Friday, December 27, 2019

ڪھاوت - پنڊت برج موھن دتا تريه ڪيفي


ڪھاوت
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
برجموہن دتاتریہ کیفیڪھاوت يا چوڻيءَ جي پيڙھ، مڃيل تمثيل يا ورجيس تي ھوندي آھي. ان کي پھاڪو يا ضرب المثل به چوندا آھن. چوڻيءَ ۽ اصطلاح ۾ وڏو فرق ھيءُ آھي ته اصطلاح/ ورجيس، جملي جو جز بڻجي، منجھس جذب ٿي ويندو آھي، جڏھن ته پھاڪي/ چوڻيءَ ۾ اھا سگھ نه ھوندي آھي. اھا اگر حذف/ گم ڪري ڇڏجي ته ڪلام اڻپورو رھجي ويندو. مثال طور:


محاورہ: جنگ کی وجہ سے وہ تجویز کھٹائی میں پڑ گئی۔
اصطلاح؛ جنگ جي ڪري، اھا اسڪيم، رڦڙي ۾ ھلي وئي
کہاوت: بنک میں تو جو کچھ تھا ڈوبا ہی، آپ نے بھی تقاضا شروع کردیا، سچ کہتے ہیں؛ مرتے کو ماریں شاہ مدار۔
پھاڪو: بئنڪ ۾ جيڪو ھيو سو ته ٻڏي ويو، مٿان اوھان به گھر جي تاھوت لاتي، سچ چوندا آھن؛ مئي کي ماري، شاھ مدار.
(شاھ مدار، يا زندھ شاھ مدار، پاڪ و ھند جو مشھور ولي، سيد بديع الدين احمد شاھ مدار، (۲۴۲ ھ- ۸۴۴ ھ)، جنھن جي مزار مڪن پور، ڪان پور کان چاليھ ميل جي فاصلي تي آھي. اھل تصوف ۽ اھل معرفت کين عبدالله، قطب المدار ۽ فردالاراد سڏين ٿا.  مدار العالم، مدار دو جھان، مدار العالمين ۽ شمس الافلاڪ، سندن القاب آھن. بر صغير پاڪ و ھند ۾ زندھ شاھ مدار ۽ زندھ ولي جي نالي سان مشھور آھن. سلسليه مداريه جا باني پڻ آھن.)
اردوءَ منجھ، ڪھاوت جو مجموعو، غالبًا، سڀ کان پھرين مولوي نجم الدين دھلويءَ ۱۸۷۶ع کان اڳي نجم الامثال جي نالي سان شايع ڪرايو. پوءِ ۱۸۹۰ع ۾ منشي چرنجي لال دھلويءَ، مخزن الامثال جي نالي سان ھڪڙو ننڍڙو رسالو، چونڊ چوڻين جو ڇپايو.
نجم المثال کي جامع سمجھڻ گھرجي. شايد ئي ڪو پھاڪو، مؤلف کان رھجي ويو ھجي. ان جو مطالعو، ھندن ۽ مسلمانن جي معاشرت، اخلاق ورزي ۽ تھذيب و تمدن تي چٽي روشني وجھي ٿو. اھو ئي فائدو، ڪنھن ٻوليءَ جي پھاڪن/ چوڻين جي مطالعي جو آھي. انھيءَ سبب، پھاڪي کي اصطلاح تي شرف حاصل آھي. ڇو جو اصطلاح/ محاورو صرف ھڪ ٻوليءَ جي ادبي فضيلت جو ساکي آھي.
ھتي فقط ٻه چار چوڻيون، نموني جي طور تي، ڏجن ٿيون.
نہ نو من تیل ہوگا نہ رادھا ناچے گی۔
نه نو مڻ تيل ھوندو، نه راڌا نچندي.
گنجی کیا نہائے گی گیا نچوڑے گی۔
گنجو؛ ڇا وھنجي، ڇا نپوڙي.
گئے تھے نما کو روزہ گلے پڑا۔
ويا نماز لاءِ، روزا ڳچيءَ پين.
گنوار بھیلی دے گنا نہ دے۔
ڄٽ، ڳڙ ڏئي، ڳنو نه ڏئي.
من چنگا تو کھٹوتی میں گنگا۔
جيءُ خوش، جھان خوش.
دودھ کا جلا چھاچھ پھونک پھونک پیتا ہے۔
کير جا کاڻيل، ڇاڇ به ڦوڪي ڦوڪي پيئي.

(پنڊت برج موھن دتا تريه ڪيفي؛ ڪيفيہ، دار النوادر، الحمد مارڪيٽ، اردو بازار لاھور، ۲۰۱۶ع، ص ۱۶۶ تان ترجمو ڪري کنيل)

No comments:

Post a Comment