انساني عضون جي نالن تي مشتمل اصطلاح
ترتيب و تدوين: انجنيئر عبدالوھاب سھتو
موقعي
مھل ۽ مناسب/ سھائيندڙ اکرن جي استعمال سان، نه صرف خيال اثرائتي نموني ۾ بيان ٿي
سگھن ٿا، پر گڏوگڏ طرز تحرير ۾ ھڪ قسم جي جان پيدا ٿي پوي ٿي. اديب، اھو ڪاريگر
آھي، جو زندگيءَ جي حقيقتن کي لفظن جو سھڻو ۽ ٺھڪندڙ لباس پھرائي ٿو. اھڙي
ڪاريگري، ٻوليءَ جي صحيح ڄاڻ کان سواءِ حاصل ڪرڻ ناممڪن آھي. تڏھن چئبو ته لکڻ جو
شوق رکندڙ لاءِ ضروري آھي ته پھاڪن، چوڻين ۽ اصطلاحن جي صحيح معنيٰ ۽ استعمال جي
ڄاڻ حاصل ڪري. سر والٽر اسڪاٽ جي انگريزيءَ ۾ لکيل ناول ٽئلسمين جو سنڌي ترجمو
طلسم جي نالي سان ڀيرومل مھرچند آڏواڻي ڪيو آھي. ڀيرومل صاحب، سنڌي ٻوليءَ جو ڄاڻو
ھو. ھن سنڌي اصطلاحن، ۽ پھاڪن جا ڪتاب به تصنيف ڪيا آھن. سندس ترجمو سنڌي اصطلاحن،
چوڻين ۽ پھاڪن سان جنجھيو پيو آھي. لکڻ جي خواھشمندن کي ھن ڪتاب جو چڱيءَ پر
مطالعو ڪرڻ گھرجي.
سنڌي
اصطلاحن جو ڪو ڪاٿو ئي ڪونھي. ليڪن ھيلتائين اصطلاحن جي درجي بندي ٿي ئي ڪونھي.
انھيءَ ڪري اصطلاحن جو مطالعو ڪندڙ کي سمجھ ئي نه ٿي پوي ته ڪھڙيءَ ريت پنھنجي ڄاڻ
۾ تڪڙو اضافو ڪري. انھيءَ ضرورت کي مد نظر رکندي، مون اصطلاحن جي درجي بندي ڪرڻ جو
ڪم، ھٿ ۾ کنيو آھي. ھيلتائين مون اٽڪل ست سؤ اصطلاحن جي درجي بندي ڪئي آھي، جن جو
تعلق انسان جي جسماني عضون سان آھي. سنڌيءَ ۾ جيڪي لغتون مھيا آھن، تن ۾ ڪيترا ئي
اھڙا اصطلاح نظر آيا، جيڪي منھنجي نظر ۾ غير مانوس آھن يا ٻڌندڙ جي ڪنن کي اڻ-وڻندڙ
محسوس ٿين ٿا. اھڙن اصطلاحن کي ھن درجي بنديءَ مان خارج ڪيو ويو آھي.
نوٽ؛
ھن مقالي جون ٻه قسطون الف کان ي تائين، ڇپجڻ کان پوءِ ٽين قسط به ‘پيغام‘ جي
سيپٽمبر ۱۹۷۹ع واري پرچي ۾ مصنفہ جي ھيٺئين نوٽ سان ڇپي ھئي.
ھن
مقالي جون ٻه قسطون، ’پيغام‘ جي جنوري ۽ مارچ ۱۹۷۹ع وارن پرچن ۾ ۶۹۸ اصطلاحن جي
درجي بنديءَ سان ڇپيون، جن جو تعلق انسان جي جسم سان آھي. ھن سلسلي ۾ وڌيڪ ڪم
ڪندي، مون کي محسوس ٿيو ته ڪيترا ئي اصطلاح درجي بنديءَ ۾ شامل ٿيڻ کان رھجي ويا
آھن. اھڙن اصطلاحن جو ڪل تعداد ۲۴۶ آھي.
ھيلتائين
درجي بندي ڪيل اصطلاحن جو وچور ھن ريت آھي.
جريان نمبر
|
عنوان
|
تعداد
|
۱
|
آڱريون ۽ نھن
|
۳۱
|
۲
|
آنڊا
|
۲۰
|
۳
|
اک، چشم، ديد، نيڻ، تارا، ڀروون ۽ ڀنجهر
|
۱۳۸
|
۴
|
اندر، دل، قلب، من، جگر ۽ جيءُ
|
۱۰۰
|
۵
|
بڪي ۽ گردو
|
۲
|
۶
|
ٻانهن، بازو، بغل ۽ ڪڇ
|
۳۳
|
۷
|
تارون ۽ ڪاڪڙو
|
۴
|
۸
|
تري
|
۱۲
|
۹
|
ٽنگ، ڄنگهه، لت، گوڏو ۽ زانو
|
۱۹
|
۱۰
|
پتو ۽ جيرو
|
۴
|
۱۱
|
پٺ، پٺي، چيلهه، ڍڍر ۽ ڪمر
|
۲۵
|
۱۲
|
پيٽ ۽ ڀڀ
|
۲۲
|
۱۳
|
پير، قدم ۽ کڙي
|
۶۰
|
۱۴
|
ڄڀ ۽ زبان
|
۲۱
|
۱۵
|
چپ
|
۴
|
۱۶
|
چمڙي
|
۱
|
۱۷
|
ڇاتي ۽ سينو
|
۱۱
|
۱۸
|
ڏاٺ ۽ ڏند
|
۱۷
|
۱۹
|
ڏاڙهي ۽ مڇ
|
۹
|
۲۰
|
رت
|
۱۷
|
۲۱
|
رڳ، نبض ۽ نس
|
۱۱
|
۲۲
|
سر، مٿو، کوپري، منڍي، مغز، پيشاني ۽ نرڙ
|
۶۸
|
۲۳
|
ڦڦڙ
|
۲
|
۲۴
|
ڪلهو
|
۱۵
|
۲۵
|
ڪن، گوش ۽ پاپڙي
|
۳۶
|
۲۶
|
ڪنڌ
|
۱۴
|
۲۷
|
گلو ۽ نڙي
|
۸
|
۲۸
|
ڳاٽ ۽ ڳچي
|
۱۰
|
۲۹
|
منهن ۽ رو
|
۴۵
|
۳۰
|
نڪ
|
۱۳
|
۳۱
|
وات، ٻوٿ ۽ مِٽَ
|
۳۰
|
۳۲
|
وار، چڳ ۽ روم
|
۸
|
۳۳
|
هانءُ، هنئَون ۽ هنيون
|
۱۰
|
۳۴
|
هٿ، دست، ٻڪ، مُٺِ ۽ مشت
|
۱۰۸
|
۳۵
|
هڏ ۽ لڱ
|
۱۵
|
|
ڪل تعداد
|
۹۴۳
|
آڱريون ۽ نھن
1.
اڱوٺو
چوپڻ؛ لاحاصل ڪم ڪرڻ.
2.
انگشت
نمائي ڪرڻ؛ ٺٺولي ڪرڻ.
3. آڱر تي نچائڻ؛ بودل
بنائن، تعدي ڪرڻ، ڪنھن کي ڪٺ پتلي بنائڻ آ.
4. آڱر ڌرڻ؛ آڱر رکڻ، نڪته-چيني ڪرڻ.
5. آڱر رکڻ؛ نڪته؛چيني ڪرڻ، آڱر ڌرڻ.
6. آڱر کڻڻ؛ اشارو ڪرڻ، آڱر ذريعي ڏيکارڻ، نالو وٺڻ، مذاق
ڪرڻ.
7. آڱر نھن ڄمڻ؛ رواجي ڳالھ ڪرڻ.
8.
آڱر وات ۾
وجهڻ؛ حيرت ۾ پوڻ، تعجب ڪرڻ.
9.
آڱر وٺڻ؛ سهارو
ڏيڻ، رهبري ڪرڻ،
10.
آڱر
ويڙهو؛ آڱوٺي جو زخم.
11.
آڱر
هڻڻ؛ منهن صاف ڪرڻ.
12.
آڱرين تي ڳڻڻ جيترا؛ تمام ٿورا.
13.
آڱرين
تي نچائڻ؛ سولائي
سان ڪم وٺڻ، ڪنهن کي پنهنجي مرضيءَ مطابق هلائڻ.
14.
آڱرين
جا زور لائڻ؛ پوري طاقت صرف ڪرڻ، پوريءَ طاقت سان ڪم ڪرڻ.
15.
آڱرين ڏندن
هيٺ اچڻ يا آڱريون ڏندين ڏيڻ؛
حيرت ۾ پوڻ، تعجب
ڪرڻ.
16.
آڱريون ڏيڻ؛ تسلي
ڏيڻ، قسم کڻڻ.
17.
آڱريون
ڳڻڻ؛ حساب ڪرڻ، فڪرمند ٿيڻ.
18.
آڱوٺو چوپائڻ؛
ڪجھ به نه ڏيڻ، خالي هٿين واپس ڪرڻ.
19.
آڱوٺو ڏيڻ
يا آڳوٺو ڏيکارڻ؛ ڪجھ به نه ڏيڻ، ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ، پرواھ نه ڪرڻ.
20.
آڱوٺو ڪڍي
وهڻ؛ جواب ڏيڻ، انڪار ڪرڻ.
21.
آڱوٺو وٺڻ؛ آڱوٺي جو نشان وٺڻ.
22.
آڱوٺو هڻڻ؛ تصديق ڪرڻ.
23.
پنج ئي آڱريون برابر نه هئڻ؛ سڀني ماڻهن جو هڪجھڙو نه هجڻ.
24.
پنج ئي
آڱريون گيھ ۾؛ خوش قسمت، ڪل جو مختيار.
25.
ڪني آڱر
وڍڻ؛ بدنام ڪندڙ حرڪت کي ختم ڪرڻ.
26.
نهن اٽڪڻ؛ پالو پوڻ،
ٿورو تعلق هجڻ، پلئه اٽڪڻ.
27.
نهن چوٽي
ڏڪڻ؛ ڪنبڻ، ٿڙڪڻ، ڌڏڻ.
28.
نهن سوسڙو گرم؛ ٿورو گرم.
29.
نهن نچڻو؛
هلڪي طبيعت وارو، ڪميڻو.
30.
وچين آڱر؛
بدمعاش، ڪميڻو ۽ بدڪار ماڻهو.
31.
ويهن ئي
نهن جو زور هلائڻ يا ويهن ئي نهن جو زور لڳائڻ؛ وسون نه گهٽائڻ حتي المقدور ڪوشش
ڪرڻ.
آنڊا
1.
آنڊا
ٽوڙڻ؛ اولاد کان جدا ڪرڻ.
2.
آنڊا
ساڙڻ؛ دل ڏکائڻ، صدمو پهچائڻ.
3.
آنڊا سڪڻ؛
بک مرڻ.
4.
آنڊا ڪڍڻ؛
گھڻو مارڻ، سخت سزا ڏيڻ.
5.
آنڊا ڪلوس
ڪلوس ڪرڻ؛ سخت بک لڳڻ.
6.
آنڊا
گجيون ڪڍي ٻاهر ڪرڻ؛ ڀيد ظاهر ڪرڻ، راز افشا
ڪرڻ، عيب ظاهر ڪرڻ.
7.
آنڊا
گجيون؛ ڳجھ، دل جو راز.
8.
آنڊا منهن
اچڻ؛ سخت بي چين ٿيڻ.
9.
آنڊن ۾ هٿ
وجھڻ؛ (ٻئي جي) اولاد کي پٽ پاراتو ڪرڻ.
10.
آنڊن جي
سڪ؛ اولاد جي محبت.
11.
آنڊو
اٽڪڻ؛ سخت انتظار ڪرڻ.
12.
آنڊي ۾
ٽانڊو؛ ويجھن مائٽن ۾ بدمزگي.
13.
آنڊي اڻڀو؛ پيٽوڙي، لالچي.
14.
آنڊي جي ڄائو؛ پيٽ-ڄڻيو، لخت جگر، ڪليجي جو ٽڪر.
15.
آنڊي جي
ڄر؛ پدرانه يا مادرانه جذبو.
16.
آنڊي کي سيڪ
اچڻ؛ همدردي ٿيڻ.
17.
آنڊي
گونڊي گڏيل؛ ويجھو مائٽ.
18.
آنڊي
گونڊين گڏجڻ؛ پاڻ ۾ مٽي مائٽي اهڙيءَ طرح ڪرڻ جو ڌيءَ جو سڱ ڏيئي ٻئي جي ڌيءَ جو
سڱ وٺڻ ۾.
19.
آنڊي وارو
هئڻ؛ اولاد وارو هئڻ.
20.
آنڊي وڌي؛
هڏڪي، ھچڪي.
اک، چشم، ديد، نيڻ، تارا، ڀروون ۽ ڀنجهر
1.
اک ۾ ٿيڻ؛
دشمن يا حاسد جي نظرن ۾ هئڻ، لالچ ڪرڻ، هوس ڪرڻ.
2.
اک ۾ رکڻ؛
نظرداري ڪرڻ، نظر ۾ رکڻ.
3.
اک ۾ ڪٽر
پوڻ؛ دشمني رکڻ.
4.
اک ۾ هئڻ؛
نظر ۾ هئڻ، تاڪ ۾ هجڻ.
5.
اک اٿڻ؛
اک سڄڻ، اک ڏکڻ.
6.
اک
اٽڪائڻ؛ نظر ڄمائي ڏسڻ، عشق ڪرڻ.
7.
اک اڙائڻ؛
اک لڙائڻ، عشق ۾ ڦاسي پوڻ.
8.
اک بداڻو؛
ٽيڏو، ڀينگو.
9.
اک بري ڪرڻ؛ نيت خراب ڪرڻ.
10.
اک بند
ڪرڻ؛ سمهڻ، غافل رهڻ، بي مروت ٿيڻ، مرڻ.
11.
اکِ ٻُوٽُ ٿيڻ؛ شراب جي نشي ۾ بدمست ٿيڻ.
12.
اکَ ٻُوٽَ ڪرڻ؛ ڌيان نه ڏيڻ، ٻڌو
اڻ ٻڌو ڪرڻ.
13.
اکِ ٻُوٽُ؛ بي حيا، بي مورت.
14.
اکَ ٻُوٽَ؛ چشم پوشي، بي خبري.
15.
اک ٻوٽڻ؛ اک بند ڪرڻ، آرام ڪرڻ، بي حيا ٿيڻ، مري وڃڻ.
16.
اک ٻيٽڻ؛
اک بند ڪرڻ.
17.
اک ڀڃڻ؛
اک سان اشارو ڪرڻ، ميڇ ڏيڻ.
18.
اک پٽڻ؛
اک کولڻ، سجاڳ ٿيڻ، خبردار
ٿيڻ، ڌيان ڏيڻ، انجام سوچڻ.
19.
اک پورڻ؛
سمهڻ، اک بند ڪرڻ، مرڻ.
20.
اک پوڻ؛
نظر پوڻ، ڏسڻ ۾ اچڻ.
21.
اک ترڪڻ؛
نظر گسي وڃڻ.
22.
اک ته
ڏيکار؛ ديدار ته ڪراءِ.
23.
اک ٽپڻ؛ اک
ڀڃڻ، اک سان اشارو ڪرڻ.
24.
اک
ٽمڪائڻ؛ ننڊاکڙائي سببان اکيون کولي بند ڪرڻ.
25.
اک ٽيٽ
ڪرڻ؛ سرسري طور ڏسڻ، نظرداري ڪرڻ.
26.
اک جو
ڪٽر؛ دشمن، ويري.
27.
اک چهري
ڪرڻ؛ سينگار ڪرڻ، اکين سان شوق جو اظهار ڪرڻ.
28.
اک ڇنڀ ۾؛
ذرڙي وقت ۾، اک جو جھپڪڻ.
29.
اک ڇنڀڻ؛
اک ڀڃڻ.
30.
اک ڊيگهه
ڪرڻ؛ نظر انداز ڪرڻ.
31.
اک ڏيکارڻ؛
تنبيھ ڪرڻ.
32.
اک رکڻ؛
نظر رکڻ، خيال رکڻ، نگاھ ۾ رکڻ، تڪڻ.
33.
اک سبڻ؛
نه ڏسڻ، ڌيان نه ڏيڻ، بلڪل بي خيال ٿيڻ.
34.
اک
ڦرڙائڻ؛ ڪاوڙ ۾ اکيون ڦيرائڻ.
35.
اک کان
ٻاهر هئڻ؛ نظر کان پري هئڻ.
36.
اک کلڻ؛
سجاڳ ٿيڻ، هوش ۾ اچڻ.
37.
اک کڻڻ؛ مٿي
ڏسڻ.
38.
اک کڻي نه
ڏسڻ؛ شرم کان ڪنهن ڏانهن نه ڏسڻ.
39.
اک کولڻ؛
بيدار ٿيڻ، سجاڳ ٿيڻ، هوشيار ٿيڻ.
40.
اک کي پٽي
ٻڌڻ؛ ڄاڻي ٻجھي نه ڏسڻ.
41.
اک ڪڍڻ؛ نقصان
پهچائڻ.
42.
اک ڪڙهڻ؛
اک جو ڏکڻ.
43.
اک ڪڪڙي
ڪرڻ؛ سنيگار ڪرڻ، نشو پي اکيون ڳاڙهيون ڪرڻ.
44.
اک لڄا؛
حيا، شرم.
45.
اک لڙائڻ؛
اک وچڙائڻ، عشق ڪرڻ.
46.
اک لڳڻ؛
ننڊ اچڻ، اونگھ اچڻ، اک لڙڻ.
47.
اک مان
ترڪڻ؛ نظر مان غائب ٿيڻ.
48.
اک مان
ڪڍڻ؛ سرسري طور ڏسڻ، نظر ثاني ڪرڻ.
49.
اک ميري
ڪرڻ؛ بري نظر وجھڻ.
50.
اک نه
ٻڏڻ؛ ڪا اهميت نه ڏيڻ، ڌيان نه ڏيڻ، ٻئي
کي پاڻ کان گھٽ سمجھڻ.
51.
اک وجھڻ
يا اک پائڻ؛ تڪڻ، سڪڻ، چاهڻ، گھور ڪري نهارڻ، لالچ رکڻ.
52.
اک
وچڙائڻ؛ پيار مان هڪ ٻئي ڏي ڏسڻ.
53.
اک هڻڻ؛
اک سان اشارو ڪرڻ.
54.
اک هيٺ
ڪرڻ؛ شرمسار ٿيڻ.
55.
اکيان
پوڻ؛ نگاهن ۾ ڪري پوڻ، حقير ٿيڻ، دشمني ٿيڻ.
56.
اکين ۾
جاءِ ڏيڻ؛ گھڻي عزت ڏيڻ.
57.
اکين ۾
ديد نه هئڻ؛ ٻين جي لاءِ ڪو ادب يا لحاظ نه هئڻ.
58.
اکين ۾
ڌوڙ وجھڻ؛ دغا ڪرڻ، ٺڳڻ، چالاڪي ڪرڻ، مڪاري ڪرڻ.
59.
اکين ۾
سرمو پائڻ؛ ٻين جي ڏسڻ کانسواءِ تڳائي وٺڻ.
60.
اکين ۾
وهارڻ؛ گھڻي عزت ۽ پيار سان وهارڻ.
61.
اکين اڇو؛
اڇين اکين وارو، انڌو، بي حيا، منحوس.
62.
اکين
اڳيان اوندھ اچڻ؛ صدمي يا ڪمزوري سبب بي هوش ٿيڻ، مٿي ۾ چڪر اچڻ.
63.
اکين
اڳيان ڦرڻ؛ خيال اچڻ.
64.
اکين
اڳيان؛ سامهون، روبرو، دوبدو.
65.
اکين پور؛
بي حيا، احسان فراموش، بي مروت.
66.
اکين تي
پردا چڙهڻ؛ وڏن يا بزرگن جو ڪو لحاظ نه رکڻ، انڌو ٿيڻ، ڪجھ به نه ڏسڻ.
67.
اکين تي
رات ڪاٽڻ؛ سڄي رات جاڳڻ.
68.
اکين تي
رهڻ؛ خوشيءَ سان قبول ڪرڻ.
69.
اکين تي
گذارڻ؛ سڄي رات جاڳڻ.
70.
اکين ٺار؛
محبوب، جان جي راحت.
71.
اکين جو
ڍءُ؛ اکين جو ٺار، ڏسي خوش ٿيڻ.
72.
اکين جو
سوجھرو؛ نور نظر، پٽ، اولاد.
73.
اکين جو
نور؛ نور نظر، اولاد.
74.
اکين ڏٺو؛
اکين سان ڏٺل، چشم ديد.
75.
اکين سان؛
خوشيءَ سان، دل ۽ جان سان.
76.
اکين سان؛
خوشيءَ سان، رضا رغبت سان.
77.
اکين سڄو
يا کين کان سڄو؛ انڌو.
78.
اکين
ڳاڙهو؛ رعب دار، ڀڀڪي وارو.
79.
اکين وڏو
يا اکين کان وڏو؛ اکين سڄو، انڌو.
80.
اکيون
اڙائڻ؛ اکيون لڙائڻ، عشق ڪرڻ.
81.
اکيون
اڙائي وهڻ؛ گھور ڪري ڏسڻ، اکيون لڙائڻ، عشق ڪرڻ.
82.
اکيون
آڏيون اچڻ؛ لحاظ ڪرڻ، ڪنهن ٻئي جي سببان عزت ڪرڻ.
83.
اکيون
ٻوٽ؛ طوطا چشم، بي مروت، بي حيا.
84.
اکيون
ٻوٽڻ؛ سمهڻ، مرڻ، بي حيائي ڪرڻ، عقل ۽ هوش
وڃائڻ.
85.
اکيون
ڀڃڻ؛ اکين سان اشارو ڪرڻ.
86.
اکيون
پائي وهڻ؛ نظر ۾ کرڻ، گھور ڪري نهارڻ، انتظار ۾ وهڻ، رستو تڪڻ.
87.
اکيون
پٽڻ؛ هوش ۾ اچڻ، سجاڳ ٿيڻ.
88.
اکيون پٽي
ڪم ڪرڻ؛ سمجھي سوچي ڪم ڪرڻ.
89.
اکيون
پورڻ؛ سمهڻ، مرڻ، بي حيائي ڪرڻ، عقل ۽ هوش وڃائڻ.
90.
اکيون پوري
ڪم ڪرڻ؛ بي پوراهيءَ سان ڪم
ڪرڻ.
91.
اکيون
ٺرڻ؛ مسرور ٿيڻ، خوش ٿيڻ.
92.
اکيون
ٿڌيون ٿيڻ؛ خوشي ٿيڻ.
93.
اکيون
جاءِ ڪرڻ؛ خبردار ٿيڻ، عقل کان ڪم وٺڻ.
94.
اکيون چرخ
ٿيڻ؛ حيران ٿيڻ.
95.
اکيون
ڍڪڻ؛ بي حيا ٿيڻ.
96.
اکيون ڏار
ڏيئي وڃڻ يا اکيون ڏار ڏيڻ؛ تمام گھڻو ڪمزور ٿي وڃڻ.
97.
اکيون
ڏيکارڻ؛ ڊيڄارڻ، ڌمڪائڻ، خوف زده ڪرڻ.
98.
اکيون رت
ڇڏڻ؛ گھڻي ڪاوڙ ڪرڻ.
99.
اکيون
سايون پيليون ڪرڻ؛ ڪاوڙ ۾ اچڻ.
100.
اکيون
سيڪڻ؛ ڏسي خوش ٿيڻ.
101.
اکيون
ڦاٽڻ؛ حيرت ۾ پئجي وڃڻ.
102.
اکيون
ڦرڙائڻ؛ حيرانيءَ سان ڏسڻ.
103.
اکيون
ڦڙڪائڻ؛ حيرت وچان اکيون ڦاڙي نهارڻ.
104.
اکيون
ڦوٽارڻ؛ اکيون ڪڍڻ، اکيون ڏيکارڻ.
105.
اکيون
ڦيرائڻ؛ منهن موڙڻ، بي مروت ٿيڻ.
106.
اکيون
کلڻ؛ حقيقت کان واقف ٿيڻ.
107.
اکيون
ڪاپار ۾ ڪري هلڻ؛ غرور ۽ لاپرواهيءَ سان هلڻ،
هوا ۾ اڏامڻ، مغرور ٿيڻ.
108.
اکيون
ڪڍڻ؛ انڌو ڪرڻ، ڌمڪائڻ.
109.
اکيون ڪڍي
نهارڻ؛ هڪ ٽڪ ڏسڻ، غور سان هڪ هنڌ نظر کپائي ڏسڻ.
110.
اکيون
ڪرڙيون ڪرڻ؛ اکين سان ناراضگيءَ جو اظهار
ڪرڻ.
111.
اکيون
ڳاڙهيون ڪرڻ؛ ڪاوڙ وچان نهارڻ.
112.
اکيون
لڪائڻ؛ پردو ڪرڻ، منهن لڪائڻ، ڪترائڻ.
113.
اکيون مٿي
ڪري هلڻ؛ غرور، تڪبر يا بيپرواهي سان هلڻ.
114.
اکيون وٺي
وهڻ؛ انڌو ٿيڻ، اکين جو نور وڃائڻ.
115.
اکيون
وجھڻ؛ بري نگاھ وجھڻ، تڪڻ، گھورڻ.
116.
اکيون
وڇائڻ؛ گھڻي خاطر ڪرڻ، انتظار ڪرڻ، رستو ڏسڻ، ناز کڻڻ.
117.
اکيون هيٺ
ڪرڻ؛ شرم کان ڪنڌ هيٺ ڪرڻ، شرمسار ٿيڻ.
118.
اکيين لائي وهڻ؛ منتظر
رهڻ، انتظار ۾ وهڻ، آس لڳائي وهڻ.
119.
بي ديد يا
بي ديدو؛ اکين ڍڪيو، بي حيا، بي مروت بي وفا.
120.
ٻٽيهه نيڻ
کلڻ؛ هر طرح خوش ٿيڻ، بلڪل راضي ٿيڻ.
121.
ٻه اکيائي؛
بيجا پاسداري، بيجا جانبداري.
122.
ٻئي اکيون
برابر ڪرڻ؛ سڀني کي هڪجهڙو ڪري ڏسڻ، عدل ۽ انصاف ڪرڻ.
123.
ڀروون اڇا
ٿيڻ يا ڀروون اڇيون ٿيڻ؛ ٻڍو ٿيڻ.
124.
ڀروون ڀير
ڪرڻ؛ سخت ڪاوڙ ۾ اچڻ.
125.
ڀنجهر ڀرڻ؛
ڏک ٿيڻ، اکين ۾ پاڻي ڀرجي اچڻ.
126.
تارا
ٽمڪائڻ؛ مايوس نگاهن سان ڏسڻ.
127.
تارا ساوا
ٿيڻ؛ خوف يا هراس ۾ اکيون پيليون ٿيڻ.
128.
تارا
ڦوٽارڻ يا تارا ڪڍڻ؛ گهور ڪري نهارڻ، ڪاوڙ ۾ اچڻ.
129.
چشم بندي
ڪرڻ؛ منتر يا وظيفو پڙهي بي وس ڪرڻ.
130.
چشم پوشي
ڪرڻ؛ معاف ڪرڻ، اک ٻوٽ ڪرڻ.
131.
ساڄي اک
ڦرڪڻ؛ مردن جي لاءِ چـڱو سوڻ ليکبو آهي ۽ عورتن لاءِ خراب سوڻ ڪري ليکيو ويندو
آهي.
132.
کٻي اک
ڦڙڪڻ؛ مردن لاءِ خراب سوڻ ۽ عورتن لاءِ چڱو سوڻ آهي.
133.
ڪڪوريل اک؛
اها اک جنهن ۾ جوانيءَ جو جوش هجي.
134.
نيڻ ٺار؛ راحت
بخش، پيارو.
135.
نيڻ ٺرڻ؛ اکيون
ٿڌيون ٿيڻ، گهڻو خوش ٿيڻ.
136.
نيڻ نچوئڻ؛
روئڻ، ڳوڙها ڳاڙڻ.
137.
هڪ اک سان
ڏسڻ؛ سڀني کي هڪڙي نظر سان ڏسڻ، سڀني سان هڪ جھڙو ورتاءُ ڪرڻ، غير طرفدار ٿيڻ.
138.
هڪ اک کلڻ
ٻي اک روئڻ؛ بي دليءَ سان ڪم ڪرڻ.
اندر، دل، قلب، من، جگر ۽ جيءُ
1.
اندر ۾
ڇريون هڻڻ؛ دل ۾ بري نيت هجڻ.
2.
اندر ۾
ڇريون هئڻ؛ حسد جي باھ هجڻ، بدنيت ٿيڻ.
3.
اندر
اجارڻ؛ دل کي صاف ڪرڻ، نفس پاڪ ڪرڻ.
4.
اندر ٻهرو؛ ٻاهران هڪڙو اندران ٻيو يعني دوکيباز.
5.
اندر ٺري
پوڻ؛ خوش ٿيڻ، راضي ٿيڻ، دل خوش ٿي وڃڻ.
6.
اندر
ساڙڻ؛ دن ٻارڻ، صدمو پهچائڻ، ڏک ڏيڻ، رنج يا تڪليف پهچائڻ.
7.
اندر سڙئي
کي اڳڙيون وجھڻ؛ پنهنجو ڏک لڪائڻ.
8.
اندر
کاڌل؛ ڪمزور دل، بي چين، اهو ماڻهو جيڪو اندر ئي اندر ۾ ڳري رهيو هجي.
9.
اندر
کنڊو؛ منافق، دل جو پليد.
10.
اندر
کوٽو؛ دغا باز، منافق.
11.
اندر ڪارو
هئڻ؛ دل ۾ خراب نيت هئڻ، دغاباز هئڻ، منافق هئڻ.
12.
اندر
وارو؛ ضمير وارو، با ضمير.
13.
اندران
پيهي نڪرڻ؛ ٻئي ماڻهوءَ جي گھرن ارادن کان واقف هئڻ.
14.
اندران ئي
اندران؛ مخفي طور تي، لڪل طور تي، دل ئي دل ۾.
15.
اندريون
وس ڪرڻ؛ خواهش کي روڪڻ، حواسن کي قبضي ۾ رکڻ.
16.
بز-دل؛ ڊڄڻو،
گيدي، بي همت.
17.
بي دليو
ٿيڻ؛ دلگير ٿيڻ، اداس ٿيڻ، دلچسپي ختم ٿيڻ.
18.
ٻٽيهه
دليون هئڻ؛ بي انداز محبت هئڻ.
19.
تن من سان؛
دل و جان سان، خوشيءَ سان، دليون جانيون.
20.
تن من
مارڻ؛ خواهشن کي روڪي خاموش رهڻ.
21.
تھ دل سان؛ دل جي گھراين مان.
22.
جيءَ ۾
جايون ڏيڻ؛ دل ۾ جاءِ ڏيڻ، گهڻو پيار ڪرڻ، گهڻي عزت ڏيڻ.
23.
جيءُ ڪڙو
ڪرڻ؛ دل مضبوط ڪرڻ، جان ڏيڻ لاءِ تيار ٿيڻ.
24.
دعا دل
سان نه ٿي لڳي؛ اها ڳالھ سچي معلوم نه ٿي ٿئي، مون تي ڪو اثر نه ٿي ڪري.
25.
دل ۾ جاءِ
ڏيڻ؛ گھڻي عزت ۽ محبت سان پيش اچڻ.
26.
دل ۾ ڪرڻ؛
ناراض ٿيڻ، خراب محسوس ڪرڻ.
27.
دل ۾ گھر
ڪرڻ؛ پاڻ کي ٻين وٽ مقبول ڪرڻ، دل ۾ جاءِ ڪرڻ، دل ۾ محبت يا عزت پيدا ڪرڻ.
28.
دل ۾
وجھڻ؛ جوش يا احساس پيدا ڪرڻ.
29.
دل اٿڻ؛
مرضي ٿيڻ، موج ۾ اچڻ.
30.
دل
اٽڪائڻ؛ دل لڳائڻ، عشق ڪرڻ.
31.
دل باغ
ٿيڻ؛ گھڻو خوش ٿيڻ.
32.
دل ٻڏڻ؛
بيهوش ٿيڻ، دل ماندي ٿيڻ.
33.
دل ٻڌڻ؛
همت ڪرڻ، ڪمر ڪشڻ، تيار ٿيڻ.
34.
دل ڀڃڻ؛
ارادي کان هٽائڻ، بي همت ڪرڻ، ارواح کڻائڻ.
35.
دل ڀڄڻ؛
بي همت ٿيڻ.
36.
دل ڀرجڻ
يا دل ڀرجي اچڻ؛ غمگين ٿيڻ، اداس ٿيڻ، اکين ۾ پاڻي اچڻ.
37.
دل پڪي ڪرڻ؛
حوصلو ڪرڻ، دل مضبوط ڪرڻ.
38.
دل پلڻ؛
بيرار ٿي ڇڏي ڏيڻ، آسرو لاهي ڇڏڻ، اميد ٽوڙڻ.
39.
دل تان
لهڻ يا دل تان لهي وڃڻ؛ ياد نه رھڻ، وسري وڃڻ،
وساري ڇڏڻ.
40.
دل تي تري اچڻ؛ اوچتو ياد اچڻ.
41.
دل تي
چڙهڻ؛ ياد اچڻ.
42.
دل تي
رکڻ؛ ياد رکڻ، خيال ۾ رکڻ.
43.
دل تي هٿ
رکڻ؛ خيال ڪرڻ، سوچڻ، ٿڌيءَ دل سان سوچڻ.
44.
دل تي هجڻ؛
يادگيري هجڻ.
45.
دل تي يا
دل گهريو؛ من پسند، دلپسند، خاطر خواهه.
46.
دل تي؛ از
بر، بر زبان.
47.
دل ٺارڻ؛
دل خوش ڪرڻ.
48.
دل ٺرڻ؛
بيحد خوش ٿيڻ.
49.
دل ٽپا
ڏيڻ؛ گھڻي خوشي ٿيڻ.
50.
دل ٽٽڻ؛
بيوس ٿيڻ، همت هارڻ.
51.
دل ٽنگجڻ؛
گهڻي ڳڻتي ڪرڻ، سخت انتظار ڪرڻ.
52.
دل ٽوڙڻ؛
نا اميد ڪرڻ، مايوس ڪرڻ.
53.
دل جاءِ
ڪر؛ اطمينان رک، تسلي رک، بي فڪر رھ، خاطري رک.
54.
دل جمعي؛
خاطري، اطمينان، بي فڪري.
55.
دل جھلڻ؛
صابر ٿيڻ.
56.
دل ڇڪي
ڏيڻ؛ دل جي ڪشش ٿيڻ.
57.
دل دٻليءَ ۾ رکڻ؛ دل نه هارڻ، دل جاءِ ڪرڻ.
58.
دل سان
ڪرڻ؛ شوق سان ڪرڻ، چاھ سان ڪرڻ.
59.
دل سان
لڳڻ؛ ياد پوڻ، ذهن ۾ اچن.
60.
دل شاهدي
نه ٿي ڏئي؛ اعتبار ئي نه ٿو اچي.
61.
دل شڪسته؛
نا اميد، مايوسئ.
62.
دل ڦرڻ؛
دل هٽي وڃڻ، بيزار ٿيڻ، الٽي اچڻ، دل ڪچي ٿيڻ.
63.
دل کٽي ٿيڻ؛ بيزار ٿيڻ.
64.
دل کليل؛ سخي.
65.
دل کولي؛
فراخ دلي سان، چڱيءَ طرح.
66.
دل ڪارو
ٿيڻ؛ گنهگار ٿيڻ، خدا جي رحمتن کان محروم ٿيڻ.
67.
دل ڪچي
ٿيڻ؛ الٽي اچڻ، دل ڦرڻ، بيزار ٿيڻ.
68.
دل ڪڙهڻ؛
اندر ئي اندر ۾ ڳرڻ، بيحد غم ٿيڻ.
69.
دل ڪوسي ڪرڻ؛
ڪاوڙجڻ، جوش کائڻ.
70.
دل لاهڻ
يا دل لاهي هٿ ۾ ڪرڻ؛ دل هارڻ، همت هارڻ،
بي همت ٿيڻ.
71.
دل لڳائڻ؛
شوق سان ڪم ڪرڻ.
72.
دل لڳڻ؛ دل سان ڌيان ڏيڻ، شوق سان ڪم ڪرڻ.
73.
دل لڳي؛ پيار.
74.
دل لوڏو
کائڻ؛ شڪ ڪرڻ، هٻڪڻ، دل هڻڻ.
75.
دل لوڙهڻ؛
همت هارڻ، دل هارڻ.
76.
دل من هڻڻ؛
سوچ ويچار ڪرڻ.
77.
دل نشين
ڪرڻ؛ ڪنهن تي اثر وجھڻ، ڪنهن کي سمجھائڻ.
78.
دل و جان
سان؛ خوشيءَ سان.
79.
دل وٺڻ؛
خوش ڪرڻ، دل پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ.
80.
دل وٽان؛ پنهنجي
پسند مطابق، پنهنجي خواهش يا مرضي مطابق.
81.
دل وڏي
ڪرڻ؛ حوصلو ڪرڻ.
82.
دل
وڌائڻ؛ همت ڏيارڻ، آمادو ڪرڻ.
83.
دل ورڻ؛ دل
مائل ٿيڻ.
84.
دل
وندرائڻ؛ دل خوش ڪرڻ، خيال ڦيرائڻ.
85.
دل هٽجي
وڃڻ؛ دل بيزار ٿيڻ، ناراض ٿيڻ.
86.
دل هڻڻ؛
سوچ ويچار ڪرڻ، ڪنهن فيصلي تي نه پهچڻ، هٻڪڻ.
87.
دلي با
دلي؛ صفائي سان، صاف گوئي سان، سچ مان.
88.
دليون جانيون؛
دل و جان سان، خوشيءَ سان.
89.
من اڇل؛
دل جو جوش، زور، تحريڪ، لهر.
90.
من ڀرجي
اچڻ؛ غمگين ٿيڻ، اداس ٿيڻ، دل ڀرجي اچڻ.
91.
من ڪاڍو؛
دل جي ڇڪ، انتظار، بيقراري.
92.
من گھريو؛
دلپسند.
93.
من لڳائڻ؛
دل لڳائڻ، ڌيان ڏيڻ.
94.
من مارڻ؛
ضمير کي مارڻ، خواهشن کي روڪڻ.
95.
من مستي؛
اڙٻنگائي.
96.
من موجي؛
متوالو.
97.
من وڌڻ؛
گهڻو گستاخ ٿيڻ.
98.
من-ٺار؛ دل ٿڌي ڪرڻ وارو، محبوب.
99.
وڏي دل
ڪرڻ؛ فراخ دلي ڪرڻ، بردبار ٿيڻ.
100.
هر-دل-عزيز؛
سڀني کي وڻندڙ.
بڪي ۽ گردو
1.
بڪيون ڪڍڻ؛
سخت سزا ڏيڻ.
2.
وڏ-گردو؛ بردبار، دلير، بهادر.
ٻانهن، بازو، بغل ۽ ڪڇ
1.
بازو ڀڄي
پوڻ يا ٽٽي پوڻ؛ ڀاءُ يا مددگار فوت ٿيڻ.
2.
بغل ۾
ھئڻ؛ ويجھو ھئڻ.
3.
بغل ٺوڪڻ؛
گهڻو خوش ٿيڻ.
4.
بغل کوهڻ؛
بيڪار محنت ڪرڻ، ڪجهه به نه ڪرڻ.
5.
بغل وڄائڻ
يا بغليون ھڻڻ؛ گهڻو خوش ٿيڻ.
6.
ٻانهن
اڇلڻ؛ ڪاوڙ ڏيڪارڻ.
7.
ٻانهن ٻڌو
خدمتگار هئڻ؛ پوريءَ طرح نيازمند هئڻ، خاص خدمتگار هئڻ.
8.
ٻانهن ٻڌو
هئڻ؛ نيازمند هجڻ، خدمتگار هجڻ.
9.
ٻانهن ٻل
هجڻ؛ طاقت ۽ ثروت وارو هجڻ.
10.
ٻانهن
ٻيلي ٿيڻ؛ مدد گار ٿيڻ، (ڪم ۾) هٿ ونڊائڻ.
11.
ٻانهن
ٻيڻي ڪرڻ؛ ڪوشش ڪرڻ، نقصان پائڻ، زور ڀڃڻ.
12.
ٻانهن
پائڻ؛ گلي سان لڳائڻ.
13.
ٻانهن
جهلڻ؛ سهارو ٿيڻ، ڏکئي وقت ۾ مددگار ٿيڻ.
14.
ٻانهن ڏيڻ؛
ٽيڪ ڏيڻ، سهارو ڏيڻ، واهر ڪرڻ.
15.
ٻانهن ڏيڻ؛
مدد ڏيڻ، سهارو ڏيڻ.
16.
ٻانهن
سيراندي ڏيڻ؛ بي فڪر ٿيڻ، بي اونو ٿيڻ، (ٻئي کي) هر طرح جو آرام پهچائڻ.
17.
ٻانهن
سيراندي ڏيڻ؛ بي فڪر ٿيڻ، مطمئن ٿيڻ.
18.
ٻانهن سيراندي
ڪري سهمڻ؛ بي فڪرو ٿي سمهڻ.
19.
ٻانهن
ڪپائڻ؛ هارائڻ، وڃائڻ.
20.
ٻانهن لڳڻ؛
وڏائي ڏيکارڻ.
21.
ٻانهن لڳڻ؛
وڏائي ڏيکارڻ، ٻٽاڪ، هڻڻ.
22.
ٻانهن
لوڏڻ؛ آڪڙ سان هلڻ.
23.
ٻانهن
مروڙ ڪرڻ؛ ڌمڪي ڏيڻ، ڄاڻي واڻي وڙهڻ.
24.
ٻانهن وٺڻ؛
مدد وٺڻ، سهارو وٺڻ، سڱ وٺڻ.
25.
ٻانهون ٻڌڻ؛ عاجزي ڏيکارڻ.
26.
ٻانهون
ڊگھيون هئڻ؛ اثر رسوخ وارو ماڻهو هئڻ.
27.
ٻانهون
کنجڻ؛ وڙهڻ لاءِ تيار ٿيڻ، رعب ڏيکارڻ، سامهون ٿيڻ.
28.
ٻانهون
هڻڻ؛ ترڻ، گھڻي محنت ڪرڻ.
29.
ٻانھن مروڙ
ڪرڻ؛ ڏاڍائي ڏيکارڻ، دٻائڻ، هروڀرو وڙهڻ.
30.
ٻڌلن کي
ٻانهون ڏيڻ؛ ڪمزورن جي حمايت ڪرڻ، عاجزن جي مدد ڪرڻ، بيڪسن کي سهارو ڏيڻ.
31.
ساڄي
ٻانهن؛ وڏو مدد گار.
32.
ڪڇون ٺوڪڻ؛
بيحد خوش ٿيڻ.
33.
ڪر کڻي
هلڻ؛ شان شوڪت سان هلڻ.
تارون ۽ ڪاڪڙو
1.
تارون کڻڻ؛
ڪنجوسي ڪرڻ.
2.
ڪاڪڙا ڪڙا
ڪرڻ؛ منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ، گهڻو ستائڻ، ٿڪائي ڇڏڻ.
3.
ڪاڪڙو ڪڍڻ؛
سخت سزا ڏيڻ.
4.
ڪاڪڙو ڪرڻ
يا ڪاڪڙو هڻڻ؛ زور سان ڳالهائڻ، لڳاتار ڳالهائڻ، زبان هلائڻ.
تري
1.
تري ڏيڻ؛
زور ڏيڻ، مدد ڪرڻ.
2.
تري کپڻ
يا تري کوڙڻ يا تري لڳڻ؛ هارائڻ، (ملھ ۾) مات کائڻ.
3.
ترين ڀر
ٿيڻ يا ترين ڀر پوڻ يا ترين ڀر ڪرڻ؛ ڪنگال ٿيڻ، ڪمزور ٿيڻ.
4.
تريءَ تي
بهشت گھرڻ؛ تمام ٿوري وقت ۾ ڪم ٿيڻ جي اميد ڪرڻ.
5.
تريءَ تي
رکڻ؛ هڪدم حاضر ڪرڻ، موجود ڪرڻ.
6.
تريءَ تيل
نه لڳڻ؛ قبول نه ڪرڻ، ڪجھ نه ٿيڻ، ڪجھ نه
حاصل ٿيڻ.
7.
تريون
کوڙڻ؛ ڪنگال ٿيڻ، زور ڀڄڻ، منهن ڀر ڪرڻ.
8.
تريون
گسائڻ؛ محنت ڪرڻ، ڪم ڪرڻ، گھڻو پنڌ ڪرڻ.
9.
تريون
مهٽڻ؛ افسوس ڪرڻ، پشيمان ٿيڻ.
10.
تيل ترين
مان ويو؛ جنهن فائدي جي اميد هئي اُهو ڪو نه ٿيو.
11.
ٽي تريون
هڻڻ؛ قطعي انڪار ڪرڻ، بلڪل انڪار ڪرڻ.
12.
سج تريءَ
هيٺان لڪائڻ؛ وڏو گناھ لڪائڻ، مشهور واقعي کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪرڻ.
ٽنگ، ڄنگهه، لت، گوڏو ۽ زانو
1.
اٽلو ٽنگ
رکڻ؛ رعب ڄمائڻ.
2.
ٻئي ٽنگون
ڪاٺ ۾ پوڻ؛ چڱيءَ طرح ڦاسڻ، سوگهو جهلجڻ، قابو ٿيڻ.
3.
ٽنگ
اٽڪائڻ؛ ڪنهن ڪم ۾ دخل ڏيڻ، رڪاوٽ وجھڻ، پابند ٿيڻ، مزاحمت
ڪرڻ.
4.
ٽنگ اڙائڻ؛
دخل ڏيڻ، دست اندازي ڪرڻ.
5.
ٽنگ ٽنگ
تي چاڙهي وهڻ؛ بالم بڻجي وھڻ، آرام سان وهڻ.
6.
ٽنگون
ساهڻ؛ آرام ڪرڻ.
7.
ڄنگھون ساھڻ؛ آرام ڪرڻ.
8.
ڄنگھون
هڻڻ؛ ٿڪائيندڙ
مسافري ڪرڻ.
9.
دو-زانو-وهڻ؛
جهڪڻ، گوڏا کوڙڻ.
10.
روزيءَ تي
لت ڏيڻ؛ ڪنهن کي ڪمائيءَ کان محروم ڪرڻ.
11.
گوڏا ڀڃي
ويهڻ؛ ڄمي ويهڻ.
12.
گوڏا کوڙڻ؛
بي همٿ ٿيڻ، ڪمزور ٿيڻ، گوڏن ڀر جھڪڻ.
13.
گوڏا کوڙي
اچڻ؛ گھڻو وقت نه ترسڻ، جلد ئي واپس اچڻ.
14.
گوڏن ڀر
ٿيڻ؛ ڪنگال ٿيڻ، مفلس ٿيڻ.
15.
گوڏي
تائين کڻي بيهڻ؛ عزت يا حيا جو احساس نه هئڻ.
16.
گوڏي هيٺ
رکڻ؛ لڪائي رکڻ، نظر انداز ڪرڻ.
17.
ڳنر تي لت
اچڻ؛ اڳلي کي دٻائڻ يا گهڻو لاچار ڪرڻ.
18.
لت ڏيڻ؛ حق
غصب ڪرڻ، تڪليف ڏيڻ.
19.
لت هڻڻ؛ نقصان
پهچائڻ، واپس موٽائڻ.
پتو ۽ جيرو
1.
پتو ڌارڻ؛
همت ڪرڻ، جرت ڪرڻ.
2.
پتو ڪڍڻ؛ سزا
ڏيڻ، سيکت ڏيڻ، آنڊا ڪڍڻ، ستائڻ، چڙ ڏيارڻ.
3.
پتو مارڻ؛
ڪاوڙ کي روڪڻ، غصي کي تابع ڪرڻ.
4.
جيرو
جلائڻ؛ دل ٻارڻ، ڏک ڏيڻ.
پٺ، پٺي، چيلهه، ڍڍر ۽ ڪمر
1.
ٻيڻي پٺ
ٿيڻ؛ مصيبت ۾ مبتلا ٿيڻ، ڏک ۾ ڀرجڻ، تڪليف سهڻ.
2.
پٺ ڀرائي
ڪرڻ؛ همٿ افزائي ڪرڻ، مدد ڪرڻ، حمايت ڪرڻ، تائيد ڪرڻ، سهارو ڏيڻ، طرفداري ڪرڻ.
3.
پٺ ڀرڻ؛
همٿ افزائي ڪرڻ، سفارش ڪرڻ، حوصله افزائي ڪرڻ.
4.
پٺ ڀرو؛
مدد گار، سهارو (آڌار) ڏيڻ وارو.
5.
پٺ پڌري
ٿيڻ؛ پٽ ڄمڻ، اولاد ٿيڻ.
6.
پٺ تي پوڻ؛
فرض ادائي ۾ ڪوتاهي ڪرڻ، پٺيان رهڻ.
7.
پٺ ڏيڻ؛
پٺ ڏيکارڻ، واپس وڃڻ، ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ.
8.
پٺ وارو
هجڻ؛ اثر رسوخ وارو هجڻ.
9.
پٺ وٺڻ؛
تعاقب ڪرڻ، پٺيان پوڻ.
10.
پٺ ورائي
ڏسڻ؛ پنهنجو عيب ڏسڻ، پنهنجي غلطي ۽ ڪمزوري ڏسڻ.
11.
پٺي تپائڻ؛
بيزار ڪرڻ، گھڙيءَ گھڙيءَ چوڻ.
12.
پٺي ٺپرڻ؛
شاباش ڏيڻ، همت افزائي ڪرڻ، دعا ڪرڻ.
13.
پٺي ڏيڻ؛
منهن موڙڻ، انڪار ڪرڻ، ڀڄي وڃڻ.
14.
پٺيءَ
پاڏو اڇلائڻ؛ ٻڌو اڻ ٻڌو ڪرڻ، نظر انداز ڪرڻ.
15.
پٺيءَ پوڻ؛ تعاقب ڪرڻ، پٺ وٺڻ.
16.
پٺيءَ لڳڻ؛
پٺيان پوڻ، پيرو ڪرڻ، تابعداري ڪرڻ.
17.
پٺيان پوڻ
يا پٺيان لڳڻ؛ تعاقب ڪرڻ، پٺيان وڃڻ.
18.
پٺيان وڃڻ؛
پٺ وٺڻ، ڳولها ۾ وڃڻ.
19.
پٺيرو ٿيڻ؛
منهن موڙڻ، انڪار ڪرڻ.
20.
پٽ (پٺي)
ٺپرڻ؛ شاباش ڏيڻ، دلاسو ڏيڻ، همدردي ڪرڻ، دعا جي طور تي پٺيءَ تي هٿ رکڻ.
21.
چيلھ ڊگھي
ڪرڻ يا چيلھ سنئين ڪرڻ؛ ٿورو آرام ڪرڻ.
22.
ڍڍر ڍرا
ٿيڻ؛ نا اميد ٿيڻ، رعب طاري ٿيڻ سببان بد حواس ٿيڻ.
23.
ڪمر ٻڌڻ؛ تيار ٿيڻ، مستعد ٿيڻ.
24.
ڪمر ڪشڻ؛
پڪو ارادو ڪرڻ، همٿ ڪرڻ.
25.
واءَ کي
پٺ ڏيڻ؛ زماني سارو هلڻ، وقت مطابق اپاءُ ڪرڻ.
پيٽ ۽ ڀڀ
1.
انگ
اگھاڙو، پيٽ بکيو؛ ڪپڙي ۽ ڪاڌي جو نه هجڻ يعني غريب ۽ ڪنگال.
2.
انگ پيٽ؛
کاڌو ۽ ڪپڙو، ٿوري آمدني، معمولي گذر اوقات.
3.
ڀڀ ڀرڻ؛ پيٽ
ڀرڻ.
4.
پيٽ ۾
پوليس لهڻ؛ گھڻي بک لڳڻ.
5.
پيٽ ۾
ڏاڙهي ڄمڻ؛ ننڍپڻ ۾ وڏن جھڙيون ڳالهيون ڪرڻ.
6.
پيٽ ۾ ساھ
پوڻ؛ خاطري ٿيڻ، اطمينان ٿيڻ، آرام اچڻ.
7.
پيٽ ۾ سور
پوڻ؛ ڪنهن جي فائدي تي ناراض ٿيڻ.
8.
پيٽ ۾
ڪوئا ڊوڙڻ؛ گھڻي بک لڳڻ.
9.
پيٽ ڀرجڻ؛
گھڻي دولت جمع ٿيڻ، مغرور ٿيڻ.
10.
پيٽ پالڻ؛
پنهنجي کاڌي ۽ ڪپڙي جي پورائي ڪرڻ.
11.
پيٽ پائڻ؛
ٿلهو ٿيڻ.
12.
پيٽ پٺيءَ
سان لڳڻ؛ گهڻو ڪمزور ٿيڻ، بک سببان ڏٻرو ٿي وڃڻ.
13.
پيٽ پوڻ؛
قبول ڪرڻ.
14.
پيٽ تي
ڪاٺ ٻڌڻ؛ بک مرڻ، فاقا ڪڍڻ.
15.
پيٽ ٺرڻ؛
خوشي ٿيڻ، دل خوشي ٿيڻ.
16.
پيٽ جو
سور لاهڻ؛ ڪنهن جي هٻڇ کي پوري ڪرڻ، سندس مرضيءَ مطابق رشوت ڏيڻ.
17.
پيٽ جي
مار ڏيڻ؛ روزگار تي لت هڻڻ، روزي بند ڪرڻ.
18.
پيٽ جي
مار هئڻ؛ گھڻو کائڻ وارو، پيٽوڙي.
19.
پيٽ ڏيڻ؛
راز ٻڌائڻ، ٻئي سان دل جي ڳالھ ڪرڻ.
20.
پيٽ کي
پٽيون ٻڌڻ يا پيٽ تي پٿر ٻڌڻ؛ فاقو
ڪرڻ، بکون ڪڍڻ.
21.
پيٽ ڪڍڻ؛
ڳجھ معلوم ڪرڻ.
22.
وڏ-پيٽو؛ راز لڪائڻ وارو، بردبار، سنجيده، ڀريل مٽ.
پير، قدم ۽ کڙي
1.
ابتا پير
کڻڻ؛ غلط ڪم ڪرڻ.
2.
اڍنگا پير
کڻڻ؛ ابتا پير کڻڻ، خراب هلت ھلڻ، خراب ڪم ڪرڻ.
3.
ارهاڻي
پيرين ڪڍڻ؛ اگهاڙين پيرين ڪڍڻ، نااميد ڪري ڪڍڻ.
4.
اگهاڙي پيرين
ڪڍڻ؛ ڌڪاري ڪڍڻ.
5.
اولا پير
کڻڻ؛ اڍنگا پير کڻڻ، خراب هلت هلڻ، خراب روش هلڻ.
6.
بسڙ ۾ پير
هڻڻ؛ نٽائڻ، پاسو ڪرڻ، گسائڻ، گوسي ڪرڻ.
7.
بيٺي پير
اچڻ؛ سواءِ ترسڻ جي فوراً واپس اچڻ، يڪدم موٽڻ، هڪدم واپس اچڻ.
8.
ٻن ٻيڙين
تي پير هئڻ؛ ٻن خيالن ۾ هئڻ، ٻه-چتو هئڻ.
9.
ٻهر-پيرو؛
گهمندڙ، رولاڪ کريل، ڪميڻو، بدمعاش.
10.
پنهنجي
پير تي ڪهاڙو هڻڻ؛ پاڻ کي نقصان رسائڻ.
11.
پويان پير
ڪرڻ يا پوئين پيرين موٽڻ؛ واپس موٽڻ، ڀڄي وڃڻ، شڪست کائڻ، همت هاري ڀڄڻ.
12.
پوئين
پيرين؛ پٺيان، واپس.
13.
پير ۾ پدم
هئڻ؛ خوش قسمت هجڻ.
14.
پير اُکڙڻ؛ بي دخل ٿيڻ، شڪسٽ کائڻ، ڀڄڻ.
15.
پير ڀرڻ؛
چڱي هلت هلڻ يا مهرباني سان پيش اچڻ، قدم کڻڻ، همدردي ڪرڻ، شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ.
16.
پير پٽ تي
نه لڳڻ؛ تکو ڊوڙڻ، بزدل ٿي ڀڄڻ.
17.
پير پختا
ڪرڻ؛ قدم ڄمائڻ، ڄمي بيهڻ، قبضو ڄمائڻ.
18.
پير پير ۾
اچڻ يا پير پير ۾ ڏيئي اچڻ؛ تمام آهستي آهستي اچڻ.
19.
پير تپي
پوڻ؛ ڪنهن هنڌ تي رهڻ ۾ ناخوش هجڻ، جاءِ/
شهر/ نوڪريءَ کي ڇڏي ڏيڻ.
20.
پير ترڪڻ؛
غلطي ڪرڻ.
21.
پير تي
پورو هئڻ؛ چڱيءَ طرح سان پيش اچڻ.
22.
پير
جھلڻ؛ قدم روڪڻ، تعلق ٽوڙي
ڇڏڻ.
23.
پير
چمڻ؛ عزت ڪرڻ.
24.
پير ڊاهڻ؛
ثابتيءَ کي غائب ڪرڻ.
25.
پير ڏيئي
اچڻ؛ گهڻو وقت نه ترسڻ، جلد ئي واپس ورڻ، غميءَ جي موقعي تي شرڪت ڪرڻ.
26.
پير ڌوئي
پيئڻ؛ گھڻي عزت ڪرڻ، بيحد احسان مڃڻ.
27.
پير رکڻ
جي جاءِ نه هئڻ؛ وڏو هجوم هجڻ، گھڻا ماڻهو
هئڻ.
28.
پير رڪيب
۾ هئڻ؛ مسافريءَ جي لاءِ تيار ٿيڻ، هميشہ هڪ هنڌان ٻئي هنڌ وڃڻ.
29.
پير کپڻ؛
قدم ڄمڻ.
30.
پير کر نه
لڳڻ؛ وڃايل شيءِ جو نشان نه ملڻ.
31.
پير کڻڻ؛
پيرن جي نشانن تي هلڻ يعني پٺ
وٺڻ، تيز هلڻ، قدم کڻڻ.
32.
پير ڪڍائڻ؛
نقصان پهچائڻ، گريز ڪرڻ.
33.
پير ڪڍڻ؛
نقصان پهچائڻ، گريز ڪرڻ، (گھر کان) ٻاهر نڪرڻ، هِتي هُتي رلڻ.
34.
پير ڪڍي
وڃڻ؛ وقت تي دوکو ڏيڻ، دغا بازي ڪرڻ،
انڪار ڪرڻ.
35.
پير ليڪي
وهڻ؛ ضد ڪري ويهي رهڻ، ضد ڪرڻ.
36.
پير مان
لاهي منهن ۾ هڻڻ؛ پاڻ ئي پنهنجي بدنامي
ڪرڻ، پنهنجي گلا خود ڪرڻ.
37.
پير وجھڻ؛
وچ ۾ پوڻ، دخل اندازي ڪرڻ.
38.
پير وجھي
اچڻ؛ گھڻو وقت نه ترسڻ، جلد ئي واپس
اچڻ، عورتن جو شادي يا غمي جي موقعي تي شرڪت ڪرڻ.
39.
پيرن ڀر؛
پيرن تي بيهڻ، خود ڪفيل ٿيڻ.
40.
پيرن تي
بيهڻ؛ خود ڪفيل ٿيڻ.
41.
پيرن تي زور رکڻ؛ تکو ڊوڙڻ، تيز رفتار سان هلڻ، ڀڄي وڃڻ.
42.
پيرن تي
ڪرڻ يا پيرين
پوڻ؛ عاجزي ڪرڻ، سهارو وٺڻ.
43.
پيرن
هيٺان زمين نڪرڻ؛ حيران ٿيڻ،
حواس باختو ٿيڻ.
44.
پيرو کڻڻ؛
پيرن جي نشان پٺيان هلڻ.
45.
پيرين
اگهاڙو ڪڍڻ؛ بي عزتي ڪري ڪڍڻ.
46.
پيرين
سيرين ٿيڻ؛ خود ڪفيل ٿيڻ.
47.
جتيءَ ۾
پير پائڻ؛ برادري ڪرڻ، ڪلها گسائڻ.
48.
جونءَ-پير
هلڻ؛ بلڪل آهستي هلڻ.
49.
ڇنڇر پيرن
۾ هئڻ يا ڇنڇر پيرين هئڻ؛ نحوست جو اثر هئڻ، هڪ هنڌ نه رهڻ، آواره گردي ڪرڻ.
50.
ڇهه-پيرو؛
چالاڪ، ڇپيرو، ڇپيل بدمعاش.
51.
ڏائيءَ
کڙيءَ ۾ عقل هئڻ؛ عقل جي ڪمي يا گهٽتائي هئڻ.
52.
ڌڌڙ ۾ پير
هڻڻ؛ صحيح حقيقت لڪائڻ.
53.
سوڙ هارو
پير ڊگھيرڻ؛ پنهنجي حيثيت آهر خرچ ڪرڻ.
54.
قدم رنج
فرمائڻ؛ ڪنهن جي گھر وڃڻ جي تڪليف ڪرڻ.
55.
قدم کڻڻ؛
عمل ڪرڻ.
56.
قدم ڳرو
هئڻ؛ منحوس هجڻ.
57.
کرڙيون
هڻڻ؛ تڙپڻ، ڦٿڪڻ.
58.
کڙي کڻڻ؛
تکو هلڻ.
59.
ڪکن تي
پير رکي وڃڻ؛ آهستي نڪري وڃڻ.
60.
وڏا پير
ڪرڻ؛ ڪنهن جلسي يا دعوت ۾ شرڪت ڪري ان جو شان وڌائڻ.
ڄڀ ۽ زبان
1.
ڄڀ ڪڍي
ڪلهي تي وجھڻ؛ زبان قابو ۾
نه هئڻ، جيڪو اچي سو چئي ڇڏڻ.
2.
ڄڀ هڻڻ؛
بڪواس ڪرڻ، بڪ بڪ ڪرڻ، گھڻو ڳالهائڻ، اجائي بڪ ڪرڻ.
3.
ڄڀ هڻڻ؛ بڪواس
ڪرڻ، گهڻو ڳالهائڻ.
4.
چتر زبان؛
خوش بيان، فصيح.
5.
چرب زبان؛
خليق ليڪن عام طرح دوکيباز، بظاهر قابل اعتماد، ظاهر دار.
6.
زبان اٿلڻ؛
ڳالهائڻ لڳڻ.
7.
زبان بند
ڪرڻ؛ چپ رهڻ، چپ ڪرائڻ، ڳالھائڻ نه
ڏيڻ.
8.
زبان تي
آڻڻ؛ چوڻ، اظهار ڪرڻ.
9.
زبان دراز؛
گھڻ ڳالهائڻو، چڙ ڏياريندڙ ڳالھ ڪندڙ، بدخواهي جي نيت سان گھڻو ڳالهائيندڙ.
10.
زبان ڏيڻ؛
وعدو ڪرڻ.
11.
زبان سبي
ڇڏڻ يا زبان تي مهر هڻڻ؛ چپ بند رکڻ، پنهنجي زبان تي قبضو رکڻ.
12.
زبان
سنڀالڻ؛ زبان تي قبضو رکڻ.
13.
زبان
ڦيرائڻ؛ قول تان ڦري وڃڻ، وعده خلافي ڪرڻ.
14.
زبان کلڻ؛ ڳالهائڻ، وات مان ڳالھ نڪرڻ.
15.
زبان کولڻ؛
ڳالهائڻ، زبان کي ڇوٽ ڇڏڻ.
16.
زبان کي
پاڻي ڏيڻ؛ قبول ڪرڻ، وعدو وفا ڪرڻ.
17.
زبان ڪوڙي
ڪرڻ يا زبان ڀڃڻ؛ وعدو نه پاڙڻ.
18.
زبان مان
نڪرڻ؛ وات مان نڪري وڃڻ، غير ارادي طور تي ڳالهائڻ.
19.
زباني جمع
خرچ؛ صرف زباني وعدو (جيڪو پاڙيو نه وڃي).
20.
شيرين
زبان؛ فصيح، چڱي تقرير ڪندڙ، خوش طبع، رلڻو ملڻو.
21.
ڪار-ڄڀيو؛ بد
زبان.
چپ
1.
چپ پوڻ؛
بنا ڪنهن سبب جي جھڳڙو ڪرڻ.
2.
چپ ڪڍڻ؛
روئڻ، روئڻهارڪو ٿيڻ، ناراضگي ڏيکارڻ.
3.
چپ نه
چورڻ؛ ڳالهائي نه سگھڻ.
4.
چپن کي
چنو هڻڻ؛ خاموش رهڻ، ڳالهائڻ کان انڪار ڪرڻ، زبان سبي ڇڏڻ.
چمڙي
1.
چمڙي لاهڻ؛
سخت سزا ڏيڻ، ٺڳڻ.
ڇاتي ۽ سينو
1.
ٿڌو سينو
ڌارڻ؛ نرمي ۽ همدرديءَ کان ڪم وٺڻ، بردباري کان ڪم وٺڻ.
2.
ڇاتي ٺرڻ؛
خوش ٿيڻ.
3.
ڇاتي ڇڄڻ؛
گھڻي ڏک سببان بري حالت ٿيڻ.
4.
ڇاتيءَ تي مڱ ڏرڻ يا سيني تي مڱ ڏرڻ؛ اڳلي جي سامهون ڪو اهڙو
ڪم ڪرڻ جو ان کي چڙ ڏياري.
5.
ڇاتيءَ تي
نانگ ڦرڻ؛ ساڙ ٿيڻ.
6.
ڇاتيءَ تي
هٿ رکي ڏس؛ ذرو سوچي يا خيال ڪري ڏس، اندازو لڳاءِ.
7.
ڇاتيءَ
سان لڳائڻ؛ پنهنجو ڪرڻ، پيار ڪرڻ، تسلي ڏيڻ.
8.
ڇاتيءَ
وارو؛ ھمت وارو، بهادر.
9.
سينو ساهڻ؛
همسري ڪرڻ، برابري ڪرڻ.
10.
سينو سپر
ڪرڻ؛ بي خوف ٿي مقابلو ڪرڻ.
11.
سينو ڪٽڻ؛
گھڻي ڏک جو اظهار ڪرڻ.
ڏاٺ ۽ ڏند
1.
اڇن ڏندن
جي پريت هجڻ؛ بنا لالچ جي قرب هجڻ، بي لوث محبت هجڻ.
2.
ڏاٺ ڏيڻ؛
شوخ ٿيڻ، بي ادب ٿيڻ، گستاخ ٿيڻ.
3.
ڏاٺ هرڻ؛
چشڪو لڳڻ، عادي ٿيڻ.
4.
ڏند ڀڃڻ؛ سخت سزا ڏيڻ، سيکت
ڏيڻ.
5.
ڏند پهڻ؛
غصو ڏيکارڻ.
6.
ڏند ٽيڙڻ؛
کلڻ.
7.
ڏند چرچا؛
گپ شپ، يٽ شٽ.
8.
ڏند
ڏيکارڻ؛ گستاخ نموني ۾ کلڻ.
9.
ڏند ڏيڻ؛ لڙائي
جهڳڙو ڪرڻ، گستاخي ڪرڻ، بي ادبي ڪرڻ.
10.
ڏند شيڪڻ؛
گستاخ نموني ۾ ڏند ڏيکارڻ.
11.
ڏند کٽا
ڪرڻ؛ عاجز ڪرڻ.
12.
ڏند ڪٿا؛ قصو،
روايت.
13.
ڏند ڪڍڻ؛
خواھ مخواھ کلڻ.
14.
ڏند ڪرٽڻ؛
ڏند پيهڻ، ڏندن جو آواز ڪرڻ.
15.
ڏندڻ پوڻ
يا ڏندڻجڻ؛ بيهوش ٿيڻ.
16.
ڏندين
آڱريون ڪرڻ؛ حيران ٿيڻ.
17.
ڏندين
ڏاند؛ پنهنجي سنڀال خود ڪرڻ.
ڏاڙهي ۽ مڇ
1.
ڀنڀي
ڏاڙهي؛ بيوقوف.
2.
ڏاڙهي ٻئي
جي هٿ ۾ ڏيڻ؛ ٻئي ماڻهوءَ جي رحم و ڪرم تي
هئڻ.
3.
ڏاڙهي ڏيڻ؛
پڪو وعدو ڪرڻ.
4.
ڏاڙهيءَ
تي هٿ رکڻ؛ ڏاڙهيءَ جو قسم کائي وعدو ڪرڻ.
5.
ڏاڙهيءَ
ڏس؛ ڪنهن طرف ڳجھو اشارو ڪرڻ، بي معنيٰ رهبري، مشڪوڪ ڏس.
6.
رنگ ڏاڙهيءَ
کي؛ شاباش، واهه واهه.
7.
مڇ تي
مهڻو ڏيڻ؛ هڪدم ڏوراپو ڏيڻ، اتي جو اتي ورائي وڃڻ.
8.
مڇ ڏيڻ؛
مڇ تي هٿ رکي وعدو ڪرڻ.
9.
مڇون مروٽڻ؛
آڪڙ ڏيکارڻ.
رت
1.
رت ٻوڙ؛
خونريزي، قتل و غارت.
2.
رت پياڪ؛
وحشي، ظالم.
3.
رت پيئڻ
يا رت چوسڻ؛ بيزار ڪرڻ، برباد ڪرڻ.
4.
رت ٿي وڃڻ؛
پرچي وڃڻ، ٺهي وڃڻ، صلح ڪرڻ.
5.
رت ٽهڪڻ؛
جوش ۾ اچڻ، ڪاوڙ ۾ اچڻ.
6.
رت جون
مانيون سورن جا ساڳ هئڻ؛ تڪليف واري زندگي بسر ڪرڻ.
7.
رت ريلا
ڏيڻ؛ رت جون نديون وهڻ.
8.
رت رئڻ؛
زار و قطار
رئڻ، افسوس ڪرڻ.
9.
رت ست؛
جسماني طاقت، زور.
10.
رت سڪڻ؛
گھڻو ڪمزور ٿيڻ.
11.
رت ڪٽورو
ڏيڻ؛ گھڻي محنت ڪرڻ.
12.
رت ڪرڻ؛
بيزار ڪرڻ، پريشان ڪرڻ.
13.
رت ولوڙڻ؛
سخت محنت ڪرڻ، نهايت جفاڪشي ڪرڻ.
14.
رت وهائڻ؛
قتل عام ڪرڻ، خونريزي ڪرڻ.
15.
رتو ڇاڻ؛
خونريزي، قتل و غارت.
16.
رتو رت
ٿيڻ؛ بلڪل گھڻو زخمي ٿيڻ.
17.
رتو رت
ڪرڻ؛ بلڪل زخمي ڪرڻ.
رڳ، نبض ۽ نس
1.
رڳ پڇائڻ؛
اڳلي جي سچي حقيقت کان واقف ٿيڻ.
2.
رڳ ڇڪڻ؛ چال
چلت جي خاصيت ورثي ۾ ملڻ، ڪنهن لاءِ سڪڻ يا واجهائڻ.
3.
رڳ رڳ ٺرڻ؛
گهڻو خوش ٿيڻ، بي حد مسرور ٿيڻ.
4.
رڳ رڳ کان
واقف هئڻ؛ ڪنهن ماڻهوءَ جي خوبين ۽ خامين جي ڄاڻ هئڻ، ڪنهن جي اصليت معلوم هئڻ.
5.
رڳ ريشي ۾؛
اڳلي جي سڀاءَ ۾، اڳلي جي طبيعت ۾.
6.
رڳ سهي
ڪرڻ؛ عادتن کان واقف ٿيڻ.
7.
رڳن ۾
پيهي وڃڻ؛ پاڻ کي ٻين وٽ مقبول ڪرڻ، دل ۾ گهر ڪرڻ.
8.
رڳن ٽٽو؛ سست.
9.
نبض ڏسڻ؛ ڪنهن
جو منجھ لهڻ.
10.
نس سهي
ڪرڻ؛ طبيعت معلوم ڪرڻ، مرض سڃاڻڻ، رڳ سڃاڻڻ.
11.
نسن وڍيو؛
بدبخت.
سر، مٿو، کوپري، منڍي، مغز، پيشاني ۽ نرڙ
1.
اڀ سان
مٿو گسڻ؛ دماغ ڦري وڃڻ، مغرور ٿيڻ.
2.
اٿو مٿو
ڪرڻ؛ ٿوري گهڻي ڪوشش ڪرڻ.
3.
اٿو مٿو
نه هئڻ؛ گهڻائي ۾ هئڻ، اندازي کان ٻاهر هئڻ.
4.
اڏيءَ تي
سر ڏيڻ يا اڏيءَ تي سر رکڻ؛ مرڻ لاءِ تيار هجڻ.
5.
اُکريءَ ۾
مٿو وجھڻ؛ ڄاڻي واڻي جان خطري ۾ وجهڻ.
6.
اونڌي
پيشاني؛ ڪوتاهه نظر، بدبخت.
7.
اونڌي کوپري؛
بيوقوف، احمق، نادان.
8.
بسر و چشم؛
خوشيءَ سان، سرهايءَ سان.
9.
بي سرو؛ سر
جو سانگو نه ڪندڙ، سر فروش، لاغرض، ضدي، لاثاني.
10.
ٻئي مٿا
کڻڻ؛ هڙئي کڻي وڃڻ، شاديءَ ۾ ٻنهي طرفن جو خرچ ڀرڻ.
11.
ٿڙا مٿي
تي ڏيڻ يا ٿڙا مٿي تي کڻائڻ؛ بيعزت ڪري ڪڍڻ، شهر بدر ڪرڻ، بيعزتي ڪرڻ.
12.
ستار
پيشاني؛ بدقسمت، نڀاڳو.
13.
سر تي
وسائڻ؛ پاڻ تي جوابداري کڻڻ.
14.
سر جي سٽ
ڏيڻ؛ زندگي خطري ۾ وجھڻ.
15.
سر
جي سٽ؛ حياتيءَ جو جوکو.
16.
سر ڏيڻ؛
پنهنجي جان ڏيڻ، قربان ٿيڻ.
17.
سر سان
لڳڻ؛ زندگي خطري ۾ وجھڻ.
18.
سر کپائڻ؛
ڪنهن ڪم ۾ سخت دماغي محنت ڪرڻ، پريشان ڪرڻ، سمجھائڻ، ڪوشش ڪرڻ.
19.
سڪيءَ
پاڪيءَ سان مٿو ڪوڙڻ؛ قيمتن ۾ ٺڳڻ، رواجي قيمت کان وڌيڪ وٺڻ.
20.
گھر مٿي
تي کڻي ڏيڻ؛ اجايو گوڙ ڪرڻ، کٽراڳ ڪرڻ.
21.
مٿا ڪٽ؛
دماغي محنت، سخت دماغي ڪوشش.
22.
مٿا مونا هڻڻ؛
حتي المقدور ڪوشش ڪرڻ، وسئون نه گھٽائڻ.
23.
مٿو ڀڃڻ؛
ڪنهن کي سڌو ڪرڻ، سيکت ڏيڻ.
24.
مٿو پٽڻ؛
ماتم ڪرڻ، داد جي لاءِ بار بار فرياد ڪرڻ.
25.
مٿو تپائڻ؛
تنگ ڪرڻ، پريشان ڪرڻ، پٺيان پوڻ، عاجز ڪرڻ، دماغ چٽڻ.
26.
مٿو ٽيڪڻ؛
سر جھڪائڻ، سجدو ڪرڻ، انڪساري ڪرڻ.
27.
مٿو جبل
سان هڻڻ؛ پاڻ کان وڌيڪ طاقتور ۽
زبردست سان مقابلو ڪرڻ.
28.
مٿو چٽ ٿي
وڃڻ؛ دماغ خراب ٿي وڃڻ، حافظو ڪمزور ٿيڻ.
29.
مٿو چرخ
ٿيڻ؛ دماغ چڪرائجي وڃڻ، حيران ٿيڻ.
30.
مٿو ڏيڻ؛
پنهنجي مٿي تي (ڪم) کڻڻ، ڪنهن ڪم ۾ هٿ وجھڻ، حمايت ڪرڻ.
31.
مٿو ڌوڻڻ؛ انڪار ۾ مٿو هلائڻ.
32.
مٿو ڦرڻ؛
غرور ۾ ڀرجڻ، مغرور ٿيڻ، چڪر اچڻ.
33.
مٿو ڦري
وڃڻ؛ ٽانءِ ۾ ڀرجي وڃڻ، مغرور ٿيڻ، حواس
باخته ٿيڻ.
34.
مٿو کائڻ؛
دماغ چٽڻ، بڪ بڪ ڪرڻ، تنگ ڪرڻ.
35.
مٿو کپائڻ؛
تنگ ڪرڻ، عاجز ڪرڻ.
36.
مٿو
ڪوڙائڻ؛ دوکو کائڻ، نقصان کڻڻ.
37.
مٿو
ڪوڙائي ساک ڪڍڻ؛ پئسا لٽائي مشهوري ڪرائڻ يا نالو ڪڍائڻ.
38.
مٿو ڪوڙڻ؛
ڪنهن کي فريب ڏيڻ.
39.
مٿو لڪائڻ؛ پناھ وٺڻ، سهارو وٺڻ.
40.
مٿو لوڏڻ؛
مٿو ڌوڻڻ (انڪار يا اقرار جي حالت ۾).
41.
مٿو نمائڻ؛
سجدو ڪرڻ، هار مڃڻ، شڪست کائڻ.
42.
مٿو وڃائڻ؛
برباد ڪرڻ، گم ڪرڻ.
43.
مٿو وڃڻ؛
جان وڃڻ.
44.
مٿو هڻڻ؛
مغز خوري ڪرڻ.
45.
مٿي
اگھاڙو؛ بي حيا، بي عزت.
46.
مٿي تي
پوڻ؛ ذميداري جو پوڻ.
47.
مٿي تي
ٿڙا ڏيڻ؛ خالي هٿين روانو ڪرڻ، ڀڄائي ڇڏڻ.
48.
مٿي تي
چاڙهڻ؛ حد کان وڌيڪ گستاخ بنائڻ.
49.
مٿي تي
چڙهڻ؛ گستاخ ۽ بي ادب ٿيڻ.
50.
مٿي تي
رکڻ يا مٿي تي کڻڻ؛ ذميداري قبول ڪرڻ.
51.
مٿي تي هٿ
رکڻ؛ سرپرست ٿيڻ.
52.
مٿي تي هٿ
گھمائڻ؛ دلاسو ڏيڻ، سرپرست ٿيڻ، فريب ڏيڻ.
53.
مٿي جو
سور؛ بي سمجھ، جاهل، نادان.
54.
مٿي جو
موڙ؛ سرتاج، پيارو، محبوب.
55.
مٿي جي
ڀري؛ ذميداري.
56.
مٿي جي
ڦيري؛ چڪري، غرور، گهمنڊ.
57.
مٿي چرهڻ؛
ترقي ڪرڻ.
58.
مٿي چڙهي
وڃڻ؛ ڦونڊ ۾ ڀرجي وڃڻ، گھڻو گستاخ ٿيڻ، گھڻو گھائل مائل ٿيڻ.
59.
مٿي کائو
يا مٿي کپائو؛ دماغ چٽ ڪندڙ.
60.
مٿي کنهڻ
جي واندڪائي نه هئڻ؛ ڪم ۾ گھڻو مشغول هئڻ.
61.
مٿي ڪرڻ؛
بلند ڪرڻ.
62.
مٿئون لهڻ؛ مٿان لهڻ، ڪا خاص حيثيت هجڻ.
63.
مغز ۾
واءُ هئڻ؛ غرور هئڻ، گهمنڊ ٿيڻ.
64.
مغز خور؛ چڙ
ڏياريندڙ، مٿي کائو، اجائي بڪ بڪ ڪندڙ.
65.
مغز ڦريل؛
سرڪش بد دماغ.
66.
مغز کائڻ؛
بڪ بڪ ڪرڻ.
67.
مهيم کي
مٿو ڏيڻ؛ سختيون سهڻ، مهم سر ڪرڻ.
68.
نرڙ گسائڻ؛
منٿون ڪرڻ، سجدو ڪرڻ.
ڦڦڙ
1.
ڦڦڙ ڏڪڻ؛ خوفزده
ٿيڻ، ڪنبڻ.
2.
ڦڦڙي پوڻ؛
ڊپ سببان ڏڪڻ.
ڪلهو
1.
اجرڪ ڪلهي
تي رکڻ؛ سنڀرڻ، ڪاوڙجي وڃڻ.
2.
بوڇڻ ڪلهي
تي ڪرڻ؛ موڪلائي وڃڻ، ڪاوڙجي هليو وڃڻ، ناتو ڇنڻ.
3.
ٻئي ڪلها
وهڻ؛ منافقت اختيارڪرڻ، ٻنهي طرفن جي خوشامد ڪرڻ.
4.
ٽپڙ ڪلهي
تي هئڻ؛ هر دم تيار هئڻ، وڃڻ لاءِ تيار رهڻ.
5.
ڪلها ڪڍي
وڃڻ؛ گھڻو ٿڪجي پوڻ.
6.
ڪلها گٺل
هئڻ؛ دنيا جي نشيب و فراز کان واقف ٿيڻ، نقصان ۽ سختين سان هريل، تجربيڪار ٿيڻ.
7.
ڪلها گسي
وڃڻ؛ بيحد ٽڪجڻ، ڪم ڪندي عمر گذرڻ.
8.
ڪلھو ڏيڻ؛ جنازي کي کڻڻ، پنهنجي مٿي تي کڻڻ، مدد ڪرڻ.
9.
ڪلهو ڪلهي
۾ لائڻ؛ گڏو گڏ هلڻ، مدد گار ٿيڻ.
10.
ڪلهو لڳڻ؛
فخر سان هلڻ.
11.
ڪلھو ملائڻ؛ برابري ڪرڻ،
مدد گار ٿيڻ، هٿ ونڊائڻ.
12.
ڪلهو نصيب
ٿيڻ؛ جنازي کڻڻ ۾ شريڪ ٿيڻ.
13.
ڪلهو ھڻڻ؛ برابري ڪرڻ.
14.
ڪلهي
ڪانڌي ٿيڻ؛ جنازي کڻڻ ۾ شريڪ ٿيڻ.
15.
ڪلهي گس؛
ماڻهن جي گھڻي پيھ.
ڪن، گوش ۽ پاپڙي
1.
اڏندي
وائي ڪن ۾ پهچڻ؛ ڪوڙي خبر ٻڌڻ، افواهه ٻڌڻ.
2.
ڀتين کي
ڪن هئڻ؛ ڳالهه جي ظاهر ٿيڻ جو انديشو، ڳالهه لڪل رهي نه سگهندي.
3.
پاپڙيءَ پٽيو؛
بد صورت، بي مروت، ڪمبخت.
4.
پرائي
ڪنين لڳڻ؛ ٻين جي ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ.
5.
سپ ڪنڙو؛ ڪن
جو سرلو.
6.
شيطان جا
ڪن ڪپڻ؛ بڇڙائيءَ ۾ شيطان کي مات ڏيڻ.
7.
ڪن ۾ ڦوڪ
ڏيڻ؛ ڀڙڪائڻ.
8.
ڪن ڀرڻ؛
گمراھ ڪرڻ.
9.
ڪن پوڻ؛
ٻڌڻ، ٻڌڻ ۾ اچڻ.
10.
ڪن ٽار
ڪرڻ؛ ٻڌو اڻ ٻڌو ڪرڻ.
11.
ڪن جون ڳالهيون؛
راز جون ڳالهيون.
12.
ڪن ڇڏائڻ؛
ڌنڌي ۾ نه نفعو ٿيڻ نه نقصان ٿيڻ.
13.
ڪن ڏيڻ؛
ٻڌڻ.
14.
ڪن سن ۾؛
لڪائي ٻڌائڻ، ڳجھي طرح ٻڌائڻ.
15.
ڪن کائڻ؛
بيزار ڪرڻ.
16.
ڪن کڙا
ڪرڻ؛ ڪن ڪولڻ، خبردار ٿيڻ.
17.
ڪن کڻائڻ؛
خبردار ڪرڻ، اطلاع ڏيڻ، ياد ڏيارڻ.
18.
ڪن کولڻ؛
چڳي طرح ٻڌڻ.
19.
ڪن ڪرڻ؛
خبردار ٿيڻ، ڪن کولڻ، ڪن کڙا ڪڙڻ.
20.
ڪن ڪڻڻ؛
ڳالھ چورڻ، ڪنهن شخص سان ڳلاھ ڪرڻ.
21.
ڪن ڳلائڻ؛
پناھ وٺڻ.
22.
ڪن مهٽ
ڪرڻ؛ ڪن موڙڻ، تنبيھ ڪرڻ.
23.
ڪن وجھڻ؛
اطلاع چتائڻ.
24.
ڪن وڄڻ؛
ڪن ۾ هر وقت آواز اچڻ.
25.
ڪن وزير؛
جنهن ۾ پورو يقين رکجي (ته ڳالھ راز ۾ رکندو)، همراز.
26.
ڪن هڻڻ؛
ڊڄي پري ڀڄڻ.
27.
ڪنڙو ڏيڻ؛
لڪي ٻڌڻ.
28.
ڪنڙو ڪڻڻ؛
ڳالھ چوڙڻ، ڪنهن سان ڳلاھ ڪرڻ.
29.
ڪنن ۾
آڱريون وجھڻ؛ ڄاڻي ٻجھي خراب ڳالھ نه ٻڌڻ.
30.
ڪنن ۾ ڪپھ
وجھڻ؛ نه ٻڌڻ.
31.
ڪنن ۾
ناڙيون پوڻ؛ ڪنن تي پردو چرهڻ، ڪنن کان ٻوڙو ٿيڻ، ڪجھ نه ٻڌڻ.
32.
ڪوڙي ڪنين؛
ٻڌل خبر (جنهن جي ڪا شاهدي نه هجي).
33.
ڪيني پوڻ؛
ٻڌڻ ۾ اچڻ.
34.
گوش ڪرڻ؛ ڪن
ڏيڻ، ڌيان ڏيڻ.
35.
گوش گذار ڪرڻ؛
ڪن تي پرڪاءُ وجھڻ.
36.
گوش مالي
ڪرڻ؛ جھڻڪڻ، ڪن موڙڻ.
ڪنڌ
1.
اونڌي ڪنڌ
پوڻ؛ سخت بيمار ٿيڻ.
2.
اونڌي ڪنڌ
هئڻ؛ لڄي يا شرمسار هئڻ.
3.
ڪنڌ ۾ ڪلي
هئڻ؛ مغرور هئڻ، هٺيلو هئڻ.
4.
ڪنڌ ڀڃڻ؛
هٺ ڀڃڻ.
5.
ڪنڌ
جھڪائڻ؛ آڻ مڃڻ، شرمسار ٿيڻ.
6.
ڪنڌ ڌوڻڻ؛
اقرار يا انڪار ڪرڻ لاءِ ڪنڌ لوڏڻ.
7.
ڪنڌ کڻڻ؛
(ڪنهن ڪم مان) چڱو ڀلو ٿيڻ.
8.
ڪنڌ کي
وهاڻو ڏيئي وهڻ؛ بي پرواھ
ٿي رهڻ، آرام سان هلڻ، ڪو فڪر نه ڪرڻ.
9.
ڪنڌ ڪڍائڻ؛
آزاد ٿيڻ، ذميداري قبول ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ.
10.
ڪنڌ مٿي کڻڻ؛ مٿو مٿي ڪڻڻ، فخر سان ڏسڻ.
11.
ڪنڌ نمائڻ؛
آڻ مڃڻ، شرمندو ٿيڻ.
12.
ڪنڌ هيٺ
ٿيڻ؛ شرمندو ٿيڻ.
13.
ڪنڌ هيٺ
ڪرڻ؛ شرمسار ٿيڻ.
14.
ڪياڙي
کنهڻ؛ شرمنده ٿيڻ.
گلو ۽ نڙي
1.
گلو ڪپڻ؛
حق تلفي ڪرڻ، ظلم ڪرڻ.
2.
گلي پوڻ؛
پريشان ڪرڻ.
3.
گلي جو
هار؛ اهو ماڻهو جو هر وقت ساڻ رهي، گھڻو عزيز ۽ پيارو.
4.
گلي لائڻ؛
پيار ڪرڻ.
5.
نڙي پوڻ؛ گلو
ويهي رهڻ.
6.
نڙيءَ تي
لت اچڻ؛ بي وس ٿيڻ، گلي تي ڪاتي وهڻ.
7.
نڙيءَ تي
ننهن ڏيڻ؛ گلو دٻائڻ، ظلم ڪرڻ، ستائڻ، مجبور ڪرڻ.
8.
نڙيءَ مان
پاڻي پيو بکيس؛ تمام خوبصورت آهي.
ڳاٽ ۽ ڳچي
1.
دهل ڳچيءَ
۾ پائڻ؛ پڙهو گهمائڻ.
2.
گهانگهو
ڳچيءَ ۾ وجهڻ؛ مصيبت گلي پوڻ، ذميداري کڻڻ، جنجال ۾ پوڻ.
3.
ڳاٽ اوچو
ڪرڻ؛ فخر ڪرڻ.
4.
ڳاٽ ڀرڻ؛
روئڻهارڪي حالت ۾ گلو بند ٿي وڃڻ.
5.
ڳاٽ کڻڻ؛
مٿو کڻڻ.
6.
ڳاٽو ڀڃڻ؛
ماري ڇڏڻ.
7.
ڳاٽي ڀر
ڪرڻ؛ منهن ڀر ڪرڻ، گھڻو صدمو پهچائڻ، گھڻو نقصان
رسڻ.
8.
ڳاٽي ڀڳو؛
ڪنڌ ڀڃندڙ يعني گھڻو.
9.
ڳچيءَ ۾
ڪپڙو پائڻ/ ڳچيءَ ۾ ڳارو وجھڻ؛ التجا ڪرڻ.
10.
ڳچيءَ پوڻ؛
خواھ مخواھ لڙائي ڪرڻ.
منهن ۽ رو
1.
اجل جي
منهن ۾ وڃڻ؛ موت جي منهن ۾ وڃڻ.
2.
آئي وئي
کي منهن ڏيڻ؛ مهمان مسافر جي خاطر تواضع ڪرڻ.
3.
بر منهن
ڪرڻ يا بر منهن ڏيڻ يا جهنگ منهن ڪرڻ؛ گهر ٻار ڇڏي ويراني ۾ وڃڻ، ڪنهن نامعلوم هنڌ
ڏانهن وڃڻ.
4.
برادر جو
منهن؛ ڀائپيءَ جو ڏوهه، ذات وارن جو ڏوهه، مٽي مائٽيءَ جو پلئه.
5.
ٻولاهو
منهن ڪرڻ؛ اسهائو منهن ڪرڻ، ڀيلو منهن ڪرڻ.
6.
ٻه-منهون؛
منافق، لائي چائي ڪندڙ.
7.
ٻئي منهن
هئڻ؛ روءِ سوءِ هئڻ، ابتڙ هئڻ، خود مختيار هئڻ، آزاد خيال هئڻ.
8.
ڀت سان
منهن لڳڻ؛ ناڪام ٿيڻ، شرمنده ٿيڻ، پڇتائڻ، شرمسار ٿيڻ.
9.
ڀيلو منهن
ٿيڻ؛ مايوس ٿيڻ، شرمسار ٿيڻ.
10.
ڀيلو منهن
ڪرڻ يا ڀيلو منهن ٿيڻ؛ شرمسار ٿيڻ، روئڻهارڪو منهن ڪرڻ.
11.
سرخ-رو
ٿيڻ؛ ڪامياب ٿيڻ.
12.
سنئون
منهن نه ڏيڻ؛ بي رخي سان ڳالهائڻ.
13.
سوراٽيل
منهن؛ غمگين اداس.
14.
گل ڇني
منهن ۾ ڏيڻ؛ ماڻهوءَ کي سندس ڪوتاهي يا ڪمي ڏيکارڻ.
15.
مٺو منهن
ڪرائڻ؛ مٺائي کارائڻ، خوشيءَ ۾ شريڪ ڪرڻ.
16.
منهان پوڻ؛
بيزار ٿيڻ، نفرت ڪرڻ.
17.
منهن ۾
ڌوڙ وجھڻ؛ ناجائز ڪم ڪرڻ، ٺڳڻ.
18.
منهن ۾
گھنج وجھڻ؛ ناراض ٿيڻ.
19.
منھن بڇڙو
ڪرڻ؛ شڪل خراب بنائڻ، نفرت ظاهر ڪرڻ.
20.
منهن بند
ڪرڻ؛ خاموش ڪرڻ، ڪجھ ڳالهائڻ کان باز رکڻ.
21.
منهن ڀت
سان لڳڻ؛ پڇتائڻ،
پشيمان ٿيڻ.
22.
منهن ڀر
ڪرڻ؛ اونڌي منهن ڪرڻ، ذليل ۽ خوار ٿيڻ.
23.
منهن پائڻ؛ ڪنهن وٽ تعزيت يا ملاقات لاءِ وڃڻ.
24.
منهن پوڻ؛
سامهون اچڻ، پردو نه ڪرڻ.
25.
منهن تي
پوڻ؛ چڱو لڳڻ، شايان شان هئڻ، ٺهي اچڻ.
26.
منهن تي
چڙهڻ؛ سامهون اچڻ، روبرو اچڻ.
27.
منهن تي
هٿ گھمائڻ؛ ڌوڪو ڏيڻ، دغا ڪرڻ، چال هلڻ.
28.
منهن تي
هڻڻ؛ نفرت سان واپس ڪرڻ.
29.
منهن
ٽامڻي هڻي وڃڻ؛ ڪاوڙ سببان منهن ڳاڙهو ٿيڻ.
30.
منهن ٽوڙ؛
شڪست ڏيندڙ.
31.
منهن جو
پڪو ٿيڻ؛ منهن تي سنجيدگي آڻڻ، سنجيدو ٿيڻ.
32.
منهن جو
پنو لهي وڃڻ؛ شرمسار ٿيڻ، سنجيدگي آڻڻ، سنجيده ٿيڻ.
33.
منهن جو
ڪچو هئڻ؛ شرمنده هئڻ، ناتجربيڪار هئڻ.
34.
منهن جو
مٺو ٿيڻ؛ چرب زبان ٿيڻ.
35.
منهن ڏيکارڻ؛ ديدار ڪرڻ، ملاقات ڪرڻ.
36.
منهن ڏيڻ؛
سامهون ٿيڻ، ڏيڻ، مقابلو ڪرڻ، سهڻ.
37.
منهن رکڻ؛
عزت ڪرڻ، لحاظ ڪرڻ.
38.
منهن
ڦيرائڻ يا منهن موڙڻ؛ بيزار ٿيڻ، نفرت ڪرڻ، بي رخي ڏيکارڻ، ٻئي طرف ڏسڻ.
39.
منهن ڪڍڻ؛
ظاهر ٿيڻ، نمودار ٿيڻ.
40.
منهن ڪرڻ؛
رخ ڪرڻ.
41.
منهن
ڪنئرو؛ نرم ڳالهائيندڙ، ڳالهه کي چٻي چٿي ڳالهائيندڙ.
42.
منهن لڳ؛
ڄاڻ سڃاڻ، واقفيت.
43.
منهن مٿو
پٽڻ؛ آھ و زاري ڪرڻ، واويلا ڪرڻ، فرياد ڪرڻ.
44.
منهن مٿي
ڪرڻ؛ سرخرو ڪرڻ، عزت افزائي ڪرڻ.
45.
منهن
مٽائڻ يا منهن موڙڻ؛ رخ بدلائڻ، ڪناره ڪشي ڪرڻ، بي رخي ڏيکارڻ، بي وفائي ڪرڻ.
نڪ
1.
بي نڪو؛ نرلڄو،
نرجو.
2.
سونو نڪ
وجهڻ؛ ڏکئي وقت ۾ ڪنهن جي عزت رکڻ، برادري ۾ بدنامي کان بچائڻ.
3.
نڪ تائين
پيٽ ڀرڻ؛ تمام گهڻو کائڻ، بک کان وڌيڪ کائڻ.
4.
نڪ تي مر
سهڻ؛ ڪنهن جو احسان کڻڻ.
5.
نڪ چپ
موڙڻ؛ پس و پيش ڪرڻ، ناراضگي ڏيکارڻ.
6.
نڪ چپ؛ غيرت،
ننگ.
7.
نڪ ڪپجڻ؛
بدنام ٿيڻ.
8.
نڪ گسائڻ؛
توبه ڪرڻ، التجا ڪرڻ.
9.
نڪ موڙڻ؛ ناراضگيءَ
جو اظهار ڪرڻ.
10.
نڪ نرجو؛
بي حيا، ضدي.
11.
نڪ وڍڻ يا
نڪ ڪپڻ؛ طعنو ڏيڻ، شرمسار ڪرڻ، بدنام ڪرڻ.
12.
نڪ وڍيو؛
بي شرم.
13.
نڪو؛ وڏي
نڪ وارو، بدنام. (بي نڪو؛ ضد)
وات، ٻوٿ ۽ مِٽَ
1.
ٻوٿ ٻڌڻ؛ منهن
بند ڪرڻ، ڳالهائڻ کان روڪڻ، چپ ڪرائڻ، ماٺ ڪرائڻ.
2.
ٻوٿ ٻڌڻ؛
وات بند ڪرڻ، چپ ڪرائڻ.
3.
ٻوٿ ٻڌي
ويهڻ؛ ڳالهائڻ کان بس ڪري ويهڻ، ڄاڻي واڻي نه ڳالهائڻ.
4.
ٻوٿ ٻيڻو
ڪرڻ؛ منهن چٻو ڪرڻ، منهن گھنجائڻ، شورجڻ، ڪاوڙجڻ، منهن ڦيرائڻ، جواب نه ڏيڻ.
5.
ٻوٿ ڀت سان
لڳڻ؛ شرمسار ٿيڻ، ڦڪو ٿيڻ.
6.
ٻوٿ ڀڃڻ؛
منهن ڀڃڻ، سخت سزا ڏيڻ.
7.
ٻوٿ سڄائڻ؛
ناراض ٿيڻ، ناراضگي سببان منهن بنائڻ.
8.
ٻوٿي هئڻ؛
مهانڊو هئڻ، شمار ۾ اچڻ جهڙو هئڻ (نفرت وچان)، ٻُٿُ ھئڻ.
9.
ٻيڙو وات
۾ وجهي پاراتو ڏيڻ؛ سخت پاراتو ڏيڻ.
10.
گرھ ٺاهي
وات ۾ وجھڻ؛ ڪم سولو ڪري ڏيڻ.
11.
مٽون ڦوڪڻ؛
ڪاوڙجڻ، منهن ڦلائي وهڻ، ناراض ٿيڻ.
12.
وات ۾ مڱ وجھڻ؛ خاموشي
اختيار ڪرڻ.
13.
وات بند
ڪرڻ؛ خاموش ڪرڻ.
14.
وات
پاڻي ٿيڻ؛ ڪنھن من پسند يا سوادي
کاڌي جي ڏسڻ سان وات ۾ لعاب اچڻ، آرزو ٿيڻ، دل ٿيڻ.
15.
وات تي
آڻڻ؛ زبان تي آڻڻ، ظاهر ڪرڻ.
16.
وات جا
پلاھ کائڻ؛ هوائي قلعا بنائڻ، دل خوش ڪرڻ جون ڳالهيون
ڪرڻ.
17.
وات رکڻ؛ کاڌ
خوراڪ ۾ ڪري ڪرڻ.
18.
وات ڦاٽڻ؛
حيران ٿيڻ، بد حواس
ٿيڻ.
19.
وات ڦاٽو
يا وات-رادو؛ گهڻ-ڳالهائو، جيڪو ادب سان نه ڳالهائي.
20.
وات ڦاڙڻ؛
زور سان ڳالهائڻ.
21.
وات
ڦلارجڻ؛ وات ۾ زخم ٿيڻ.
22.
وات ڪرڻ؛ گار
گند ڪرڻ، ٻاڙو ٻولڻ.
23.
وات
مٺو ڪرائڻ؛ خوشيءَ جي موقعي تي مٺائي کارائڻ.
24.
وات وجهڻ؛
گهرڻ، سوال وجهڻ.
25.
وات وڪيل
هئڻ؛ خودمختيار هئڻ.
26.
واتين
ويڻين؛ زباني.
27.
واڳوءَ جي
وات ۾ هئڻ؛ سخت ماڻهوءَ جي ناتي ۾ هجڻ.
28.
وڏ واتو
يا وڏ واتي؛ زبان دراز.
29.
وڏ واتو؛ ڳالھير،
گھڻو ڳالهائندڙ.
30.
وڏو وات
ڪرڻ؛ بد زباني ڪرڻ، بڪواس ڪرڻ.
وار، چڳ ۽ روم
1.
چڳ وڍائڻ؛
مريد ٿيڻ، مرشد جي هٿان وار ڪپائڻ.
2.
چڳ وڍيو
مريد ٿيڻ؛ مريد با صفا ٿيڻ، فرمانبردار ٿيڻ.
3.
روم روم
ڏڪڻ؛ بيحد ڏڪڻ.
4.
منهنجي
روم روم ٿي تو کي دعا ڪري؛ منهنجي دل جي گهراين مان تنهنجي لاءِ دعا نڪري ٿي، دل
سان تو کي دعا ڪريان ٿو/ ٿي، منهنجو هڪ هڪ وار تو کي دعا ڪري ٿو، تو کي گهڻيون
دعائون ڪريان ٿو/ٿي.
5.
وار اس
۾ اڇا ڪرڻ؛ تجربي حاصل ڪرڻ کانسواءِ وڏو
ٿيڻ.
6.
وار
جو نالو نه وٺڻ؛ ڪجھ به نقصان نه پهچائڻ.
7.
وار وڇائڻ؛
ڇوڪريءَ جو سڱ ڏيڻ.
8.
وار ونگو
نه ٿيڻ؛ ذرو به نقصان نه پهچڻ.
هانءُ، هنئَون ۽ هنيون
1.
هانءُ
ٺارڻ؛ دل ٿڌي ڪرڻ.
2.
هانءُ
ساڙڻ؛ سيني تي مڱ ڏرڻ، اڳلي جي سامهون
ڪو اهڙو ڪم ڪرڻ جو ان کي چڙ ڏياري.
3.
هانءُ
لاهڻ؛ بد دل ٿيڻ، همت هارڻ.
4.
هنيانءَ
تي ڇنڊو وجهڻ؛ ڪاوڙ يا جوش گهٽجڻ، دل ٿڌي ٿيڻ، راحت رسڻ.
5.
هنيانءَ جهل ڪرڻ؛ ٿورو ڪجهه کائي بک جو احساس مٽائڻ.
6.
هنيانءُ
ڪرڪڻ؛ دل ڏکڻ.
7.
هنيانءُ
لوڙهڻ؛ همٿ هارڻ، بد دل ٿيڻ.
8.
هنئون
ڦاٽڻ يا هنيون ڦاٽڻ؛ ڊپ يا گهڻي غم سببان دل ڦاٽڻ.
9.
هنئون
لاهڻ يا هنيون لاهڻ؛ همٿ هارڻ.
10. هيانوَ تي مڱ
ڏرڻ؛ دشمنن کي وڌيڪ ٻارڻ.
هٿ، دست، ٻڪ، مُٺِ ۽ مشت
1.
افسوس جا
هٿ ملڻ؛ پڇتائڻ.
2.
بي دست و
پا؛ عاجز، بي طاقت، بي پهچ.
3.
ٻڪ ۾ پاڻي
پيارڻ؛ گهٽ ذات وارو برتاءُ ڪرڻ.
4.
ٻڪ ۾ ڏيڻ؛
بيعزتي ڪرڻ.
5.
چؤ-هٿي
بلا؛ وڏي آفت.
6.
ڌڪ مٺ؛ لڙائي،
مارا ماري.
7.
ساهه مٺ ۾
هئڻ؛ بيحد خوفزده
ٿيڻ.
8.
سونو
ڪٽورو هٿ ۾ هئڻ؛ پنڻ ۾ عار نه ھئڻ.
9.
سوني
ٻانهن هٿ ۾ هئڻ؛ پڪي ضمانت هئڻ.
10.
ڦلن
مٺ؛ ننڍو تحفو.
11.
مٺ ۾ هئڻ؛
ڪنهن جي اختيار ۾ هئڻ.
12.
مٺ ڀيڙڻ؛ ڪنجوسي
ڪرڻ.
13.
مشت خاڪ؛ فاني.
14.
منهن تان
هٿ گھمائڻ؛ ٺڳڻ.
15.
مئا هٿ
هڻڻ؛ ٿوري گهڻي ڪوشش ڪرڻ، هٿ پير هڻڻ، هٿ ليتي ڪرڻ.
16.
هٿ ۾ اچڻ؛
قبضي ۾ اچڻ، وس ۾ اچڻ، قابو ۾ اچڻ.
17.
هٿ ۾ هئڻ؛
وس ۾ هجڻ، قابو ۾ هجڻ.
18.
ھٿ
اٽڪائڻ؛ زور سان جھلڻ، ڪم پوڻ، ڏيتي ليتي ڪرڻ.
19.
هٿ اچڻ؛
هٿ لڳڻ، قابو ۾ اچڻ، ملڻ، حاصل ٿيڻ.
20.
هٿ اکر؛
تحرير، دستخط.
21.
هٿ ٻڌڻ؛
التماس ڪرڻ، معافي گھرڻ.
22.
هٿ ڀيڙڻ؛
خرچ نه ڪرڻ، ڪنجوسي ڪرڻ.
23.
هٿ پڄندي؛
پهچ، رسائي.
24.
هٿ پڄڻ؛
رسائي ٿيڻ، دسترس ٿيڻ.
25.
هٿ پير
ٺرڻ؛ خوفزده ٿيڻ.
26.
هٿ پير
چيو ڪرڻ؛ ڪم ڪرڻ جي طاقت هجڻ.
27.
هٿ پير
لهڻ؛ ٻار ڄڻڻ.
28.
هٿ پير
هڻڻ يا هٿ پير هلائڻ؛ ڪوشش ڪرڻ، ڊوڙ ڊڪ ڪرڻ، محنت ڪرڻ، ڪم ڪرڻ.
29.
ھٿ
تريل ھئڻ؛ تجربيڪار ھئڻ، هٿ تريل اٿم يا هٿ تريا پيا اٿم.
30.
هٿ تنگ
هئڻ؛ قلاش، نادار، ڪنجوسي ڪرڻ.
31.
هٿ ٺارڻ؛
دل ٿڌي ڪرڻ.
32.
هٿ ٺوڪيو؛ اشارن تي هلڻ وارو.
33.
هٿ ٽنگڻ؛
سوال وجھڻ، خيرات گھرڻ، اڌار گھرڻ، قرض وٺڻ.
34.
هٿ جس؛ هٿ
۾ شفا، هٿ ۾ فتح، هٿ ۾ نصرت.
35.
هٿ جو ميرو
هئڻ؛ بي اعتبار هجڻ.
36.
هٿ جوڙ
ڪرڻ؛ عاجزي ڪرڻ، معافي گھرڻ.
37.
هٿ جوڙڻ؛
عاجزي ڪرڻ، معافي گھرڻ.
38.
هٿ جھل
ڪرڻ؛ ڪم ۾ مدد ڪرڻ، هٿ ونڊائڻ.
39.
هٿ جھلڻ؛
هٿ روڪڻ، ڏيڻ بند ڪرڻ، هٿ ملائڻ بند ڪري ڇڏڻ، قطع تعلق ڪرڻ، برادري مان خارج ڪرڻ.
40.
هٿ جي
چالاڪي؛ ڪاريگري، مهارت، استادي.
41.
هٿ جي هڻڻ؛
ڪوڙ ڳالهائڻ، چالاڪي ڪرڻ.
42.
هٿ چراند
ڪرڻ؛ دست درازي ڪرڻ، کينس ڪرڻ.
43.
هٿ چڙهڻ؛
قبضي ۾ اچڻ.
44.
هٿ چمڻ؛
عزت ڏيڻ.
45.
هٿ چيو نه
ٿو ڪري؛ مالي لحاظ کان گنجائش ڪونهي، خرچ ڪري نٿو سگھجي.
46.
هٿ چيو نه
ڪرڻ؛ هٿ قابو ۾ نه هئڻ، ڪنهن ڪم ۾ دل نه لڳڻ.
47.
هٿ ڇنڊي
اٿڻ؛ خالي هٿين هجڻ.
48.
هٿ ڇوٽ؛
فضول خرچ ڪرڻ وارو، سخي.
49.
هٿ ڇوهو؛
چور، چوري ڪرڻ وارو.
50.
هٿ ڇوهي؛ چوري
ڪرڻ، تڳائڻ.
51.
هٿ ڊگھا
هئڻ؛ رسائي هجڻ، پهچ هجڻ، اثر رسوخ هجڻ.
52.
هٿ ڊگھيرڻ؛
مدد ڪرڻ.
53.
هٿ ڏسڻ؛
نصيب ڏسڻ، هٿ جون ليڪون ڏسڻ، قسمت جاچڻ.
54.
هٿ ڏيکارڻ؛
قسمت معلوم ڪرائڻ.
55.
هٿ ڏيڻ؛
مدد ڪرڻ، حمايت ڪرڻ، وعدو ڪرڻ، هٿ ملائڻ.
56.
هٿ ڌوئارڻ؛ خدمت ڪرڻ، خوش ڪرڻ.
57.
هٿ ڌوئي
پٺيان پوڻ يا هٿ ڌوئي لڳڻ؛ پٺ نه ڇڏڻ، ڪوشش ڪرڻ کان باز نه اچڻ، قائم رهڻ.
58.
هٿ رسڻ؛
مشڪلات ۾ مدد ڪرڻ.
59.
هٿ رکڻ؛
سهارو ڏيڻ، حفاظت ڪرڻ، پناھ ڏيڻ، قسم کائڻ، مدد ڪرڻ، احسان ڪرڻ.
60.
هٿ رڱڻ؛ ملوث هجڻ.
61.
هٿ سيڪڻ؛ ڪجھ فائدو حاصل
ڪرڻ.
62.
هٿ ڦاڙ؛ فضول خرچ ڪرڻ.
63.
هٿ ڦيرڻ؛ ٺپرڻ،
لاڏ ڪوڏ ڪرڻ.
64.
هٿ ڦيرڻ؛
دست شفق ڦيرڻ، دعا ڪرڻ.
65.
هٿ کس؛ ڦر
مار، چوري، لٽ، راهزني، کسڻ.
66.
هٿ کليل
هئڻ؛ سخي هئڻ.
67.
هٿ کڻڻ؛
دستبردار ٿيڻ.
68.
هٿ کڻڻ؛
دعا گھرڻ يا بد دعا ڪرڻ.
69.
هٿ ڪپڻ؛
بي بس ڪرڻ، دستبردار ڪرڻ.
70.
هٿ ڪپي ڏيڻ؛
لکت ۾ ڏيڻ، دستاويز تي صحيح ڪرڻ.
71.
هٿ ڪڍڻ؛
ڇڏي ڏيڻ، لا تعلقي ظاهر ڪرڻ.
72.
هٿ ڪرڻ؛
حاصل ڪرڻ.
73.
هٿ ڪوسا
ڪرڻ؛ فائدو حاصل ڪرڻ.
74.
هٿ ڳنڍڻ؛ ڪم
شروع ڪرڻ.
75.
هٿ لائڻ؛
ڇهڻ، نقصان رسائڻ.
76.
هٿ لڳڻ؛
حاصل ٿيڻ.
77.
ھٿ
لڳڻ؛ نقصان پهچڻ.
78.
هٿ مان
نڪري وڃڻ؛ قبضي مان نڪري وڃڻ.
79.
هٿ ملائڻ؛
دوستي ڪرڻ.
80.
هٿ مهٽڻ؛ پڇتائڻ، افسوس ڪرڻ، نادم ٿيڻ.
81.
هٿ ناٽ؛
هٿ جي صفائي، چالاڪي.
82.
هٿ نصيب
ٿيڻ؛ وقت تي مدد ملڻ.
83.
هٿ وٺڻ؛ مدد ڪرڻ، پناھ ڏيڻ، سهارو ڏيڻ.
84.
هٿ وٺي نقصان ڏيڻ؛ ڄاڻي واڻي نقصان ڏيڻ،
ڄاڻي ٻجھي ڇيئو
رسائڻ.
85.
هٿ وجهڻ؛ وچ
۾ ٽپي پوڻ، وچ ۾ پوڻ، دست اندازي ڪرڻ.
86.
هٿ وس؛ ڪنهن
جي اختيار ۾.
87.
هٿ هرڻ؛ عادت پئجي وڃڻ، علت.
88.
هٿ هلائڻ؛
تڪڙو ڪم ڪرڻ.
89.
هٿ هڻڻ؛ افسوس
ڪرڻ، پشيمان ٿيڻ.
90.
هٿان پوڻ؛
غلطي تي هجڻ، پنھنجي غلطيءَ سببان نقصان پوڻ.
91.
هٿرادو؛ جڙتو.
92.
هٿڙي هڻڻ؛
چوري ڪرڻ، کيسو ڪترڻ، تور ۾ چالاڪي ڪرڻ.
93.
هٿن تي
پردو؛ عملي ثبوت.
94.
هٿن جو
ٻار؛ عمر جو ننڍو.
95.
هٿن جو
ڄاول ٻاٺ؛ هٿن جو ٻار، عمر جو ننڍو، جنھن جي ڄم کان واقف ھججي.
96.
هٿن جي
سفائي ڏيکارڻ؛ چالاڪي ڪرڻ.
97.
هٿن مان
وڃڻ؛ آپي کان ٻاهر نڪرڻ، قبضي مان نڪرڻ.
98.
هٿڻ تي
پرتا ڏيکارڻ؛ ٺڳڻ.
99.
هٿو هٿ؛
انهيءَ وقت، بروقت.
100.
هٿوراڙيون
ڏيڻ؛ اوندھ ۾ ڪنهن شيءِ کي ڳولهڻ.
101.
هٿون هٿ؛ ذاتي طور تي.
102.
هٿون؛
انهيءَ جي برعڪس.
103.
هٿي ڏيڻ؛
حمايت ڪرڻ، سهارو ڏيڻ، همت وڌائڻ.
104.
هٿيڪو ڪرڻ؛
قابو ۾ رکڻ، محفوظ ڪرڻ.
105.
هٿين پوڻ؛
جھڳڙو ڪرڻ.
106.
هٿين
پيرين پوڻ؛ منٿون ڪرڻ، معافي گھرڻ.
107.
هٿين خالي؛
سڃو، ڪنگال.
108.
يڪ مشت
ٿيڻ؛ متحد ٿيڻ.
هڏ ۽ لڱ
1.
پورو هڏ
اٿس؛ جسماني يا مالي حيثيت ۾ ڪمزور آهي.
2.
سڄي لڱين؛
تندرست، چڱو ڀلو.
3.
سنئين
لڱين ٿيڻ؛ بيماريءَ کانپوءِ سگهه حاصل ڪرڻ، سگهو ٿيڻ.
4.
لڱ جهوڻ
يا لڱ مڙڻ؛ بخار محسوس ٿيڻ.
5.
لڱ
ڪانڊارجڻ؛ خوفزده ٿيڻ.
6.
لڱ موڙڻ؛
آرام ڪرڻ، ٿڪاوٽ ڀڇڻ.
7.
هڏ ڀڳل
هئڻ؛ محنتي هجڻ، جفا ڪش هجڻ، ڪم ڪرڻ جو عادي هجڻ.
8.
هڏ پيڙڻ؛ سخت
محنت ڪرائڻ، گھڻي تڪليف پهچائڻ.
9.
هڏ ڏاڍو؛ محنتي
جفاڪش.
10. هڏ ڏوکي؛ همدرد، خير خواهه.
11. هڏ ڪرڪڻ؛ رحم اچڻ، همدردي ٿيڻ.
12. هڏ گٺل هئڻ؛ محنت ڪرڻ جو عادي هجڻ.
13. هڏ گڏ ڀڃڻ؛ گهڻي مار ڏيڻ يا گهڻو مارڻ.
14. هڏ گسائڻ؛ محنت ڪرڻ.
15. هڏ هرڻ؛ عادي هجڻ.
No comments:
Post a Comment