Sunday, October 22, 2023

گهوٻاٽو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

گهوٻاٽو

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



گهوٻاٽو/ لَوَڙ، هڪ ڪاٺيءَ جو اهڙو اڇلائي هڻڻ جو هٿڻ آهي، جيڪو ڀاڳيو يا چور چڪار پنھنجي بچاءَ يا هلان ڪرڻ لاءِ کڻندو هئو. جديد هٿيارن سبب، هيءُ هٿڻ هاڻي ڪم نه ٿو آندو وڃي. جيڪڏهن ڪم آڻجي به، پر ان کي نشاني تي اڇلائڻ لاءِ به وڏي مھارت کپي، جيڪا هاڻي جي ماڻهوءَ وٽ ڪونهي. ڪو ڪاٺيءَ جو ٺھيل هٿڻ، اڇلائي هڻڻ وارو ڀير دنيا جي ٻين سڀيتائن ۾ به ملي ٿو، جيئن: war club. ان ’وار ڪلب‘ جا به الاهي نمونا آهن، ليڪن ڪم اهو ئي اٿس، ڪنھن دشمن يا جانور تي اڇلائي هڻڻ! ان جا به جيڪڏهن نمونا ۽ ڀير ڏسجن ته هڪ نه ملندو، بلڪ سڌريل شڪل تائين، کوڙ نمونا ۽ ڀير ملندا. سنڌ جي سڀيتا ۾ جيئن ته هڪ چوراڻو هٿڻ آهي، ان لاءِ ڪوبه چور سيڙجي، ڊکڻ يا ماهر وٽ گهوٻاٽي ٺھرائڻ لاءِ نه ويندو، بلڪ پاڻ کي وڻ مان ان لام جي چونڊ ڪندو، جنھن جي منھن ۾ ساڳي ڪاٺيءَ جو اهڙو ڳنڍ هجي، جيڪو ڪاٺيءَ جي ڀيٽ ۾ ٿلهو ۽ ڳورو هجي. اهو نمونو ڪافي آڳاٽو آهي، جيڪو هاڻي به ساڳيو سمجهيو وڃي ٿو.



گهوٻاٽو، هٿ جي لڪڻ طور ڪم آندو ويو. هيءُ لفظ ’گهوٻِي‘ مان ورتل آهي، جنھن جي معنى پڻ ’هٿ جو ننڍو لڪڻ‘ آهي. اڳي هر ماڻهو گهمڻ گهتڻ، ميلي ملاکڙي ۾، سير سفر ۾ هٿ جو لڪڻ لازمي کڻندو هئو. اهو لڪڻ کڻڻ جو رواج گهڻو پراڻو رهيو آهي. هٿ جو لڪڻ، رستي ۾ جانور، دشمن وغيره کان بچاءَ لاءِ کڻبو هئو؛ پوءِ گهرج آهر ان لڪڻ جون شڪليون مٽايون ويون، جنھن صورت ۾ لَٺِ، بانٺو، لَڪڻ، ڌُڪو، ڇَڙهِي، ڏَنڊو، سَونٽو، گهوٻاٽو، ڏَڦو، ڀالو، خُردم، گُرز وغيره. هر وٿُ کي کڻڻ يا ڪم آڻڻ جا الڳ الڳ رخ ٿين ٿا، ڪو ڀاڳيو ڪو هٿڻ کڻندو، ته پنھنجي بچاءَ لاءِ، ڪو چور چڪار کڻندو ته پنھنجي پليت ۽ بد نيت ڪمن لاءِ، سو آهي ماڻهوءَ جي ڪم آڻڻ تي، ڀلو ڪم ٿو ڪري يا ڀُتو! گهوٻاٽو به ايئن آهي، پر گهڻي ڀاڱي ان کي چورن سان سلهاڙيو ويندو آهي.

گهوٻاٽي کي هڪ پاسي مٿو ٿئي ٿو، ان ڪارڻ هاري ناري به پنھنجي زمين جي کيڙيءَ جا ڀتر به انهيءَ سان ڀڃي وٺندا آهن. ان کان سواءِ ٿوڻي يا ڪِلو ٺوڪڻ لاءِ هٿوڙي جيان ڪم وٺي سگهبو آهي. ان جي هڪ مقرر شڪل ته آهي ڪونه، ان لاءِ هر ماڻهو پنھنجي ليکي ٺاهي وٺندو آهي ۽ گهرج آهر ڪم آڻي سگهندو آهي.

گهوٻاٽو گهڻي ڀاڱي کبڙ جي ڪاٺيءَ مان ٺاهيو ويندو آهي، باقي ٻٻر مان به ٺاهي سگهجي ٿو. کبڙ يا ڄار اهڙي ڪاٺي آهي، جنھن جي اندر ۾ سنها ڌاڳا هوندا آهن، جنھن ڪري ان ۾ لچڪ رهندي آهي. ٻيُون ڪاٺيون وچئون ٽٽي سگهن ٿيون، ليڪن کبڙ ۾ اهڙي ته لچڪ رهندي آهي جو آسانيءَ سان ٽوڙي به نه سگهبو. اهو ئي سبب آهي جو گهوٻاٽي لاءِ کبڙ جي ڪاٺي کي وڌيڪ ڪم آندو ويندو آهي. باقي ته ڀليون ڪاٺيون ته ٻيون به ٿي سگهن ٿيون.

گهوٻاٽو ٿيندو ڇا آهي ۽ ڪيئن ٿيندو آهي، ڪھڙي ڪم آندو ويندو آهي؟ اهڙا ڪافي سوال اڀرندا آهن، انهن ماڻهن لاءِ جن ان کي اکين سان نه ڏٺو آهي يا ڪم آڻيندي نه ڏٺو آهي ۽ پاڻ ان کي ڪم ۾ آڻي نه ڏٺو آهي. مون کي پاڻ ان جي شڪل بيھڪ بابت سوچ هئي، ته اهو ٿيندو ڪيئن آهي! ڪافي دوستن ۽ پرين پيارن کان ڄاڻ ورتم، جن موجب اها ڳالهه سامهون آئي ته ’اهڙو لڪڻ جيان هٿڻ، جيڪو ڪنھن کي ڦَٽڻ لاءِ اڇلائي هڻجي ۽ اڳلو ان ۾ اهڙو لاچار ٿي وڃي، جو تڪڙو چري پري نه سگهي.‘ اهو اڇلائي هڻڻ وارو هٿڻ، دنيا جي سڀني سماجن ۾ ڪم آندو ويو آهي ۽ بنيادي بيھڪ گهڻي ڀاڱي ساڳي اٿس، پوءِ ڪن وٽ ان جي ٺاهه ٺوهه ڪاريگريءَ سان ڪئي ويئي آهي، ته ڪن وٽ وري مڙيئي ڏَڪر وانگر، ڪھاڙي يا تيز ڌار سان ڪٽي گهڙي ڪم آندو ويو آهي. ڪم اهو ئي اٿس، ’اڇلائي هڻڻ‘ وارو!

سنڌي سڀيتا ۾ جيڪا گهوٻاٽي جي بيھڪ ڏسي ويئي آهي، ان جا ٻه- ٽي نمونا آهن.

• هڪ: اهڙي ٻه- اڌائي فوٽ ڊگهي ۽ ڏيڍ- ٻه انچ ٿلهي لٺ، جنھن جو منڍو ٿلهو کينھونءَ نما هجي، ۽ مٺيو هلڪو ۽ سھائيندڙ هجي. هيءُ نمونو عام سڏيو ويو آهي. هن مطابق اهڙي ڪاٺي کنئي ويندي آهي، جنھن جو اڳيان ڳنڍ هجي، جنھن کي گهڙي گول کينھونءَ نما بيھارجي ۽ ٻيو پاسو لٺ وانگر سڌو يا هلڪو ٽيڙ هجيس. اهو ٽيڙ وري هلائڻ واري جي هٿ تي آهي، ته ان کي ڪيئن سولو ٿو لڳي. ان جي هڪ پاسي جي شڪل ايئن بيھندي آهي، جيئن خردم جو هڪ پاسو! هن کي اڇلڻ لاءِ گهڻي ڀاڱي مٿي پوئتي هٿ ڪري، سڌو هنيو ويندو آهي. ڪن جو هٿ وري پاسيرو به هلندو آهي، پر اصل ڳالهه آهي نشاني کي چُٽڻ، سو جنھن جھڙي نموني جي سکيا ورتي هوندي، اهڙي انداز سان ئي اڇلائيندو. هيءُ نمونو وڏي سگهڙائپ سان ٺھندو آهي ۽ ڪوڏيا ماڻهو ٺاهه ٺوهه سان ٺھرائي رکندا آهن.

• ٻيو: اهڙي ٻه- اڍائي فوٽي ڪاٺي، جنھن جي منڍي ۾ ڳنڍ (ڏار جو ٿلهو ٽڪرو گڏيل) هجي. هن نموني جو گهوٻاٽو به عام آهي. هيءُ گهوٻاٽو گهڻي ڀاڱي کبڙ جي ڪاٺيءَ مان ٺاهيو ويندو آهي. اهڙي اڍائي- ٽي فوٽي ٽاري ڪٽبي، جنھن جي مُنڍي ۾ ڏار جو ڪو چار آڱر ٽڪرو گڏيل هجي. ان کي جيڪڏهن وڌيڪ گهڙبو ته کينھونءَ واري شڪل وٺي ويندي، پر جيڪڏهن ايئن ئي مڏو سڏو گهڙي، منڍي ۾ڳنڍ ڳوڙهو بيھاربو ته به هلي ويندو. هن نموني جي ٺاهه ٺوهه تي گهڻو خيال نه ڪيو ويندو آهي، بس ان جي ڪاٺيءَ ۾ ٿورو ڏِنگُ هجي، هٿ وجهڻ جي جاءِ سولي هجي، باقي اڻ گهڙيل هلي ويندو.

• ٽيو: اهڙي اڍائي ٽي فوٽي ٿلهي ڪاٺي، جنھن جي منڍي ۾ ننڍو يا وڏو اَنگهو (ڪنڍي نما) هجي. هيءُ قسم به گهوٻاٽو سڏجي ٿو، ان سان هاري ناري ڪڻڪ جو گڏو کڻي سگهن ٿا، ڪنھن لوڙهي کي سٽ ڏيئي پٽي سگهن ٿا. ٻيانو ته ڍنگرن جو پُور کڻڻ ۾ ٽيڪ طور ڪم ايندو، يا پُور سٿڻ يا کڻڻ ۾ به ڪم ايندو، ليڪن مڪڙي نما گهوٻاٽي سان لوڙهي جو ٻرگهل نڪري سگهي ٿو. ان قسم جي گهوٻاٽي کي ’مڪڙو/ انگڙو/ ڪوڙڪو‘ چوندا آهن، جيڪو عام طور هاري ناري، ڪمين ڪارين کڻندو آهي. ان کي ’مڪڙو‘ چئجي ته وڌيڪ مناسب آهي. البت، گهرج آهر گهوٻاٽي وارو ڪم به وٺي سگهجي ٿو. مٿي چٽو ٿي چڪو آهي ته اهڙو لٺ جو ٽڪر جيڪو اڇلائي هڻجي يا ڪنھن کي چُٽجي ته ان کي گهوٻاٽو چئبو. ٻي صورت ۾ ان قسم کي ’مڪڙو‘ چوڻ ٺيڪ رهندو.

• چوٿو: اهڙي ٻه اڍائي فوٽ ڊگهي ۽ پوري پني ٿلهي ڪاٺي، جنھن جي هڪ پاسي نوڪ گهڙيل هجي. هيءُ به نمونو ٻڌايو پيو وڃي، جنھن ۾ پوري پني ٿلهي ڪاٺي ۽ ٻيو پاسو ڪجهه وڌيڪ سڪمو، ٿلهي پاسي ڪاٺيءَ جي نوڪ بيھاريل، ڪاٺيءَ ۾ ٿورو ٽيڙ، جيڪو اڇلڻ ۾ سولو لڳي. صفا سڌي ڪاٺي ايترو وارُ نه ڪري سگهندي، جيترو وارُ هلڪي ٽيڙ واري ڪاٺي ڪندي.

• پنجو: اهڙي مڙيل ٺونٺ نما ڪاٺي، جنھن جي ڪنڊ 140 ڊگريءَ تي هجي، جنھن جا ٻئي پاسا برابر هجن، يا هڪ پاسو ڪجهه ٿلهو هجي. اهو گهوٻاٽو وري، سڌو اڇلائڻ بجاءِ، پاسيرو اڇليو ويندو آهي. اڇلڻ بعد ڦرڻيءَ وانگر پيو ڦرندو ۽ وڃي نشان تي چٽجندو. هن جي اڇلائڻ ۾ گهڻي ورتاءَ جي گهرج هوندي آهي. هيءُ گهوٻاٽو جي ڪنھن کي ڪنڌ ۾ لڳي ته مڻڪو ڇڃي وجهندس. هن قسم کي ڪم آڻڻ ۾ وڏي فن جي گهرج پوندي آهي.

• ڇھو: هڪ اهڙي ننڍي ٻه يا ٽي فوٽي ڪاٺي، جنھن جي منڍي ۾ ڪھاڙيءَ نما ٻئي پاسا نوڪ يا ڦرُ گهڙيل هجي. هيءُ نمونو به ٻڌايو پيو وڃي. هن جا ٻئي پاسا ڪھاڙي واري ڦر وانگر هوندا آهن. هن ۾ اهو ٿيندو آهي ته هڪ پاسو نشان تي نه لڳو ته ٻيو پاسو ضرور لڳندو، پر وري به اڇلائڻ واري جي ڍنگ تي آهي.

گهوٻاٽي جي ماپ ڪٿيل ناهي، ڪو فوٽ کان ڏيڍ فوٽ به رکي سگهي ٿو، اهو سڄو ڪجهه کڻندڙ جي هٿ تي آهي، ته ان کي ڪيئن سولو ٿو لڳي. اهو ان لاءِ ٿو چئجي، ته ڪافي چور چڪار انگوڇي ۾ گهوٻاٽا وجهي، هلندو هئو، ۽ وقت تي ڪڍندو اڇلائيندو ويندو هئو. جيڪڏهن وڏي ماپ جا هوندا ته سولائيءَ سان انگوڇي ۾ ويڙهي، ڪلهي ته به کڻي نه سگهندو.

هي نمونا ٻڌ سڌ تان ورتا ويا آهن. نمونا ڀلي مختلف هجن، پر ڪم وري به اڳلي تي اڇلي، ڌڪِي ڪرڻ آهي، پوءِ آهي اڳلي جي هٿ تي، ته هو ڪيئن ٿو ڪم آڻي ۽ ڪيئن ٿو ان کي سولو لڳي. گهوٻاٽو ڀلي ڀاڳيو يا ساڌ رکي، پر آهي سلهاڙيل چور سان! چور به وس ڪندا هئا ته ڀاڳيو منھن نه چڙهي، جي چڙهي ويو ته گهوٻاٽي سان گوٽجي ويندو. ٻڌو ناهي ته ڀاڳين به گهوٻاٽو رکيو هجي. هونئن ڀاڳين کي جهَل ڪونهي، جو گهوٻاٽو نه کڻن؛ پر ٻڌو ايئن ويو آهي ته چور کڻندا آهن.

محمد اسماعيل عرساڻيءَ جيڪا گهوٻاٽي جي وصف ڄاڻائي آهي، سا اها ته ’گهوٻاٽو آهي به سادي شيءِ، ڪاٺيءَ مان تيار ڪيل ٽي فوٽ ڊگهو لڪڻ، جنھن جو هڪ مٿو ڪاٺ واري ڳنڍ جو هوندو آهي.‘ هن وصف مان مراد اها آهي ته آهي ٽي فوٽي ڪاٺي، ليڪن ان جو منھن يا مٿو ڪاٺيءَ جي ڳنڍ وارو هوندو. اهو ڳنڍُ ڪاٺيءَ سان مليل هوندو، ڌاريو نه هوندو. يعني ڪا لامَ پٽبي ته ان سان ڏار جو ٽڪرو مليل هوندو.

ان جي ٺاهڻ لاءِ ڪنھن ڊکڻ جي گهرج نه ٿي پوي، بس ڪھاڙي هجي، هلائڻ وارو هجي ۽ وڻ جا ڏار ۽ لامون هجن. خيال رڳو اهو رکڻو آهي ته ڪاٺي اهڙي ڪٽجي، جو ان سان ڏار جو ٽڪر مليل هجي. ان ڏار جي ٽڪر کي ٿورو ئي گهڙجي ته هڪ پاسو ٿلهو وزني لڳي، جيڪو اڇلڻ ۾ سولو رهي. هونئن به ڪنھن ڪاٺيءَ جو هڪ پاسو سنهو ۽ ٻيو پاسو ٿلهو ۽ ڳورو هوندو ته اڇلڻ سان اهڙو ڀرڙاٽ ڪري ويندو، جو ڄڻ بندوق مان گولي ڇٽي هجي. عام ماڻهو ايئن اڇلي ته ويندو، پر جنھن جو هٿ هريل هوندو، ان جي اڇل سڌو نشاني کي چُٽيندي.

اهو ان لاءِ ٿو چئجي ته اهو هٿڻ چورن سان ئي سلهاڙيل آهي، ڇالاءِ ته ان کي هلائڻ لاءِ وڏي مشق ڪرڻي ٿي پوي. ڀاڳيو ويھي اهڙي سکيا ڪونه وٺندو آهي، هو ته بس هاهڙ هوهڙ ڪندو، باقي جيڪي بنيادي چورن کان سکيا ورتل هوندا آهن، اهي ڀاڳيا گهوٻاٽا رکندا آهن. گهوٻاٽو رکڻ ڏکيو ناهي، بلڪ هلائڻ ڏکيو آهي. ان لاءِ چڱي عمر ڏيڻ پوندي آهي. جيڪي گهوٻاٽو اڇلڻ وارا هوندا آهن، انهن جو ورلي ڪو نشان گسندو، نه ته چُٽڻ سان وڃي اتي لڳندو، جتي هنن اک وڌي هوندي.

اڳي جڏهن مشين وارا هٿيار نه هئا، ته وڏڙا چوندا هئا ته ’گهوٻاٽي سان چُٽڻ‘ سکو، ڪم ايندوَ. ڪي وري ان خيال جا هئا ته جيڪڏهن ڪنھن کي گهوٻاٽو اڇلڻ سيکاربو ته وڃي چور ٿيندو، ان لاءِ اهو پاسو ئي نه وڃجي. بھرحال، آهي ته هٿڻ، ڪنھن به ويل ڪم وٺي سگهجي ٿو، ان لاءِ ان جي مشق لازمي آهي.

سگھڙن جا ٻول

• ڪرڙ ۾ گهوٻاٽو، مينھن آيو گهاٽو. (ٻاراڻا ٻول)

اصطلاح ۽ پھاڪا

• اٽو ٻاٽُ، چي؛ گھوٻاٽُ!

(هڪ ڳالهه جو ٻيو مطلب وٺڻ)

• لکيا لڳن، گهوٻاٽا گهيڙن ۾.

(اتفاقي طور اتان نقصان ٿي سگهي ٿو، جتي ڪو گمان به نه هجي)

No comments:

Post a Comment