Thursday, April 18, 2019

پنهنجي گهر اڳيان گِهٽي صاف رکڻ سان، سڄو شهر پاڻمرادو صاف ٿي ويندو - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


پنهنجي گهر اڳيان گِهٽي صاف رکڻ سان،
سڄو شهر پاڻمرادو صاف ٿي ويندو. (جپاني، چَوڻِي)
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
صفائي، نصف ايمان آھي. صحت جو مکيه ۽ بنيادي محرڪ يا اصول آھي. ان جي برعڪس، گندگي، بيماريءَ جو محرڪ، آماجگاھ ۽ مسڪن آھي. ھڪ ھنڌ صاف سٿرو ۽ ڪارائتو تڏھن ٿيندو، جڏھن ان جي آس پاس صاف سٿري ھوندي. اگر گھر صاف ڪبو ۽ گھٽي گندي ڇڏبي ته گھٽيءَ جي گندگي آھستي آھستي صاف سٿري گھر تي به اثر انداز ٿي ويندي. ڀلي سمورا پاڙن وارا، پنھنجا گھر صاف ڪن ۽ گليون اڻ صاف ٿيل ڇڏي ڏين ته به محنت جو ڪو نتيجو نه نڪرندو.


ان جي ابتڙ اگر ھر گهر وارو، پنھنجي گھر جي صفائي سٿرائيءَ سان گڏ، گھٽيءَ جي پنھنجي حصي کي صاف سٿرو رکندو ته سارو پاڙو بلڪ سڄو شھر صاف سٿرو ٿي پوندو ۽ ان جا فائدا به سڀني کي ملندا.
ان کان وڌي اگر ھر گھروارو، پنھنجي گھر جي اڳيان گلن جون ڪونڊيون رکي يا وڻ ٻوٽا پوکي ته اھو ته سون تي سھاڳو ٿي پوندو.
مطلب؛ انفرادي عمل کان اجتماعي عمل کي ترجيح ڏيڻ گھرجي.

No comments:

Post a Comment