Friday, April 26, 2019

پليدي پري ڪرڻ کان سواءِ پاڪائي حاصل نه ٿيندي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


پليدي پري ڪرڻ کان سواءِ پاڪائي حاصل نه ٿيندي
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
هڪ ڳوٺ جي کوه ۾ ڪتو ڪري پيو. ترت ڪنھن کي ڄاڻ نه ٿي سگھي. ٻئي ڏينھن تي تڏھن سڌ پئي، جڏھ کوھ جي پاڻيءَ ۾ بانس به ٿي وئي.
ڳوٺاڻا شرعي فتويٰ لاءِ، تر جي ملان وٽ ويا. تنهن کين کوھ جي پاڻيءَ مان ڌپ ۽ پليدي ختم ڪرڻ لاءِ ٻڌايو؛ ”ڪلمو پڙهي، کوھ مان ٻه سؤ ٻوڪا پاڻيءَ جا ڪڍي، ٻاهر هاريو. کوه به پليتيءَ پاڪ ٿي ويندو ۽ منجھانئس بڻانس به ختم ٿي ويندي.“


ڳوٺاڻا، اھا فتوي وٺي ڳوٺ پھتا. پنج ست سڪما مڙس، ڪلمو ڀري اچي کوھ جي پاڻيءَ کي ٻوڪن سان ڌنئڻ بيٺا.
اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ کانپوءِ به کوھ مان بانس نه وئي ته وري ملان ڏي پنڌ پيا.
ملان پڇين؛ ”کوھ مان ڪتي جو لاشو ڪڍيو اٿو؟“
”اھو ته ڪو نه ڪڍيو ھيو.“ ڳوٺاڻن، موڳڙائپ ۽ وائڙائپ مان ملان کي وراڻيو؛ ”اڃا کوه ۾ھوندو. اسان ته بس ڪلمو پڙھي ٻه سؤ ٻوڪا پاڻي ڪڍي ھاريو آ.“
”بابا! پھرين ڍونڍ ٻاھر ڪڍو، تنھن کان پوءِ پاڻي ھاريو ته پليتي دور ٿئي.“ ملان، سمجھائيندي چين.
مطلب؛
۱. ڍونڍ پري ڪرڻ کان پوءِ، ڪيل صفائيءَ سان پاڪائي حاصل ٿيندي.
۲. پليديءَ کي پاڙان اکيڙي نه ڇڏبو ته پچر نه ڇڏيندي.

No comments:

Post a Comment