Monday, December 2, 2019

شاھي لباس


(ورجيس)
هينز ڪرسچن اينڊرسن/ رزاق کٽي
Page 475 of Fairy tales and stories (Andersen, Tegner).png
ڪپڙو اڻيندڙ ٻن ٺوڳين، شھنشاھ کي سندس درٻار ۾ اها آڇ ڪئي ته هو اهڙو لباس تيار ڪري آيا آهن، جيڪو عقلمندن ۽ پرهيزگارن کي ئي نظر ايندو آهي. جيڪي بيوقوف ۽ گناھگار هوندا، اهي ان لباس کي نه ڏسي سگهندا.
ڀريل درٻار ۾ شھنشاھ، انهن ٺوڳين جي ڳالھين ۾ اچي ويو.
شھنشاھ کي چيو ويو ته جيڪو نوراني لباس کيس پارايو ويندو، ان جو ڪپڙو نظر نه ايندڙ ڌاڳن سان ٺاهيو ويو آهي.


درٻار مان اعلان ڪيو ويو ته رعايا، رستن جي ٻنهي پاسن کان بيهي ۽ شھنشاھ جي مقدس ۽ پاتل نئين نوراني وڳي جو نظارو ڪري.
شھنشاھ درٻار مان رعايا کي ديدار ڪرائڻ لاءِ نڪتو. سوين ماڻهو، هر طرف کان واھ واھ پيا ڪن. ڇاڪاڻ ته کين ثابت ڪرڻو هو ته هو عقلمند ۽ پرهيزگار آهن.
قطار ۾ موجود هڪ ٻارڙي، اوچتي رڙ ڪندي چيو؛ ”شھنشاھ ته اگهاڙو آهي.“
ڀر ۾ بيٺل هڪ خود ساخته ڏاهي، ٻارڙي جي منهن تي هٿ رکندي چيو؛ ”ابا! نه تون عقلمند آھين ۽ نه پرهيزگار. ان ڪري تو کي شھنشاھي لباس نظر نه ايندو.“
مطلب:
۱ . نه پرهيزگار ۽ عقلمند ماڻهو گڏ ٿيندا، نه ئي شھنشاھ جي اگھاڙپ اظھاري سگھندا.
۲ . عقلمند اھو آھي، جيڪو ڏاڍي منجھان عيب نه ڪڍي.

(رزاق کٽي جي ڪالم، بادشاھ واري ڪھاڻي پارليامينٽرين کي ڪير ٻڌائيندو، ڏيھاڙي پنھنجي اخبار، ۲ ڊسمبر ۲۰۱۹ع تان کنيل)

No comments:

Post a Comment