Tuesday, December 24, 2019

ڪھاوتون - سليم ڪاشميري


ڪھاوتون
سليم ڪاشميري
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
جيڪڏھن غور ڪندي ڏٺو وڃي ته چوڻين ۽ پھاڪن جو ڪجھ نه ڪجھ مقصد ضرور ھوندو آھي. ٻيو ته ڪھاوتن تي عمل ڪندي گھڻين مشڪلاتن کان بچي سگھجي ٿو.
مارنے والے کا ہاتھ تو روکا جا سکتا ہے، لیکن بولنے والے کی زبان نہیں۔
مارڻ واري جو ھٿ ته روڪي سگھجي ٿو، ليڪن ڳالھائيندڙ جي زبان نه.
نوٹ (پیسوں) کو دانت سے پکڑ کر رکھنا۔
توٽن کي، ڏندن سان قابو ڪر.


(يورپ ۾ مقيم پٽ کي، پاڪستان ۾ رھندڙ پيءُ جي نصيحت)
ہاتھی کے دانت دکھانے کے اور، کھانے کے اور۔
ھاٿيءَ جا ڏند؛ کائڻ جا ٻيا، ڏيکارڻ جا ٻيا.
یار پہاڑاں تے اگنے نے۔
يار، پھاڙن تي ڄمندا آھن.
(ڪنھن جي ڪم نه اچو ته اھو ائين ئي چوندو آھي.)
جب چیونٹی یا گیدڑ کی موت آتی ہے تو شہر کا رخ کرتے ہیں۔
جڏھن ڪول يا گدڙ کي کٽي کڻندي آھي، شھر جو رخ ڪندا آھن.
دور کے ڈھول سہانے۔
دھل جو آواز، پري کان مٺو.
علم بڑی دولت ہے۔
علم، وڏي دولت آھي.
پڑھو فارسی، بیچو تیل۔
پڙھي فارسي، وڪڻي تيل.
(اھا الڳ ڳالھ آھي ته اڄڪلھ فارسيءَ جي وڏي حيثيت آھي.)
جو چھانے، وہ جانے۔
جو ڇاڻي، سو ڄاڻي.
علم حاصل کرو چاہے چین جانا پڑے۔
علم حاصل ڪيو، توڙي چين وڃڻو پوي.
کج جندر ڈٹھیلے، اور کج دانے گیلے۔
(کچھ جندر بھی ڈھیلے ہیں اور کچھ دانے بھی گیلے ہیں۔)
ڪجھ جنڊ جا پُڙَ ڍلا آھن، ڪجھ داڻا به آلا آھن.
(ھيءَ ڪھاوت تڏھن سچي لڳندي آھي، جڏھن ڪنھن ڪم ۾ پنھنجي پاران دير ٿئي ته پوءِ ائين ئي چئبو آھي.)
حرامی کماں نے حرامی نتیجے۔
بري ڪم جو نتيجو، برو.
چور تے نالے چتر۔
چور، مٿئون چالاڪ.
(ھڪ ته چوريءَ واري زيادتي ڪيائين، مٿئون وري شور مچايائين.)
چوری اور سینہ زوری۔
چوري، مٿان ارھ-زوري.
من حرامی، ہجتاں نا ڈھیر۔
من حرامي، حجتون ھزار.
(اسان جي مري گورنمينٽ ھاءِ اسڪول جو استاد، سائين اشرف، اڪثر چوندو ھيو. جڏھن دل نه مڃي ته ھزارين بھانا ڪري سگھو ٿا.)
جان بچی سو لاکھوں پائے۔
جان بچي، لک ڪمايا.
غریباں اتھ بہہ، جتھوں کوئی نہ چکے۔
غريب اتي ويھي، جتان ڪير نه اٿاريس.
(پنھنجي حيثيت منجھ رھڻ گھرجي)
بائی بائی تے اسے جائی۔
ٻائي ٻائي، ان کي ڄائي.
(ليلان، ڇا ٿيندي ھئي مجنونءَ جي؟)
چادر سے زیادہ پاؤں نہ پھیلائین۔
سوڙ آھر، پير ڊگھيڙجن.
(ٻين منجھ، اميدون نه رکجن.)
غریباں روزے رکھے اور نیہماڑے لمبے ہو گے۔
غريبن روزا رکيا، ڏينھن به ٿيا وڏا.
(ڪم نه ٿيڻ جي صورت ۾ ائين چيو ويندو آھي. يعني غريبن روزا رکيا، ڏينھن تڏھن ڊگھا ٿي ويا.)
اساں نہ ویلا اشناں تے گودھم پی گشناں۔
جڏھن اسان جي واري آئي، تڏھن جھيڙو مچي ويو.  
اساں نا ویلا آیا تے سسی نے کپڑے دھونے چھوڑدیے۔
جڏھن اسان جو وقت آيو ته سسئيءَ ڪپڙا ڌوئڻ ڇڏي ڏنا.
مائی بڈھی کی لشکانی کی چمکانوی ادھا پیا جھکدا۔
ڪراڙي امان، ڇا ٿي ڇمڪائين، ڇا ٿي چمڪائين، اڌ ڌڙ ته ويو ٿي جھڪي.
(ھڪڙي مشھور قصي مان ماخوذ)
چوراں کولوں پنڈ تاولی۔
چورن کان، ڀري/ڳنڍ تڪڙي.
(ڀري، جيڪا چورن ٻڌي رکي ھوندي آھي، تنھن کي وڃڻ جي جلدي، چورن کان وڌيڪ ھوندي آھي.)
پیلے یرکائیے نہ یرکے تے یرک جائیے۔
پھرين ڊيڄارجي، اگر نه ڊجي ته پاڻ ڊڄي وڃجي.
اگر اچھے دن نہیں رہے تو برے دن بھی نہیں رہیں گے۔
اگر سٺا ڏينھن نه رھيا آھن ته برا به نه رھندا.
چوراں نوں پے گئے مور تے موراں نوں آگوں ہور۔
چورن تي پيا مور، مورن تي پيا اور.
چور جوری سے جائے ہیراپھیری سے نہ جائے۔
چور، چوريءَ کان مُڙي، ھيراڦيريءَ کان نه مُڙي.
آج کا کام کل پر مت چھوڑو۔
اڄ جو ڪم، سڀان تي نه ڇڏجي.
پیلے تولو پھر بولو۔
پھرين تورجي، پوءِ اورجي/ ٻولجي.
جھوٹے پر اللہ کی لعنت۔
ڪوڙي تي اللھ جي لعنت.
اپنا مارے گا تو سائے میں پھینکے گا۔
پنھنجو ماري، ڇانءَ ۾ اڇلي.
ساری جاتی دیکھو تو ادھی دیجیو چھوڑ۔
سڄي قوم ڏسو، ته به اڌ ڏجو ڇڏي.
 چور مچائے شور۔
چور، ڪري شور. (چور ڪري؛ چور چور!)
بہتی گنگا میں ہاتھ دھولو۔
وھندي گنگا مان، ھٿ ٻوڙجن.

(سليم ڪاشميري؛ گويم مشڪل، ويلڪم بڪ پورٽ، اردو بازار ڪراچي، جنوري ۲۰۱۳ع، ص ۶۲ کان ص ۶۴ تائين تان، ترجمو ڪري کنيل)

No comments:

Post a Comment