Monday, December 23, 2019

کاڌو کائڻ لاءِ، ھٿ وڌائڻو پوي ٿو - حيات علي شاھ بخاري


کاڌو کائڻ لاءِ، ھٿ وڌائڻو پوي ٿو.
حيات علي شاھ بخاري
Image result for apple gravenstein
مون هڪ ڀيري هڪ سائلنٽ يعني خاموش فلم ڏٺي. جنهن ۾ هڪ شخص اچي ٿو ۽ صوف جي هڪ وڻ هيٺان بيهي رهي ٿو. وڻ ۾ هڪ صوف لڳل هوندو آهي ۽ وڻ ايترو وڏو به ناهي هوندو. اهو شخص چاهي ته صوف کي پنهنجي هٿ سان ڇني ٿي سگهيو. پر نه. اهو شخص، وڻ تي لڳل صوف ۾ اک وجهيو بيٺو هوندو آهي ۽ ان آسري ۾ هوندو آهي ته ڪڏهن ٿو اهو صوف ڇڻي ۽ اهو کڻي کاوان.


وقت گذرڻ جي تاثر کانپوءِ ڏيکاريو آهي ته وڻ ۾ صوف جيئن جو تيئن لڳل هوندو آهي ۽ اهو ماڻهو جيڪو صوف جي ڇڄڻ جي انتظار ۾ صوف ۾ اکيون وجهيو بيٺو هوندو آهي، ان جي ڏاڙهي وڏي ٿي ويندي آهي. پر هٿ وڌائي صوف کي نه ڇنندو آهي.
وري وقت گذرڻ جو تاثر ڏنو ويندو آهي. اُهو شخص جيڪو صوف ۾ اک وجهيو بيٺو هوندو آهي، سو ڊهي پوندو آهي.
وقت گذرڻ جي تاثر کانپوءِ ڏيکاريو ويندو آهي ته صوف جي وڻ هيٺان، ان شخص جي قبر نظر ايندي آهي. ايتري ۾ وڻ مان صوف ڇڻي قبر جي مٿان اچي ڪرندو آهي. ڪجهه دير کانپوءِ، قبر مان اُن شخص جو هٿ نڪرندو آهي ۽ قبر مٿان پيل صوف کڻي وٺندو آهي.
مطلب؛
۱ . روزي ھٿ ڪرڻ لاءِ، هٿ وڌائڻو پوي ٿو.
۲ . روزي حاصل ڪرڻ لاءِ، ھٿ پير ھڻڻو پوي ٿو.
۳ . روزي حاصل ڪرڻ لاءِ تلاش ۽ ڪوشش ڪرڻي آھي.
۴ . وتائي فقير جي چواڻي ته؛ ”الله ڏئي ٿو پر کنگهائي کُڙڪائي.
۵ . کاڌو کائڻ لاءِ، کنگهڻو پوي ٿو.

(حيات شاھ بخاري جي ڪالم، ”اوڀاريون لھواريون“، ڏيھاڙي عبرت ۵ ڊسمبر ۲۰۱۹ع تان کنيل)

No comments:

Post a Comment