Friday, April 20, 2012

سُر ڪلياڻ ۾ آيل اصطلاح - نور افروز خواجه

سُر ڪلياڻ ۾ آيل اصطلاح
نور افروز خواجه

ٻولي انسانن جي وچ ۾ اظھار جو هڪ اهم وسيلو آهي، جنھن کي انسان پنھنجي مرضيءَ مطابق جوڙيو. ٻوليءَ ۾ آواز ته گهڻا ٿا ٿين، پر ان جي جوڙجڪ خاصي مونجهاري واري آهي. انھن آوازن جي مدد سان هڪ عام رواجي ذهن وارو ماڻهو به ڪيترا ئي لفظ ٺاهي ٿو[1]. ٻولي اها ئي شيءِ آهي، جيڪا انسانن کي انھيءَ لائق بنائي ٿي ته هو پاڻ جھڙن ٻين انسانن سان خيالن جي ڏي-وٺ ڪري سگهن. ٻين جي اڳيان پنھنجي نفس جا رايا کولي، خواهشن ۽ اميدن، خوفن ۽ خطرن جو اظھار ڪري سگھن. انھيءَ کان سواءِ، انسان خود پاڻ کي سڃاڻي نٿو سگهي ۽ انھيءَ وسيلي هو پنھنجي ماحول جو مشاهدو ڪري سگهي ٿو.
سڄي انسان ذات جي ٻولي، وهندڙ پاڻيءَ مثل آهي. وهندڙ پاڻيءَ ۾ ڪن ڪچري سان گڏ موتي، جواهر ۽ سپون وغيره وهندا رهندا آهن.
”سوين وهن سير ۾، ماڻڪ موتي لعل.“
پوءِ اهو غواصن جو ئي ڪم آهي، جيڪي ان بحرِ بي ڪنار ۾ غوطا هڻي سپون سوجهي ڪڍن. اهڙيءَ طرح اسان جي سنڌي ٻولي به موتين جي کاڻ آهي، جنھن مان ادب جا جوهري، ماڻڪن، موتين ۽ ڪڪرن، پٿرن کي نکيري انھن مان امل ماڻڪ جدا ڪري ڄاڻن.
شاهه جي رسالي جو مواد به اهڙن امل ماڻڪن جي کاڻ آهي، جنھن سڄي کي ڪلي طرح شمار ڪرڻ ته اسان جي پھچ کان پري آهي. پر هتي انھيءَ کاڻ جي فقط هڪڙي حصي ۾ جهاتي پائي ٿا ڏسون ته هتي ڪھڙا جرڪندڙ جواهر موجود آهن، جنھن لاءِ رڳو رسالي جي شروعات (سر ڪلياڻ) تي روشني وجهون ٿا. جنھن ۾ هونءَ ته ڪئين اسرار الاهي پوشيده آهن، پر هتي جن موتين جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اهي آهن هن سـُرَ جا اصطلاح.
جيئن ٻوليءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته عوامي پيداوار آهي، اها نه عالمن جي پيداوار آهي ۽ نه استادن جي. عالم ۽ استاد، ٻوليءَ کي شاهڪار بنائين ٿا ۽ ان کي سينگاري ٺاهي خوبصورت گل بڻائين ٿا. ٻوليءَ جون اهم ترين مکڙيون انھيءَ ٽاريءَ تي پيد اٿين ٿيون، جيڪا پنھنجو پاڻ اڀري ۽ وڌي آهي ۽ ان جون پاڙون زمين ۾ آهن. اها ڪنھن به هڪ جي محنت جو نتيجو نه آهي. اها ئي زمين آهي جنھن مان ٻولي پنھنجي تازگي ۽ غذا وٺندي آهي.
ٻوليءَ جا اصطلاح به ڪنھن ماڻھوءَ ڪو هاسيڪار يا ارادو ڪري ڪو نه ويهي جوڙيا آهن ۽ نه ته ڪنھن اهڙيءَ فيڪٽريءَ يا ضربخاني منجهان ڇاپجي نڪتا آهن. جھڙيءَ طرح هيرو ڪوئلن جي کاڻ جي تر ۾ سرجندو آهي ۽ اتي هزارين ڊگرين کان به وڌيڪ گرمائش ۽ لکين مڻن کان وڌيڪ وزن هيٺ دٻجي ۽ ڪروڙين سال انھيءَ بٺيءَ ۾ پچڻ بعد هيرو بڻجي نڪرندو آهي ۽ انھيءَ ڪوئلي جا خام جز سڙي ڳري، ڇنڊجي ڇڻجي وڃڻ کان پوءِ فقط ان جو بنيادي ۽ مرڪزي روح، هيري جي شڪل ۾ وڃي رهندو آهي.
اهڙيءَ طرح اسان جا اصطلاح به ڪيترين ئي پيڙهين جي استعمال هيٺ اچي ۽ لکين ماڻھن جي زبان تي تراشجي زبان زد عام ۽ ضرب المثل بڻجي وڃن ٿا. انھيءَ کان اڳ جو اسين هن هيٺ سر ڪلياڻ جا ڪي اصطلاحات ويهي ڳڻايون، عالمي سطح تي مڃيل هڪ وصف هوبهو انگريزي ۾ پيش ڪجي ٿي:
A form of expression peculiar to one people or language, an expression, whose understood meaning is not expressed by the exact meanings of the individual words, as to get along with the language peculiar to a people, a variety or form of a language. A Dialect the individual terminology or manner of expression or the like.[2]
هاڻي شاهه جي رسالي جي سر ڪلياڻ مان چونڊ اصطلاح پيش ڪجن ٿا.

۱ - اول الله عليم، اعلى عالم جو ڌڻي،
قادر پنھنجي قدرت سين، قائم آهه قديم،
والي، واحد، وحدهٗ، رازق، رب رحيم،
سو ساراهه سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم،
ڪري پاڻ ڪريم جوڙون جوڙ[3] جھان جي.

۲ - جوڙي جوڙ جھان جي، جڏهن جوڙيائين،
خاوند خاص خلقي، محمد مُڪائين،
ڪلمو تھ ڪريم تي، چٽو چايائين،
انا مولاک و انت محبوبي، اِي اُتائين،
ڏکي ڏنائين[4]، ٻئي سرائون سيد جي.

۳ - وحده لا شريڪ لہٗ، جڏهن چيو جن،
تن مڃيو محمد ڪارڻي، هيجان ساڻ هنين،
تڏهن منجهان تن، اوتڙ ڪو نه اوليو[5].

۴ - وحده لاشريڪ لہٗ، ٻڌءِ نه ٻوڙا،
ڪه ته ڪنين نه سئا، جي گهٽ اندر گهوڙا،
ڳاڙيندي ڳوڙها[6]، جت شاهد ٿيندءِ سامهان.

۵ - وحده لا شريڪ لہٗ، ايءُ وهائج ويءُ[7]،
کٽين جي هارائين: هنڌ تنھنجو هيءُ،
پاڻان چوندءِ پيءُ ڀري جام جنت جو.

۶ - وحده لا شريڪ لہٗ، ايءُ هيڪڙائي حق،
ٻيائيءَ کي ٻک[8]، جن وڌو سي ورسيا.

۷ - وحده جي وڍيا، الا الله اڌ ڪئا،
محمد رسول چئي، مسلمان ٿيا،
عاشق عبداللطيف چئي، انهين پهه پيا[9]،
تيلان ڌڻيءَ ڌئا، جيلان ويا وحدت گڏجي.

۸ - وحده جي وڍيا، الاالله  سين اورين،
هينئون حقيقت گڏيو، طريقت تورين،
معرفت جي ماٺ سين، ڏيساندر ڏورين،
سک نه ستا[10] ڪڏهن، ويهي نه ووڙين،
ڪلهنئون ڪورين، عاشق عبداللطيف چئي.

۹ - پاڻئي پسي پاڻ کي[11]، پاڻئي محبوب،
پاڻئي خلقي خوب، پاڻئي طالب تن جو.

۱۰ - پڙاڏو سو سڏ، ور وائيءَ جو جي لھين[12]،
هئا اڳهين گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.

۱۱ - ڪوڙين ڪايائون تنھنون، لکن لک هزار،
جيءُ سڀڪنھن جيءَ سين، درسن ڌار و ڌار،
پريتم تنھنجا پار، ڪھڙا چئي[13] ڪيئن چوان.

۱۲ - انڌا اونڌا ويڄ، کل ڪڄا لئي کانئيين،
اسان ڏکي ڏيل ۾، تون پياريين پيڄ،
سوري جنين سيج، مرڻ تن مشاهدو[14].

۱۳ - سوري آه سينگار، اڳهين عاشقن جو،
مڙڻ، موٽڻ مهڻون، ٿيا نظاري نروار[15]،
ڪسڻ جو قرار، اصل عاشقن جو.

۱۴ - سوريءَ چڙهڻ[16]، سيج پسڻ، ايءُ ڪم عاشقن،
پاهون ڪين پسن، سائو هان سامهان.

۱۵ - سوريءَ جي سؤ وار، ڏيهاڙئون چنگ چڙهيين[17]،
جم ورچي ڇڏيين؛ سڪڻ جي پچار،
پرت نه پسين پار، نينهن جئائين نڱيو.

۱۶ - جي تون سڪڻ سکيو، ته ڪاتيءَ پئي مَ ڪنجهه،
سپيريان جي سور جو، ماڙهن ڏجي نه منجهه[18]،
اندر ايءُ اهنج، سانڍج سکائون ڪري[19].

۱۷ - جان ويئين تان ويهه، نه ته وٺيو واٽ[20] وانءُ تون،
هيءُ تنين جو ڏيهه، ڪاتي جنين هٿ ۾.

۱۸ - ڪاتي جن ڳري، مان لنئون لڳي[21] تن سين،
محبت جي ميدان ۾، وڃان پير ڀري[22]،
اَڏيءَ سر ڌري، مان ڪهنهون سپرين.

۱۹ - اڳيان اڏين وٽ، پوين سر سنباهيا[23]،
ڪاٽ نه پوين قبول ۾، مڇڻ پايين گهٽ،
مٿا مهاين جا، پيا نه ڏسين پٽ،
ڪلاڙڪي هٽ، ڪسڻ جو ڪوپ وهي.

۲۰ - جي اٿئي سڌ سرڪ جي، ته ونءِ ڪلاڙڪي هٽ،
لاهي رک لطيف چئي، مٿو ماٽي وٽ،
سر ڏيئي ۾ سٽ[24]، پيج ڪي پياليون.

۲۱ - ناڻي ناهه ڪڪوه، ڪين ملهه مهانگو منڌ،
سنباهج سيد چئي، ڪاٽڻ ڪارڻ ڪنڌ[25]،
هيءُ تنين جو هنڌ، مٽن پاس مرن جي.

۲۲ - عاشق زهر پياڪ، وه پسو وهسن[26] گهڻو،
ڪڙ ي۽ قاتل جا، هميشه هيراڪ[27]،
لڳين لنئون لطيف چئي، فنا ڪيا فراق،
توڻي چڪن چاڪ، ته به آه نه سلن[28] عام کي.

۲۳ - مَ ڪر سڌ[29] شراب جي، جي تون ٽاريين ٽوهه،
پيتي جنهن پاسي ٿئي، منجهان رڳن روح،
ڪاٽي چک ڪڪوه، لاهي سر[30] لطيف چئي.

۲۴ - سر جدا، ڌڙ ڌار، دوڳ جنين جا ديڳ ۾،
سي مر ڪن پچار[31]، هڪيا جن جي هٿ ۾.

۲۵ - ساٿر صحت سپرين، آهي نه آزار،
مجلس وير مٺو ٿئي[32]، ڪوٺيندين قهار،
خنجر تنهن خوب هڻي، جنهن سين ٿئي يار،
صاحب رب ستار، سوجهي رڳون ساهه جون.

۲۶ - سو ئي راهه رد ڪري[33]، سو ئي رهنما،
و تعز من تشاءُ و تذل من تشاءُ.

۲۷ - پر ۾ پڇيائون[34]، عشق جي اسباب کي،
دارون هن درد جو، ڏيڍو ڏسيائون،
آخر و العصر جو، اينهين اتائون،
تهان پوءِ آئون، سڪان ٿي سلام کي.

۲۸ - پريان سندي پار جي، مڙئي مٺائي،
ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري[35].

۲۹ - ڪهن تان ڪر لهن[36]، ڪر لهن تان ڪهن،
سي ئي ماءِ مهن، سي ئي راحت روح جي.

۳۰ - ڪهن ۽ ڪوٺين، ايءَ سندي سڄڻين،
سوريءَ چاڙهيو سپرين، ڏنڀ ڏيهاڻي ڏين[37]،
ويٺا ورهه وٽين[38]، آءُ واڍوڙيا وهاءِ تون.

۳۱ - ٿيندو تن طبيب، دارون منھنجي درد جو،
ٻڪي ڏيندم[39] ٻاجهه جي، اچي شال عجيب،
ڏکندو سڀوئي ڏور ڪيو[40]، منجهئون تن طبيب.

مددي ڪتاب:

۱ - علامه آءِ.آءِ. قاضي، ”شاهه جو رسالو“.
۲ - غلام محمد شھواڻي، ”شاهه جو رسالو“.



[1]  . الھداد ٻوھيو: “سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج” سنڌالاجي ص ۳۹.
[2] (New websters: Dictionary of English language” Deluxe encyclopedic edition. 1986 page No.475.)
[3]  جوڙون جوڙڻ؛ جھان خلقڻ، جھان جون آسون اميدون پڄائڻ.
[4]  ڏکي ڏيڻ: سينگاري ڏيڻ.
[5]  اوتڙ اولڻ: گمراهه ٿيڻ، غلط رستو اختيار ڪرڻ.
[6]  ڳوڙها ڳاڙڻ: هٿ هڻڻ، پشيمان ٿيڻ. هنجون هارڻ.
[7]  ويءُ وهائڻ: عادت بنائڻ، دستورالعمل ڪرڻ، وڻج يا سودو ڪرڻ.
[8]  ٻيائيءَ کي ٻک وجهڻ: شرڪ کي ڇهي پوڻ.
[9]  پهه پوڻ: رستي تي هلڻ، طريقو اختيار ڪرڻ، انهيءَ فڪر ۾ فنا ٿيڻ.
[10]  سک سمهڻ: آرام حاصل ڪرڻ، بي فڪر سمهڻ.
[11]  پاڻ پسڻ، خود کي پسڻ.
[12]  وائيءَ جو ور لھڻ: ڳالهه جو بنياد يا منجهه معلوم ڪرڻ.
[13]  پار چوڻ: صفتون يا صورتون بيان ڪرڻ.
[14]  مشاهدو: ديدار پسڻ.
[15]  نظاري نروار ٿيڻ: پڌري پٽ اچڻ، ظاهر ٿيڻ.
[16]  سوريءَ چڙهڻ: ڦاهيءَ تي چڙهڻ، فنا ٿيڻ.
[17]  چنگ چڙهڻ: سوريءَ تي چڙهڻ، نيزن تي چڙهڻ: پڌرو ٿيڻ، مشھور ٿيڻ.
[18]  منجهه ڏيڻ: راز ظاهر ڪرڻ، انت ڏيڻ.
[19]  سکائون ڪرڻ: باسون باسڻ.
[20]  واٽ وٺڻ: رستو اختيار ڪرڻ، روانو ٿيڻ، هليو وڃڻ.
[21]  لنئون لڳڻ: عشق ٿيڻ.
[22]  پير ڀري وڃڻ: پنڌ ڪري وڃڻ، پاڻ لنگهي وڃڻ.
[23]  سر سنباهڻ: ظاهر ٿي اچڻ، قربانيءَ لاءِ تياري ڪرڻ.
[24]  سر سٽ ۾ ڏيڻ: سر عيوض ۾ ڏيڻ- بدلي ۾ ڏيڻ.
[25]  ڪنڌ ڪاٽڻ: قربان ڪرڻ، سر وڍڻ.
[26]  وه پسي وهسڻ: زهر ڏسي خوش ٿيڻ.
[27]  هيراڪ هئڻ: عادتي هجڻ.
[28]  آه سلڻ: راز ظاهر ڪرڻ، درد جو احوال ٻڌائڻ.
[29]  سڌ ڪرڻ: خواهش ڪرڻ.
[30]  سر لاهڻ: سر وڍي ڏيڻ.
[31]  پچار ڪرڻ: ذڪر ڪرڻ، خيال ڏيکارڻ.
[32]  مٺو ٿيڻ: مٺي رهاڻ ڪرڻ، مٺي گفتگو ڪرڻ.
[33]  راهه رد ڪرڻ: عضب نازل ڪرڻ، گمراهه ڪرڻ.
[34]  پر ۾ پڇڻ: ڪن ۾ پڇڻ، ڪنڊ ۾ پڇڻ، ڳجهو پڇڻ.
[35]  چيت ڪري: هوش رکڻ، ڌيان ڌارڻ، شوق لڳائڻ.
[36]  ڪر لهڻ:  ياد ڪرڻ، خبر چار وٺڻ.
[37]  ڏنڀ ڏيڻ: تڪليف يا عذاب ڏيڻ، برباد ڪرڻ.
[38]  ورهه وٽڻ: وڇوڙو ورهائڻ.
[39]  ٻڪي ڏيڻ: ستي ڏيڻ، دوا ڏيڻ.
[40]  ڏور ڪرڻ: ختم ڪرڻ ۽ درد دفع ڪرڻ.

No comments:

Post a Comment