Sunday, June 21, 2020

سنڌي ٻوليءَ ۾ پکين ۽ جانورن بابت پھاڪا ۽ چوڻيون.

سنڌي ٻوليءَ ۾ پکين ۽ جانورن بابت پھاڪا ۽ چوڻيون.

خادم رند


1.         آپ پِنان، گهوڙا ڳِنهان. (پاڻ پني، گھوڙا ڳنھي. ورجيس)

2.         اُٺ ٻڍو ته به، ٻه ڪنواٽ لھي. (چوڻي/ پھاڪو)

3.         اٺ ڀريو به رڙي، سکڻو به رڙي. (چوڻي/ پھاڪو)

4.         اُٺ پٺيان گِهنڊڻي. (اصطلاح)

5.         اٺ پنھنجي مُٽ ۾ ترڪي. (چوڻي/ پھاڪو)

6.         اُٺ پوي ڪڻڪ ۾ ته به ڪنڊا چُڻ چُڻ کائي. (عادت نه ڇڏي عادتي، علت مور نه جاءِ، اٺ پوي ڪڻڪ ۾، ڪنٽا چڻ چڻ کاءِ. (ٿري، چوڻي)

7.         اٺ تان وڃڻي لٿي، ته به اٺ ٿيو ھلڪو. (چوڻي/ پھاڪو)

8.         اُٺ جي چاڙھيءَ تي به لعنت، اٺ جي لاھيءَ تي به لعنت. (چوڻي/ پھاڪو)

9.         اٺ جي چوري، پکي ۾ ڇا لڪندي؟ (چوڻي/ پھاڪو)

10.      اٺ جي وات ۾ زيرو (ھئڻ). (اصطلاح)

11.      اٺ جي وات ۾ لوڻ وجھ ته به رڙي، ڳُڙ وجھ ته به رڙي. (چوڻي/ پھاڪو)

12.      اٺ چڙھيي، ڪڏهن نانگ کائي؟ (چوڻي/ پھاڪو)

13.      اٺ کي لاڻو، گهوڙي کي داڻو، مرد کي ناڻو، محبوب کي ماڻو. (چوڻي)

14.      اٺ نه پڄي، ٻورا لتاڙي. (ورجيس)

15.      اُٺ نه پڄي، ھڻي ٻورن لتون. (ورجيس)

16.      اٺين پيڙھيءَ اٺ جي، ماڪوڙو ماسات. (پھاڪو)


17.      اڃا مينھون جهنگ ۾، ڌوئي ڌريائون رڇ. (ورجيس)

18.      اگهاڙي ڪني، ڪانون جو کاڄ. (چوڻي/ پھاڪو)

19.      اندر ڪارو ڪانءُ، ٻاھر ٻولي ھنج جي. (ورجيس)

20.      انڌو ھاٿي، لشڪر جو زيان. (چوڻي/ پھاڪو)

21.      انڌي ٻلي، مئل ڪوئا جهلي. (چوڻي/ پھاڪو)

22.      اڻ وھندا ڏاند به ڪڏهن وھيا؟ (چوڻي/ پھاڪو)

23.      اھا ڪڪڙ مري ويئي، جا سونا آنا لاھيندي ھئي. (پھاڪو)

24.      اھڙو سياڻو، جهڙو ڪانءُ. (تشبيھي ورجيس)

25.      اھو سوار ئي ناھي، جو گهوڙي تان ڪريو ناھي. (پھاڪو)

26.      آيا باز، ڀڳيون سرڻيون. (چوڻي/ پھاڪو)

27.      بابل گهر گهوڙِي، ته ڪا مون ھِڻ ھِڻ. (پھاڪو)

28.      بار گڏھ تي، ھينگي کوتي. (چوڻي/ پھاڪو)

29.      باز جي ريس تي اڏاڻي چِڙي، چڻو ھئس چھنب ۾، سو به پيس ڪري. (چوڻي/ پھاڪو)

30.      باشو ڊوڙيو تتر ڏانھن، مٿان پيس عقاب، مڇي ڳولھي گاهه کي، ڪسي ٿئي ڪباب. (چوڻي/ پھاڪو)

31.      باندر ڇا ڄاڻي، بصرن جو سواد. (چوڻي/ پھاڪو)

32.      بڇڙو ڪتو، ڌڻي پُڻائي. (چوڻي/ پھاڪو)

33.      بکيو گدڙ، شينھن سان گڏ کائي. (پھاڪو)

34.      ٻار ۽ ڪتي کي لڏ ۾ مزو. (چوڻي/ پھاڪو)

35.      ٻانڀڻ ۽ ٻڪري، پاڙي جي ڦڪڙي. (چوڻي/ پھاڪو)

36.      ٻُٽي ٻڪري، در تي نه ٻڌجي. (ٻُٽي ٻڪري در تي نه ھئڻ. اصطلاح)

37.      ٻڪري ٺِڪري، ڳئون جنجال؛ کير پيئڻو اٿئي ته مينھن کڻي ڌار. (چوڻي)

38.      ٻڪري جنھن وڻ سان ٻَجهي، سو وڻ چَري. (چوڻي/ پھاڪو)

39.      ٻڪري جي ماءُ، ڪيترا ڏينھن خير گهرندي. (چوڻي/ پھاڪو)

40.      ٻلي پڙھايا شينھن، ڦر ٻلي ڪون کاوڻ آيا. (چوڻي/ پھاڪو)

41.      ٻلي ست ڪوئا کائي حج تي ھلي. (پھاڪو)

42.      ٻليءَ کي خواب ۾، ڇڇڙا. (پھاڪو)

43.      ٻن پاڏن سان ھڪ شينھن به نه پڄي. (چوڻي/ پھاڪو)

44.      ٻه شينھن ھڪ ٻيلي ۾ نه رھن. (چوڻي/ پھاڪو)

45.      ٻي سڀ ڪا ويٺي ڏڀي، بيٺي ڏڀي اٺ. (ڳئون ۽ مينھن ويٺي ڏُڀي، بيٺي ڏُڀي اُٺِ، چاري اَٽي ڏجي سَڃَ، گئُو اَٽي مُٺ، جھڙو لڳي واءُ، تھڙي ڏجي پُٺِ.) (چوڻي/ پھاڪو)

46.      ڀاڙين مٿان ڀت، ڪانون وڌي ڪيري. (چوڻي)

47.      ڀائي کائي ڇھ آنا، گهوڙو کائي ٻارھن آنا. (چوڻي/ پھاڪو)

48.      ڀڳي بانٺ، اڏاڻا ڳيرا. (نه رهيا وڻ، نه رھيا واهيرا؛ ڀڳا جو ڏار ته، اڏاڻا ڳيرا هليا ويا. پھاڪو)

49.      ڀلي آيو گانءِ جو ڄايو، جنھن سارو جڳ نپايو. (چوڻي)

50.      ڀونڪ ڙي ڪتا ڀونڪ، ٽڪر کائي پيو ٽونڪ. (ٻول)

51.      پاڻ نه پالي، ڪتا ڌاري. (ورجيس)

52.      پرائي ٻڪريءَ کي گاھ ڏيڻ، آ ڦولهڙين سان پنھنجو گهر ڀرڻ. (پھاڪو)

53.      پکي ته آڙي، چانور ته لاڙي. (چوڻي)

54.      پنڌ کان، ڪتي جي وات ۾ چڱو. (پھاڪو)

55.      پنھنجي ڏر تي، گدڙ به شينھن. (چوڻي/ پھاڪو)

56.      پنھنجي گهوڙي جا پنڌ، پنھنجي گابي جا ڏند، سڀني کي ياد رھن. (پھاڪو)

57.      تڪڙي ڪتي، انڌا گلر ڄڻي. (پھاڪو)

58.      تون به رئيس، مان به رئيس، پوءِ گڏھ ھڪليندو ڪير؟ (پھاڪو)

59.      ٽن ٽنگن سان گڏھ، ٽي مڻ بار! (ورجيس)

60.      ٺاٺارڪي ٻلي، ٺاٺاري جي ٺڪاون تي ھريل. (پھاڪو)

61.      جاڳندن جون وڇون، ستلن جا ڪونھان. (پھاڪو)

62.      جت اٺ ترندو، تت پڇ به ترندو. (پھاڪو)

63.      جِت وڻ ناھي، تِت ڪانڊيرو به درخت. (پھاڪو)

64.      جتي گانءِ، تت گابو. (پھاڪو)

65.      جهڙا ڪانگ، تهڙا ٻچا. (پھاڪو)

66.      جهڙا گڏھ، تهڙا آٿر. (پھاڪو)

67.      جهڙو ڪتي جي وات ۾. (تشبيھ)

68.      جهنگ جي جهرڪي، جهٽي وئي جهار. (چوڻي)

69.      جَوَ ڍيري، گڏھ رکپال. (ورجيس)

70.      جيڏا اٺ، تيڏا لوڏا. (پھاڪو)

71.      جيري ڪاڻ، ٻڪري ڪھڻ. (اصطلاح)

72.      جيڪا ڌاريان ٻڪري، تنھن لمندا ڪن. (پھاڪو)

73.      جيئن اٺ پتڻ تي مار کائي. (ائين مار کائڻ، جيئن اٺ پتڻ تي کائي. تشبيھ)

74.      ڄڻ ڪتِيءَ ڪن وڍايا. (تشبيھ)

75.      چاڪيءَ جو ڏاند ۽ ڪاسائيءَ جو ڪتو، جت بيٺو تت کُتو. (چوڻي)

76.      ڏاچي ھڻي ڏھ ته توڏي ھڻي تيرھن. (چوڻي/پھاڪو)

77.      ڏاڍو سو گابو. (پھاڪو)

78.      ڏسجي ته اٺ ڪهڙي پاسي ٿو ويھي؟ (پھاڪو)

79.      ڌوٻيءَ جو ڪتو؛ نه گهر جو، نه گهاٽ جو. (پھاڪو)

80.      رڍن اڳيان رباب، وڄائيندي ورھ ٿيا. (چوڻي/پھاڪو)

81.      ساڳيا سڱ سڃاڻ، ڏاتو پنھنجي ڏاند جا. (چوڻي/پھاڪو)

82.      سانُ؛ يا ته مينھن ۾، يا ته ڪاسائي وٽ. (چوڻي/پھاڪو)

83.      سانوڻ جو ستو؛ نه ڪانءُ، نه ڪتو. (چوڻي/ پھاڪو)

84.      سائي وڻ تي گهڻا ئي پکي. (چوڻي/پھاڪو)

85.      سڀڪا ٻڪري، پنھنجي پائي ٽنگجي. (پھاڪو)

86.      ستين لنگهڻين ڪتو به حلال. (پھاڪو)

87.      سُست ٻلي، ڪوئا نه ماري. (پھاڪو)

88.      سُڪل گهوڙو سيٽيل سوار، اڻ پڇيو ھوندو سيد جو ٻار. (چوڻي)

89.      سَھي ٽنگون ٽي، چوٿون پڇ (ڪرڻ). (اصطلاحي ورجيس)

90.      سوٽي ھجي ساڻ، ته گڏھ گوھي نه ڪري. (چوڻي/پھاڪو)

91.      سي تنيا ئي ويا، جن گهٽا ٿي ڏنا. (چوڻي/ پھاڪو)

92.      سياڻو ڪانءُ، ٻه ٽنگو ڦاسي. (پھاڪو)

93.      صلاحين، شينھن به ٻجهي پون. (پھاڪو)

94.      ڪانگ مري ويا، جو لولو حج ڪندو؟ (چوڻي/پھاڪو)

95.      ڪانو کي لڙ ۾ مزو. (چوڻي/پھاڪو)

96.      ڪتو به کاڌو، ڪک به نه ڀري. (ڪتو به کائڻ، ڪک به نه ڀرجڻ. اصطلاحي ورجيس)

97.      ڪتو جنھن کي چڪي، پادر به سو ئي کائي. (پھاڪو)

98.      ڪتو ڇا ڄاڻي، ڪڻڪ جي مانيءَ مان. (چوڻي/ پھاڪو)

99.      ڪتو ڇتو ٿئي، ته به مالڪ کي سڃاڻي. (چوڻي/ پھاڪو)

100.   ڪتي جا ڏند، گڏھ جو ماس. (گڏھ جو ماس، ڪتي جو وات؛ ھو پٽجي نه، ھيءُ ڇڏي نه. (چوڻي/پھاڪو))

101.   ڪتي جو پڇ، ٻارھن مھينا نڙ ۾، تڏهن به ساڳيو. (چوڻي/پھاڪو)

102.   ڪتي جو ڪارو منھن، رَٻَ اوتري جي اوتري. (پھاڪو)

103.   ڪُتِي ڪوريجن جي؛ رھي راھوجين، بھي باھوچين. (پھاڪو)

104.   ڪڍ ڪڪڙ دائري مان، وڻ ٿي وڃائي. (چوڻي/پھاڪو)

105.   ڪڏهن مادي ڪڪڙ به ٻانگ ڏني؟ (چوڻي/ پھاڪو)

106.   ڪسيري جي ڪتي، ٽڪي جا نان کائي. (ڪسير جي ڪتي، ٽڪي جا کائي ٽڪر- پھاڪو)

107.   ڪنھن جي ٻڪري، ڪير وجهي گاھ. (پھاڪو)

108.   ڪني جي ڪاڻ، ڳئون چاريم ڳوٺ جون. (پھاڪو)

109.   ڪوڙھيو ڪتو، کنھڻ کانسواءِ نه رھي. (چوڻي/پھاڪو)

110.   ڪوئن ڏٺي ٻلي، ته دلڙي ٿين ڍلي. (چوڻي/پھاڪو)

111.   گدڙ جي سئو سالا زندگيءَ کان، شينھن جي ھڪ ڏينھن واري زندگي ڀلي. (قول)

112.   گدڙ گدڙ جي ڪوڪ نه اونائي ته ڪوڙھيو ٿئي. (چوڻي/پھاڪو)

113.   گدڙ نه پڄي ڊاک، آکي؛ ”ٿُو کٽا“. (گدڙ ڊاک نه پڄي، آکي؛ ”ٿُؤ ڪؤڙي“، ناچو نچ نه ڄاڻي، آکي؛ ”ڀونءِ سوڙھي.“ – پھاڪو)

114.   گڏھ جي ڪر ته لڏ ٿي وڃي، لڏ جي ڪر ته گڏھ ٿي وڃي. (پھاڪو)

115.   گڏھ جي ھينگ گڏھ، گهوڙي جي ھڻڪار گهوڙو سمجهندو. (چوڻي/پھاڪو)

116.   گڏھ ڇا ڄاڻن گهيڙن مان. (چوڻي/پھاڪو)

117.   گڏھ ساڳيو، آٿر نوان (ھئڻ). (اصطلاح)

118.   گهر ۾ ڪِين، رکي گهوڙي تي زِين. (ورجيس)

119.   گهوڙي جي ڦِٽي وھي ٽانگي ۾، ڏاند جي ڦٽي وھي گهاڻي ۾، ڪاموري جي ڦٽي نوڪري ڪري لاڙڪاڻي ۾. (چوڻي)

120.   ڳوٺ رٺو، ڪڪڙ مُٺو. (گھوٽ رٺو، ڪڪڙ مُٺو. پھاڪو)

121.   لٺ ڏسي ڀولڙو، نچڻ شروع ڪري. (چوڻي/پھاڪو)

122.   ماسات مٺي ذات، ڪڪڙ ڪھ ته رھون رات. (ٻول)

123.   ماڪوڙيون مارڻ، ڪم نه ڪيھر شينھن جو. (چوڻي/پھاڪو)

124.   ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه ھنج. (چوڻي)

125.   مرض اچي گهوڙي جيان، وڃي جونءَ جيان. (چوڻي)

126.   نانگ جو ٻچو نانگ، ڪانگ جو ٻچو ڪانگ. (پھاڪو)

127.   نڌڻڪا گهوڙا، غيباڻا ھسوار. (پھاڪو)

128.   نه ڍڳو، نه ڍور؛ ڇا ڪاھيندو چور؟ (پھاڪو)

129.   نه ڪتو ڏسي، نه ڀونڪي. (ورجيس)

130.   ھاٿيءَ جا ڏند؛ کائڻ جا ھڪڙا، ڏيکارڻ جا ٻيا. (چوڻي/پھاڪو)

131.   ھاٿيءَ جو بار ھاٿي کڻندو. (چوڻي/پھاڪو)

132.   وڇ کير ڏئي، ته مينھن ڇو ڌارجي؟ (چوڻي/پھاڪو)

133.   وڇ ڪڏي ڪلي آھر. (پھاڪو)

134.   وڏو ڀاءُ ٿيڻ کان گڏھ ٿيڻ چڱو، ننڍو ڀاءُ ٿيڻ کان ڪتو ٿيڻ چڱو. (چوڻي)

135.   وقت ڪري واڪا؛ ته گهوڙو گڏھ کي چوي ڪاڪا. (پھاڪو)

136.   وڪاڻل گهوڙين جون، ڪهڙيون بھائون. (چوڻي/پھاڪو)

137.   ولايت جي ڪٻر، ديس جي مينا برابر. (پھاڪو)

138.   وھو ڍڳي تي سدائين مار. (چوڻي/پھاڪو)

 

نوٽ: مٿي ڏنل پھاڪا ۽ چوڻيون گهڻي ڀاڱي انجنيئر عبدالوھاب سھتي صاحب جي مختلف ڪتابن تان ورتيون ويون آھن.

 

(۲۰ جون ۲۰۲۰ع تي پنھنجي اخبار ۾ ڇپيل. خادم رند صاحب جي فيسبڪ وال تان کنيل)

No comments:

Post a Comment