Saturday, October 27, 2018

منفي پرچار - امتياز احمد عرساڻي


منفي پرچار
امتياز احمد عرساڻي
پهاڪاتي ۽ محاوراتي ٻولي، زبان جو اصل چَسُ هوندي آهي. هڪ ئي لفظ ۽ جملي ۾ بيان ڪيل تشريح، ڪيترن ئي رخن کان پنهنجون معنائون ظاهر ڪندي آهي. صدين تي آڌاريل تجربا، آزمودا ۽ اثر لفظن کي پنهنجا اَرٿ ۽ منشا بخشيندا آهن ۽ چوڻيون، اظهاريندڙ جي مطلب کي طاقت ۽ قوت فراهم ڪنديون آهن. عزت افزائيءَ جو قول هجي يا ناڪاري نشاندهي، همت افزائيءَ جو محاورو هجي يا منفي پرچار، سموري ورجيس پنهنجي مطلب ۽ مراد ۾ گهڻ-پاسائين کان معنيٰ رکندي آهي. دورِ قديم، پنهنجي زماني جي ضرورتن آهر، اصطلاحي ٻوليءَ کي جنم ڏنو ۽ نئين جَــڳتُ وري پنهنجي رواج موجب، نيون معنائون ۽ مطلب گهڙيا! ماضِي ۽ حال وانگر، مستقبل ۾ به وقت سان گڏ جديد لاڙا متعارف ٿيندا رهندا ۽ انهن سان گڏ نڪور محاورا ۽ نيون چوڻيون به جڙنديون رهنديون. ڪجھ مثال ھيٺ پيش ڪجن ٿا.


·     گلو بٽ
ماضي قريب ۾ ئي سياسي ڪردار گلو بٽ جو محاوراتي ڊڪشنري ۾ اضافو ٿيو. گلو بٽ حڪومتي مشينري جو هڪ اهڙو ڪردار آهي، جيڪو حڪمراني جي مفادن پٽاندر سندن غير قانوني ۽ غنڊه گردي تي مبني ڪم، با آساني ۽ ديدادليري سان انجام ڏئي سگهي ٿو. هو حڪومتي سرپرستي ۾ مخالفن جو جيڪو وڻي نقصان ڪري سگهي ٿو، جنهن کي روڪڻ ٽوڪڻ وارو ڪير به نه آهي. گلو بٽ هاڻي ڪنهن جو نالو نه پر هڪ محاوراتي ڪردار آهي. دنيا ۾ ٿيندڙ هر منفي عمل، جيڪو حڪومتي سرپرستي ۾ ٿيندو، ان کي گلو بٽ جي محاوري سان منسوب ڪيو ويندو. تازو ئي هڪ ليک ۾ ان محاوري جي مناسبت سان هڪ جملو استعمال ڪيو ويو ته نيب جو ادارو گلو بٽ وارو ڪرادار ادا ڪري رهيو آهي.....!”
·     گهوسٽ ورڪر
گهوسٽ ورڪر جو محاورو به هاڻي اسان لاءِ ڪو نئون نه رهيو آهي! هونئن ته گهوسٽ جي لفظي معنيٰ جن آهي، يعني اها مخلوق جيڪا نظر نه اچي. انهن ٽيچرن/ استادن/ ملازمن کي گهوسٽ ٽيچر يا ”گھوسٽ ورڪر“ جي عنوان سان نوازيو ويو، جن جو وجود ته آهي پر اکين کان اوجهل آهن. اهي استاد/ ملازم، جيڪي پگهار ته کڻن ٿا پر ڪٿي به پنهنجون خدمتون ڏيندي نظر نه ٿا اچن. اهي استاد/ ملازم، مختلف صورتن ۾ ظاهر به آهن ته غائب به آهن. اهي استاد/ ملازم، ڪڏهن اسڪول/ آفيس جي مسٽر رول تي براجمان آهن ته ڪڏهن ٽي اي او جي پگهار جي سلپ ۾ ظهور پذير آهن. انهن کان خدمتون وٺڻ لاءِ کين ڳولڻ ۽ ظاهر ڪرڻ، پڻ ھڪڙو چئلينج بڻيل آھي.

(منفي پرچار ۽ استاد جو مقام؛ امتياز احمد عرساڻي، ڏيھاڙي ڪاوش تان کنيل)

No comments:

Post a Comment