Saturday, April 14, 2012

ڏُکارو منطق - گابريل لائوب / ولي رام ولڀ


ڏُکارو منطق
گابريل لائوب / ولي رام ولڀ
ايفورِزم (Aphorism) هڪ مختصر پر جامع جملي کي چئبو آهي، جيڪو مثال ڏئي، ڀيٽ ڪرڻ جي ذريعي يا ڪنهن شيءِ جي خلاف اظهار راءِ سان پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪري. ايفورزم جي لفظي معنيٰ آهي مختصر، اڻپورو ۽ زوردار. يوناني فيلسوف هيپوڪراٽس کي انهيءَ صنف جو مهندار ڪوٺيو ويندو آهي. جرمن ادب ۾ گوئٽي ۽ فيلسوف شوپنهار ۽ نيچي (نطشي) انهيءَ صنف کي ڪاميابيءَ سان استعمال ڪيو آهي. سهيوڳي اديبن ۾ خاص ڪري گابريل لائوب انهيءَ صنف تي ڪم ڪيو آهي. لائوب 1928ع ۾ چيڪو سلاواڪيا جي اُن حصي ۾ پيدا ٿيو، جتي جرمن زبان ڳالهائي وڃي ٿي. تعليم پراگ ۾ حاصل ڪيائين ۽ اُتي ئي صحافي ۽ اديب جي حيثيت سان پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين. 1928ع ۾ جڏهن چيڪو سلاواڪيا ۾ روسي فوجون گهڙي آيون ته هو مغربي جرمنيءَ هليو ويو. ”ڏکارو منطق“ جي عنوان سان هن ايفورزم جو هڪ مجموعو شايع ڪيو هو. هيٺيون مواد اُنهيءَ مان چونڊيو ويو آهي- سنڌيڪار


- منطق هيٺئين طبقي جي شيءِ آهي. معزز ۽ طاقتور ماڻهو انهيءَ کانسواءِ ئي پنهنجو ڪم ڪڍيو وڃن، جنهن شخص کي سزاوار هئڻ کانسواءِ سزا ڏني ويندي آهي، اُن جو ذميوار هو پاڻ آهي، هن کي ڪو سزا جوڳو ڪم ڪرڻ گهرجي ها.
- ڪو به شخص ايتري قدر عقلمند نٿو ٿي سگهي جو هو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي عقلمند انسان به سمجهندو هجي.
- هر شخص پئسن خاطر شادي ڪندو آهي. کيس گهٽ ۾ گهٽ اها سُڌ ته آهي ته هن شادي ڇا لاءِ ڪئي هئي.
- حسابي علم اسان کي سيکاري ٿو ته ٻُڙين کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي.
- ٻن ٻُڙين جي وچ ۾ ايڏو وڏو تفاوت نٿو ٿي سگهي.
- جيڪو به پنهنجي پاڻ کي پيٽ ڍاول ۽ تازو توانو ڏسڻ جي خواهش رکي ٿو، وٽس سڀ ڪجهه ڳڙڪائڻ جي صلاحيت به هجڻ گهرجي.
- وقت پئسي جي برابر آهي؟ اها شيءِ ڪنهن ٻئي هنڌ دريافت ٿي. اسان وٽ انهيءَ قسم جي تحقيق لاءِ نه وقت آهي ۽ نه ئي پيشو.
- جڏهن سمورا ماڻهو بي ڊپا هجن ته اها ڳالهه ڊيڄارڻ لاءِ ڪافي آهي.
- جنگ ۾ هر ڳالهه ممڪن آهي. انهيءَ پهلوءَ کان اها امن سان هڪ ڀيرو مشابهت رکي ٿي.
- چريا سچي ڳالهه چوندا آهن. انهيءَ ۾ سچي ڳالهه جو ڀلا ڪهڙو ڏوهه؟
- هن ڪڏهن ڦاسيءَ جو حڪم پاڻ نه لکيو. اهو ڪم هميشه هن جي سيڪريٽريءَ ڪيو.
- نظرين جي سهاري انسان هِن طرح نٿو جيتي سگهي جو انهن کي مقابلي ۾ شامل ٿيڻ کان روڪيو وڃي.
- ورهين جي ڪوششن کانپوءِ هن پنهنجي سهيوڳين جي خيالن کي سمجهڻ جو فن سکيو. ٿوري عرصي کانپوءِ هو مري ويو بيڪاريءَ جي سبب.
- ”انسان سموري قوم کي مسلسل دوکو نٿو ڏئي سگهي....“ وچ ۾ وقت بوقت ساهي ڏيڻ گهرجي.
- جنرل اهو جمعدار آهي، جنهن کي هر هر ترقي ڏيڻ ۾ ايندي رهي.
- آئيڊيلسٽ اهو شخص آهي، جيڪو پنهنجو آئيڊيل رقم وصول ڪرڻ لاءِ ڇڏي ڏيندو آهي.
- ڪڏهن ڪڏهن انسانيت پنهنجي ترقيءَ جي منطقي رستي کان ڀٽڪي ويندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ان جو وجود اڃا تائين ملي ٿو.
- ”مان جنهن کي چاهيان ان جو پيڇو ڪري سگهان ٿو.“ سپاهيءَ چيو. ”اهو ثبوت آهي مڪمل آزاديءَ جو.“
- مان به انسان آهيان، پر اها ڳالهه ڪنهن سان به نه ڪج.
- حڪم هرڪو ڏئي سگهي ٿو. حڪم جي تعميل گهڻو ڪري هرڪو ڪري سگهي ٿو، پوءِ انسانن لاءِ صلاحيتن جي ڀلا ڪهڙي ضرورت ٿي رهي؟
- وٽس اها شيءِ وڪرو ڪرڻ جي صلاحيت آهي، جيڪا سندس اندر ۾ ناهي.
- چترڪار ”س“ جي پينٽنگس ۾ ڪمال آهي. هو جڏهن لينڊ اسڪيپ ٺاهي ٿو ته اُهي ماسٽر پيس هوندا آهن، پر جڏهن انسانن جون تصويرون ٺاهي ٿو ته انتهائي بيڪار لڳندو آهي.
- هو ته گهڻو ڪري ڪلاسڪ جو درجو ماڻي چڪو آهي. هاڻي ته سندس ڪتاب ڪو ورلي ئي پڙهي ٿو.
- ادب جو آئيندو ايفورزم ۾ آهي. انهيءَ جي فلم نٿي ٺاهي سگهجي.
- ايفورزم ۾ هڪ خوبي ٻين سڀني صنفن کان وڌيڪ آهي. ماڻهو انهن کي پورو ڪرڻ کان اڳ هڪ پاسي نٿا رکن.
- انسانيت سان محبت ڪرڻ؟ پهرين رڳو هڪ انسان سان محبت ڪري ته ڏسو....
- سوچ ويچار تي ٽئڪس لڳائڻ ايڏو ڏکيو ثابت نه ٿيندو. هر اهڙي شخص جو، جيڪو سوچ ويچار جو عادي آهي، هڪ فائيل موجود آهي.
- فوج جو آفيسر، هڪ اُهو ماڻهو جنهن کي امن جي ڏينهن ۾ خوب کارائبو پياريو آهي ته جيئن هو اسان کي جنگ جي ڏينهن ۾ محاذ تي موڪلي سگهي.
- هڪ آزاد انسان اهو شخص آهي، جنهن کي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي آزاد نه هئڻ جو احساس ٿي چڪو آهي.
- گهڻن ماڻهن لاءِ سياست هڪ Hobby جو درجو رکي ٿي، جيئن ٽپال جون ٽڪليون گڏ ڪندڙ اهو فيصلو ته نٿا ڪري سگهن ته ڪهڙيون ٽڪليون جاري ڪيون وڃن، پر جيڪو به هوشيار آهي، اهو انهن مان ڏاڍا پئسا ڪمائي سگهي ٿو.
- حاڪم چيو: منهنجي رعيت آزاد آهي ۽ کيس آزاديءَ سان محبت ڪرڻ جو حڪم آهي.
- خودڪشي ڪندڙن کي ناجائز طور رياست جي حقن ۾ دست اندازي جي الزام هيٺ سزا ملڻ گهرجي.
- ظالم حاڪم چرچو ڪيو. هن هڪ ڏوهاري کي سچ پچ سزا ڏيئي ڇڏي.
- مان اعلان ڪريان ٿو ته مان امن جي قيام لاءِ هر اها ڳالهه ڪندس، جيڪا منهنجي ’اختيار ۾ هوندي، انهيءَ اعلان جي ذريعي مون امن جي قيام لاءِ هر اُها ڳالهه ڪئي آهي، جيڪا منهنجي اختيار ۾ هئي.
- آڳاٽي زماني ۾ هر غير شادي شده ڇوڪري ڪنواري سمجهي ويندي هئي. اڄ ڪلهه هو ملازم کي ڪم ڪندڙ سمجهيو وڃي ٿو.
- جنهن جنگ نه ڏٺي آهي، اُن کي اها سُڌ نٿي پئجي سگهي ته جنگ کان اڳ جو زمانو ڪيڏو شاندار هو.
- ڪاغذ صابر شيءِ آهي. اهو سچي ڳالهه کي به برداشت ڪري وٺي ٿو.
- اهو چوڻ فقط پروپيگنڊا آهي ته اخبارون پنهنجي پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور نه ٿيون ڪن. اُهي باقاعدگيءَ سان معما شايع ڪنديون آهن.
- رستا جيڪي ڪيڏانهن نٿا وڃن، اهي انتهائي پُرامن هوندا آهن.
- ٽريفڪ جي حادثن ۾ ڏوهاري اُهي آهن، جيڪي زندهه بچي نڪتا. سياسي حادثن ۾ معاملو اُبتو آهي.
- پنهنجي ڪمزوريءَ کي وقت جي سر تي نه مڙهيندا ڪريو. اُن جون پنهنجون ڪمزوريون ڪافي آهن.
- آخر ڪوئن کي ڇو ٿو ننديو وڃي جو اُهي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي ڇڏيو وڃن؟ ٻڏندڙ ٻيڙيءَ ۾ ڪوئن جي ڀلا ضرورت به ڪهڙي آهي؟
- مان سوچ ويچار ڪرڻ تي ٽئڪس لڳائڻ جو مطالبو ڪريان ٿو، جيئن اُن جي قانوني حيثيت بڻجي سگهي.
- سوچ ويچار تي ٽئڪس هيستائين رڳو انهيءَ سبب ڪري نه لڳايو ويو آهي، جو انهيءَ جي هئڻ سان تمام گهٽ آمدني ٿيندي.
- دليلن جي مقابلي ۾ حوالا بهتر آهن. حوالن جي ذريعي پنهنجي مد مقابل کي قائل ڪرڻ کانسواءِ انسان بحث ۾ جيتي سگهي ٿو.
- معاشري انسانن کي غلاميءَ جي حالت ۾ رکڻ خاطر ٽي شيون ايجاد ڪيون آهن- طاقت، پئسو ۽ آزادي.
- حاڪم طبقو جيڪو دوکيبازيءَ وسيلي طاقت کي پنهنجي هٿ وس رکي ٿو، پنهنجي انسانيت نوازي ۽ پنهنجي نيڪ ارادن جو ثبوت ڏيندو آهي، اهو طاقت جو استعمال به ته ڪري سگهي ٿو.
- ”مان ۽ منهنجو گڏهه.“ انهيءَ شخص چيو، جيڪو گڏهه جي پُٺيءَ تي چڙهيل هو. ”اسان مڪمل طور آزاد آهيون ۽ جتي چاهيون اوڏانهن چڙهي وڃي سگهون ٿا.“
- ”ها، ها. دوست آهي.“ گڏهه چيو.
- جيڪڏهن غلام ايتري قدر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿين ها جيتري قدر اڄ ڪلهه آزاد انسان ڪن ٿا ته اڄ به غلامي جو زمانو هجي ها.
- غلام: اهي اُهي ماڻهو هئا، جن جي هڪ مقرر قيمت هوندي هئي.
- ڪتا جيڪي ڀونڪندا آهن، اُهي چڪ نه پائيندا آهن، پر اهي مسلسل ته نٿا ڀونڪن.
- انسان هميشه بدلبو رهندو آهي، پر انسانيت ۾ ڪابه تبديلي نٿي اچي.

No comments:

Post a Comment