Monday, April 20, 2020

نانگلي ٿي چوي؛ مون کي کير سان کائو.

نانگلي ٿي چوي؛ مون کي کير سان کائو. 
(لاڙ، چوڻي)
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
نانگليءَ لاءِ، ڪوڙومل چندمل کلڻاڻيءَ، پنھنجي پھاڪن واري ڪتاب، ’آواز اخلاق عرف سنڌي پھاڪا‘ منجھ ٻي چوڻي پڻ آندي آھي؛
”نانگلي (ان جو قسم)؛ نه پرڻي ڪم اچي، نه مرڻي ڪم اچي.“
البته اھڙن سادن/ اڻڀن/ گسن انن/اناجن لاءِ اسان وٽ ٻه چوڻيون ان طرح سان مروج آھن.
۱ . نانگلي ڪم اچي؛ نه پرڻي، نه مرڻي.
۲ . جواري ڀت چڱو؛ نه پرڻي، نه مرڻي.
جوئر ايترو ته اڻڀو ۽ رس چوسيندڙ آھي جو ان لاءِ چوڻي آھي؛
”ناھي جوئر جوءِ ۾ جو رھو ٿو رانديون ڪري.“


اھڙيءَ طرح، نانگليءَ جو ان به جون وانگر اڻڀو ۽ گِسو ھوندو آھي، جيڪو ستت نڙيءَ کان ھيٺ نه لھندو آھي. ان کي کائڻ لائق بنائڻ لاءِ، ٿورو گھڻو سڻڀ گڏائڻو پوندو آھي. جيئن اردوءَ ۾ چوڻي آھي؛
”چونی بھی کہنے لگی؛ مجھے گھی سے کھاؤ۔“
جنھن جو سنڌيءَ ۾ مطلب آھي؛ ”دال جو ڇاڻ به چوي ٿو ته مونکي گيھه سان گڏي کائو!“
ان دال جي ڇاڻ لاءِ اڃا ٻي به اردو ڪھاوت آھي؛ ”ڀول گئي چوني، ڀول گئي ٽاٽ، کاني لگي گيھون ڪي روٽي، سوني لگي کاٽ.“
بھرحال، مٿي اھي چوڻيون ڄاڻائڻ مان مراد، اصل مطلب ڏانھن ڌيان پھچرائڻو ھيو.
نانگلي به ڪڻڪ جي فصل ۾ ٿيندڙ ناڙي وانگر ول آھي، جنھن ۾  سادي جنس وارو ان ٿيندو آھي، جنھن جو ذائقو جون وانگر گِسو، اڻڀو ۽ سواد کان خالي ھوندو آھي.
ان ڪري ان سادي ان جي گلا/ ٺٺول ۾ چيو ويندو آھي؛ ”نانگلي به ٿي چوي، مون کي کير سان کائو.“
جيئن ٻيون ٺٺوليون مشھور آھن؛ ”ھڪ رنگ جي ڪوجھي، ٻيو لڪس کان سواءِ نه وھنجي.“ يا ”ھڪڙو سڃو، ٻيو ساڳ سان ماني نه وڻيس.“
مطلب؛
۱ . گڏھ نه مال، نانگلي نه پوک. (لاڙ، چوڻي)

No comments:

Post a Comment