Sunday, October 7, 2018

پھاڪو ڇا کي چئجي - اظھر گيلاني


پھاڪو ڇا کي چئجي
اظھر گيلاني 
Image result for what is proverb and image
زندھ پھاڪو اھڙي وڻندڙ لفظن جي ميڙ کي ڪوٺيو وڃي ٿو، جنھن ۾ راز ۽ رمزون، معني، ڳجھ جي ڳالھين جو ذڪر، سچ ۽ حقيقت سمايل ھجي. پھاڪي جي پلاند ۾ سماجي حقيقتون ۽ انسانن کي پيش آيل واقعات، زماني جا حادثات ويڙھيل ھوندا آھن. انھن جي دھرائڻ سان نه صرف نثري جملو خوبصورت ۽ چست، وڻندڙ ۽ جاذب ٿئي ٿو، مگر انھن جي دھرائڻ سان سماجي برائي، سماجي ڀلائي، ملڪ ۽ ملڪي ماڻھن جي ڪا تاريخ، اچي جاءِ والاريندي آھي. پھاڪي ۾ سھڻا سخن، ۽ ڪارائتا قول سمايل ھوندا آھن. سنڌي زبان جي قدامت ۽ وسعت ان جي ورجيسن، محاورن، چوڻين ۽ پھاڪن مان ملي ٿي. ھن مختصر مضمون ۾ صرف پھاڪي جي صورت ۽ ساخت، نموني ۽ گھاڙيٽي جو ذڪر ڪيو ويندو.


پھاڪي جي معني آھي؛ ’ڏٺل وائٺل واقعو، توريل تڪيل جملو، مصلحت ۽ حڪمت جو نڪتو، دانائي ۽ نصيحت جو ڪو پھلو، سوچ ۽ ھدايت جو حربو وغيرھ.‘ پھاڪو، ٻوليءَ جي ڇن جو ٿنڀ، زبان جي وسعت جو ضامن، فصاحت ۽ بلاغت کي ھٿي ڏيندڙ، مٺي لفظن جو چشمو آھي. پھاڪا ٻولي کي پنھنجي ٻولي ۾ تاريخي حقيقتن ۽ سماجي حڪايتن سان تعارف ڪرائيندا رھندا آھن. جيئن ھي تاريخي پھاڪو آھي ته؛
”مير بجار کي، ڪن جي ڳالھين مارايو.“
جيئن ھڪ سٺي شعر جي ٻن مصراعن ۾ ڪو نه ڪو فلسفه يا ڪا سماجي خرابي يا خوبي بيان ٿيل ھوندي آھي. اھڙيءَ طرح پھاڪي جي پٺيان به ڪو نه ڪو تاريخي تجلو ۽ سماجي پس منظر ڪارفرما ھوندو آھي. پھاڪا ڪڏھن ھمت ۽ حوصله بخشين ٿا، ڪڏھن نياز ۽ نوڙت جي صلاح ڏين ٿا، ڪڏھن عقل ۾ اضافه جو باعث بڻجن ٿا، ڪڏھن نيڪي جي راھ ڏيکارين ٿا، ڪڏھن دل ۾ محبت ۽ عقيدت جو جذبو پيدا ڪندا رھن ٿا. ڪڏھن قبيح ڪم کان نفرت ۽ حقارت جو اظھار ٿئي ٿو. ڪڏھن غم ۽ گريه جو بيان، ڪڏھن مشڪ ۽ ٽھڪار ڏيارين ٿا. ڪيترا پھاڪا طنز و مزاح جو به ڪم ڪندا رھن ٿا. اڪثر ڪري فلمن ۽ ڊرامن ۾، اداڪار ظريفانه پھاڪا پيش ڪري، ماڻھن کي کلائي کيرو ڪندا آھن. دراصل اھڙا معني خيز پھاڪا ظاھر ۾ ته ظرافت جو حق ادا ڪندا آھن، مگر انھن ۾ ڪو نه ڪو اھڙو اصلاحي پھلو ۽ ڪارآمد نڪتو موجود ھوندو آھي، جنھن کي جيءَ ۾ جاءِ ڏيڻ لاءِ ذھن مجبور ٿي ويندو آھي. پھاڪي ۽ ڏاھپ جو ڏس، معني جا موتي، لفظن جو سھڻو سلسلو نظر ايندو آھي. پھاڪو پر معني ۽ سلوڻو، مختصر ۽ جامع ٿئي ٿو. ھڪ عربي پھاڪي جو لفظي ترجمو آھي ته؛ ”پھاڪي ۾ چرچي جي چھر نھايت ضروري آھي. گفتگو ۾ چرچو ائين آھي، جيئن طعام ۾ لوڻ.“
آڪسفورڊ انگلش ڊڪشنري ۾ پھاڪي جي لاءِ ھن طرح لکيل آھي؛ ”پھاڪا خاص قسم جا اصطلاح ھوندا آھن، جيڪي منطق ۽ گرامر جي لحاظ کان نه، پر خالص استعمال جي خيال کان پاڻ ۾ وڏي معني رکن ٿا، جيڪا مڃيل مڃايل ھوندي آھي. ان جي ھيئت خاص ۽ عملي خصوصيت عمدي ٿئي ٿي.“
شارٽر آڪسفورڊ ڊڪشنري وارو لکي ٿو ته؛ ”چند گڏيل لفظن جو ميڙ يا ملايل لفظ، جيڪي خاص اظھار جي لاءِ، اتحادي انداز ۾ جملو جوڙين ٿا، جن کي زبان جي عملي انداز ۾ ڪو درجو ۽ خاصيت حاصل ھجي، جيڪا ”عام جملي“ جي پھرين بيھڪ ۽ انداز کان بنھ نرالي ۽ جدا نظر اچي.“ ثابت ٿي ويو ته پھاڪي جي خاص زبان ۽ خاص معني ھوندي آھي. سڀ ڪنھن فقره ۽ سڀ ڪنھن الفاظ جي ميڙ کي پھاڪو نٿو ڪوٺي سگھجي. پھاڪا قديم زماني کان دنيا جي جدا جدا قومن ۽ قبيلن، انھن جي مروج ٻولين ۾ وقت بوقت پنھنجو مثالي ڪم ڪندا رھيا آھن. پھاڪا انھيءَ دور جي پيداوار آھن، جڏھن انسان دنيا جي جنجھٽ ۽ کاپاري کان الڳ رھي، ايڪي ۽ اتفاق جو مظاھرو ڪندي، ھڪ ٻئي جي ويجھو رھي، ڪچھريون قائم ڪندا ھئا. جن ۾ علمي ۽ ادبي رھاڻين سان گڏ، رٺل ۽ رنجل انسانن جا فيصلا ۽ نبيرا، پرچاءَ ۽ ٺھراءَ ٿيندا ھئا. اھڙين ڪچھرين ۽ محفلن، گڏجاڻين ۽ ميلاپن، روح رھاڻين ۽ روح رچندين ڳالھين جي ڪري اھڙا املھ گوھر وجود ۾ ايندا رھندا ھئا. پھاڪا واقعن ۽ تحقيقن، حڪايتن ۽ مشاھدن جا معتبر شاھد ۽ پورا پورا ترجمان ٿين ٿا. پھاڪي مان ماڻھن جي اصلي ۽ نسلي خاصيتن، دلي ۽ دماغي لياقتن، روحي ۽ طبعي لطافتن جو پتو پوي ٿو. پھاڪن ۾ فطري رجحان، ملڪي ماحول، معاشرتي خواھ سماجي ريتون ۽ رسمون، طور ۽ طريقا، تاريخي اھڃاڻ ۽ تذڪره ملن ٿا. پھاڪو نئون ھجي خواھ پراڻو، پنھنجي سچائيءَ جي سيني ۾ جرڪندڙ جواھر-پاره رکي ٿو. پھاڪن ۾ سياڻن ۽ سمجھدارن جا قول، عاقلن جا عظيم اشاره ۽ ڪنايه موجود آھن. پھاڪن ۾ آپ بيتي به آھي، ۽ جڳ بيتي ڀي. تلخ تجربا به آھن، ۽ لافاني جذبا ڀي. قصا ۽ ڪھاڻيون به آھن، ۽ ڏند ڪٿائون ڀي. بيان به آھي، ۽ چوڻيون ڀي. سياسي گفتا به آھن، ۽ مذھبي معاملا ڀي. جيستائين انسان ذات کي ڳالھائڻ ۽ سوچڻ جي قوة آھي، تيستائين ٻول ۽ ٻولي قائم رھندا. اھڙيون ادبي ۽ علمي تخليقون ۽ تحقيقاتون ٿينديون رھنديون. ادبي ضرب خانن مان اھڙا رائج الوقت سڪا نڪرندا ۽ ٻوليءَ جي بازار کي گرمائيندا رھندا. پھاڪي جي بناوٽ ۽ بيھڪ جو جائزو وٺبو ته پھاڪو ٽن لفظن يا انھن کان مٿي الفاظ پاڻ ۾ سموھي ٻوليءَ جي جھوليءَ ۾ جنم وٺي ٿو. ڪن پھاڪن ۾ الفاظ جي کھرائپ ۽ بي ترتيبي به ملي ٿي، ڪن ۾ الفاظ نرم ۽ لچڪدار به آھن. ڪي پھاڪا معنوي لحاظ کان عمده آھن، مگر منجھن مضمون ۾ ڊيگھ ڏسجي ٿي. ڪن ۾ رواني ۽ نثر مقفه جون جھلڪيون به ملن ٿيون.
شاھ صاحب، سچل سرمست ۽ سامي صاحب جي پھاڪن ۾ ڇند وديا جو جوھر جرڪي ٿو. جديد دور جي شعراءِ ڪرام، پھاڪن کي علم عروض جي آڌار تي جدا جدا وزنن ۾ به موزون ڪيو آھي. ڳوڙھي اڀياس مان ثابت ٿئي ٿو ته پھاڪا تاريخي آھن، ۽ واقعاتي ڀي. معاشرتي به آھن، ۽ سماجي ڀي. تفريحي به آھن، ۽ مذھبي ڀي.
آ ھيٺ، مٿئين موضوع تي، ڪجھ مثالي پھاڪا پيش ڪيان ٿو.
تاريخي پھاڪا
ميرن کي، گھران لڳي.
آيا مير، ڀڳا پير.
واقعاتي پھاڪا
اٺ، ڪڍن سسئي.
اٺ گوڙ مگوڙ، گابو چري ويو اٺ کي.
معاشرتي پھاڪا
لڀي لوڻڪ ئي نه، سڌون ڪري مريڙي جون.
ڌڪ ھڻ ڌيءُ کي، ته سکي نونھن.
سماجي پھاڪا
اھڙي ڪيائين، جھڙي ٻرڙي ڪئي ٻارن سان.
ڪاڏي منھن مريم جو، ڪاڏي ٽنڊو الھيار.
تفريحي پھاڪا
ڪانءَ جو لڙ ۾ ڀاڱو.
يا
ڪانءَ کي لڙ ۾ مزو.
اندر ڪارو ڪانءُ، ٻاھر ٻولي ھنج جي.
ظرافتي پھاڪا
پاڻ نه پالي، ڪتا ڌاري.
ڇا ڀت، ڇا بسم الله.
مذھبي پھاڪا
تن صفا، من صفا؛ قول محمد مصطفي.
من نه مسلمان ٿيو، ڪلمو پڙھيو ته ڇا ٿيو؟
موزون پھاڪا
ڪٽين کائڻ جا مجنون لک، ڏسون اظھر زماني ۾،
مگر ڳوليا ملن ٿا ڪي، سون مان رت ڏيڻ وارا.
---
مڇي ماري مھاڻي ۽ سٽي ۾ ورتي آ ساٽي،
ڌريون خوش ٿيون، مگر کڻندي گڏھ جي چيلھ چيڀاٽي.


(ماھوار پيغام، ڪراچي، جلد نمبر: ۱۵ شمارو نمبر (۱۲/۱۱) مئي-جون ۱۹۹۲ع  ذوالقعد- ذوالحج ۱۴۱۲ھ ص ۱۶ کان ص ۱۷ تائين، تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment