Saturday, October 27, 2018

ٽِلُومَل جو هَٽ - مير اعظم علي ٽالپر


ٽِلُومَل جو هَٽ (ورجيس)
مير اعظم علي ٽالپر
وڏا ڳالهه ڪندا آهن ته؛ اسان جي شهر ۾ ورهاڱي تائين، هڪ شخص سيٺ ٽِلومل رهندو هو. ان جو هڪ هٽ (دڪان) به هو. سيٺ ٽلومل جي هٽ تي ظاهري ڪاروبار مٺائي جو هو. ان تي اڪثر سيرو ۽ پاپڙ، ننڍا وڏا شوق سان کائيندا هئا. سيٺ ٽلومل غريب غربي جي هر وقت مدد به ڪندو هو. ان کانسواءِ هر اوکي سوکي ويل، هر ڪنهن جي ڪم به ايندو هو. علائقي جا زميندار ۽ هاري ناري، سيٺ ٽلومل جي هٽ تان هر وقت، پنهنجي ٻني ٻاري ۽ فصل پوکڻ سان گڏ شادي مرادي ۽ بيماري بڙي جي دوا دارون لاءِ قرض پکو وٺندا هئا. ان کانسواءِ ڪجهه ناليوارا ماڻهو، سيٺ ٽلومل کان قرض وٺي جشن پاڻي به ڪندا هئا. ان ڪري پنهنجا پئسا تيل ڪرڻ وارا، هميشه سيٺ کان نئين ايندڙ فصل جي آسري تي نئون قرض وٺي، پنهنجو گاڏو هلائيندا هئا.


چون ٿا ته؛ سيٺ ٽلومل، انتهائي بلند اخلاق جو مالڪ هوندو هو ۽ سندس عقل ۽ دانائي به پنهنجو مٽ پاڻ هئي.
جڏهن سندس هٽ تي ڪو مير ايندو هو ته پري کان سيٺ ٽلومل اُٿي بيهي هٿ ادب جا ٻڌي وڏي آواز ۾ چوندو هو ته؛ ”حاڪم باڇائي (بادشاهي) جو خير!“ ڇو ته مير، ماضيءَ ۾ سنڌ جا حاڪم هئا. اها ٻي ڳالهه هئي ته سيٺ ٽلومل جي هٽ تي پهتل مير صاحب جي گهر ۾ ڪڪڙ سنئين ڳاٽ هلندڙ هوندو هو.
سيٺ ٽلومل جي هٽ تي سيد، شاهه يا ڪو پير چڙهندو هو ته ان کي ڏسي، سيٺ پري کان وڏي آواز ۾ چوندو هو ته؛ ”مرشد سائين دعا جي نظر!
وري ڪو عام ماڻهو يا سوالي، سندس هٽ تي ايندو هو ته ان کي به کينڪار ڪندو هو.
سندس هٽ تان ڪير به هٿين خالي نه ويندو هو. البته ڪير جيترو به کانئس قرض طلب ڪندو هو ته هو هن مان ڪجهه رپيا گهٽ ڪري، سائل کي قرض ڏيندو هو. (جيئن سرڪاري آفيس ۾ ننڍي ملازم جي لکيل موڪل مان هڪ ٻه ڏينهن موڪل ڪٽي منظور ڪئي ويندي آهي.) ايئن قرض منظور ڪندي، سيٺ ٽلومل چوندو هو ته؛ گذريل دفعي جا هيترا پئسا هئا. اڄ نوان، هينئر اوهان کي ڏجن ٿا. هاڻ مسڪين (سيٺ) ٽلومل جي اوهان کي پارت آهي، ڇو ته هن غريب، مسڪين جا ٻه پئسا به اوهان جي کاتي تي چڙهيل آهن. بس رڳو منافعي (وياج) جو خيال ڪندا!.“ ايئن هر ڪنهن قرضائي جو فٽافٽ منٽن ۾ ڪم لهي ويندو هو.
جڏهن ته زميندارن جو قسمت يا ڀاڳ، ساٿ نه ڏنو ۽ ڪيترن ئي هارين نارين ۽ زميندارن جون زمينون سيٺ ٽلومل وٽ ورتل قرض سبب، گروي ٿي ويون. ڇو ته سيٺ ٽلومل جي هٽ تي رڳو پهچڻ جي دير هوندي هئي. باقي قرض ملڻ آسان هوندو هو. پر ڪو به سيٺ جو قرض لاهي نه سگهيو ۽ سيٺ سڀني کي چڪتو ڪري ڇڏيو ۽ ان بعد سنڌ ۾، سيٺ ٽلومل ۽ ان جو هٽ، هڪ مثالي ڪردار بڻجي ويو.
مطلب: ۱. ٽوڪ طور تي چيو ويندو آھي؛ ”ڇا هي ڪو ٽلومل جو هٽ آهي.“
۲. ”ٽلومل جي اوطاق ڏٺي اٿئي ڇا؟ جو اچي کينس لاتي اٿئي؟؟“

(ٽِلُومَل جي هَٽَ کان آئي ايم ايف جي پيڍي تائين؛ مير اعظم علي ٽالپر، ڏيھاڙي ڪاوش ۾ ڇپيل ڪالم تان کنيل)


No comments:

Post a Comment