملو ٿيڻ،
عذاب نازل ٿيڻ.
56.
گهوڙو ڊوڙائڻ؛ ڪوشش
ڪرڻ.
57.
واگهوءَ جي وات ۾ هئڻ؛
سخت ماڻهوءَ جي نگرانيءَ ۾ (نظر هيٺ)
هئڻ.
58.
وڻ گهوڙو نه ٻڌڻ؛
اجائي تڪڙ ڪرڻ.
59.
وهو ڍڳو هجڻ/ ڍڳي وانگي وهڻ؛ گھڻي محنت ڪرڻ، ڪم ۾ سدا
مصروف رهڻ.
60.
ويڙهو گهيٽو؛ جهڳڙي
خور.
61.
هاءِ گهوڙا ڪرڻ؛
واويلا سچائڻ.
62.
هائو ڄرڪو؛ حريص، لالچي.
63.
هوائي گهوڙي تي چڙهي
اچڻ؛ تڪڙ ڪرڻ.
(ج) ”جيت“
1.
بلا اچي ڪڙڪڻ؛ مصيبت پوڻ.
2.
بلا آڏي اچڻ؛ مصيبت پوڻ، رنڊڪ پوڻ، نقصان پهچڻ، ڪنهن به شيءِ جو وچ
مان غائب ٿي وڃڻ، ٺهيل ڪم بگڙي وڃڻ.
3.
بلا کائڻ؛ مصيت ۾
ڦاسڻ.
4.
بلائن کان بچائڻ؛ مصيبتن کان محفوظ رکڻ،
آفتن کان بچائڻ.
5.
ڀت جو ٽنڊڻ؛ نرم طبع وارو ماڻهو، نيڪدل،
رحمدل.
6.
ڀنڀوري ٿيڻ؛ تڪڙو ڀڄي وڃڻ.
7.
ڀونريءَ کاڌو؛ هٺيلو، مغرور.
8.
تڌ وانگر ٽپڪڻ؛ لڳاتار شور سچائڻ.
9.
جيئري مک ڳيهڻ؛ ڏسي وائسي نقصان سهڻ.
10.
چؤھٿي بلا؛ وڏي آفت.
11.
ڇاتيءَ تي نانگ ڦرڻ؛ ساڙ ٿيڻ.
12.
ڏٺي مک ڳيهڻ؛ اعتراض جوڳي ڳالهه تي چشم پوشي ڪرڻ.
13.
مکيون مارڻ؛ بيڪار وهڻ، بيفائدو ڪم
ڪرڻ.
14.
نوڙيءَ مان نانگ ڪرڻ؛ ڳالهه
مان ڳالهوڙو ڪرڻ، تيليءَ مان ٿنڀ ڪرڻ.
(د) ”کاڌ خواراڪ سان تعلق شيون“
۱- آب، پاڻي ۽ جل:-
1.
اجامر جو پاڻي پيئڻ؛
آب -حيات پيئڻ، وڏي عمر جو ٿيڻ.
2.
اجايو پاڻي ولوڙڻ؛ فضول محنت ڪرڻ، بي سود
ڪوشش ڪرڻ، بيڪار بحث ڪرڻ.
3.
اکريءَ ۾ پاڻي ڇڙڻ؛ اجائي ڪوشش ڪرڻ،
ڪلر ۾ ڪڻڪ پوکڻ، ڊنگهرن تي اٽو هارڻ.
4.
اکو پاڻي ڪرڻ؛ هڪ
سوڻ سوجب ان ڪڻا پاڻي ۾ اڇلڻ، ڌرتي تي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻڻ.
5.
امل پاڻي
ڪرڻ؛ نشو پاڻي ڪرڻ، ڇاندو پاڻي
ڪرڻ، نيرن ڪرڻ.
6.
ان پاڻي؛ رزق، چوڻو، نصيب.
7.
ان جل هئڻ؛ داڻو پاڻي
هئڻ، چوڻو پاڻي هئڻ.
8.
انجام کي پاڻي ڏيڻ؛ وعدو پورو
ڪرڻ.
9.
آب ۾ اچڻ؛ سامت ۾ اچڻ،
سڌريل حالت ۾ اچڻ.
10.
آب داڻو کٽڻ؛ حياتيءَ جا ڏينهن
پورا ٿيڻ.
11.
آب داڻو کڄي وڃڻ؛ وقت جو پورو ٿيڻ،
حياتيءَ جو پورو ٿيڻ، مري وڃڻ.
12.
آب داڻو کلڻ؛ قسمت کلڻ.
13.
آب داڻي جي ڇڪ هئڻ؛
رزق جي ڪشش سببان ڏوراهن ڏيهن ڏي وڃي نڪرڻ يا ڏوراهن پنڌ
تان وطن يا منزل تي پهچڻ.
14.
آب داڻي جي ڳالهه هئڻ؛
تقديري معاملو يا لکيو هئڻ.
15.
آب داڻي جي هٿ؛ تقدير
جي وس ۾ هئڻ.
16.
آب ديده ٿيڻ؛ روئڻهارڪو
ٿيڻ، ڏکارو ٿيڻ، دلگير ٿيڻ.
17.
آب ڏيڻ؛ عزت ڏيڻ، مان
ڏيڻ.
18.
آب رکڻ؛ عزت رکڻ، پت
رکڻ.
19.
آب ڪري اچڻ؛ بدن ۾
ڀرجڻ، متارو ٿيڻ.
20.
آب هوا بدلائڻ؛ صحت
سانگي ڪنهن خاص شهر يا ملڪ ڏي وڃڻ.
21.
آب هوا بدلجڻ؛ موسم
جو بدلجڻ، موسم جي تاثير ۾ فرق
اچڻ.
22.
آب هوا بگڙڻ؛ موسم جو
خراب ٿيڻ.
23.
آب هوا ڀانءِ پوڻ؛ هوا
۽ پاڻيءَ جو صحت لاءِ مفيد ثابت ٿيڻ.
24.
آبو پاڻي ڪرڻ؛ ڀنگ
پيئڻ، نشو پاڻي ڪرڻ.
25.
آبو شابو ڪرڻ؛ نشو پتو
ڪرڻ.
26.
آني ۾ پاڻي اچڻ؛ ڪم جو
نه هئڻ.
27.
باهه مان پاڻي ٿيڻ؛
سخت مزاج مان نرم دل ٿيڻ، ظالم ماڻهوءَ جو رحمدل ٿي وڃڻ.
28.
برگ و پاڻي ڪرڻ؛ چڪو
ڦڪو ڪرڻ، هانءُ جهل ڪرڻ، ٿڪ ڀڃڻ.
29.
پاٽ پاڻيءَ
۾ ٻڏڻ؛ غير اهم مسئلي سببان پريشان ٿيڻ، ننڍي ڳالهه ڪري پريشان ٿيڻ.
30.
پاڻي ٻرڻ؛ بي
انصالي ٿيڻ، گهڻو ظلم ٿيڻ.
31.
پاڻي ڀرڻ؛ غلامي ڪرڻ،
خدمت ڪرڻ.
32.
پاڻي پاڻي ٿيڻ؛ شرمسار
ٿيڻ، پگهر ۾ ٻڏڻ.
33.
پاڻي پٽا ڏئي ويو آهي؛
پاڻي لهي ويو آهي.
34.
پاڻي پيارڻ؛ نيڪ ڪم
ڪرڻ، پاڻي ڏيڻ.
35.
پاڻي ڦيرڻ؛ نااميد
ڪرڻ، (ٺهيل ڪم) ڦٽائڻ.
36.
پاڻي ورائڻ وارو؛ مددگار،
تجويز جو حامي.
37.
پاڻيءَ ۾
اچڻ؛ حواسن ۾ اچڻ.
38.
پاڻيءَ تي چِٽ هئڻ؛ بي
بنياد هجڻ، ناپائدار هجڻ، بي بقا
هجڻ.
39.
پاڻيءَ تي ليڪ؛ بي
بقا، فاني، غير مستقل.
40.
پاڻيءَ جو پنئرو؛ وهنجڻ جو شوقين،
يا گهڻو وقت پاڻيءَ ۾ رهندڙ.
41.
پاڻيءَ جو ڦوٽو؛
ناپائدار شيءِ، بي بنياد شيءِ، بي بقا.
42.
پاڻيءَ ڍڪ ۾ ٻڏي مرڻ؛
شرمسار ٿيڻ.
43.
پاڻيءَ کان
اڳ ڪپڙا لاھڻ؛ نقصان رسڻ کان اڳ شور
مچائڻ. پاڻيءَ کان اڳي ڪپڙا لاهڻ؛ سلي کان اڳ سنگ ڳڻڻ، جلد بازي
ڪرڻ. پاڻيءَ کان اڳيان ڪپڙا لاهڻ؛ بيوقوفيءَ جو ڪم
ڪرڻ.
44.
پاڻيءَ کان ڪڍڻ؛
سخت ڪاوڙ ڏيارڻ، آپي کان ٻاهر ڪڍڻ،
بدحواس ڪرڻ.
45.
پاڻيءَ کان نڪرڻ؛ ڪاوڙ
سببان بدحواس ٿيڻ.
46.
پتو پاڻي ٿيڻ؛ دل نرم
ٿيڻ.
47.
پٿر پاڻي ٿي
وڃڻ؛ درد انگيز حالت، رحم جوڳي حالت.
48.
پڇ پاڻي؛ دال ماني، سادو کاڌو،
غريبن جو کاڌو.
49.
پڇو پاڻي ڪرڻ؛ سخت
تڪليف ڏيڻ، گهڻو ڪم وٺڻ، ٽڪائي ڇڏڻ.
50.
ٿاڌل پاڻي ڪري؛ ڀنگ پيئڻ،
نشو ڪرڻ، ناشتو ڪرڻ.
51.
ڇاندا پاڻي ڪرڻ؛ کائڻ
پيئڻ، مزو وٺڻ.
52.
ڇاندو پاڻي ڪرڻ؛
ناشتو ڪرڻ، ٿوري دير آرام ڪري ساهي پٽڻ.
53.
داڻو پاڻي؛ رزق، قسمت
نصيب.
54.
ڪچي گهڙي پاڻي ڀرڻ؛
سخت آزمائش مان گذرڻ.
55.
منهن ۾ پاڻي اچڻ؛ منهن
۾ جوت اچڻ، خوش ٿيڻ.
56.
هن جا پاڻي ڪنهن جي
ٽانگهڻ جا نه آهن؛ ڪو به هن سان برابر نٿو ڪري سگهي.
۲- آنا:-
1.
آنا انبن ۾ ته ٻچا
ٻٻرن ۾ هئڻ؛ سارو ڪارخانو ڊانوانڊول هئڻ.
2.
آنا ٻچا ڪرڻ؛ دل
من هڻڻ، ڳڻتي ڪرڻ، پور پچائڻ.
3.
آنا لاهڻ؛ بنا ڪم
ترسڻ، تمام گهڻي سڪ لڳڻ، فائدي وارو ڪم ڪرڻ.
4.
آني مان ڦٽڻ؛ ننڍي عمر
وارو ۽ ناتجربيڪار هئڻ.
۳- اٽو، ماني ۽ روٽي:-
1.
اٽو اٽو
ڪرڻ؛ واويلا ڪرڻ، پڇتائڻ.
2.
اٽو آٽڻ ٿيڻ؛ سڀڪجهه ختم ٿيڻ،
ملياميٽ ٿيڻ.
3.
اٽو ٻڏي پٺيان لڳڻ؛
لاهي پاهي ڪم کي لڳڻ، اورچ ٿي لڳڻ.
4.
اٽو خراب
ٿيڻ؛ برا حال ٿيڻ، بري حالت ٿيڻ، ستياناس ٿيڻ، مٽي مردار ٿيڻ، رلي مرڻ.
5.
اٽو کائڻ؛
بي فائدي ڪم ڪرڻ، (ٻئي جي) ڪمائي کائڻ، ملازمت
ڪرڻ.
6.
اٽو کٽڻ؛ محتاج ٿيڻ،
مجبور ٿيڻ، غرض هجڻ، ڪم ڦاسڻ.
7.
اٽو گڏيل هئڻ؛ قرابت
داري هجڻ، شراڪت هئڻ.
8.
اٽو مٽڻ؛ سڱن جي ڏي وٺ
ڪرڻ.
9.
اٽي ۾ لوڻ ٿيڻ يا اٽي
۾ لوڻ ٿي وڃڻ؛ بلڪل گهٽ انداز ۾ هئڻ، ڳري وڃڻ،
گمنام ٿيڻ.
10.
اٽي ۾ لوڻ ڪري کائڻ؛ (رشوت يا
نفعو) بلڪل گهٽ وٺڻ.
11.
اٽي ۾ لوڻ هئڻ؛ تمام
گهٽ انداز ۾هئڻ.
12.
اٽي ڀور ٿي بيهڻ؛ جهيڙي
مچائڻ لاءِ تيار ٿي بيهڻ.
13.
اٽي ڀور ڪرڻ؛ فساد
ڪرائڻ.
14.
اٽي پاءُ کائيندڙ؛
رواجي سمجهه وارو ماڻهو.
15.
اٽي تي اٽو؛ بنا
نقصان جي سودو ڪرڻ.
16.
اٽي تي چٽي؛ مفت جي ماني
کائيندڙ، بيڪار ماڻهو.
17.
اٽي جو ڏيو يا
اٽي جي گڏو؛ بي همت، بزدل.
18.
اٽي جو نڪ هئڻ؛
لڄ شرم نه هئڻ.
19.
اٽي کاپائو؛ گهڻو
کائيندڙ، پيٽوڙي.
20.
اٽي مان وار ڪڍڻ؛ عيب جوئي ڪرڻ، پورو پورو انصاف ڪرڻ، ذري پرزي جاچڻ،
باريڪبيني ڪرڻ.
21.
اڪ تي اُٽو هارڻ؛ بي
فائدو ڪم ڪرڻ.
22.
پرائي ٻوڙ تي اٽو ٻڌڻ؛
ٻئي جي سهاري تي رهڻ، ڪنهن جي ڪمائيءَ تي ڀروسو ڪرڻ.
23.
ٽڪيءَ اٽو ڏيئي
اماڻڻ؛ زال کي طلاق ڏيڻ.
24.
جوئارو اٽو
هئڻ؛ نفاق هئڻ، ٻڌي نه هئڻ.
25.
ڊنگھرن تي اٽو
هارڻ يا ڊنگھر تي اٽو هارڻ؛ اجائي
محنت ڪرڻ، فضول ڪم ڪرڻ، ناشڪري سان ڀلائي ڪرڻ.
26.
ڌڪڙ تي اٽو لڳڻ يا ڌڪڙ
کي اٽو لائڻ؛ جهڳڙي يا ڪم جي تياري شروع ڪرڻ.
27.
روٽي روٽيءَ تي رکي نه
کائڻ؛ مفلس ٿيڻ، محتاج ٿيڻ، قلاش ٿيڻ.
28.
سوڪ ماني پچائڻ؛ سخت
سزا ڏيڻ.
29.
کاڻي مانيءَ تان کل نه
لاهڻ؛ ڪنجوسي ڪرڻ.
30.
ڪاٺ جي ماني؛ سخت محنت
جو ڪم، جانفشاني، درد سري.
31.
ماني ڪرڻ؛ کاڌي جي
ڪرڻ.
32.
مانيءَ ڀور تي بيهارڻ؛
ڪم ڪرائڻ جي عيوض پئسن بدران ٻه يا ٽي ويلا کاڌو ڏيڻ.
33.
مانين جو ٽوڙ يا
مانين-ٽوڙ؛ پيٽوڙي.
34.
مڇي مانيءَ وارو؛ خوش
حال، سکيو ستابو، آسودو.
۴- ان ۽ سنگ:-
1.
ان اڇو ڪرڻ؛ کري ۾ پيل
ان صاف ڪرڻ.
2.
ان وجهڻ؛
پکين ڦاسائڻ لاءِ جهنگ ۾ ان ڦهلائي ڇڏڻ.
3.
ان وسڻ؛ سُڪار ٿيڻ.
4.
اڻاسو ان کائڻ؛ بيفائدو
ان کائڻ، اجايو جيئڻ.
5.
ٻاجهري ٻوڙڻ؛ تڪليف
ڏيڻ، ٻيڙو ٻوڙڻ.
6.
جَوَ وهائڻ؛ گهڻي دير
ڪرڻ.
7.
دال ۾ ڪڇ ڪالا هي؛ ڪا ته
ڳالهه آهي جنهن جي پرده پوشي ٿي رهي آهي، ڪا ڳالهه غلط آهي.
8.
دال روٽيءَ وارو؛
واجبي ڪمائيءَ وارو.
9.
دال ڳرڻ؛ پئڄڻ، مٽ
پوڻ، برابري ڪرڻ.
10.
داڻي داڻي جو
محتاج؛ بيحد ضرورتمند، گهڻو گهرجائو.
11.
رات پڪا جَوَ گهرڻ؛
تريءَ تي بهشت گھرڻ، تمام ٿوري وقت ۾ ڪم ٿيڻ جي اميد ڪرڻ.
12.
سلي کان اڳ سنگ ڳڻڻ؛ پاڻيءَ
کان اڳ ۾ ڪپڙا لاهڻ، جلد بازي ڪرڻ.
13.
سنگ ڪڍڻ؛ ڦل ڏيڻ، نالو
روشن ڪرڻ، ڪنهن ڪم جو نتيجو نڪرڻ.
۵- ٻوٽي، ٻوڙ، گوشت، قيمو ۽ مڇي:-
1.
ٻوٽي ٻوٽي ڪرڻ؛ ٽڪر
ٽڪر ڪرڻ، ٻيرو ٻيرو ڪرڻ.
2.
ٻوٽي گڏ رجهڻ؛ گڏ رهڻ، ٺاهه
ٿيڻ.
3.
ٻوڙ هارڻ؛ اجايو
ڳالهائڻ، بڪ بڪ ڪرڻ، ڍيڪ ڏيڻ.
4.
سيخ پچائڻ؛ تڪيلفون سهڻ، تڪيلفن مان گذرڻ.
5.
سيخ ٿيڻ؛ بلند پروازي
ڪرڻ، ڪاوڙ ۾ اچڻ.
6.
قيمو ڪرڻ؛ ٽڪرا ٽڪرا
ڪرڻ، حقير ڪرڻ، زخمن سان چور ڪرڻ، مسخ ڪرڻ.
7.
مڇيءَ مان ڪنڊا
ڪڍڻ؛ عيب جوئي ڪرڻ، غير اهم تنقيد ڪرڻ، اعتراض ڪرڻ.
۶- ڀاڄيون ۽ ميوا:-
1.
ارت پرت جي ڀاڄي هئڻ؛
ادلي جو بدلو هئڻ، ڏي-وٺ جو سودو هئڻ.
2.
اڪن کان آما (انب)
گهرڻ؛ بخيل کان سخا جي اميد رکڻ.
3.
انگور ڪڍڻ؛ مورجڻ (وڻ
جو).
4.
انگور نڪرڻ؛ سلا ڦٽڻ،
خراب نتيجا نڪرڻ.
5.
بادام چشم؛ سهڻو، ملوڪ.
6.
بادام سيہ؛ معشوق جي
اک.
7.
باغ جي
موري هئڻ؛ ليکي يا ڳڻپ ۾ اهميت نه هئڻ.
8.
باغين توتين لڳڻ؛
پنهنجي ڪم سان لڳڻ، پنهنجي ڪم ۾ رڌل رهڻ، پنهنجي
وسائڻ.
9.
بصر ڇلڻ؛ پردو کولڻ،
يا عيب ظاهر ڪرڻ.
10.
ٻٻرن کان ٻير گهرڻ؛
اجائي توقع ڪرڻ، ناداني ڏيکارڻ.
11.
ٻه گدرا مٺ ۾ اچڻ؛
هڪ وقت ۾ ٻه ڪم ٿيڻ (جو ناممڪن آهي).
12.
ڀاڄي ڀتو بند
ڪرڻ؛ برادري کان ٻاھر ڪڍڻ،
حقو بند ڪرڻ.
13.
ڀاڄي ڀُڪو بند ڪرڻ؛
اچڻ وڃڻ ختم ڪرڻ، تعلقات ٽوڙڻ.
14.
ڀاڄيءَ واٽ؛ برادري جو
ناتو.
15.
ڀريءَ ٻير هيٺ بک
مرڻ؛ وسيلي موجود هوندي نادان ماڻهوءَ جو بيوس
هئڻ.
16.
ڀوڪ بصر؛ بيوقوف.
17.
پڪيءَ ٻير ۾ ڀتر هڻڻ؛
ڪنهن حيثيت واري اڳيان سوال وجهڻ.
18.
ٿوم نه هجڻ؛ مردانگي نه
هئڻ، جرئت نه هئڻ، همت نه هئڻ.
19.
چٽيو واڱڻ؛ بيحد ھار
سينگار ڪندڙ.
20.
ڏينهن پڪا ڏاڙهون گهرڻ؛ رات
پڪا جَوَ گهرڻ، تريءَ تي بهشت گهرڻ، تمام وقت ۾ ڪم ٿيڻ جي اميد ڪرڻ.
21.
شير پياز پڌرو ڪرڻ؛
اصل اهليت ظاهر ڪرڻ، گهڻي تنقيد ڪرڻ،
چڱيءَ طرح راز فاش ڪرڻ.
22.
ڦودني ۾ وهڻ؛ سمجهه ۾
اچڻ، عقل ۾ وهڻ.
23.
کير ۾ موري وجهڻ؛
جهڳڙي کي هوا ڏيڻ، ڪم خراب ڪرڻ.
24.
موڳو مٽر؛ ڪند، سمجهه جو
ڪچو.
۷- ڀت، پلاءُ/ پلاهه ۽ کچڻي:-
1.
ڀت ۾ تراريون هڻڻ؛ بي
فائدي ڪم ڪرڻ.
2.
ڀت ۾ ڪٻَرَ پوڻ؛ ٺهيل
ڪم ۾ رڪاوٽ پوڻ، نيڪ ڪم ۾ مخالفت ٿيڻ، امن
۾ خلل پوڻ.
3.
ڀت ۾ ڪٻَرَ وجهڻ؛ ڪم
خراب ڪرڻ، بد نظمي پيدا ڪرڻ.
4.
ڀَت ڀائي؛ برادري
وارو.
5.
ڀت ٿيڻ؛ ڪمزور ٿيڻ، نهايت
شرمسار ٿيڻ، پاڻيءَ ۾ پُسڻ.
6.
ڀت گهاٽو ڪرڻ؛
غير واجبي نفعو حاصل ڪرڻ، غير مناسب فائدو ڪمائڻ.
7.
ڀت مان ڪڍڻ؛
برادري مان خارج ڪرڻ.
8.
ڀتين تان ڀت اڇلائڻ؛
خواهه مخواهه سخاوت ڪرڻ، صرف ڏيکاءَ جي خاطر اجايو خرچ ڪرڻ.
9.
خيالي پلاءُ (پلاهه)
پچائڻ؛ هوائي قلعا اڏڻ، ناممڪن ڳالهيون سوچڻ.
10.
کچڻي کائڻ؛ ڪو ڪم
سولائيءَ سان ڪرڻ.
11.
وات جا پلاهه کائڻ؛
ٻٽاڪ هڻڻ، چشڪا ڀرڻ.
12.
وات جو پلاهه؛ هوائي
محل اڏڻ، ناممڪن ڳالهيون
سوچڻ.
۸- ڀڳڙا، تر ۽ چڻا:-
1.
ڀُڄي ڀڳڙا ٿيڻ؛ سڙي رک
ٿيڻ.
2.
ڀڳڙا ڏيئي پڙهڻ؛ اڌوري
تعليم حاصل ڪرڻ.
3.
ڀڳڙن وانگر
ڀُڄڻ؛ تباهه ٿيڻ، ماڻهن جو گهڻي تعداد ۾ هڪ ٻئي پٺيان مرڻ.
4.
ڀنگ ڀڳڙو ڪرڻ؛ نشو
ڪرڻ، فضول خرچ ڪرڻ، پئسا اڏائڻ، پئسا لُٽي ڇڏڻ.
5.
تر ڀاءُ لهڻ؛ قيمتون
معلوم ڪرڻ، حالتن جو سُڌ سماءُ لهڻ.
6.
تر پَٽَ تي نه پوڻ
يا تر ڇٽڻ جي جاءِ نه هئڻ؛ بلڪل ٿوري جاءِ به خالي نه هئڻ.
7.
تِر تان گسڻ؛ ٿوري فاصلي
تان رهجي وڃڻ.
8.
تر تيرهن پتيون ڪرڻ؛
هر شيءِ برابر ورهائڻ.
9.
تر جيترو هڻڻ؛ بلڪل
ننڍو هجڻ.
10.
تر سان به نه؛ بلڪل
نه.
11.
تر سنوان نه ٿيڻ؛ اميد
پوري نه ٿيڻ.
12.
تِر مڱ ڌار ڪرڻ؛
تعلقات ختم ڪرڻ، صاف ڪرڻ، جدائي اختيار ڪرڻ.
13.
تيل ترن مان نڪرڻ؛ ڪنهن
ڪم تي ڪيل خرچ جو معاوضو انهيءَ ڪم مان نڪرڻ
يا جنهن هنڌان نقصان ٿيو هجي انهيءَ هنڌان پورو ڪرڻ.
14.
چڻو ٻڻو ٿيڻ؛ جدا جدا
ٿيڻ، منتشر ٿيڻ.
۹- پاپڙ:-
1.
پاپڙ جهڙو؛ سنهو،
ضعيف.
2.
پاپڙ ويلڻ؛ اهڙو ڪم
ڪرڻ جنهن مان گهڻو نفعو نه ٿئي، محنت ڪرڻ.
۱۰- شير (کير)، شڪر (کنڊ) ۽ ڳڙ:-
1.
پرائو کير کارڻ؛ اڳتي
جو ڪم بگاڙڻ، رنگ ۾ ڀنگ وجهڻ.
2.
پئسا کير ڌوتا موٽائي
ڏيڻ، يا پئسا کير ۾ ڏيڻ؛ يقيني طور تي قرض
موٽائي ڏيڻ.
3.
شير شڪر ٿيڻ يا کير کنڊ ٿيڻ؛
صلح ڪرڻ، تڪرار کانپوءِ وري گهاٽي دوستي ٿيڻ، پاڻ ۾ رلي ملي وڃڻ.
4.
شير ڪين لوغان؟؛
ڪامياب ٿئين يا نه؟ فائدي ۾ رهئين يا نقصان ۾؟
5.
کڙهه تي کير پيارڻ؛
بروقت ڪم ڪرڻ، موقعي تي سچائي ڏيکارڻ.
6.
کنڊ ڦڪي اچڻ؛ ڪجهه به
فائدو نه حاصل ڪرڻ.
7.
کنڊ کائڻ؛
دل خوش ڪرڻ، دل کي ڪوڙي تسلي ڏيڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ، خوش فهمي ۾ مبتلا رهڻ.
8.
کير پيٽ ڀرجڻ؛ ٻارن جي
برڪت بخشڻ، ٻارن جي سعادت سان بخشڻ.
9.
ڪچو کير پيئڻ؛ پورو
خيال ڪرڻ کان سواءِ ڪم ڪرڻ.
10.
ڳڙ ٿيڻ؛ خراب ٿيڻ،
گڙٻڙ ٿيڻ.
۱۱- گيهه:-
1.
باهه ۾ گيهه وجهڻ؛ جهيڙو وڌائڻ.
2.
ٽڪر ڪري گيهه ۾ پوڻ؛ خوب
فائدو ٿيڻ، خوش قسمت هجڻ.
3.
پنجئي (آڱريون)
گيهه ۾ هجڻ؛ خوش نصيب هجڻ، پُرلطف
حالتن ۾ هجڻ.
4.
ڏوئي ڍڪڻ
گيهه هئڻ؛ تمام گهڻو نفعو ڪمائڻ.
۱۲- لوڻ، مرچ ۽ مصالو:-
1.
ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ يا
زخمن تي لوڻ وجهڻ؛ ڏکويل کي وڌيڪ ڏکوئڻ، صدمو ياد ڏيارڻ.
2.
لوليءَ جو لوڻ؛ نڪمو، ناڪارو.
3.
مرچ لڳڻ يا مِرِيون لڳڻ؛ ڪا
ڳالهه خراب محسوس ڪرڻ، ٻرڻ، روحاني اذيت محسوس ڪرڻ.
4.
مرچ مصالحه گڏڻ؛ مبالغو
ڪرڻ، ڳالهه وڌائي بيان ڪرڻ، ڪوڙ سچ گڏي ڳالهيون بنائڻ.
۱۳- ماکي ۽ مٺائي:-
1.
اڪ تي ماکي هارڻ؛ مورک
کي سمجهائڻ.
2.
اڪ جي ماکي سمجهڻ؛
ڪنهن ڪم کي سولو سمجهڻ.
3.
اڪ جي ماکي لاهڻ؛ مفت
۾ فائدو حاصل ڪرڻ.
4.
اڪ مان ماکي لاهڻ؛ بلڪل
سولو ڪم ڪرڻ.
5.
بازار جي مٺائي؛ هر ڪنهن
جي استعمال جي شيءِ، عام شيءِ جنهن کي کپي سو خريد ڪري.
6.
لڏون ڀوري ٿالهيءَ ۾ کائڻ؛ تحفي
جي موٽ ۾ تحفو ھڻڻ.
7.
لڏون ورهائڻ؛ گھڻي
خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ.
۱۴- مکڻ:-
1.
مکڻ پئي مٿو سڙڻ؛ فائدي
ٿيڻ تي ناراض ٿيڻ، پاڻهي ڪم ٿي وڃڻ تي اعتراض ڪرڻ.
2.
مکڻ جو گھڙو؛ سکر ماڻهو.
3.
مکڻ جي سيخ پچائڻ؛ حد
کان وڌيڪ صبر کان ڪم وٺڻ.
4.
مکڻ جي ماڙي اڏڻ؛ ناممڪن
ڪم ڪرڻ، سخت تڪليف کي منهن ڏيڻ.
5.
مکڻ مان وار ڪڍڻ؛ نهايت
باريڪ بينيءَ سان جائزو وٺڻ ۽ نقص ڪڍي ڏيکارڻ، سخت جاچ ڪرڻ، باريڪ
بينيءَ کان ڪم وٺڻ.
(هه) ”وڻ ٽڻ“
1.
اڪ تي اٽو هارڻ؛ بي
فائدو ڪم ڪرڻ.
2.
اڪ تي ماکي سمجهڻ؛ ڪنهن
ڪم کي سولو سمجهڻ.
3.
اڪ تي ماکي هارڻ؛ مورک
کي سمجهائڻ.
4.
اڪ جي ماکي لاهڻ؛ مفت ۾ فائدو
حاصل ڪرڻ.
5.
اڪ ڪارا ڪرڻ؛ ڪجهه به
نه ڪرڻ، ڪو نتيجو نه ڪرڻ، ڪجهه به نه ورڻ.
6.
اڪ مان ماکي لاهڻ؛ بلڪل
سولو ڪم ڪرڻ.
7.
اڪن کان انب گھرڻ؛ بخيل
کان سخا جي اميد ڪرڻ.
8.
اڪيلي وڻ هيٺان لنگھڻ؛
طبيعت خشڪ ٿيڻ، ڪاوڙجي اچڻ.
9.
آسمان تان ڪري کجيءَ ۾
اٽڪڻ؛ وڏي مصيبت مان ڇٽي اهڙي ننڍيءَ مصيبت ۾ ڦاسڻ جنهن مان ڇٽڻ
وڌيڪ مشڪل هجي.
10.
ٻٻر پوکڻ؛ نقصان
پهچائڻ، ڪنڊا پوکڻ، دشمني پيدا ڪرڻ.
11.
ٻٻر ليٽائڻ؛ ڪنهن وڏي
۽ گهري شيءِ کي ڪيرائڻ، واقعي
بهادريءَ جو ڪم ڪرڻ، ٻٽاڪ هڻڻ.
12.
ٻٻرن کان ٻير گھرڻ؛ اڻ
ٿيڻي ڳالهه جي اميد رکڻ، ناداني ڏيکارڻ.
13.
ٻڏندي ٻوڙا جهلڻ؛ مفلسيءَ جو سهارو
ملڻ.
14.
ڪنڊا پوکڻ؛ برائي ڪرڻ،
نفاق پيدا ڪرڻ.
15.
ڪنڊا ڪڍڻ؛ عيب جوئي
ڪرڻ.
16.
ڪنڊو لڳڻ؛ تڪليف پهچڻ.
17.
وڌي وڻ ٿيڻ؛ ڪمزور مان
طاقتور بنجڻ، مقابلي جي طاقت ڏيکارڻ.
18.
وڻ جهٽڻ؛ تکو وڃڻ،
اڏامندو وڃڻ، جلاوطن ٿيڻ.
19.
وڻ وڄائڻ؛ لاجواب ڪرڻ،
نالو ڪڍڻ يا ڌوم مچائڻ.
20.
وڻ وڻ جي ڪاٺي؛ مختلف
قسمن جا ماڻهو.
21.
وڻن ۾ وات وجهڻ؛ چريو
ٿيڻ، هر ڪنهن سان بنا سبب جي جهيڙو ڪرڻ.
(ماھوار پيغام، ڪراچي جنوري-فيبروري ۱۹۸۱ع
منجھ صفحي ۸۸ کان صفحي ۹۵ تائين ڇپيل)
No comments:
Post a Comment