چوڻي: اھو ٿور-اکري نڪته-دار مقرر روپ لوڪ-پسند مڪمل جملو، جيڪو پنھنجي معنيٰ ۾ ئي استعمال ٿئي. پھاڪو: اھا چوڻي جيڪا پنھنجي معنيٰ کان علاوه ٻي معنيٰ ۾ استعمال ٿئئ. ورجيس: بنا مصدر مقرر روپ لوڪ-پسند فقرو، جنھن ۾ نڪتو سمايل ھجي ۽ پنھنجي معنيٰ کان علاوه ٻي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي. اصطلاح: مصدري فعل سان غير مقرر روپ فقرو، جنھن ۾ نڪتو سمايل ھجي ۽ پنھنجي معنيٰ کان علاوه ٻي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي.
Friday, December 16, 2011
ٻير - نواز ڪنڀر
منجهيل سُٽ - مٺل جسڪاڻي
منجهيل سُٽ!
مٺل جسڪاڻي
پاڻ ڪيتريون ئي چوڻيون، پهاڪا،
مُحاورا ۽ اصطلاح وغيره، ٻالڪپڻ کان وٺي ٻُڌندا اچون ٿا. اڪثر وڏڙن ۽ وڏڙين جي
واتان ٻُڌبا آهن، ڪي استادن، ڪي هم عمر، ته ڪي ننڍن کان ٻُڌڻ جو به موقعو ملي ٿو،
پوءِ به روزمرهه جي زندگي ۾ ٻُڌجندڙ ۽ پڙهجندڙ نون توڙي پراڻن مان ڪيتريون ئي
چوڻيون، پهاڪا، مُحاورا ۽ اصطلاح وغيره رهجي به وڃن ٿا. اهي ٻُڌڻ يا پڙهڻ ته بس
اتفاق سان ٿيندو رهندو آهي، پر انهن کي سمجهڻ جو ڪو هڪ نه، انيڪ طريقا آهن ۽
جيتوڻيڪ اهي سڀ نهايت ئي سليس ۽ عام فهم به آهن، پوءِ به ڪن چند کي ڇڏي، مون پارن
جي گهڻائي، پيري کي پهچڻ باوجود، اڪثر چوڻيون ۽ پهاڪا سمجهڻ کان قاصر رهجي وڃي ٿي!
ان ڪري اصولي طور سنڌي ٻولي جي مُحققن کي صرف تحقيق ڪرڻ جي منٿ ڪبي، ته هڪ ٻن
ڪتابن، ٻن ٽن ايم اي، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي مقالن جو حوالو ڏئي، ماٺ ڪرائڻ جي ڪوشش
ڪندا! تنهن ڪري “مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ”
ڪرڻ کپيم، پر خبر نه آهي ڇو، مون کي پڪ آهي ته اڃا به ڪيترا ئي پهاڪا سهيڙجي نه
سگهيا آهن، ان ڪري هن موضوع تي ٿيل تحقيق کي اڳتي وڌائيندي، اڃا به کوجنا ڪرڻ کپي.
Thursday, December 15, 2011
لکي لکاڏنو ۽ پڙهي الهڏنو - حيات علي شاهه بخاري
Friday, December 2, 2011
ورجيسون پسمنظر ۽ ڪارج - انجنيئر عبدالوهاب سهتو
پسمنظر ۽ ڪارج
چند سنڌي چوڻيون SOME SINDHI SAYINGS
پھاڪا، اصطلاح، چوڻيون ۽ ورجيسون - ڊاڪٽر عبد الجبار جوڻيجو
مون کي احساس آھي ته ڪنهن به زبان جي اصل جوھر جي پرک ان جي
لساني، صوتياتي ۽ صرف و نحو جي تپاس ۽ اپٽار سان ٿئي ٿي. منجھس ڪھڙيون خوبيون ۽
نرالايون آھن، انهن جي جاچ ڪجي ۽ کولي مثالن سان بيان ڪجي. اِن ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته لسانياتي جائزو زبان جي حسن کي
پوري آب و تاب سان ظاھر ڪري ٿو. سنڌي زبان جي ماھرن اِن باري ۾ گھٽايو ڪونهي،
ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، پروفيسر علي نواز جتوئي ۽ ڊاڪٽر غلام
علي الانا ھن سلسلي ۾ بنيادي ڪم ڪيو آھي ۽ لسانيات توڙي گرامر جي ھر پھلو ۽ باريڪ
نڪتن کي کولي بان ڪيو اٿن. آءٌ ھن باب ۾ زبان جي حسن ۽ جلوي کي آشڪار ڪرڻ ٿو
گھران، جيڪو پھاڪن، اصطلاحن، چوڻين ۽ ورجيسن ۾ به موجود آھي ۽ زبان جي ماھيت ۽
جوھر کي ظاھر ڪري ٿو.



