Friday, April 27, 2012

شاهه جي سُر سورٺ ۾ محاورن جو استعمال - احمد خان ڪيريو

شاهه جي سُر سورٺ ۾ محاورن جو استعمال
احمد خان ڪيريو
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح کي دنيا جي انهن عظيم شاعرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، جن جو ڪلام هر لحاظ کان معياري ۽ مڪمل مڃيو ويو آهي. ڀٽائيءَ جي ڪلام جو هر بيت، مڪمل ۽ حڪمت سان ڀريل نظر اچي ٿو. تنهن کانسواءِ، سندس ڪلام جي هڪ اها به خصوصيت آهي ته ان کي جيترو گهڻو پڙهبو، اوترو وڌيڪ دلچسپ ۽ وڻندڙ پيو معلوم ٿيندو.
لطيف سائينءَ جي ڪلام ۾ تمام گهڻيون سٺايون ۽ سهڻايون آهن، جن تي نظر وجهڻ کانپوءِ اهو چڱيءَ طرح اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ واقعي سنڌي زبان جو وڏو ڄاڻو ۽ پارکو هو ۽ انهيءَ لحاظ کان اهو چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته ٻوليءَ جي لحاظ کان، سنڌي ٻوليءَ کي جيڪي ڪجهه لطيف ڏنو آهي، اهو ٻئي ڪنھن به شاعر نه ڏنو آهي ۽ موجوده سنڌي زبان جو اوج ۽ عروج به ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جي ڪلام جي  ڪري ئي آهي.

ڀٽائي! جي ڪلام جي خوبين جا هونئن ته ڪافي پھلو آهن، پر انھن مان هڪ دلچسپ پھلو لسانيات به آهي، جنھن جو جيڪر جائزو وٺبو ته ان مان ڪئين مختلف ڇاڙون نڪري اينديون، جن کي پرکڻ، پروڙڻ ۽ سمجهڻ تمام ڏکيو ڪم آهي ۽ خاص ڪري مون جھڙي ليکڪ جي پھچ کان تمام پري آهي. تنھن هوندي به يوسف جي خريدارن وانگر، لطيف جي ليکڪن جي لسٽ ۾ شمار ٿيڻ لاءِ، آئون به پنھنجي ڄاڻ آهر سُر سورٺ جي ڪجهه لساني خوبين جي نشاندهي ڪندي، پنھنجي ڄاتي موجب، هن سُر ۾ ڪم آيل چند محاورن جي اپٽار ڪريان ٿو.
محاوري لفظ جي وصف آهي، ٻه يا ٻن کان وڌيڪ لفظ، جيڪي پڇاڙيءَ ۾ فعلي صورت تي مشتمل هجن ۽ اهي لغوي خواه لفظي معنى کان هٽي، ضرورت مطابق ٻي معنى ڏيکارين.
سر سورٺ جي سڀ کان وڏي لساني خوبي تجنيس حرفي آهي، جنهن جي ڪري لفظن جا ڪئين گلدستا ٺهي پون ٿا، جن مان ٻن لفظن جي تجنيس وارا لفظ جھڙوڪ: بالا بين، ٻارٽ ٻاجهائي، تند تنوار، جادم جود، دايون درمانديون، راجا راڳائي، سٻاجها سوال، موچاري مهل، ميراثي مڱڻو، نسورو نادان، واڄو ولاتي ۽ وهاڻيءَ ويرم وغيره.
اهڙيءَ طرح ٽن لفظن جي تجنيس وارا. جيئن: اجل اُڀو آهه، آئون اڳاهون آئيو، تند تمهاريءَ تان، تنهنجي تند تنوار، راجا رات رمگيو، رمي رهيو رات، سا سڀ سمجهيسون، ڪنجهي ڪيرت ڪينرو، کيما کنيا کنگهار، لڳيس لنؤ لغار، ماري مير ملاح ۽ موٽ مَ مڱڻهار وغيره.
لفظي لڙهين کان سواءِ هن سر جي بيتن ۾ تنجيس حرفي جو هڪ ٻيو به گس ملي ٿو، جنهن ۾ هڪ اسم مان ٻيو واسطيدار اسم به تجنيس موجب ڪم آيل آهي. جيئن: الله جي آس، تند جو تان، جاجڪ تو جهار، جهوڙا ۽ جهائين، چڙهي ۾ چوڏول، ربابي کي راز، سر جو سيڪڙو ۽ واچا ۾ ولهو وغيره.
اهڙيءَ طرح مذڪور سر ۾ لفظن جون اهڙيون به ڪئين لڙهيون ملن ٿيون، جيڪي هم معنى ۽ هم مطلب آهن، جن ۾ هڪ شيءِ جا ڪئين نالا ۽ لقب ملن ٿا. مثال:
الله جا نالا: الله، خالق، داتا، ڏاتار، رب، رحمان، سائين، واحد، والي وغيره.
ڳائڻي جا نالا: ٻارٽ، ٻيجل، ڀان، پاٽ، پينار، جاجڪ، چارڻ، راڳائي، ربابي، ساڻل، قوال، ماچ، مڱڻو، مڱڻهار، ميراثي وغيره.
ٻيجل جي ساز جا نالا: بين، تنبير، تندون، چنگ، سز، سرندو، ڪماچ، ڪنجهي، ڪينرو، واڄٽ، وڏاڻ وغيره.
راجا يا حاڪم جا نالا: جادم، ڏياچ، راجا، راڄيو، راءُ، سلطان، سورٺ ور، کنگهار، ملڪ ڌڻي وغيره.
صدائون يا آواز: تان، تنوار، جهان، راڳ، سر، سَين، صدا، ڪرنش، ڪيرت، ڳالهه، ڳاهه، وائي ۽ وينتي وغيره.
انهيءَ کانسواءِ هن سر جي بيتن ۾ هن جنس ۽ واسطيدار اسمن جو به وڏو ذخيرو ملي ٿو. مثال:
عضون جا نالا: مٿو، سر، ڪپار، منهن، وات، ڪن، ڪنڌ، ڪلها، هٿ، جيءُ، دل، من، پير، قدم وغيره.
جايون هنڌ ۽ ماڳ: پيلو، ڍٽ، پٽ، ڀُون، زمين، عرش، پرديس، جهونا ڳڙهه، گرناڙ، ڪوٽ، شهر، ڳڙهه، رنگ محل، محل، قصر، گهر وغيره.
واسطيدار عورتن جا نالا: سورٺ، دايون، ٻايون، راڻيون، ناريون، سرتيون، اڙدابيگيون وغيره.
اهڙي طرحن سر ۾ تڪراري لفظن جا پڻ ڪجهه نمونا ملن ٿا.
تڪراري لفظ: جڳان جڳ، رَون رَون، واريو واريو، هزارين هزار وغيره.
مطلب ته سر سورٺ ۾ لساني خوبيون بيحد گهڻيون آهن. محاورن جي سلسلي ۾، هن سر ۾ ڪجهه اهڙا به محاورا آهن، جيڪي فقط سُرَ واريءَ ڪھاڻيءَ ڏانھن ڌيان ڇڪائين ٿا.
محاورا: پَٽن پَڪار پوڻ، پَٽن ۾ پِٽڻ، جهونا ڳڙهه جُهرڻ، چنگ چورڻ، ڌئار دٻڪڻ، راڻيون رئارڻ، راءُ ريجهائڻ، ڪماچ سين ڪاٽڻ، ڪماچ ڪومائجڻ، گِرنار جو گُل ڇڄڻ، ڳڙهان اوري ڳائڻ ۽ ڳڙهه ڀر ڳائڻ وغيره.
ٻئي طرف لِساني لحاظ کان محاورن جو ٿلهي ليکي جائزو وٺبو ته ان ۾ ٻن قسمن جا محاورا ڏسڻ ۾ ايندا. جن مان پهريون قسم آهي سادا محاورا ۽ ٻيو قسم آهي رنگين محاورا.
سادن محاورن مان مراد اُهي محاورا آهن، جن ۾ لفظن جي رنگيني گهٽ آهي. جيئن: امن ڏيڻ، تعلق رکڻ، ٿوڪ پرائڻ، جيءُ مڱڻ، ڏيٺي ٿيڻ، سين هڻڻ، گل ڇڄڻ، مام پروڙڻ، نيڻ هڻڻ، وينتيون ڪرڻ وغيره.
رنگين محاورن مان مقصد، اهي محاورا آهن، جن ۾ تجنيس حرفيءَ جو رنگ ڀريل آهي. جيئن: اڀي اوسارڻ، پارسي پائڻ، پچار پوڻ، پلئه پائڻ، چانڊوڻا چمڪڻ، چَوڏول چڙهڻ، درد دور ڪرڻ، ڌڙ ڌٻڻ، ڏان ڏيارڻ، ڏوران ڏِسڻ، ڏونگهو ڏيڻ، ڏِيا ڏيکارڻ، ڪرنش ڪرڻ، ڪلهنئون ڪورڻ، ڳاهه ڳالهائڻ، لائق لهڻ، مت منجهڻ، وائي وَرنائڻ وغيره.
اهڙيءَ طرح ساڳين محاورن جي جيڪر معنوي لحاظ کان پرک ڪبي ته اهي به ٻن قسمن ۾ ورهائجي ويندا، جيڪي آهن، مرڪب محاورا ۽ رواجي محاورا.
مرڪب محاورا اهي محاورا آهن، جيڪي ٻن معنائن وارا آهن. جن مان هڪ ويجهي معنى آهي ۽ ٻي پَراهين. هن سر ۾ جيڪي انهيءَ قسم جا محاورا ملن ٿا، تن مان ڪجهه هن طرح آهن:
1.       خيما کڻڻ: لڏڻ يا ڊاهڻ. ٻي معنى: ظاهر ڪرڻ يا پاڻ پسائڻ.
2.       خيما هڻڻ: اڏڻ يا وهڻ. ٻي معنى: پردو ڪرڻ.
3.       در دور ڪرڻ: رڪاروٽون پري ڪرڻ. ٻي معنى: واهو بند ڪرڻ يا شڪست ڏيڻ.
4.       ڏونگهو ڏيڻ: ٺَڪ ڏيڻ. ٻي معنى: واهون بند ڪرڻ يا شڪست ڏيڻ.
5.       گهورون سان گُهرڻ: اشارن سان گهرڻ. ٻي معنى: يڪ منو ٿي وهڻ.
6.       نيڻ هڻڻ: جانچي نهارڻ. ٻي معنى: تلاش ڪرڻ وغيره.
آخر ۾ هن سر ۾ ڪم آيل سڀني چونڊ محاورن جو خاڪو عرض آهي. جنھن ۾ محاورن جي معنى سان گڏ، بيتن جون اهي مصرعون پڻ ڏجن ٿيون، جن ۾ اهي محاورا ڪم آيل آهن.
الله جي آس ڪرڻ: الله ۾ اميد يا ڀروسو رکڻ. الله جي آس ڪري هليو هيائين.
اَپي اوسارڻ: روڄ راڙو ڪرڻ. سهسين سورٺ جھڙيون اڀيون اوسارين.
اَمن ڏيڻ: سلامتيءَ ۾ رکڻ. ڀلا ڪري ڀال، امن ڏيو ان کي.
ٻن ڏيڻ: ڦٽا ڪرڻ، ڇڏڻ. تو در آيس راڄيا ٻي در ڏيئي ٻن.
چنگ چورڻ: ساز وڄائڻ، لات لنوڻ. محلي هيٺ ملوڪ جي، چارڻ چوريون چنگ.
چوڏول چڙهڻ: ڏوليءَ ۾ چڙهڻ. آءٌ مٿاهون مڱڻا، چڙهي ۾ چوڏول.
ڇٽ پٽن سين هڻڻ: مارڻ، ڊاهڻ، ڪيرائڻ. جيئن تو سڀ ڄمار، هنيا ڇٽ پٽن سين.
خيما کڻڻ: لڏڻ، پاڻ پسائڻ، پردا دور ڪرڻ، پاڻ ظاهر ڪرڻ. سورٺ مئي سک ٿيو، خيما کنيا کنگهار.
خيما هڻڻ: پردو ڪرڻ، لڏ لاهي وهڻ. سورٺ مئي سک ٿيو، خيما هنيا کنگهار.
در دُور ڪرڻ: ٻيا رستا يا وسيلا ڇڏڻ. تو در آيس راڄيا، ٻيا در ڪري دور.
دئار دٻڪڻ: جسم جڏو ٿيڻ. گل ڇنو گرنار جو، دٻڪيو دئار.
ڌاڙ ڌٻڻ: ٻَٽ پوڻ، جسم جڏو ٿيڻ. ڌَڙَ ڌُٻي پَٽِ پيو، مٿو مٿاهين کٽ.
ڏان ڏيارڻ: سفارش ڪرڻ. سو ڪو ڏيارين ڏان، جو طمع کي ترڪ ڪري.
ڏان ڏيڻ: عزت ڏيڻ، نوازڻ. راجا جي راضي ٿيو، تنهن ڏنا وڏا ڏان.
ڏونگهو ڏيڻ: ٺڪ ڏيڻ، واهون بند ڪرڻ، شڪست ڏيڻ. ته جُڳان جُڳ ڏنوءِ، ڏونگهو ڏاتارن کي.
ڏيا ڏيکارڻ: دهشت يا رعب ڏيکارڻ. دوس دوسنا دور ڪئو، ٿو ڏيا ڏيکاري.
ڏيٺي ٿيڻ: واقف ٿيڻ، گھرو ٿيڻ. اٿس ايءُ خيال، ته ڏيٺي ٿيان ڏاتار سين.
ذاتي ظاهر ٿيڻ: اصلي روپ ۾ اچڻ. ڏسندي ڏياچ کي، ظاهر ٿيو ذاتي.
راڻيون رئاڙڻ: مانائتيون ملول ڪرڻ. ڪيو قهر قهار، جنهن راڻيون سڀ روئاڙيون.
راءِ ريجهائڻ: راجا کي راضي ڪرڻ. سٻاجها سائين، راءِ ريجهائين راڳ سين.
سينَ هڻڻ: سوال ڪرڻ، صدا هڻڻ. سائل ٿو سين هڻي، هردم آن حضور.
طمع ترڪ ڪرڻ: لالچ ڇڏڻ. سوڪ ڏياريين ڏان، جو طمع کي ترڪ ڪري.
ڪرنش ڪرڻ: آزيون نيزاريون ڪرڻ. رڙهيو راءِ ڏياچ کي، ڪوڙين ڪرنش ڪن.
ڪلهنئون ڪورڻ: سر ڏيڻ، راز ڏيڻ. ڪِ ڪلهنئون ڪوريان، ڪِ جاجڪ جسي سين ڏيئين.
ڪماچ سبن ڪاٿڻ: آواز يا آلاپ سان حاصل ڪرڻ. رات منھنجو روح، ڪاٽيو ته ڪماچ سين.
ڪيرتي ڪنبڻ: سوالين جو ڊڄڻ. ڪنبي ويا ڪيرتي، ڪوماڻو ڪماچ.
گرنار جو گل ڇڄڻ: جدائي ٿيڻ. گل ڇنو گرنا جو، دٻڪيو دئار.
ڳاهه ڳالهائڻ: ڳجهيون ڳالهيون ڪرڻ. جيڪا ڳاهه ڳالهايئي، سا سڀ سمجهيسون.
ڳڙهان اوري ڳائڻ: پري کان ڳائڻ. تنين ڳڙهان اوري ڳايو، ساري سڀ ڄمار.
ڳڙهه ڀر ڳائڻ: ويجهو اچي واڪا ڪرڻ. ساري رات صاحب کي، ڳڙهه ڀر ڳايائين.
گهورن سان گهرڻ: اشارن سان گهرڻ، يڪ ڌيانو ٿي وِهڻ. سِر جي وائي سُر ۾، گُهورَنِ سان گُهرندو.
لائق لهڻ: جس لهڻ، سٺي حاصلات ٿيڻ. تي لائق لڌائين، جيئن هو ميراثي مڱڻو.
مام پروڙڻ: ڳالهه يا راز سمجهڻ. مر ته آئين مَڱڻا، مام پروڙي مون.

No comments:

Post a Comment