Saturday, April 21, 2012

عزيز جو ڪتاب ”سنڌي اِصطلاح“


عزيز جو ڪتاب ”سنڌي اِصطلاح“
ليکراج ڪشنچند ميرچنداڻي (جنم: 19 ڊسمبر 1897- ديھانت: 19 آگسٽ 1971) پنھنجي تخلص ”عزيز“ سان سنڌي ساهت جڳت ۾ وڌيڪ مشھور هئو. مان کيس سندس ادبي لکڻين ذريعي ته پنھنجي اسڪولي جيوَنَ کان وٺي سُڃاڻندو هوس، پر ساڻس پھرين مُلاقات تڏهن ٿي، جڏهن هُو ”صُراحي“ ڪتاب تي ساهتيه اَڪادميءَ جو عطا ڪيل انعام وٺڻ لاءِ دهليءَ آيو هئو. هرومل سدا رنگاڻيءَ جي گهر سندس ديدار ٿيو هئو. چٽيءَ طرح ياد اٿم ته کيس هڪدم سڃاڻي نه سگهيو هوس. تصويرُن ۾ ڏٺل ”عزيز“ ۽ روبرو نظر ايندڙ ”عزيز“ ۾ چڱو فرق هئو. وار سفيد، ڳٽن ۾ ڪي قدر گُهنج، پيشانيءَ تي لنبي عمر مان حاصل ڪيل اَنُڀؤُ جون ريکائون. اِن هوندي به سندس شخصيت رعب ۽ حشمت واري هئي. فُل سوٽ ۽ نيڪ-ٽاءِ پاتل قد-آور ۽ بَرجستو مُڙس هو. ڳالهين ڪندي چپن تي هلڪي مُرڪَ. گفتگوءَ ۾ فهميدو چرچو، گهٻو. سندس رنگين مزاج، هر ڪنهن کي مُتاثر ڪندڙ هئو. اوڀاريون لھوريون ڳالهيون ڪندي، سنڌي ٻوليءَ جو ذڪر نڪتو. شڪايت واري نوع ۾ چيائين ته؛ اڄ ڪلهه جي سنڌي اديبن کي پنھنجيءَ مادري زبان جو به پورو عِلمُ ڪونهي. سندن لکڻين ۾ ٻوليءَ ۽ مُحاورن جون بيشمار غلطيون آهن. نوجوان سنڌي شاعرن کي ته بحر-وزن، قافيي-رديف جي به پوري ڄاڻ نه آهي.


محاورن جو ذڪر نڪتو ته ٻڌايائينم؛ ”هن عمر ۾ سنڌي اصطلاحن جي لُغت مرتب ڪرڻ جو ڪمُ هٿ ۾ کنيو اَٿم. نھايت ئي اَٺ-ڪاٺيو ڪم آهي.“ پوءِ چيائينم ته؛ سنڌي اصطلاحن جا ڪي جهونا مجموعا هٿ ڪري ڏيڻ ۾ سندس مدد ڪريان، جيئن گهڻي ۾ گهڻا سنڌي اصطلاح نئين لغت ۾  شامل ڪري سگهجن. اِها هئي اسان جي پهرين ملاقات.
ياد اٿم ته ان کان پوءِ ٽي چار دفعا مُمبئيءَ ۾ عزيز سان گڏجڻ سندس گهر ويو هوس. سنڌ ۾ شايع ٿيل سنڌي اصطلاحن جا ڪتاب به کيس ڏنا هئم. انهيءَ لغت کي جلد به جلد مڪمل ڪرڻ جو کيس گهڻو اونو هئو. عزيز جي گھري دوست ۽ هم ڪلاسي، ٽھل ايڇ. آڏواڻيءَ، ”ڪونج“ جي طرفان شايع ڪيل نومبر-ڊسمبر ۱۹۶۷ع واري ”عزيز“ پرچي ۾ پنھنجي ليک ۾ لکيو آهي ته؛ هو کيس هميشه زور ڀريندو هئو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ هم- معنى لفظن جي ڪا به لُغت ڪانهي. انهيءَ رٿا کي عزيز ئي عملي جامو پھرائي سگهندو، ڇاڪاڻ ته هُو سنڌي ٻوليءَ جي کاڻ آهي. هُن جي راءِ ”عزيز ٻن ٽنگُن تي هلندڙ هِڪَ زباني لغت آهي. هُو اڳتي بيان ڪندي لکي ٿو ته جڏهن ائين آءٌ عزيز کي ڌئيندو رهيُس، تڏهن ڏاڍي نرمائيءَ سان چيائينم؛ ”ڏِسُ، ٽھلَ! آءٌ بيمار آهيان، لاچار آهيان، جو ڪمُ تون چئين ٿو، سو ڏاڍو ڀاري ڪم آهي. منھنجي هِنَ وقتَ جي صحت جي حالت ۾ اِهو مون کان نه ٿي سگهندو. باقي چئين ته سنڌي مُحاورن جو ڳٽڪو تو کي ٺاهي ڏيان. پر مون کي ماڻهو کپندو.“ چيومانس؛ ”چڱو، حال اهو ئي ڪم ڪري ۽ ڀلي ماڻهو رکُ. آءٌ پيسي ۾ امير نه آهيان. پر انهيءَ ڪم لاءِ ماڻهوءَ جو پگهار ئي کڻي ڀريندس.“
سنڌي اصطلاحن جي انهيءَ لغت جي تيار ڪرڻ جو اتھاس پيش ڪندي آڏواڻي وڌيڪ لکيو آهي: ”چار مھينا لڳائي، ويچاري اَٺ هزار کن محاورا گڏ ڪيا آهن. ڇپائڻ جو ذڪر پنھنجي دوست ۽ جاتيءَ جي سيوا ڪندڙ نامياري بئريسٽر هوتچند گوپالداس آڏواڻيءَ سان ڪيم. جنھن چيو ته مون کي ڏيکار ته سھين. ڏسي، ٺيڪ چيائين ته؛ هِن مان عزيز جي ڪھڙي خاص عزت ٿيندي، جيسين مثالن طور سِٽون نه ڏنل هُجن، جن مان سندن استعمال ظاهر ٿئي. مون يڪدم مڃيو ۽ عزيز سان گڏيُس. ويچارو روئڻھارڪو ٿي ويو، ڇو جو سندس صحت بلڪُل ڊٺل هئي. پر پاڻ به مڃيائين ۽ ڪم هٿ ۾ کنيو اَٿس.“ (ص.33)
عزيز پنهنجي دوست آڏواڻيءَ جي زور ڀرڻ تي سنڌي اصطلاحن جو معنى ۽ استعمال سان گڏ مجموعو لکي دستخط جي صورت ۾ تيار ڪيو. اُهو هُن آڏواڻيءَ کي ڏيکاريو ۽ ٻُڌايائينس ته جن ٻن ڪتابن جي مدد هُن ورتي آهي، اُنھن ۾ ٽي هزار کن محاورا ٿيندا ۽ سندس تيار ڪيل دستخط ۾ اُنھن کانسواءِ ٽي هزار کن ٻيا سنڌي محاورا داخل ڪيل آهن. اِن هوندي به اَڃا گهڻيئي سنڌي اصطلاح آهن، جيڪي گڏ ڪرڻ لاءِ سنڌ جو چڪر لڳائڻو پوندو، جيڪو هن وقت ناممڪن آهي.
عزيز زندگيءَ جي آخري مرحلي ۾، بيمار حالت ۾، بستري تي هوندي به سنڌي اصطلاحن جي ننڍڙي لغت تيار ڪري ورتي. جنھن لاءِ هوُ گهڻي داد جو حقدار آهي. پر گهڻو افسوس اِن ڳالهه جو آهي ته هُن جي اِها ڪيل محنت، سندس حياتيءَ ۾ شايع ٿي نه سگهي. آفرين آهي ڀيڻ پوپٽي هيراننداڻيءَ ۽ ڪن ٻين سنڌي اديبن کي، جن عزيز جي ديھانت کان پوءِ ”ليکراج ڪشنچند عزيز ايڊيوڪيشنل ائنڊ لِٽرري ٽرسٽ“ برپا ڪئي. هُنن اُن ٽرسٽ طرفان ”سنڌي اصطلاح“ نالي سان اِها لُغت ٻن ڀاڱن ۾ ڇپائي پڌري ڪئي. پھريون ڀاڱو جولاءِ ۱۹۷۶ع ۾ ۽ ٻيو ڀاڱو اُن کان اٽڪل يارهن سالن بعد مئي ۱۹۷۸ع ۾ شايع ٿيو. ڊيمي سائيز جي ۶۱۱ صفحن جي اِنھيءَ مجموعي ۾ اٽڪل ڇهه هزار سنڌي اصطلاح، معنى ۽ جُملن ۾ استعمال سان گڏ درج ڪيل آهين. بيشڪ اِهو نھايت ئي اَٺڪاٺيو ڪم آهي، جنھن کي مڪمل ڪرڻ جي ڪري عزيز کي سنڌي شاعر ۽ نثر نويس سان گڏ ”سنڌي لغت نويس“ جي صف ۾ به شمار ڪيو وڃي ٿو.
”سنڌي اصطلاح“ ڪتاب جي ادبي ڪَٿَ
عزيز سنڌي اصطلاحن جي لغت ڪيئن تيار ڪئي. اِن جي مختصر تاريخ کان اسين واقف ٿياسين. مون گهڻي ڪوشش ڪئي ته انھيءَ بابت سنڌي عالمن جي تنقيدي ويچارن کان به واقف ٿيان. پر ناڪامياب ٿيس. عزيز کي ”صُراحي“ ڪتاب تي ساهتيه اَڪادميءَ جو انعام حاصل ٿيو. اُن موقعي تي ”ڪونج“ ۽ ٻين ڪن سنڌي رسالن ۾ عزيز جي شخصيت ۽ ادبي يوگدان تي گهڻي ئي ليک شايع ٿيا هئا. ان کان پوءِ عزيز تي ٻه تنقيدي ڪتاب شايع ٿيا آهن. ۱ - عزيز: شخص ۽ عالم (۱۹۷۸)، پوپٽي هيراننداڻي (سنڌي ٽائيمس پبليڪيشن، اُلھاس نگر)، ۽ ۲ - ليکراج عزيز (۱۹۸۶). اي. جي. اُتم (ساهت اڪادمي، نئي دهلي).
پوپٽيءَ، پنھنجي ڪتاب جي صفحي 53 تي ”آنڊا“ لفظ تي عزيز جي لغت مان سَتاويهه محاورا مثال طور ڏيئي، سندس علم کي ساراهيو آهي. حيققت ۾ ڏسجي ته سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ جي ڇپايل جامع لغات سنڌي (۱۹۶۰- پهريون ڀاڱو) ۾ ”آنڊا“ لفظ تي عزيز جي لغت کان به وڌيڪ محاورا ڏنل آهن.
اُتمَ، عزيز تي لکيل مونوگراف ۾ پڻ اِن ڪتاب تي پئراگراف تعريف جو لکيو آهي. هن لکيو آهي: ”.... هو (عزيز) وڏو سُخندان ۽ زبان-دان آهي، جھڙس ڪو ٻيو سنڌيءَ ۾ مشڪل پيدا ٿيو آهي. اِهو ئي سبب آهي جو هُن زندگيءَ جي شام ۾، بيماري ڪاٽيندي به، ڇھن هزارن کان مٿي سنڌي اصطلاحن ۽ محاورن جو دستخط تيار ڪري ورتو. اُن جو هڪ ڀاڱو ”سنڌي اصطلاح“ سندس ديھانت بعد ۱۹۷۶ع ۾ ڇپيو. اُن ۾ اَڍائي هزار کن اصطلاح ۽ محاورا معنى ۽ استعمال سميت ڏنل آهن. اِهو عزيز جو آخرين يَگانو ڪارنامو هو، ڇو جو هن کان اڳي وڌ ۾ وڌ لکيت ۾ اَڍائي ٽي هزار اصطلاح ۽ محاورا موجود آهن. اُهي ديوان ڪؤڙومل، ڪيولرام آڏواڻيءَ، ڀيرومل مھرچند وغيره جي ڪتابن ۾ ڏنل آهن. عزيز جي مجموعي ۾ اَلف تي ئي هزار کن اصطلاح آهن ۽ ڇهه هزار اصطلاح ته ڀارت جي ڪن ڳاڻ ڳڻين ٻولين ۾ مَسَ هجن.“ (صفحو ۷۸).
هن پرک ۾ عزيز جي ساراهه ڪندي اُتم ڪن هنڌن تي مُبالغي کان ڪم ورتو آهي. ”جھڙس ڪو ٻيو سنڌيءَ ۾ مشڪل پيدا ٿيو آهي.“ جملو ڪي قدر کٽڪندڙ آهي. عزيز جي همعصر اَديبن ۾ ئي مرزا قليچ بيگ، پرمانند ميوارام، هوتچند گُربخشاڻي، لالچند اَمرڏنو مل، ڄيٺمل پرسرام، ڀيرومل مھرچند سنڌي ٻوليءَ جا اعلى درجي جا عالم هُئا. قليچ بيگ ته نظم، نثر، لغت نويسي ۽ چئجي ته سنڌي اَدب جي هر هڪ شاخ ۾ سنڌي ساهت جا گهڙا ڀريا. اُتم جو اهو بيان ”ڇهه هزار اصطلاح ته ڀارت جي ڪن ڳاڻ ڳڻين ٻولين ۾ مس هجن“ پڻ دل کي آئڙي نٿو. عزيز جي هن تصنيف کان اڳ ئي هندي، اُردو، گجراتي، مَراٺي، بنگلا وغيره ٻولين ۾ پھاڪن ۽ اصطلاحن جون وڏيون وڏيون لغتون شايع ٿيل هيون. ناگري پرچارڻي سڀا، وراڻسيءَ طرفان ڇپايل ”برهت هندي شبد ساگر“ هندي ٻوليءَ جو وڏو شبد-ڪوش آهي، جنھن ۾ ڏهن هزارن کان به مٿي هنديءَ جا محاورا داخل ڪيل آهن. ٻيو ته اُتم ديوان ڪوڙيمل ۽ ڪيولرام آڏواڻيءَ جا نالا به کنيا آهن ته سندن ڪتابن ۾ اَڍائي-ٽي هزار محاورا لکيت ۾ موجود آهن. حقيقت اِها آهي ته انھن ٻنھي عالمن سنڌي پھاڪن جا مجموعا تيار ڪيا هئا. ڪوڙيمل جي ڪتاب ”سنڌي پھاڪا“ (۱۸۸۹) ۾ اٽڪل ٻارهن سؤ پھاڪا آهن. ڪيولرام سَلامتراءِ آڏواڻيءَ جي ڪتاب گُل شڪر (لکيل ۱۸۶۹، ڇپايل ۱۹۰۵) ۾ فقط ۵۷۰ سنڌي پھاڪا، سمجهاڻيءَ سان گڏ ڏنل آهن. مون کي ڄاڻ نه آهي ته هِنن ٻنھي اصطلاحن جا به ڪي مجموعا تيار ڪري ڇپايا هئا.
عزيز ۱۹۷۱ع ۾ ساسين سُکالو ٿيو. هُن سنڌي اصطلاح مجموعي جو دستخط تيار ڪندي، ڪھڙن سنڌي مجموعن تان مدد ورتي هئي، اُنھن جو نالو هُن ڪٿي به نه ڄاڻايو آهي. هُن جي ديھانت تائين اسڪولي شاگردن جي ڏانءَ جا مُحاورن جا ننڍڙا مجموعا ڇڏي، سنڌي محاورن جا جيڪي معياري ڪتاب شايع ٿي هئا، اُهي هن ريت آهن.
۱ - سنڌي ٻوليءَ جي سونھن (۱۹۱۰ع):  (گهنشامداس رامنداس ڀڳت. سنڌيءَ ۾ اصطلاحن ۽ ورجيسن جو هيءُ پھريون مجموعو نظر ٿو اچي، جنھن ۾ اٽڪل ٽيويهه سؤ سنڌي اصطلاح معنى ۽ استعمال سان گڏ ڏنل آهن.)
۲ - گلقند (۱۹۲۶ع) ڀيرومل مھرچند آڏواڻي: (هيءُ ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ آهي. پھرئين ڀاڱي ۾ 912 اصطلاح معنى سميت ڏنا ويا آهن.)
۳ - سنڌي اِڊيَمس- موهن لال جوتسِنگهه شھاڻي: (هي ڪتاب ليکڪ ۱۹۴۰ع ڌاري ڪراچيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو هئو. ان ۾ هڪ ڪالم ۾ سنڌي اصطلاح ۽ ٻئي ڪالم ۾ انگريزيءَ ۾ اُن جي معنى يا هم معنى نگريزي محاورا ڏنل آهن.)
۴ - سنڌي کٽمٺڙا عرف اصطلاحات اصغر (۱۹۵۶ع) غلام اصغر: (هيءُ ڪتاب حيدرآباد سنڌ مان مصنف ڇپائي پڌرو ڪيو. هُو خيرپور ميرس ۾ تعليم کاتي ۾ انسپيڪٽر هئو. هن مجموعي ۾ ٽي هزار کن سنڌي محاورا معنى ۽ استعمال سان گڏ ڏنل آهن.)
۵ - جامع سنڌي لغات (ڀاڱو پھريون-۱۹۶۰ع) ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ. (هن لغت جو پھريون جُلد، عزيز جي حيات هوندي ئي ڇپيو هئو. هِن ۾ الف-بي سان شروع ٿيندڙ لفظ آهن، جن ۾ سنڌي محاورن جو تعداد ٽِن هزارن کان ڪجهه وڌيڪ ئي ٿيندو.)
مون عزيز صاحب کي ”سنڌي کٽمٺڙا“ ۽ ”سنڌي ايڊيمس“ ڪتاب ڏنا هئا. انھن ۾ داخل ڪيل محاورا گهڻو ڪري عزيز جي مجموعي ۾ به نظر اچن ٿا.
عزيز جي مرتب ڪيل ”سنڌي اصطلاح“ ڪتاب کان پوءِ، سنڌ ۽ ڀارت ۾، سنڌي پھاڪن ۽ محاورن جا پنج ڇهه معياري سنگره ڇپيا آهن. اِنھن سڀني ۾ وڏي ۾ وڏو ڪوش آهي ”سنڌي پھاڪا ۽ محاورا“ جن جو گڏ ڪندڙ آهي سنتداس پُنھون مل ڪشناڻي ۽ سمپادڪ آهي مُرليڌر جيٽلي. هِن ڪوش ۾ اٽڪل ٻارهن هزار سنڌي پھاڪا ۽ محاورا ڪٺا ڪيل آهن ۽ اُنھن جي سمجهاڻي به ڏنل آهي. هن ڪوش ۾ پھريون دفعو سنڌي پھاڪن ۽ محاورن جو تنقيدي اَڀياس سمپادڪ طرفان ڏنل آهي، جيڪو پوءِ الڳ ڪتاب جي روپ ۾ ڀارت توڙي سنڌ ۾ شايع ٿيو آهي.
عزيز جي ”سنڌي اصطلاح“ ڪتاب ۾ ڪجهه اوڻايون:
جڏهن مون عزيز جي مرتب ڪيل هن ڪتاب جي ٻنهي ڀاڱن جو باريڪيءَ سان اڀياس ڪيو، ته معلوم ٿيو ته ٻنهي ڪتابن ۾ پروفن جون ايتريون ته گهڻيون غلطيون آهن، جو انهن جي ڪري هن لغت جي معياري درجي کي گهڻو ڌڪُ لڳو آهي. پر اِنهيءَ لاءِ ذميوار عزيز کي نٿو چئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته ڪتاب ڇپائڻ ۽ پروفن وغيره جاچڻ جو ڪم ليکڪ جي ديھانت کان پوءِ ٻين پاڻ تي کنيو هئو. اِنهن ڳالھين کي ڇڏي، مان هتي فقط اُنھن ٽيڪنيڪي نُقطن تي ويچار ڪندس، جن جو واسطو سِڌو سنواٽو ليکڪ يا مرتب ڪندڙ (عزيز) سان آهي. اُهي هن ريت آهن:-
۱ - گهڻيون ئي داخلائون اصطلاح نه آهن:
عزيز پنھنجي ڪتاب ”سنڌي اصطلاح“ ۾ گهڻيون ئي اهڙيون داخلائون (Entries) شامل ڪري ڇڏيون آهن، جن کي ڪو به عالمِ ”اصطلاح“ يا ”محاوري“ جي صورت ۾ قبول نه ڪندو. جيئن ته؛
اُدَيه ٿيڻ: سج جو اُڀرڻ، صبوح جو سويل سجُ اُديه ٿئي ٿو (ص.۳۱) حقيقت ۾ ڏسجي ته ”اُديه ٿيڻ“ جي معنى ئي آهي ”اُڀرڻ/ اُسرڻ“. اهو فعل سنسڪرت/ هنديءَ مان اسان جي ٻوليءَ ۾ آيو آهي ۽ گهڻو ڪري ٽِپڻن توڙي ڌرمي ڪتابن ۾ ڪتب ايندو آهي. اِهو فعل فقط سِج سان لاڳو نٿو ٿئي، چنڊ، نکترن ۽ گرهن سان به ڪتب آڻبو آهي.“
اَسَت ٻولڻ: ڪوڙ ڳالهائڻ. تون اَسَتُ ٻولي رهيو آهين. اَٿيئي ڪو ڀڳوان جو ڀؤ (ڀئُه) ص: ۴۱
آگيا پالڻ: حڪم بجا آڻڻ (ص.۷۱)
براجمان ٿيڻ: صدر ٿيڻ، اچڻ، حاضر ٿيڻ، تشريف رکڻ (ص ۱۱۰).
ٻيو وري: اِنهيءَ کان سواءِ پوءِ ڇا، البت (ص.۱۳۶)
لڏ پلاڻ: هڪ هنڌ تان ٻئي هنڌ وڃڻ (ص ۲۳۲)
ناليرو: نامور، مشھور (ص.۲۸۰)
نشڪام: لاغرض (ص.۲۸۳)
مَرڻي وٿ: شيءِ جيڪا ضرور مرڻي آهي (ص.۲۶۱)
وطن دوست: ديش ڀڳت (ص.۳۱۱)
اِن طرح ڪتاب ۾ ٻيا به گهڻي ئي لفظ ”اصطلاح“ جي صورت ۾ داخل ڪيا ويا آهن، جن کي اسين اصطلاح يا محاورو نه چوندا آهيون.
هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ٻوليءَ جي عام رواجي استعمال ۽ اصطلاح يا محاوري جي وچ ۾ ڪھڙو فرق آهي؟ سماج ۾ ٻولي ويچارن جي ڏي وٺ ڪرن ۽ ڀاونائن جي اظھار جو هڪ ذريعو آهي. انسان جڏهن پنھنجي جذبات جو اظھار ٻوليءَ وسيلي ڪري ٿو، تڏهن هُو گهربل لفظ چونڊي پنھنجيءَ مرضيءَ مطابق جدا جدا نمونن ۾ اُنھن کي ڪتب آڻي سگهي ٿو. هن تي فقط اِها پابندي آهي ته ٻوليءَ جي وياڪرڻي سِرشتي جي ڀڃڪڙي نه ڪري. مثال طور، جيڪڏهن مان سنڌ وڃڻ جي خواهش رکان ٿو، ته انھيءَ کي جدا جدا طريقي سان ظاهر ڪري سگهان ٿو.
۱-      مان سنڌ ويندس.
۲-      مان سنڌ وڃڻ چاهيان ٿو.
۳-      منھنجي ڏاڍي دل آهي ته هڪ دفعو سنڌ ڏسي اَچان.
۴-      سنڌ وڃڻ جو موقعو ملي ته بھتر.
۵-      منھنجي مرضي آهي ته هڪ دفعو پنھنجي جنم ڀوميءَ سنڌ جو ديدار ڪري اچان.
اِهي الڳ الڳ بيھڪ وارا جملا آهن، جن ۾ ٿلهي ليکي ئي خواهش جو اظهار ڪيل آهي. ٻوليءَ ۾ اهڙن جملن کي ”آزاد استعمال“ (Free Expression) چئبو آهي. انهن جي ڀيٽ ۾ هر هڪ ٻوليءَ ۾ اهڙي قسم جا استعمال يا پريوگ به گهڻيئي آهن، جيڪي هر ڪو ماڻهو ڪنھن گهربل مطلب کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ساڳئي نموني پيو ڪتب آڻي. ٻوليءَ ۾ اِنهن جو روپ مقرر ٿي وڃي ٿو. انهن جي لفظن ۾ جيڪڏهن ٿوري به تبديلي ڪجي، ته پوءِ گهربل مطلب ڪو نه نڪرندو يا اُن بدليل روپ ۾ اُهو ٻوليءَ جي رواج موجب دُرست نه ليکبو. اهڙن پريوگن کي ڀاشا وگيانيُن ”سوُتر پريوگ“(Formular or Fossilized Usage) نالو ڏنو آهي. محاورا يا اصطلاح، ورجيسون، پھاڪا ۽ چوڻيون ٻوليءَ ۾ اِن طرح جا سوتر پريوگ آهن. جيئن ته؛
۱.       نيلوفر ساهيڙين وتان اها ڳالهه ٻُڌي پاڻي پاڻي ٿي ويئي. (اصطلاح يا مُحاورو).
۲.       ماستر جڏهن هيمن کان سوال پڇيو ته؛ هُو اهڙو ڪُڇي جھڙي ڀِتِ. (ورجيس جو مثال).
۳.       هو هميشه پيو ٻين مان ويڪوُن ڪڍي. اهو ڪو نه ٿو ڏسي ته ٻين کان وڌيڪ ته پاڻ عيبن سان ڀريو پيو آهي. مينھن چوي گانءِ کي هلُ ڙي پُڇ ڪاري. (پھاڪي جو مثال).
۴.       ٻوڏ کان ستايلن جي مدد ڪرڻ جو ويچار ڪيو اَٿيئي ته پوءِ دير ڇو ٿو ڪرين. تُرت دان، مھا پُڃ(چوڻي).
اچو ته محاورن يا اصطلاحن جي بيھڪَ تي وڌيڪ ويچار ڪريون:
”پاڻي پاڻي ٿيڻ“ محاوري جي معنى آهي؛ ”لڄي/ شرمندو ٿيڻ“. اسين جيڪڏهن هن محاوري ۾ ”پاڻي“ لفظ جا پَريايه واچي (هم- معنى) لفظ وجهي، چئون؛ ”جل جل ٿيڻ“، ”نير نير ٿيڻ“ يا ”جر جر ٿيڻ“ ته محاوري مان گهربل مطلب حاصل نه ٿيندو.
موهني ”گونگي گانءِ“ آهي. هِن جملي ۾ ”گونگي گانءِ هئڻ“ هڪ محاورو آهي، جنھن جو مطلب آهي ”سانتيڪي، نھٺي، نماڻي سُڀاءَ وارو هئڻ“ هتي جيڪڏهن چئون؛ ”موهني گونگي ڍڳي آهي، يا گونگي ڳئون آهي“ ته اِهي پريوگَ گهربل مطلب ظاهر نه ڪندا. نڪو اِنھيءَ روپ ۾ ٻوليءَ جي رواج موجب دُرست ليکبا.
محاورو يا اصطلاح، جنھن مُکيه لفظ تي ٺھيل هوندو آهي، اُن ۾ لڳل پڇاڙي (Suffix) بدلائڻ سان به ڪڏهن ڪڏهن گهربل مطلب نٿو نڪري. ”هوءَ اُميد واري آهي.“ هن جملي جو مطلب آهي ته ”هوءَ گرڀوتي آهي“ يا ”پيٽ سان آهي.“ هِتي جيڪڏهن چئون، ”هوءَ اُميدوارِ آهي.“ ته گهربل مطلب نه ملندو.
هاڻي ظاهر ٿيو ته ٻوليءَ ۾ اهڙا پريوگ، جيڪي اکري معنى ڇڏي، ٻوليءَ جي رواج موجب ٻي معنى ڏين ٿا، تن کي محاورو يا اصطلاح چئبو آهي. اِهي جملي جي هڪ حصي جي صورت ۾ ڪتب ايندا آهن. ٻئي طرف ”اهڙو ڪُڇي، جھڙي ڀِت“، ”اَڇو جھڙو کير“، ”پيلو جھڙو هيڊ“، ”ائين ڀڳو جيئن کاريءَ هيٺان ڪانءُ“، ”واڻيو وڪال“، ”ڀاڙو ڀَتو“، ”ڏِسڻو وائسڻو“، ۽ ”چور چَڪار“، جھڙا پريوگ به ٻوليءَ ۾ نرالي اهميت رکن ٿا. پر اِهي پنھنجي اکري معنى ۾ ئي ڪتب آڻبا آهن. اَهڙن سؤتر پريوگن کي ”ورجيس“ يا ”ٻول چال“ چئجي ٿو. اهي به مُحاورن وانگر جملي جي هڪ جُزي طور ڪتب آڻبا آهن.
اُردوءَ جي مشھور عالم ۽ شاعر خواجه الطاف حُسين حاليءَ، پنھنجي ڪتاب ”مقدمه شعر و شاعري“ ۾ محاوري ۽ ٻول چال جي وچ ۾ فرق نھايت ئي سُھڻي نموني سمجهايو آهي. اُن جو سار، هتي سنڌيءَ ۾ ڏجي ٿو. هو لکي ٿو ته:
”.... محاوري جو جيڪڏهن سُھڻي نموني شعر ۾ استعمال ڪجي ته اُهو هڪ پست شعر کي بلند ۽ بلند کي بلند-تر ڪري ڇڏي ٿو. پر هر هڪ شعر ۾ محاوري جو پريوگ ڪرڻ ضروري نه آهي. اِهو ممڪن آهي ته شعر محاوري کان سواءِ پڻ فصاحت ۽ بلاغت جي اعلى درجي تي پھچي سگهي ٿو. حقيقت ۾ ته محاوري کي ڪنھن شعر ۾ ائين سمجهڻ گهرجي، جيئن انسان جي بدن ۾ ڪو خوبصورت عضوو يا اَنگ هجي. ٻئي طرف روز مره کي ائين سمجهڻ گهرجي، جيئن انسان جي بدن ۾ جدا جدا انگن جي صحيح ۽ سُڊول بناوت هجي. جيڪڏهن ڪنھن انسان جي بدن ۾ هڪ ٻانهن ننڍي هجي ته ٻي وڏي، منھن جي بيهڪ جي حساب کان چپ ٿلها هجن، نڪُ ٻاهر نڪتل هجي يا کاڏي اندر تي پيٺل هجي، ٽنگون ڏنگيون ڦِڏيون هجن ۽ پير هڪ ٻئي طرف مُڙيل هجن، ته اِن حالت ۾ اُنھيءَ شخص جو روپُ رنگُ ۽ شرير جي بيھڪَ بلڪل بدزيبي ۽ اڻ-وڻندڙ ٿي پوندي. پوءِ هُو ڀلي ڪيترو به هار سينگار ڇو نه ڪري، ته به کيس ڪو به سُھڻو نه ليکيندو. ساڳيءَ طرح شعر جي ٻوليءَ ۾ جيڪڏهن روز مره يا ٻول چال جي پابندي نه رکي ويئي آهي، پوءِ ڀلي اُنھيءَ ۾ ڪيترا ئي پھاڪا، محاورا ۽ اَلنڪارَ وغيره ڇو نه اِستعمال ڪيا وڃن، ته به اُن شعر کي ڪير به سُھڻو نه چوندو. روز مره يا ٻول چال جي پابنديءَ جا ٻه ٽي مثال مولانا حاليءَ هن ريت ڏنا آهن:
۱.    ”ڪلڪتي سي پيشاور تڪ سات آٺ ڪوس پر ايڪ پختا سرايه اور ڪوس ڪوس پر مينار بنا هئا ٿا.“ (هي جملو اُردو زبان جي ٻول چال موجب ٺيڪ نه آهي. اِن جي بدران هن ريت چوڻ گهرجي.) ”ڪلڪتي سي پيشاور تڪ سات-سات، آٺ-آٺ ڪوس پر، ايڪ ايڪ پُختا سرايه اور ڪوس ڪوس پر ايڪ ايڪ مينار بنا هُئا ٿا.“
۲.     ”اُس ڪا خط ديکتي هئن جب سياد، طوطي هاٿون ڪي اُڙا ڪرتي هئن.“ (هِن شعر ۾ نڪا خوبي آهي، نڪو مضمون آهي. صرف هڪ محاورو استعمال ڪيو ويو آهي، اُهو به ٻول چال جي رواج خلاف آهي. ”اُڙي جاتي هئن“ جي جاءِ تي ”اُڙا ڪرتي هئن“ هڪ اڻ-وڻندڙ ۽ اَسُڀاويڪ پريوگ آهي.
مولانا حاليءَ جي هن بحث مان صاف ظاهر آهي ته ورجيس يعني ٻول چال (روز مره) ٻوليءَ جي سِٽاءَ يا بيھڪ (Structure) جو هڪ لازمي جُزو آهي. ٻئي طرف محاورا ٻوليءَ جي سونھن کي وڌائڻ ۽ پُر-اثر بڻائڻ جو هڪ ذريعو آهن. ”ڇوڪر ٻاڪر“، بدران ”ٻاڪر ڇوڪر“، ”لهه چڙهه“ بدران ”چڙهه لهه“، ”اچ وڃ“ جي بدران ”وڃ-اچ“ چوڻ سنڌي ٻوليءَ جي ٻول چال يا رواج مطابق غلط پريوگ ٿيندو.
عزيز پنھنجيءَ لغت ”سنڌي اصطلاح“ ۾ چڱي تعداد ۾ اکري معنى ۾ ڪتب ايندڙ ٻول چال يا ورجيس وارن پريوگن (Usages) کي به شامل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي اصطلاحن يا محاورن جي لغت بدران ٻوليءَ جي عام ڊڪشنريءَ ۾ ڏنا ويندا آهن. ورجيس جا ڪجهه مثال هن کان اڳ ڏنا ويا آهن. هتي عزيز جي لغت مان ڪجهه وڌيڪ مثال ڏسو:
کاڌ خوراڪ، کاکڙ کوُکڙ، عاشق مزاج، غلبي راءِ، ڳيت ڏيڻ، گونا گون، گهاٽي تي، گهٽ-وڌ، مائٽي چوڻ يا ڪرڻ، مقابلو ڪرڻ، ملم پٽي ڪرڻ، نِچُ آئين، واٽ ويندي، وقت تي، هالوُ چالوُ، هٿون هٿِ، يڪي سِر، يا عمر، لولي ڏيڻ (ٻار کي لولي ڳائي سُمھارڻ)، لونگي پھرائڻ، لِڪَ ڇُپ ۾، لوڪا چاري، لوڪ مرجات، مَٽا سَٽا، جهاڙو ڏيڻ (ٻُھاري پائڻ)، چرَنجيو هُجين (وڏي عمر هُجيئي)، هار-جيتَ، هار سينگار.
۲ - اَلفِ-ب وار ترتيب ۾ غلطيون:
اصطلاحن کي الف-ب وار ترتيب ڏيڻ وقت، جيڪڏهن هڪ اصطلاح جون ٻه يا ٻن کان وڌيڪ معنائون آهن، ته اُتي اصطلاح جي هڪ ئي داخلا ڏيئي، اُنھيءَ جي اندر جدا جدا معنائون ۽ پريوگ ڏيڻ گهرجن. پر عزيز جي لغت ۾ چڱن هنڌن تي اُهي هر هڪ معنى سامھون جدا مُکيه داخلا جي روپ ۾ ڏنا ويا آهن. جيئن ته هٿ وجهڻ (ص-۳۳۰)، هٿين پوڻ (ص ۳۳۱)، گهوڙي ڪنَ برابر هئڻ (ص ۲۲۶).
ترتيب ۾ ڪن هنڌن تي ساڳيءَ معنى واري اصطلاح جو ٻه دفعا ورجاءُ ٿي ويو آهي. مثالي طور، هلت هلن (ص ۳۴۱-۳۴۱ تي)، تيرهن تالو هئڻ (ص ۱۶۱۽ ۱۶۲)، پئسي جو پُٽ هئڻ (ص ۲۲۳ تي ٻه دفعا آيو آهي).
۳ - سنڌي پھاڪن کي اصطلاحن وانگر ڪتب آڻڻ:
چڱن ئي هنڌن تي عزيز سنڌي پھاڪن کي بدلائي اصطلاحن ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. ڪجهه مثال ڏسو:
کريل ٻار ٽِڪاڻي جي حوالي ڪرڻ (دين جي ڪم لاءِ بيڪار ۽ معذور ماڻهو مخصوص ڪرڻ. (ص- ۱۸۹) پھاڪو: کوٽو ڏوڪڙ، اَنڌو ڇوڪر، ٽڪاڻي جي حوالي.
گڏهه کي گلقند جو قدر نه هئڻ:  (ص ۱۹۹)، (نا اهل کي شرافت جو قدر نه هئڻ.). پھاڪا: ۱ - گڏهه ڇا ڄاڻي گيھرن مان. ۲ - ڪُتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان. ۳ - رڍ ڇا ڄاڻي رباب مان.
ميٽ مٿي مان نه لاهڻ: تڪڙو هئڻ. (ص ۲۷۵) ميٽُ مٿي مان نه لاٿو اَٿس، ته به ڪپڙا پيو ڪري. (سنڌيءَ ۾ انھيءَ پھاڪي جو مشھور پريوگ آهي. جي ميٽ مٿي ۾ هُجيئي، ته به هِتي اچي لاهيج. مطلب ته تمام جلد اچجانءِ.)
هٿ جي ڪنگڻ کي آرسيءَ جي ضرورت نه هئڻ: (عالم آشڪار کي، آرسيءَ جي ضرورت نه آهي جو ويهي ڏسجي. (ص ۳۲۳) پھاڪو: هٿ-ڪنگڻ کي آرسيءَ جي ڪھڙي ضرورت؟
۴ - هندي پھاڪن ۽ محاورن جو ترجمو.
عزيز جي هن مجموعي ۾ گهڻي ئي اهڙا اصطلاح نظر اچن ٿا، جيڪي ليکڪ پاڻ اُردو، هندي پھاڪن ۽ محاورن تان ترجمو ڪري کنيا آهن. مثال طور.
ڪؤڙو ڪؤڙو ٿوُ، مِٺو مِٺو هڙپ. (ص-۱۸۰) استعمال به غلط ڏنل آهي. (هندي، اردو پھاڪو: ڪڙوا ڪڙوا ٿُو، ميٺا ميٺا هَپ.)
ناچ نه ڄاڻڻ، اڱڻ اونڌو اچڻ (ص:۲۷۷) لياقت کان سواءِ ڪوڙا عذر ڏيئي، منھن مٿي ڪرڻ. بي هنر ڪاريگر جو هميشه اوزارن تي الزام هڻڻ. (هِن جو استعمال به غلط ڏنل آهي). هندي پھاڪو: ناچ نه جاني، آنگن ٽيڙا. (English= A bad smith quarrels with his tools)
نقارخاني ۾ طوطي جو آواز ٻڌڻ ۾ نه اچڻ: وڏن جي اڳيان ننڍن جي راءِ نه هلي سگهڻ (ص ۲۸۵) هندي-اردو پھاڪو: نقارخاني ۾ طوطي ڪي آواز.
لتن وارا ڀوُت ڳالهين ۾ نه سُڌرن: (ص ۲۳۰) هندي، اردو پھاڪو: لاتون ڪي ڀوت باتون سي نهين مانتي.
نماز بخشائڻ ويندي روزا ڳلي پوڻ: (ص ۲۹۰) هندي-اردو پھاڪو: گئي نماز بخشاني، روزي گلي پڙ گئي.
هِڪُ ڪم، ٻه ڪاج ڪرڻ: (ص ۳۳۹) هندي-اردو پھاڪو ايڪ پنٿ، دو ڪاج.
کير واري ڳئونءَ جون لتون سھڻ: (ص-۱۹۶) هنديءَ جو پھاڪو: دُڌاري گاءِ ڪي لات ڀلي.
گِرگِٽ وانگر رنگُ مٽائڻ: (ص ۲۰۱) گِرگِٽ معنى سانڊو) هنديءَ جو پھاڪو: گِرگِٽ ڪي طرح رنگ بدلنا.
گيدڙ ڀڀڪي ڪڍڻ: ڪوڙو دڙڪو ڏيڻ. (ص ۱۹۸) استعمال به غلط ڏنل آهي. گيدر ڀڀڪي ڪڍي ته گدڙ ڊڄيو وڃن. هندي. هندي-اردو پھاڪو: گيدڙ ڀڀڪي دينا.
وار ڪَترڻ سان مُردو هلڪو نه هئڻ. (ص ۳۰۱) هندي/ اردو پھاڪو: بال ڪاٽني سي مُردا هلڪا نهين هوتا. هن جو سنڌي پھاڪو: مُردو، ڪُچن ۾ ڳؤرو!
۵ - غلط محاورا، غلط معنائون ۽ غلط استعمال:
هن لغت ۾ چڱن هنڌن تي محاورا غلط ڏنل آهن ۽ اُنھن جون معنائون به صحيح نه آهن. گهڻن هنڌن تي اصطلاحن جو جُملن ۾ استعمال به غلط آهي ۽ ٻوليءَ جي رواج خلاف آهي. جيئن ته.
گهٽ گهٽ جو پاڻي پيئڻ: جڳهه جڳهه تي وڃي، تجربو حاصل ڪرڻ. استعمال. گهٽ گهٽ جو پاڻي پيئندڙ، واگهوءَ جھڙو ئي چالاڪيءَ ۾ آهي. (ص ۲۱۹) صحيح اصطلاح: گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيئڻ (ڀيٽيو هنديءَ سان: گهاٽ گهاٽ ڪا پاني پينا.)
هڪ هٿ سان تاڙي نه وڄڻ: (ص ۳۴۱) هڪڙو اڪيلو ماڻهو ڪو به ڪم ٺيڪ طرح نه ڪري سگهڻ. استعمال: هڪ هٿ سان تاڙي نه وڄندي، اِن لاءِ ٻئي هٿ ٿا گهرجن.) هِتي معنى ۽ استعمال، ٻئي غلط آهن. صحيح مطلب آهي؛ ڪو به جهڳڙو وغيره ٿئي ٿو ته اُن ۾ ٻنهي ڌُرين جو ڏوهه هوندو آهي. ڀيٽيو؛ هنديءَ سان ”ايڪ هاٿ سي، تالي نهين بجتي.“
ڪُئي جو هريڙ لهڻ (ص ۱۸۲) هن جي معنى ڏنل آهي ”اتفاق سان وجهه ملڻ“ جيڪا بنهه غلط آهي. صحيح مطلب آهي؛ ”ٿوري شيءِ ملڻ تي پاڻ کي وڏو سمجهڻ“. هيءُ اصطلاح به سنڌي پھاڪي تي ٺاهيل آهي. ”ڪوئي لڌي هيڊ ڳڙي، چي؛ آءٌ به پساري.“
پڳڙيون ٿيڻ (ص ۲۰۹). هن جي معنى ڏنل آهي ”هِندوءَ جي مؤت جي ٽئين ڏينھن تي ڪريا ڪرم ٿيڻ.“ ان جو استعمال هن ريت ڪيل آهي. ”هو ٽيو ڏينھن مري ويو آهي ۽ پڳڙيون اَڄُ ٿينديون.“ حقيقت ۾ اِها ته اکري معنى آهي. ان جي اصطلاحي معنى آهي؛ سڀ ڪجهه ناس ٿي وڃڻ، تمام گهڻو نقصان پوڻ، ڪنھن جي تباهي ٿيڻ. مثال: بازار ايتري مندي آهي، جو واپارين جون پڳڙيون ٿي ويون آهن؛ يا ڪو ڪنھن کي ڌمڪي ڏيندو آهي ته؛ ”مان تنھنجيون پڳڙيون ڪندُس.“
ڦوڪٽ ماڻهو (ص:۲۴۳) ان جي معنى ڏنل آهي ”سخي ماڻهو، اُڇاترو ماڻهو.“ اِن جو استعمال هن ريت ڪيل آهي:
۱-      توکي کپن ڦوڪٽ ماڻهو، جي توکي پيا ڏين.
۲-      هن ڦوڪٽ ماڻهوءَ تي ڀروسو نه رک.
حقيقت ۾ ”ڦوڪٽ“ لفظ جي اکري معنى آهي، ”مفت ۾، پئسن خرچڻ بنا.“ ڦوڪٽ لفظ هِندي، مَراٺي ۽ گجراتيءَ ۾ به ڪتب ايندو آهي. اِن ڪري سنڌيءَ ۾ اسين اڪثر چوندا آهيون؛ ”ڦوڪٽ جو مال يا ڦوڪٽ جي شيءِ. ڦوڪٽ لفظ ”سخي“ جي معنى ۾ ڪتب آيل ڪڏهن به ڪو نه ٻُڌو ويو آهي.
عزيز صاحب سنڌي ٻوليءَ جو وڏو ماهر هو عالم هو، جنھن جي ساکَ سندس نظم ۽ نثر ۾ شايع ٿيل تصنيفن مان ملي ٿي. پر منھنجي ويچار ۾ هڪ لغت-نويس جي روپ ۾ پنھنجيءَ تصنيف ”سنڌي اصطلاح“ ذريعي هو ڪامياب ثابت ٿي نه سگهيو آهي. انھيءَ جو مُکيه سبب، مون کي اهو ٿو نظر اَچي ته هيءُ ڪتاب هُن بستري داخل هوندي تيار ڪيو هو ۽ گهڻو ڪري پنھنجي يادداشت جي آڌار تي لکيو هئائين. اِنهيءَ کيتر ۾ سنڌيءَ توڙي ٻين ٻولين ۾ جيڪو ڪم ٿي چڪو هئو، تنھن کان هُو گهڻي قدر وانجهيل رهيو. تحريري سنڌي ادب مان محاورا چونڊڻ ۽ اُنھن جو استعمال جاچڻ جي به سگههَ منجهس نه هئي. جيڪڏهن زندگي سندس ساٿ ڏئي ها ۽ تحقيق ڪرڻ جي قوت باقي هجيس ها، ته مون کي يقين آهي ته هوُ اَوس پاڻ پنھنجي تصنيف تي نظرثاني ڪري اُن ۾ گهربل سُڌارا ڪري ها.

(ممبئيءَ ۾ رکيل ”ليکراج عزيز سيمينار“ ۾ پڙهيل (۱۹۹۹ع)

1 comment: