Sunday, October 7, 2018

سنڌي جاتيءَ کي سنڌي پھاڪن جي سوغات -چيتنرام بولچند ٽھلراماڻي


سنڌي جاتيءَ کي سنڌي پھاڪن جي سوغات
گڏ ڪندڙ: چيتنرام بولچند ٽھلراماڻي

(ھيءُ ڪتاب، ۱۹۸۳ع ڌاري انڊيا ۾ ڇپيو. جيڪو ھت اڻ لڀ ھيو. ان جو ھڪڙو ڇاپي نسخو، ھن وقت قاسميه لائبرري ڪنڊيارو ۾ موجود آھي. سائين ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو السندي صاحب جن کان ان جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي راقم کي موصول ٿي آھي.

ليکڪ جو واسطو، ساھتيءَ جي شھر ڀريا سان پڻ ھيو جو سندس امڙ ۽ ناناڻا اتان جا ھيا. ان ڪري به ھن ڪتاب جي منظر عام تي آڻڻ جي اشد ضرورت ھئي جو اڳي ساھتيءَ سان وابسته پھاڪن ۽ چوڻين جو فقط، ڪيرت مھرچنداڻيءَ جو لکيل ھڪڙو ڪتاب، چونڊ سنڌي چوڻيون، ڇاپي صورت ۾ عام آڏو آيو آھي. مرحوم غلام قادر سومرو جو واسطو به ساھتيءَ جي شھر ٺاروشاھ سان ھيو، جنھن پڻ ساھتيءَ جا پھاڪا ۽ چوڻيون ڪٺيون ڪري ڪتاب ترتيب ڏنو ھيو، جيڪو شايد ڇپجي نه سگھيو جو راقم جي نظر تي نه چڙھيو آھي.
بھرحال، چيتنرام بولچند ٽھلراماڻي جو ترتيب ڏنل ڪتاب، سنڌي جاتيءَ کي سنڌي پھاڪن جي سوغات، قارئين جي استفادي لاءِ، اي-ورشن جي صورت ۾، الفابيٽ ترتيب سان، پيش ڪجي ٿو. - انجنيئر عبدالوھاب سھتو)




1.            اڀ کي ٿو اڳڙيون ڏئي.
2.           اٽو کاڌو ڪوئي، مار پيئي گابي تي.
3.            اٺ ٻڍو ته به ٻه ڪنواٽ لھي. (ننڍي عمر جا اٺ.)
4.           اٺ پنھنجي مٽ ۾ ترڪندو آھي.
5.            اٺ چري ارڙھن ته ٻڪري چري ٻٽيھ.
6.            اٺ سکڻو به رنڀي، ته لڏيل به رنڀي. (ماڻھو ھر حالت ۾ ڪرڪي).
7.            اٺ کي کڻي گھنڊڻي ٻڌي اٿن. (ٻڍي کي ننڍي ڪنوار وٺي ڏيڻ).
8.            اٺان مينھان دا ڪياھ ميلا، او کائن لاڻيون، او کائن ٻيلا.
9.            اٺين پيڙھي اٺ جي، ماڪوڙو ماسات. (تمام ڏورانھين مائٽي).
10.        اڄ جو ڪم سڀان تي نه رکجي.
11.        اڄ ڇوڏا به ٿاڳالھائين.
12.        اڇا ڪارا پاڻيھي پڌرا ٿيندا.
13.        اڇا ڪپڙا کيسا خالي، ماڻھن جي ليکي ملڪ جو والي.
14.        ادو به ڍائو، اما به ڍائي، جھڙي ويئي، موٽي گھر آئي.
15.        استاد جي مار، ٻار جي سنوار.
16.        آسري لڳا ٻه ڄڻا، عيد الائي ڪڏھن.
17.        اسي ڏوھ انڌي ۾، سؤ سٺ ڪاڻو، گھران ڏيئي ناڻو، ته به مارائجي منڊي کي.
18.        اکو ڦلو آرتي ڪرڻ. (پئسا اڏائڻ).
19.        اکين ٻوٽ آدمي آھي.
20.        اڪ ٻوڙن سان، ٻوڙا اڪن لڳائڻ. (جھيڙا ڪرائڻ)
21.        اڪن کان انب گھرڻ.
22.        اگھ کٽيو کائجي، وٽ کٽيو نه کائجي.
23.        اگھاڙي ڪني، ڪانون ھاب.
24.        اڳيئي ويٺي ھئي رٺي، ويتر آيس پيڪو ماڻھو.
25.        آلو نور، مٿي جو سور.
26.        اما رڌي، اديءَ رڌي، مون نه رڌي، ڪنھن نه رڌي.
27.        ان آھي ته ايمان آھي.
28.        ان پرائو ته پيٽ پرائو نه ڪجي.
29.        ان جو منھن جنڊ ڏانھن.
30.        انڌن به ملتان لڌو آھي. (ملتان، سنڌ جي اتر ۾ پنجاب جو شھر)
31.        انڌو گھري الله کان ھڪ اک، پر ھت ته ٻئي ٿيون ملن.
32.        انڌي گھوڙي ڪل ۾. (ڪل؛ خراب گاھ جو دٻن ۾ ٿيندو آھي.)
33.        انڌير نگري، چرٻٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا.
34.        انسان خطا جو گھر آھي.
35.        اڻ ھيريا نه ھير، متان ھرني، ڀڃ نه ھير ھرين جي متان وڙھني.
36.        آھِ غريبان قھر خدائي، دعا درويشان مھر الاھي.
37.        اھا ئي زبان کٽ تي وھاري، اھا ئي پٽ تي وھاري.
38.        اھڙي مار کائيندين جھڙي اٺ کائي پتڻ تي. (ٻيڙيءَ تي چاڙھي، ندي پار ڪرڻ وقت).
39.        اھو سون ئي گھوريو، جو ڪن ڇني.
40.        اھو ڪي ڪجي جو اوکيءَ ويل ڪم اچي.
41.        اھو ڪي ڪجي جو مينھن وسندي ڪم اچي.
42.        آھي جو آسرو آھي.
43.        اھي ئي لاٽون، اھي ئي چگھ. (ماڻھو نه سڌري، نه سڌري.)
44.        اوڌر ڏيئي وير وھاءِ.
45.        اول پيٽ پنجوءَ جو، ٻار ٻچا سڀ پوءِ.
46.        آيا مير، ڀڳا پير. (پير+ سنڌ جا ڪلھوڙا بادشاھ. مير+ جن ڪلھوڙن کان بادشاھي کسي، جن کان انگريزن بادشاھي ھٿ ڪئي.)
47.        آئي ته عيد، نه ته ڏٿ ڏھاڙي سومرا!
48.        آئي ته عيد، نه ته رمضان جو روزو.
49.        آئي ٽانڊي ڪاڻ، بورچياڻي ٿي ويٺي.
50.        بابا ڀلي، ڍڪي ڀلي. (ڪنھنجي اوگھڙ نه ڪجي).
51.        باري کڻندا بار، ناھين ڪم ڪچن جو.
52.        بخاري جي کٽي، آٿر ٻوري جي چٽي. (بخارو؛ رشيا جو مشرقي شھر)
53.        بک بڇڙو ٽول، دانھ ديوانا ڪري.
54.        بکئي کي ڏئي ڪو نه، سائي کي سھي ڪو نه.
55.        بن ڪمائيءَ نانڪا، مون کي ساڌن جھڙو ڪر.
56.        بندي جي من ۾ ھڪڙي، صاحب جي من ۾ ٻي.
57.        بڻي ته بڻي، نه ته دال ماني گھڻي.
58.        بيڪار کان بيگار ڀلي.
59.        بيوقوف کي بازار ۾ کڻجي نه ساڻ، اول ڪٽائي پاڻ، پوءِ حاج وٺائي ھمراھ جي.
60.        ٻار رڙھيو، گھر ڦريو.
61.        ٻار مڇ جو وار، جيڏانھن ورائيس تيڏانھن وري.
62.        ٻاھران چکي مکي، اندران بڙ بڙ دکي.
63.        ٻٻرن کان ٻير گھرڻ.
64.        ٻٽيھ منڊ منڊي ۾، اسيءَ ۾ ڪاڻو، جي ٺوڙھو ساماڻو ته مڙني کڻي ماٺ ڪئي.
65.        ٻڍو ۽ ٻار، ٻئي ھڪ آچار.
66.        ٻرو، ڪنجھڻ به نه ڏيندو ڇا؟
67.        ٻڪري کير ڏئي، ڦولھڙين گاڏڙ.
68.        ٻلي ست ڪوئا کائي حج چڙھي.
69.        ٻن جي وچ ۾ جيڪو پوي اھو مار کائي.
70.        ٻن زالن جو ور، تنھن جو مسڻ ۾ گھر.
71.        ٻه ڀائر ٽيون ليکو.
72.        ٻي ٻي ڪرڻ تنھنجو ڪم، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.
73.        ٻيڙيءَ چاڙھي ڦڙھو ڪڍڻ. (آسرو ڏيئي پاڻ ڇڏائي ڀڄڻ).
74.        ڀاڳ ڏئي ڀيڙو، ته ٿئي دال مان سيرو.
75.        ڀاڳ ڏئي دٻ، ته ٿئي دال مان رٻ.
76.        ڀائرن جو ھڪ ھٿ چوٽيءَ ۾ ٻيو ھٿ روٽيءَ ۾.
77.        ڀڄندڙن جي اڳ ۾، لڙندڙن جي پٺ ۾.
78.        ڀريءَ ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳورو. (بار گھڻي ھجڻ ڪري، ٻيڙيءَ کي بچائڻ لاءِ، واڻئي کي سرن درياھ ڪرڻ).
79.        ڀڳت ڪري پاتال ۾ پرگھٽ ھوءِ آسمان.
80.        ڀڳو ئي ڀير (جھونو ائٽ) ڀير (ھلاءِ)، جيسين رتو راس ٿئي.
81.        ڀلائي ڪر ڄٽ سان، ته ڦيري ھڻيئي پٽ سان.
82.        ڀلي بک ڀرم جي، شل نه وڃي شان.
83.        ڀلي ڀلي ڀاڻ آئي، سا به نه ڀلي.
84.        ڀلئي واڻئي ڳڙ کاڌو.
85.        ڀؤ ڏکڻا ڪرڻ (اجايو سجايو پيسو خرچڻ)
86.        پاڙو آھي، ابو اما.
87.        پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويا.
88.        پاڻ پني، گھوڙا ڳنھي.
89.        پاڻ کان وڌيڪ جيڪو ٻئي کي گھري، سو به ڏائڻ.
90.        پاڻُ ڪري پاسي پاڻَ کان، ڏس پرينءَ کي پاڻَ ۾.
91.        پاڻ نه پلي ڏوجاھ متيان ڏيوي.
92.        پاڻي ھيٺانھينءَ تي وھندو آھي.
93.        پٽ به ليکو، پيءُ به ليکو.
94.        پڇ ٻڌي مھري ڪيو اٿس (لاڏو اٺ پچ کليل. مھري= سواريءَ جي اٺ جو پڇ ٻڌل ھوندو آھي.
95.        پرائي جھار پرائي جھرڪي.
96.        پرائي ڏسي، پنھنجي جھڳي نه ڊاھجي.
97.        پر-متڙيو پوڙھيو.
98.        پرڻ چوي ڏونگھي کي، ھل ڙي ٽه-ٽونگا.
99.        پڙھڻ ترڻ تير ھڻڻ چوٿين سواري، ننڍي ھوندي نه سکئين، وڏي خواري.
100.     پڙھيو آھي پر ڪڙھيو ڪين آھي.
101.     پن ٻوڙي پاتال ۾، پٿر به تاري پاڻ.
102.     پنج پنجوءَ وارا کٽا ئي پيا اٿس.
103.     پنج ئي گيھ ۾ اٿس.
104.     پنھنجي پٺ ورائي ڪنھن ڪو نه ڏٺي آھي.
105.     پنھنجي پير تي پاڻيھي ڪھاڙو ھڻڻ.
106.     پنھنجي ڏاڙھي ٻئي جي ھٿ ۾ نه ڏجي.
107.     پنھنجي ڪئي جو نه ويڄ نه طبيب.
108.     پنھنجي گتيءَ پئه گڏھ کي پيري.
109.     پنھنجي گھوٽ ته نشا ھووئي.
110.     پنھنجيءَ ۾ ھٿ، پرائيءَ ۾ اک.
111.     پھريون ملھ، کٿوري.
112.     پيٽ اٿيئي ڪين ساڌ ٻيلي جو ٻيٽ.
113.     پير جي پٺ، ناني جي مٺ.
114.     پئسو اڄ شينھن جي پيٽ ۾ آھي.
115.     پئسو ڏنو، ٻرو ڇنو.
116.     پئسو رتا (پنھنجا ويجھا مائٽ) وڇوڙؤ آھي.
117.     پئسو ويو ڪجھ ويو، عزت ويئي سڀ ڪڇ ويو.
118.     پئسي پلو مھانگو، رپئي پلو سھانگو.
119.     پئنچن ۾ پرميشور آھي.
120.     ڦاٿو ته ڦٿڪڻ ڪھڙو.
121.     ڦريو واڻيو ڪاڳر سوري.
122.     ڦڪيون تڏھن فرق ڪن، جڏھن امر ٿئي انھيءَ جو.
123.     ڦونڊ ۾ ڀريو ٿو وتي.
124.     تپ دانگي ست ڏينھن، ترس مھمان ڏھ ڏينھن.
125.     تر جي گٿي سؤ چوٽون کائي.
126.     تڪڙ ڪم شيطان جو.
127.     تڪڙي ڪتي انڌا گلر ڄڻي. (گلر= ٻچا)
128.     تنھنجو سو منھنجو، منھنجي ھٿ نه لاءِ.
129.     تيليءَ مان ٿنڀ بنائڻ.
130.     ٿڌو گھڙو پاڻ کي ڇانوَ ۾ وھاري.
131.     ٿوري کٽئي، گھڻي برڪت.
132.     ٽانءِ ۾ ٿو ڇڄي. (وڏائيءَ ۾ ڀريل)
133.     ٽٽونءَ (رول گھوڙو) کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو.
134.     ٽڪريءَ کي ٿيا سور، ڄائي ھڪڙي ڪئي. (ڏيکاءُ وڏو، نتيجو ڪجھ به نه).
135.     ٽڪي ٿو ٽانڊو کڻائي. (وڏائي شاھوڪاريءَ جو ڏيکاءُ ڪرڻ).
136.     ٽھلراماڻين جي ٽيب وڏي، ڏين وٽي، وٺن ٿالھ، ته به چون؛ اسان جي وٽي وڏي.
137.     ٺڪر به ٺڪي ٺوڪي وٺبو آھي.
138.     ٺن ٺن گوپال لڳو پيو آھي. (ڪجھ به نه آھي).
139.     ٺونٺ لڳي ساھيڙي ڀڳي.
140.     جاڙي به جڳ سنئين.
141.     جان بچي تو لاکون پايا.
142.     جتي باھ لڳندي، اتيئي سيڪ ايندو.
143.     جتي پاڻي، تتي پاڻ.
144.     جتي پڄڻ نه آھي ڪم، اتي ڀڄڻ ڪم وريام جو.
145.     جتي لوڀي ھجن، اتي ٺوڳي بک نه مرن.
146.     جڏھن ٻورا ٿي سبيا، تڏھن گڏھن ٿي رنو.
147.      جڏھن عقل ٿي ورھايو، تڏھن اوھان جھليا پرڻ.
148.     جڏھين ڪڏھين سنڌڙي تو کي قنڌاران جوکو.
149.     جڙيءَ کي جس آھي.
150.     جڳ رسي ته ڀل رسي، سائين تون نه رسجان.
151.     جنڊ ۾ ٻڪي؛ گھوٽ-ماءُ ڍڪي.
152.     جنڊ کڻ ته جنڊ ڳؤرو، پڙ کڻ ته پڙ ڳؤرو.
153.     جنھن اڀرندي تاءُ نه ڪيو، سو لھندي ڇا ڪندو؟
154.     جنھن جو رب، تنھن جو سڀ. جسڪي لاٺي، اس ڪي ڀينس.
155.     جنھن وڻ جي ڏار تي ويھجي، ان کي نه ڪپجي.
156.     جني تو ئي تات، تن پڻ آھي تنھنجي.
157.     جو سک گھر دواري، سو سک بلخ نه بخاري.
158.     جو ھوڏ پنھنجي ھلندو سو سور وڏائي سھندو.
159.     جواريءَ جي جوءِ؛ کن ۾ کلي، منٽ ۾ ميڪي، جي مڙسس اچي کٽي، ڏند ويٺي ڇيڪي، جي مڙسس اچي ھارائي، پار ڪڍي پٽي پيڪي.
160.     جي اکرين ۾ منھن وجھندا، سي مھرين ڀر نه ڊڄندا.
161.     جي ڀانئين جوڳي ٿيان ته طمع ڇڏ تمام.
162.     جي ڀانئين جوڳي ٿيان ته طمع ڇڏ تمام.
163.     جي ٿو ڪڇان ته پٽجن ٿيون مڇان، جي ٿو ڪريان ماٺ ته پوان ٿو ڪاٺ.
164.     جيڏا اٺ، تيڏا لوڏا.
165.     جيڏي سوڙ، تيڏو سيءُ.
166.     جيسين ساھ سرير ۾ تيسين ڪر ڀلو.
167.     جيڪي ڪري گيھ، سو نه ڪري ماءُ پيءُ.
168.     جيءُ خوش، جھان خوش.
169.     جھڙ وديس، تھڙو ويس.
170.     جھڙا ڪانگ، تھڙا ٻچا.
171.     جھڙو ان، تھڙو من.
172.     جھڙو ٻج، تھڙو سلو.
173.     جھڙي ٻني تھڙو ٻج، ان جي سلي کان به ڊڄ.
174.     جھڙي ڇالي تھڙي پني، ھن لاھي ھن کي ڏني.
175.     جھڙي ڪرڻي، تھڙي ڀرڻي.
176.     ڄڀ لاھي کڻي ڪلھي تي رکي اٿس.
177.     ڄٽ (ھندن جو مسلمانڪو اکر)، ڦٽ، ٽٽ ٻڌا ڀلا آھن.
178.     ڄٽ پڙھيو، الله اڙيو.
179.     ڄٽن رکيا روزا ته ڏينھن به ٿيا وڏا.
180.     ڄٽئون (سنڌ ۾ مسلمانن لاءِ اکر) نه وسھون (اعتبار ڪرڻ)، وسھون ته مسھون (نقصان پائڻ)
181.     ڄڃ پرائي، احمق نچي.
182.     ڄمندي ئي ڄام ھو (ھوشيار).
183.     چار دنون ڪي چاندني ڦير انڌيري رات.
184.     چٽي چنيجن جي، وڃي پرڻ تي پيئي. (سنڌ جي ساھتيءَ جا ٻه ڳوٺ).
185.     چريا ڏيئي چار، واڇان وٺجي ھڪڙي.
186.     چرين ڪھڙا چت، مئن ڪھڙا معاملا.
187.     چريءَ کي ڄائو پٽ، چمي چٽي ماري وڌائينس.
188.     چريءَ کي چوڙو، ڪڏھن ڄنگھ ۾ ڪڏھن ٻانھن ۾.
189.     چرئي کي ڇيڙيو آ چئن گارين لاءِ.
190.     چڱائيءَ کي چار، ڳڻي ھڻجن موچڙا.
191.     چڱن مان چڱائي ٿيندي آھي.
192.     چمڙي وڃي پر دمڙي (اڌ پائيءَ کان به ننڍو سڪو) نه وڃي.
193.     چنڊو چنڊي کي سؤ ڪوھ تي ڳولھي لھندو آھي.
194.     چور جي ماءُ ڪنڊ ۾ روئي.
195.     ڇڏي ڏينس ته ڀل منھن ڀت سان لڳيس.
196.     ڇورا ڇتيءَ ذات جا، ڀون ڀون ڪن ڀڳت ۾.
197.     ڇورن اٺ مسيت تي چاڙھيو ھو.
198.     خالي گھڙو، وڄي گھڻو.
199.     خان جي گھوڙي وانگر وڃي ٿو ڳرندو. (خان پڇيو نوڪر کان؛ ابا گھوڙي کي گاھ ڏنئه؟ جواب مليس؛ ھا. ابا گھوڙي کي پاڻي ڏنو اٿيئي؟ ته به جواب مليس؛ ھا سائين. ھوڏانھن ملندس ڪجھ ڪو نه ۽ خان جو گھوڙو ويندو ڏٻرو ٿيندو.)
200.     خوشيءَ جھڙي خوراڪ ڪانھي، ڳڻتيءَ جھڙو مرض ڪونھي.
201.     خون ۽ کستوري، ڳجھا ڪين رھن. (کستوري= اوچي خوشبوءِ).
202.     دال آھي ٻچن پال.
203.     دان ڪجي ساڄي ھٿ سان جيئن کاٻي ھٿ کي به خبر نه پوي.)
204.     دعا، سڪا وڻ ساوا ڪري.
205.     دل کوٽي، عذر گھڻا.
206.     دنيا دو رنگي آھي.
207.     دنيا، جنھن کي چئجي ٿو، سا پاڻ مسافرخانو آھي.
208.     دنيا؛ ھڪ مسافرخانو آ.
209.     دوڌ ڪا دوڌ، پاني ڪا پاني. (سچ ظاھر ٿي بيھڻ)
210.     دير پيا درست ٿيا.
211.     ديس چوري، پرديس بکيا.
212.     ڊاڪٽر جو يار، سدا بيمار.
213.     ڍءُ جھليندي آ ھڪ مينھن، ٻيو ڀاڀڙو.
214.     ڏاچي لھي ڏھ ته توڏو لھي تيرھن. (ڏاچي= مادي اٺ جي. توڏو؛ اٺ جو ننڍي عمر وارو ٻار).
215.     ڏاڍو سو گابو. (زور واري ماڻھوءَ جي سرسي آھي).
216.     ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا. (جيڪي ڪري سو بحال).
217.     ڏاھو ڪانءُ ٻه-ٽنگو ڦاسي.
218.     ڏائڻ به ھڪ گھر ٽاريندي آھي.
219.     ڏٻري ڍور تي مڇر به گھڻا. (تڪليفون گھڻيون)
220.     ڏٺو سڀ وسار، اڻ ڏٺي کي ياد ڪر.
221.     ڏجي نه، ته ڏکوئجي به نه.
222.     ڏڌ-ڦُٽيءَ وارا آھن. (مڇيءَ مانيءَ وارا آھن).
223.     ڏڌو کير ٿڻن ۾ واپس نه ويندو آھي. (جيڪي به ڪجي سوچي سمجھي ڪجي.)
224.     ڏک سکن جي سونھن، گھوريا سک ڏکن ريءَ.
225.     ڏندين آڱريون اچي وڃڻ. (اچرج ۾ پئجي وڃڻ).
226.     ڏندين ڏاند آھي (مڙس ماڻھو آھي).
227.     ڏنو ٻنو آھي. (دان ڪرڻ مان پاڻ کي فائدو آھي).
228.     ڏي ڪڻو ته مليئي گھڻو.
229.     ڏيڏري به چوي ٿي؛ ھل مئا! راڻي ٿو ڳالھائين. (سڀ ڪو پاڻ کي سھڻو ٿو سمجھي. ڏيڏري به).
230.     ڏيراڻي توڙ جي ويرياڻي.
231.     ڏينھن جا تارا ڏيکاريندوسانءِ. (سخت سزا ڏيندوسانءِ)
232.     ڏيڻ ۽ ڏيھ ڇڏڻ، ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي.
233.     ڏيھ چوي ڏيرياڻي نه چوي. (گھر جي ماڻھن جو چوڻ نه وڻندو آھي).
234.     ڏئي ته ڇپر ڦاڙي ڏئي.
235.     ڏئي ڏاتار، چور ڦاٽي ڀانڊار ڪي.
236.     ڏئي مٿان، پر ڪنھن جي ھٿان.
237.     ڌڪ ھڻ ڌيءُ کي ته سکي ننھن.
238.     ڌوٻي ڌوئي مالڪ روئي.
239.     ڌوٻي ڪا ڪتا، نه گھر ڪا نه گھاٽ ڪا.
240.     ڌوڙ مان ڌن ٿي پيو اٿس.
241.     راجا جي گھر موتين جو ڪال؟
242.     راز ۾ آھي ته مکڻ ماکي، نه ته آھي تکي پاڪي.
243.     رت ڪٽورو ڏيئي (محنت ڪري) ٿو ڀت ڪٽورو وٺجي.
244.     رڍن (ٻوڙن، نه ٻڌندڙن) اڳيان رباب (ساز) وڄائيندي ورھيه ٿيا (ڪو به اثر ڪو نه).
245.     رکي سڪي ماني کائي، ٺنڊا پاني پي. (سنتوش ۾ رھ).
246.     رلينگا پنيگا ھوئينگا خراب، پڙھينگا لکينگا ھوئينگا نواب.
247.     رن به ويئي ته رلھي به کڻي ويئي. (گھر جو سامان).
248.     روزا ۽ نمازون، اي پڻ چڱو ڪم، پر اُو ڪو ٻيو فھم (راز)، جنھن سان پسجي پرينءَ کي.
249.     ري ڪوٺيا احمق، سڙڪ کڻي ڊوڙ. (بنا ڪوٺئي ڪنھن مجلس تي وڃڻ).
250.     زالون ڀولن کي به پياريون آھن.
251.     زبان ٻه-ڌاري ترار آھي.
252.     ساڌن ڪھڙا سواد، موئن ڪھڙا معاملا.
253.     ساڌو، ٻه ھٿ واڌو.
254.     سالا شينھن کي به پيارا آھن.
255.     سائي کي سھي ڪو نه بکئي کي ڏئي ڪو نه.
256.     سائي کي سون (خوشامندڙيا) سلامي.
257.     سڀ ڏينھن ڍڪيل، عيد ڏينھن اگھاڙو.
258.     سڀ ڳالھ ۾ ٻوڪ ڏيئي ويٺي آھي.
259.     سڀيئي رڍون ٻوٿ ڪاريون.
260.     سپ نه ماري، سپ جو سيئاندو ماري.
261.     ستنام جانڪا بل ھئه تانڪو ڏر ناھين.
262.     ستيون به فرق تڏھين ڪن جڏھين امر ٿئي ان جو.
263.     سج تريءَ ھيٺان ڪو نه لڪندو آھي.
264.     سج، ٻه پاڇا آھي.
265.     سڃ پيئي واڪا ڪري.
266.     سڃو سائينءَ کان ڏاڍو.
267.     سڃي کان سائو ڀلو، سائي مان سؤ سک.
268.     سڄن پيٽان وڍيا، وڍين پيٽان سڄا ڄمن.
269.     سڄڻ ڏئي سڄي ٻانھن ته سڄي لنگھائي رکجي.
270.     سچ ته بيٺو نچ.
271.     سچ جي ٻيڙي لڏي لڏي، پر ڪين ڪڏھن سا ٻڏي.
272.     سچ مرچان، ڪوڙ ڳڙ، پير پئسو، زال گر.
273.     سدائين سھندن مار آھي.
274.     سدورا پٽ پينگھي ۾ پڌرا.
275.     سکڻي دعا، پٽ برابر.
276.     سکڻي ڪني، گھڻو اڀامي.
277.     سڪن گڏ آلا به سڙي وڃن.
278.     سنگ تاري، ڪسنگ ٻوري.
279.     سھڻا ٽوھ (گدرن وانگر پر زھر جھڙا ڪؤڙا) پٽن تي پيا آھن.
280.     سؤ ڏيئي پاڙو وٺجي، سؤ ڏيئي پاڙو ڇڏجي.
281.     سؤ ڪري سينگار ته به کودڙيءَ (گڏھ) پٽ کودڙو.
282.     سوٽي ھجي ساڻ گڏھ گوھي نه ڪري.
283.     سوريءَ مان ڪنڊو ٿيو آھي.
284.     سوڙ آھر پير ڊگھيرڻ.
285.     سونارو ماءُ جي نٿ مان به ڪو نه ٽري.
286.     سوناري جا سؤ ڌڪ، لوھار جو ھڪ ئي بس آ.
287.     سونھن سڪي، سنت کائي، سنت جھڙو ڪو ئي ناھي.
288.     سيرو کاڌو، پاتل ڦاٽي.
289.     سيوھاڻي چريا ڀتر ڍوئن گھر ڏي.
290.     شاباس لاءِ پيئي مٿو ڪوڙائي (ساھيڙين کي کارائي پياري)
291.     شادي ڪري ڏس، جاءِ جوڙائي ڏس.
292.     شال مٽرن مت اچيس.
293.     شاھوڪار جو سالو سڏائڻ ۾ به فخر، غريب جو ڀيڻيويو ڪوٺائڻ ۾ به شرم ٿو اچين.
294.     شخيءَ کان شوم ڀلا جو ترت ڏئي جواب.
295.     شينھن ڪلھي چڙھي آھي.
296.     صبر جنين جو سير، تير نه گسي تن جو.
297.     صدقي (قرباني) جي ٻڪري آھي.
298.     ظلم قائم آھي پر ظالم قائم نه آھي.
299.     عشق ناھي راند جو کيلنس ڳڀرو.
300.     عقل ريءَ عذاب، گھڻا پسندينءَ جندڙي.
301.     غريبي گلزار، موچاري مينگھو چوي.
302.     قرض آھي مرض.
303.     کاڌي کوھ به کٽي ويندا آھن.
304.     کٽ تان لھي اچي پٽ تي پيو آھي.
305.     کڻ کلو (جُوتو) ته ٿيئي ڀلو.
306.     کوٽو ڏوڪڙ انڌو ڇوڪر ھڻ ٽڪاڻي جي حوالي.
307.     کوھ جي ڏيڏر جيان ڇوٽي دنيا ۾ آھي.
308.     کوھ جي مٽي کوھ جي حوالي.
309.     کوھن جا وات بند ڪري سگھبا آھن پر ماڻھن جا وات بند ڪري نه سگھبا آھن.
310.     کيتي سر سيتي.
311.     ڪاٽجي نه، پر نانگ واري ڦوڪ نه ڇڏجي.
312.     ڪارو وھي ڪٻري وٽ، رنگ نه مٽائي ته عادت ضرور مٽائي.
313.     ڪاري واري ٿي وسائي (تمام گھڻو پٽڻ).
314.     ڪامورو، مئو به نه اورانگھجي. (ان کان ڊڄي ھلجي).
315.     ڪانوَ کي آنورا ھجن ھا ته اڏامندي ڏسجن ھا.
316.     ڪانوَ کي لڙ ۾ مزو.
317.     ڪانوَ وانگر پيو ٽان ٽان ڪري (بڪ بڪيو).
318.     ڪاوڙ ٻه-منھين ترار آ.
319.     ڪپاتر پٽ کان سپاتر ڌيءَ ڀلي.
320.     ڪتو به ڪڙم ۾ سونھندو آ.
321.     ڪٿي چور سڃا ته ڪٿي ڍور سڃا.
322.     ڪٿي ھڪ، ڪٿي ٻه، ھتي ته کبڙ ئي (پيرن جو وڻ) کرجي پيو آھي (يعني گھر جا سڀ ٻار).
323.     ڪڇي جو ڦاڙي، سو نه کاڄاري.
324.     ڪر ڀلائي ڄٽ سان ته فيري ھڻيئي پٽ سان.
325.     ڪرامت؛ قھر جو گھر آ.
326.     ڪرسيءَ کي سلام آ.
327.     ڪس کائبي ته رس رھندي. (پريم رھندو).
328.     ڪسيري (اڌ پئسو) جي ڪتي، ٽڪي جا کائي ٽڪر. (ٽڪو= ٻه پئسا)
329.     ڪک به نه نندجي، ڪک وڏي وٿ، اڏي پويئي جي اک ۾، ته گھڻو ڏيئي ڏک!؟
330.     ڪک ڀڃي ٻه به ڪو نه ڪري. (تمام سست).
331.      ڪک جو چور سو لک جو چور.
332.     ڪُکِ ئي کرجي پيم. (اولاد ڪنن لڇڻن وارو).
333.     ڪم لٿو، ڊکڻ وسريو.
334.     ڪم نه ھجي ته وڃ رائي (ننڍي راجا جي) گھر.
335.     ڪمائي نه ڪوڏي، خرچڻ لاءِ کڙي آ.
336.     ڪن جو روئڻ به راحت، ڪن جو کلڻ به خواري.
337.     ڪن سان ڪن ڪو نه مئبو.
338.     ڪنڀر جي گھر ۾ ٻٽا (ڪنن ڀڳل) ڪُنان.
339.     ڪنھن پٽي پاراتو ڏنو اٿس.
340.     ڪنھن سان به پير ڀرجي، اجايو ڪو نه ويندو.
341.     ڪنو ديڳڙي کي لڳي ته به ڪنو مٺو، ديڳڙو ڪني کي لڳي ته به ڪنو مٺو. (ضعيف پارٽي ٻنھي پاسي مٺي)
342.     ڪنو گدرو پترن (شراڌ، ڌرمائو)حوالي.
343.     ڪني آڱر وڍي ڀلي آ.
344.     ڪني سارو (ديڳڙي ۾ رڌل) پاٽ ۾ پوندو.
345.     ڪو ڌڪ رحماني (پيار جو)، ڪو ڌڪ شيطاني.
346.     ڪوڙ ته ڪھڙو صرفو؟
347.     ڪوڙي جي پاڙ ٺڪريءَ تي.
348.     ڪوڙي جي ڊوڙ، کڏ تاءِ.
349.     ڪي مون نه وڻن، ڪن مان نه وڻان.
350.     گپ ۾ گھڙبو ته ڦينگن ڀر ڪو نه ڊڄبو.
351.     گدڙ ڊاک نه پڄي آکي ٿو کٽا.
352.     گند سان گند ڪو نه مئبو آ.
353.     گھپي ٺڪرن جو پاڻي به سڪائي ڇڏيندي آھي.
354.     گھر ٻاري ڏياري ڪو نه ڪبي آ.
355.     گھر جو پير، چلھ جو مارنگ.
356.     گھر جي ڪل ڪل، ساوا وڻ به سڪا ڪري.
357.     گھڙيءَ جي سک لاءِ به ماڻھن مکڻ جي ماڙي جوڙائي آ.
358.     گھڻين زالين گھر نه ھلي، گھڻين مڙسين ھر نه ھلي.
359.     گھوٽ ڪنوار راضي، ته ڪيا ڪرينگا قاضي.
360.     ڳڙ ڄاڻي ڳڙ جي ڳوٿري ڄاڻي.
361.     ڳڙ ڳڙڌاڻيون، پٽنس نياڻيون.
362.     ڳڻ-چور نه ٿجي.
363.     ڳوھ کي کٽي کڻي ته ڳولھي شڪارين جا گھر.
364.     لالچ بري بلا آ.
365.     لڳو واءُ، ويو ساھ.
366.     لھڻي وارو موٽي وڃي، ساعت وارو کائي وڃي.
367.     لھڻي-خور جو کائجي، مھڻي-خور جو نه کائجي.
368.     ليٽي پيٽي پنھنجي ذات ڏيکاريائين.
369.     مارڻ واري کان بچائڻ وارو ويجھو آھي.
370.     مال پراڻو ڊرا (زور) شاھي.
371.     مالڪ وتن ٻيڙيءَ چڙھندا شاھد پيا غوطا کانئين.
372.     مان نه مان، مئن تيرا مھمان.
373.     ماڻھو بکيو آ مان جو، نه نان جو.
374.     ماڻھو ڪڏھن ڀريءَ ۾ ته ڪڏھن ڀاڪر ۾.
375.     ماڻھو مڙيئي نه سھڻا، پکي مڙيئي نه ھنج، ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجھ اچي بوءِ بھار جي.
376.     ماءُ ڄڻيندي پٽڙا، ڀاڳ نه ڏيندي ونڊ.
377.     مٺ ڀيڙيائي ڀلي، کلي ٿئي واءُ.
378.     مٺڙا! گھر ته گھرانءِ.
379.     مٺي به ماٺ، مٺي به ماٺ.
380.     مرسان مرسان ڊڀ نه چرسان.
381.     مروان موت، ملوڪان شڪار.
382.     مڙد جي کٽي ته زال جي کپي سھيڙ.
383.     مڙد مري ايڪ بار، ڪانئر مري بار بار.
384.     مڙس ته ڦڏو، نه ته جڏو.
385.     مستن تي ناھ ميار يار، مستن جي آ دنيا ڌار.
386.     مکڻ مان وار ڪڍڻ.
387.     ملان چور، ٻانگو شاھد.
388.     منڊن جي ملڪ ۾ وڃجي ته ھڪ ٽنگ کڻي لڪائجي.
389.     منھن ڪؤنئري ڳٽا پٽائي.
390.     منھنجو ڇا وڃي، ڊول يا چمٽو.
391.     مھانگو روئي ايڪ بار، سستو روئي بار بار.
392.     مولا! مت جو موڙھو، ڳنڍ جو ڳوڙھو گراھڪ ملائج.
393.     مولى مينھن وساءِ ته ڪانئر ڇٽن ڪم کان.
394.     مون ڪو ڄڻيو ھو، اڀ مان جھٽيو ھو.
395.     مينھن چوي ٿي گانءِ کي ھل ڙي پڇ ڪاري.
396.     نادان دوست کان داناءُ دشمن ڀلو.
397.     نام بڙا، درشن ڇوٽي.
398.     نام بڙا، ديھ بيران. (زمين وئران).
399.     نام جي گھر ۾ آءُ ته نام مليئي.
400.     نانگن جي ٻرن ۾ ھٿ ڪو نه وجھبا آھن.
401.     نانوَ چڙھيو واپاري کٽي کائي، نانوَ چڙھيو چور ڦاھي چڙھي.
402.     ناني رڌڻ واري، ڏوھٽا کائڻ وارا.
403.     ناڻو نانگي جو، ھٿ جي شاباس.
404.     نڌڻڪا گھوڙا، غئباڻا ھسوار.
405.     نڪ کي مر ڪير لائيندو.
406.     ننڍي مري نه ماءُ، وڏي مري نه جوءِ.
407.     ننھن سان ڇڄي ته ڪاتي نه وجھجي.
408.     نه ڪنھنجي کٿي کي ھٿ لائجي، نه پنھنجو پٽ ڦاڙائجي.
409.     نوڙيءَ مان نانگ ڪرڻ.
410.     نيت بد، روٽي رد.
411.     نيت صاف، مراد حاصل.
412.     نيم طبيب خطري جان، نيم ملان خطري ايمان.
413.     نيم نان، صحت جان.
414.     نينگر به ننڍي جمعا به گھڻا.
415.     نئين ڪنوار نو ڏينھن، لٿي پٿي ڏھ ڏينھن.
416.     ھٿ ۾ ڇري ڪڇ ۾ قران.
417.     ھٿ جي ڪنگڻ کي آرسيءَ جي ڪھڙي ضرورت.
418.     ھٿ لائينس ته ھٿ ڪارو، پير لائينس ته پير ڪارو.
419.     ھٽ کٽائي ٿيو حلوو کائڻو.
420.     ھٺ نه ڪجي ھيترو، ھٺ وڃايا وير.
421.     ھر ڪو ھلندو پوءِ ڪو اڳي ڪو پوءِ.
422.     ھڙ به گاشو، لوڪ تماشو.
423.     ھڙ حرام، بجڪو حلال.
424.     ھڙون ڏيئي ھڻاءِ (ڪارج ڪر) ته مالڪ ڏيئي مجرا.
425.     ھڪ اڻ ھوند، ٻيو افعال بڇڙا.
426.     ھڪ پٽي، سؤ لٽي. (ھڪ لٽي، سؤ پٽي).
427.     ھل چريا، مست ٿا اچني.
428.     ھمٿي مڙدان، مددي خدا.
429.     ھن گھر جا ڀاتي جوئارو اٽو آھن. (ٻڌيءَ ۾ نه آھن).
430.     ھندو آھي ھوند سان.
431.     ھنر واري جو ھنر، بي ھنرئي جي جند.
432.     ھنگڻ ٿورو ڦڙ ڦڙ گھڻي (ڪم ٿورو پر ڳالھائڻ گھڻو)
433.     ھو مَ-ڏيئو، ھي مَ-ڇڏو.
434.     ھوائي قلعا پيو بڻائين.
435.     ھوند مان نه ڪري ان کي به لعنت، جيڪو اڻ ھوند مان به ڪري ان کي به لک لعنت.
436.     ھي به جو ڪو ٻوٽو ٻاري. (جي پيرن ڀر بيھي).
437.     ھي ڪنھن جي وڍيءَ تي به مٽڻ وارو ڪو نه آھي. (ڪنھن جي ڪم نه اچڻ وارو).
438.     ھي منھنجو لنگوٽيو يار آھي.
439.     ھي ھر ديگي چمچو آھي. (سڀ سان پورو).
440.     ھيءَ دنيا جنھن کي چئجي ٿو سا پاڻ مسافرخانو آ.
441.     ھئي اڳيئي نچڻي ويتر پاتائين گھنگھرو.
442.     وار ته ڦڻي، نه ته ڪوڙاءِ کڻي.
443.     واندامل چي پالھومل ٿو سڏيئي.
444.     واڻيو سؤ سھي، سوائي نه سھي.
445.     وٺ ڪجي ھيٺئين کي، ڪري اچي مٿيون.
446.     ونڊ کاءِ، سک پاءِ.
447.     وھندڙ پاڻي تاري، بيٺل پاڻي ٻوڙي.
448.     وھندڙ ڍڳي کي مارڻ.
449.     ويٺو اجائي خاڪ ڇاڻي.
450.     ويئي آھي ٺونگڙو ھڻائڻ. (جؤن ڪڍائڻ).
451.     ويئي سڱن کي، ڪن به ڪپائي آئي.
452.     يار، ڪلجڳ ناھي، ڪرجڳ آھي، اتيئي ڪر، اتيئي لوڙ.
453.     ياران موت، عيد برابر.




No comments:

Post a Comment