Sunday, October 22, 2023

ڪاتِي - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

ڪاتِي

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



ڪاتي، سنڌي لوهر جو ٺھيل اهڙو تِکو سَنڊرُ (ٿانءُ يا اوزار) آهي، جنھن جي هر گهَر کي گهرج رهي ٿي. هيءَ وٿُ، گهر ۾ ڪَچي ڀاڄي ڀُتي، گوشت مڇي يا ميوو وغيره ڪَٽڻ لاءِ ڪم آندي ويندي آهي. حلال جانور کي ڪُھڻ لاءِ به ڪاتيءَ کان ڪم ورتو وڃي ٿو. ان کان سواءِ به وَڍَ ٽُڪَ لاءِ اهڙو هٿَڻُ ڪم اچي. اهڙيءَ گهرُو وَٿ جا به الاهي نالا آهن، جيئن: ڪاتُ، ڪاتي، ڪَپُ، چاڪُون، ڇُرو، ڇُرِي، ڪِرچَ وغيره. وري هن ۾ جيڪو مُٺيو پئي، ان جا به نمونا الڳ الڳ ٿين ٿا. عام طور ڪاٺيءَ جو مُٺيو پئي، پر ڪي لوهر وري، لوهه يا ڪنھن ٻيءَ ڌات جو ڌاريو مُٺيو به وجهندا آهن.



سنڌ جي تاريخ ۽ ٻوليءَ جي عالمن جو رايو آهي ته ’قَطَعَ ‘ (هن ڪٽيو) جي معنى ڪَٽڻ ۽ ڪُھَڻُ، ’ڪات‘ مان ورتل آهي. چون ٿا ته جڏهن ’جاحظ‘ يا ’البيروني‘ سنڌ جي سَير سپاٽي تي آيا، ۽ الڳ الڳ دُڻيون گهمي، جيڪي ڳالهيون قلمبند ڪيون اٿن، تن ۾ سنڌ جون نراليون وَٿُون به آهن، جيڪي ٻُڌي ڪري، پنھنجي لِپِيءَ/ رسم الخط ۾ معمولي صوتي فرق سان لکيون اٿن، جيئن: ’کنڊُ‘ کي ’قند‘، ’ٿوم‘ کي ’ثوم‘، ’انب‘ کي ’انبه/ انبج‘، ’ڀَت‘ کي ’بھطه/ بھطا‘، ’مُترڪو‘ کي ’مطرقه‘ وغيره لکيو اٿن، ايئن ’ڪات‘ کي ’قاطع‘ (اسم فاعل) لکيو اٿن. ’ڪات‘ کي ’قاطع‘ لکڻ ۾ جيڪي آواز/ اکر هنن ڪم آندا، اهي سندن ٻوليءَ جي مزاج پٽاندر آهن. جيئن عربي لفظ ’اصطلاح‘، جنھن جي بنيادي ٽه-اکري ’صَلَحَ‘ آهي، جيڪو اصولي طور تي ’افتعال‘ جي وزن سان ’اصتلاح‘ بيھي ٿو، جڏهن ته صوتي لحاظ کان ’اصطلاح‘ ڪم آڻين ٿا. اهو ’ت‘ کي ’ط‘ جي آواز ۾ وٺڻ، عربي ٻوليءَ جي مزاج ۾ آهي. سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي آخر ۾ ڇوٽي سُر/ اعراب تي ٻوليءَ جا ڪافي وياڪرڻي ڪم رکيَل آهن. جنھن صورت ۾ ’ڪاتُ‘ لفظ جي آخر ۾ پيش /اُ/ آهي، جنھن کي عرب سياحن، آخري اعراب تي زور هجڻ واري ڪارِ ڪارڻ، ’ع‘ واري آواز ۾ رکيو ۽ ’ڪاتُ‘ کي ’قاطع‘ ڪري لکيو. ايئن هڪ ٻولي، ٻيءَ ٻوليءَ جا لفظ ڳنھندي آهي، ۽ ٿوري صوتي فرق سان پنھنجي ٻوليءَ ۾ پنھنجائيندي آهي.

ان مامري کي جيڪڏهن ابتي پاسي ڏَنھُون ڏسجي، ته متان عربي لفظ ’قاطع‘ مان، سنڌي ٻوليءَ ۾ ’ڪاتُ‘ ٿيو هجي! سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان اها چٽائي ڏجي ته هن ٻوليءَ جي هڪ خاصيت اها به آهي، ته ڌاري ٻوليءَ جا آواز کٽائيندي ناهي، بلڪ پنھنجي سڀاءَ پٽاندر مَٽي ضرور وٺندي آهي. جيڪڏهن عربي لفظ ’قاطع‘، سنڌي ٻوليءَ ۾ آيو هجي ها، ته ان جا اچار ضرور ’ڪاتِئُه/ڪاتِئو/ ڪاتو/ ڪاتا/ ڪاتع‘ مان ڪو هڪ هجي ها؛ جيئن ’بحث‘ مان ’بئنش‘ اپنائي، ان جي آوازن جي ڳڻپ نه وڃائي ويئي آهي. يعني ڪوبه لفظ، سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل ٿيڻ سبب، پنھنجي آوازن واري ڳڻپ نه وڃائيندوآهي.

ايئن ٻوليون، صوتي فرق سان، ڌارين لفظن کي پنھنجي ٻوليءَ ۾ وٺنديون رهنديون آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ به بدل آوازن جي وڏي قطار آهي، جنھن ۾ ’د‘ کي ’ت‘ ۾ مٽائڻ به آهي، جيئن: فارسي ’پليد‘ مان سنڌي ’پَليتُ‘، ’سفيد‘ مان ’سپيتُ‘. ان مامري کي غلط يا درست واري تُرِيءَ ۾ ڪونه توربو آهي. اهو پڪو امڪان آهي ته سنڌي لفظ ’ڪاتُ‘ مان عربي ’قاطع‘ ورتو ويو هوندو.

سنڌي ٻوليءَ ۾ ’ڪاتِي‘ اسم تصغير آهي، ’ڪات‘ جو! ڪاتُ، گوشت ۽ هڏي جي ڪٽائيءَ ۾ گهڻو ڪم آندو ويندو آهي. جڏهن ڍور وغيره ڪُھجي ٿو، ۽ ان جا هڏ گڏ ڪپجن ٿا، ته نَھِري هڏي ، ڪوڙيءَ واري يا ڀُرڪڻي هڏي تي عام ڪاتي يا ڇري نه وهندي، اتي ڪات سان ڌَڪُ هڻي، پوءِ ان جا ڀاڱا ڪيا ويندا آهن. گوشت جي قيمي ٺاهڻ لاءِ به ڪات کان ڪم ورتو ويندو آهي.

ڪاتي، هونئن ته وَڍَ ٽُڪَ لاءِ ڪم آندي ويندي آهي، جنھن کي ڇُري به چئجي ٿو؛ پر لوهرن يا ڪوسَ وارن جي اصطلاح ۾ ’ڪاتِي‘ ان کي ٿو چئجي، جنھن سان سِيرَ ڏيئي سگهجي. ان جي بيھڪ به نرالي ٿئي ٿي. ’ڪاتِي‘ لوهرن ۽ ڪاسائيُن وٽ وڌيڪ موچارِي ۽ مانائتي ڀانئي ويندي آهي. هن جي ڌارَ وارو ڦرُ، مُٺيي کان مليل نه، بلڪ ٿوري وٿيءَ تي بيھاريو ويندو آهي. اهو ان لاءِ ته ٿوري ڇڏيل وٿيءَ تي، ٽي چَھَڪَ يا ڇيرا ڏيئي، چٽو ڪيو وڃي ته هيءَ ڪاتي سِيرَ (اضحى) لاءِ آهي. ڪاتيءَ جي ڪنڌ تي، جتي اهي ٽي چَھَڪَ ڏنا ويندا، ان کي ڪاتِيءَ جو ’مڻڪو‘ يا ’مَڻيو‘ سڏجي. عام طور لوهر يا ڪوس وارو، جڏهن سِيرَ واري ڪاتِيءَ لاءِ ڪو نالو کڻندو، ته ان کي ’مڻڪي واري ڪاتِي‘ سڏيندو. ايئن سمجهڻ گهرجي ته ڪاتيءَ جو ڪم رڳو ’سِيرَ ڏيڻ‘ آهي، ان جو ڪو ٻيو ڪم ناهي.

شاعرن به پنھنجي شاعريءَ ۾ ’ڪاتي‘، سِير ڏيڻ واري پيرائي ۾ ڪم آندي آهي. سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن ان لفظ کي تمثيلي طور گهڻو کنيو آهي، شاهه لطيف چئي ٿو:

ڪاتيءَ ڪونهي ڏوهُه، ڳنُ وڍيندڙ هٿ ۾،

پَسئو پَرِ عجيب جي، لُڇئو وڃي لوهُه،

عاشقن اندوهُه، سدا معشوقن جو.

ڪاتيءَ ريءَ ڪُھي ڇڏيو، راڻا تنھنجي رنجَ،

سُکون ۽ سَھنج، سوڍا ساڻ کڻي وئين.

ڪلاسيڪل يا جديد شاعرن جي شاعريءَ ۾ اهڙا کوڙ بيت يا شعر ملندا، جن ۾ ڪاتيءَ جي پچار ٿيل هوندي. پوءِ ڪٿي عاشقن جا ڪنڌ پيا ڪُسندا هوندا ته ڪٿي ديس جي ڪوڏيَن جون سِسِيون پيون ڪپبيون هونديون، مطلب ته جتي ڪاتيءَ جو ڪم ڀلائيءَ وارو هوندو ته ڪٿي وري ڏاڍ وارو! ڪاتي ڪٿي معشوقن جي هٿ ۾ ڏيکاريل هوندي، ته ڪٿي پاپين جي هٿ ۾! ڪٿي ڪاسائين جي هٿ ۾ هوندي، ته ڪٿي وري ويڄ طبيبن وٽ، ڪي وري قربانيءَ لاءِ کڻندا، ته ڪٿي وري ٻَلِي چاڙهڻ وارا کنيون بيٺا هوندا؛ ڪٿي ته وري بچاءَ لاءِ هٿ ۾ رکڻي پوي ٿي، مطلب ته آهي ڪم جو هٿَڻُ، پوءِ ڀَلو ڪم وٺجيس يا ڀُتو!

ڪاتي، گهَڙي، ٺَپي، بيھارڻ لوهر جو ڪم آهي، مُٺيو/ ڳَنُ وري ڊکڻ گهڙيندو. ڪي ته وري لوهر ئي، لوهه يا ڪُٽِ (پتل ۽ جست مليل) جا ٺاهي هڻندا آهن. لوهر هيءُ سَنڊرُ گهڻي ڀاڱي، سِيرَ لاءِ ئي ٺاهيندو. لوهر اهڙيون ڪاتيون ٺاهيندا ۽ گهڙيندا آهن، جو ويھي ڏسجي. ڪاتيءَ لاءِ رُڪ جو لوهه، جيڪو ٻين لوهه جي قسمن کان نرالو ٿئي، تنھن مان ٺاهيندو. رُڪ جو گهڻو وڏو ٽُڪرو نه کپيس، بس مڙيئي، چار يا پنج انچ ٿلهو ٽڪرو، بَٺيءَ مان ڳاڙهو باهه ڪري، انبوريءَ سان کڻي، سنداڻ تي رکي، اچي هٿوڙن سان وٺندُس. لوهر سان گڏ وڏاڻِي به هوندو، جيڪو همراهي پيو ڪندُس. هڪ ڌڪ لوهر جو ته هڪ ڌڪ وڏاڻِيءَ جو، ويندو لوهه کي ڦھلائيندو ۽ سنهو ڪندو. جنھن پاسي ڊگهو ڪرڻ گهرندو، اوڏانھن پيو ڌڪن سان چوريندُس. جنھن پاسي ڌار بيھارڻي هوندس، اوڏانهن وڌيڪ ڌڪيندُس. ڌار وارو پاسو سنهو، ۽ پٺيءَ وارو پاسو ٿلهو، ايئن باهه مان پيو گذاريندو ۽ سنداڻ تي رکي پيو سنواريندو. سِيرَ واري ڪاتِيءَ جي بيھڪ به سڌي تير واري نه رکندو، بلڪ ڪاتيءَ جي چُھنب هلڪي مٿي رکي، ڌار وارو پاسو، هيٺ ڪاتيءَ جي اڌ تائين، گولائيءَ ڪندو ايندو. ڦَر جي اڌ وارو پاسو وري اندر گولائي رکندو. ايئن لڳندو ته ڪاتيءَ جي ڦَر جو تکي ڌارَ وارو پاسو، اڳيئون ٻاهرتي آهي ۽ وچ وارو اندرتي! يعني ڪاتيءَ جي وچ تي گهُٻُ ڏسڻ ۾ ايندو. سندس مٿيون پاسو وري ان جي برابريءَ سان پُورَوِڇوٽ مٿي ڏسڻ ۾ ايندو.

لوهر، ڪاتيءَ جي بيھڪ ۾ ايئن پيو ايندو، ڄڻ واريءَ جي دڙي تان لھي پيو ۽ وري چڙهي پيو. جڏهن ڪاتي تيار ٿي ويندي، ته ان جي مُٺئي واري پاسي کان ٻه آڱر وڌيڪ ڇڏي، باقي چار آڱر وارو سنهو ۽ سڌو ڀاڱو مُٺئي لاءِ رِٿيندو. اهو مُٺئي وارو لوهي پاسو به ايئن ڏسڻ ۾ ايندو ته ڦر واري پاسي جي ڀيٽ ۾ڇيڙي وارو پاسو، وڌيڪ ويڪرو ۽ چپترو آهي. ڪاٺ جو مُٺيو، جستي يا نرم لوهه جي ڪِلين سان لڳائي، ڪلين کي هلڪا هلڪا ڌَڪ هڻندو، ته اهي ويھي وينديون ۽ چپتريون ٿي ڪاٺيءَ سان ملي بيھنديون. مٿان سونھَڻِ جو گهمائيندُس ته ڪاٺي ۽ ڪِليون هڪ ٿي وينديون. هاڻي ڏسبو ته ان ڪاتيءَ جي ڦرَ ۽ مُٺيي جي بيھڪ جي وچ ۾ اڃا ٿوري جڳھه ڇڏيل آهي، جنھن کي لوهر ’مڻڪو‘ يعني ڪنڌ ٿا چوَن. ڪاتيءَ ۾ اهو ’مڻڪو‘ ٿورو مٿي اڀريل ۽ ٿلهو هوندو آهي. ان هنڌ سھڃارپ لاءِ روات يا ڇيڻيءَ جي ڌڪن سان، ٻنهي پاسئون ’ٽي چَھَڪَ‘ هڻندو، جيڪي نکري بيھندا. انهن مڻڪي جي چَھڪن سبب، ان کي ’مَڻڪي واري ڪاتي‘ يعني سِيرَ واري ڪاتي چيو وڃي ٿو. مُٺيي جي بيھڪ ٿوري نِنويَل رکي ويندي آهي. ڪاتيءَ جي ماپ هڪ فوٽ کان سوائي رکي وڃي ٿي، يعني مٺيي ۽ ڦر سوڌي، تيرهن کان سورهن انچ! هن ڪاتيءَ جي ڌارَ کي لوهر ڏاڍي پيار سان پاڻي ڏيندو آهي. ڌار کي باهه مان گذاري، انبوريءَ سان پڪڙي، ڌار کي هوريان هوريان پاڻيءَ ۾ لاهيندو ۽ ڪڍندو. يعني هو ان ڳالهه جو ڀليءَ ڀت ڄاڻو آهي ته ڪاتيءَ کي پاڻي ڪيئن ڏبو ۽ ڪيئن ان ڌار کي پڪو ۽ پختو ڪبو. واهه لوهرَ واهه، تنھنجو هنر! ڪاتين ۽ ڇُرين کي پاڻي ڏيڻ جو اهڙو ته ڏانءُ هوندو اٿس، جو اهڙا اوزار به ٺاهيندو، جيڪي لوهه کي ئي ڪَٽي وڃن، جيئن ڇيڻيون، ڪَنَئه (ڏاٽي ۾ ڏندا بيھارڻ لاءِ) وغيره.

سِيرَ واري ڪاتيءَ ۾ ڦَر ۽ مُٺيي جي وچ ۾ ’مڻڪو‘، سِير واري حد ڏسيندو. ڪاتي وهائڻ مھل به ڪاتيءَ جي وچ کان نه وهائبي آهي، نه وري ڪاتي رکي، پوئتي گھِڪو ڏبو آهي؛ بلڪ ڪاتيءَ جي نوڪ/ چُھنب، ڳچيءَ تي رکي، ڪاتي کي اڳتي کڻي وڃبو ته ’بسم اللـہ‘ پڙهبو ۽ اتان ئي موٽبو ته ’الله اڪبر‘ چئبو. اهو عمل ٽي دفعا ڪيو ويندو آهي، تان جو آخري موٽڻ مھل ڍور جي شھه رڳ کي صرف ٽُڪو اچي، ۽ اتان رتُ هوريان هوريان نڪري. ان وچ ۾ ڪاتي مٿي نه کڻبي آهي. شھه رڳ جو بلڪل ڪٽجڻ به ڀلو نه ڄاتو ويندو آهي. ان دوران مغزي ڏوريءَ جو بچاءُ رکڻ لازمي آهي. سِيرَ ڏيڻ مھل ڪاسائيءَ جو هڪ هٿُ، ڍور جي ڳياڙيءَ هيٺان هوندو آهي، ته ٻئي هٿ ۾ ڪاتي هوندي اٿس. ان دوران هن کي سامهون ٻئي سَھائِڪَ جي گهرج پوندي آهي، جيڪو سامهون، ڍور جي سِير واري هنڌ، ڳچيءَ جي ٻنهي پاسن کان هٿ وجهي ويھي. ان عمل کي ’سِيرَ جهَلڻ‘ چئبو آهي.

ڪي لوهر، وري ڪوس ڪندڙ جي انگل تي ترار جي ڌارَ وانگر گولائيءَ مائل ڪاتيُون رکندا آهن. ڪوسُ ڪندڙن جو سِيرَ تي اهڙو ئي هٿ هريل هوندو آهي. سڌي سِيرَ واري ڪاتي انهن کي هٿ ۾ ئي ڪونه آئُڙبي. ان لاءِ انهن جي ڪاتيءَ جي چُھنب مٿي کڄيَل هوندي آهي. مطلب ته سِير واري ڪاتيءَ کي وڏو مانُ ڏنو ويندو آهي. سِيرَ واري ڪاتيءَ کي گهر ۾ عام ڪم نه آندو ويندو آهي. رڳو اهي ئي مرد کڻندا، جن جي ڪُٺِي روا هجي. باقي زائفان کي رڳو سنڀالڻ لاءِ چيو ويندو آهي. البت، گهر ڌَياڻيُون گوشت ٻُوٽارِڻ لاءِ ڪم آڻينديون آهن.

ٻين ڪاتين ۾ ’مڻڪو‘ نه رکندا آهن. يعني مٺيي ۽ ڦر جي وچ ۾ ڪابه وٿي نه هوندي، جيڪڏهن ٿوري آهي به ته ان کي چَھَڪَ نه ڏيندا. ان مان مراد اها آهي ته جنھن ۾ اضافي ’ڪنڌ وارو مڻڪو‘ نه هوندو، ته اها ڪاتي نه سڏبي، بلڪ ’ڇُري‘ ڪوٺبي. اهو ته عام آهي جو هر قسم جي ڇريءَ کي ڪاتي ڪوٺجي ٿو، جڏهن ته ڪُٺيءَ واري ڪارِ پٽاندر مڻڪي واريءَ کي ئي ’ڪاتِي‘ سڏبو. هتي اهو به چٽو ڪجي ته ڇرِيءَ کان سِير وارو ڪم نه ورتو ويندو آهي.

اهڙيون ڪاتيون هاڻي ته مشينن ۾ ٺھن ٿيون، پر انهن کي هلائڻ يا ان تي ڪم ڪرڻ لاءِ وري به لوهر جو ميڄالو کتو هوندو ۽ انهن جي هٿن جي ئي گهرج پئي هوندي. ان لاءِ آرٽ ۽ ڪرافٽ جو پاڻ ۾ گھرو لاڳاپو آهي. سِيرَ لاءِ جنھن اها مَڻڪي واري ڪاتي، سوچي سمجهي، طئي ڪئي هوندي، ان کي آرٽ ٿو چئجي؛ ۽ جيڪو ان آرٽ ڪيل نموني پٽاندر ڪاتيءَ کي ٺاهي بيھاري ٿو پيو، اهو ڪرافٽ آهي.

هاڻي جي ڏسجي ته ساڳي ماپ ۽ ساڳئي نموني جي ڪاتي ٺاهجي، پر ان ۾ مڻڪو نه رکجي ته اها ’سِيرَ ڏيڻ‘ ۾ ڪم آڻي سگهجي ٿي يا نه؟ جڏهن ته مذهبي لحاظ کان اهو جهليَل آهي. هڪ عالم سڳوري ٻڌايو ته اهڙو شرعي حڪم ناهي، البت تاريخي لحاظ کان، سنڌ ۾ اهڙي ڳالهه ملي ٿي ته ’مسلمانن ۽ هندن جي گڏ هجڻ سبب، انهن جي ٿانوَن ۾ فرق رکيو ويندو هئو، ان ڪارڻ سھڃارپ لاءِ مسلمانن پنھنجي ڪاتيءَ ۾ مَڻڪو رکرائڻ شروع ڪيو، ته جيئن پتو پوي ته هيءَ مسلمانن جي ڪاتي آهي ۽ بنا مڻڪي واري ڪاتي هندن جي آهي. شرعي حڪم موجب رڳو مغزي ڏوريءَ جو بچاءُ ڪرڻو آهي ۽ شھه رڳ کي چِيرُ ڏيڻو آهي‘ حقيقت به اها ٿي لڳي، ڇاڪاڻ ته ڪاتيءَ ۾ مڻڪي رکڻ جو ٻيو ڪو لازمي ڪارڻ ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.

سواءِ مڻڪي واري ڪاتيءَ کي ’ڇُرِي‘ ٿو ڪوٺجي، پوءِ ان ڇُريءَ جا گهڻئي نمونا آهن. ڪن ڇُريُن جا ڦَر بلڪل سڌا، ته ڪن جا وري چھنب ڇڏي، اتان گولائي ڏيئي باقي سڌي، ڪي وري چھنب کان مٿان سڌي ۽ ڌار کان گولائيءَ مائل، ڪن ڦرن ۾ وري مٿئين پاسي کان الڳ سنهي پٽي وريَل هوندي وغيره، پر ڇُريءَ ۽ مُٺئي جي وچ ۾ وِٿي نه هوندي. اهي سڀ نمونا ڇُرين ۾ڳڻبا. گهرن ۾ عام طور سائي ڀاڄي ڪٽڻ، ميوا ڪٽڻ وغيره لاءِ ڇُريون ڪم آنديون وينديون آهن.

ڪي ڇرِيءَ نموني وڏا ويڪرا ڦَر به ٿين ٿا، جن کي ’ڇُرو‘ چئجي ٿو. ’ڇُرِي‘ ان جو اسم تصغير آهي. ڇُري جي خاصيت ۾ ويڪرو ڦر آهي، جنھن جا به نمونا ٿين ٿا. ڪن ڇُرن ۾ ٻنهي ڌار وارا پاسا سڌا ۽ سامهون وچ تي چھنب رکي ويندي آهي، ان کي ’ڪِرچَ ‘ به چوندا آهن. ڪِرچَ پراڻي سمي ماڻهو پنھنجي بچاءَ لاءِ سير سَپاٽي ۾ کڻندا هئا. اهڙي قسم جي ويڪري ڦَر سان جيڪڏهن هڪ پاسو ڌارَ وارو رکيو ويندو ته ان کي ’ڇُرو‘ ڪوٺبو، پر جي ٻئي پاسا تکيون ڌارُون رکبيون ته ان کي ’ڪِرچَ‘ ڪوٺبو.

گهڻا ڪوسَ وارا، سِيرَ کان سواءِ، ڍور جي چمڙِي لاهڻ لاءِ الڳ ڪاتي رکندا آهن، جنھن جي چُھنب سنهي ۽ وڌيڪ تکي هجي. ان کي ڇُري ٿا ڪوٺين. هو ڏسندو آهي ته ڇُرِيءَ جي چُھنب اهڙي ته تکي هجي، جو هڪ هٿ سان ڇرِيءَ جو چيرُ ڏجي ۽ ٻئي هٿ سان کَلَ لاهيندو وڃجي. ظاهر آهي ته لوهرُ، ان جي بيھڪ به اهڙي ئي نموني رکندو، جيئن کيس چيو ويندو.

مزي جي ڳالهه ته هڏن سان مليل گوشت جي وڏن ڀاڱن کي ڪاتَ سان ڪٽي، ان کي ٻوٽارِڻ لاءِ الڳ ڪاتي رکندا آهن، جنھن کي به ڇُري ٿو ڪوٺجي. اها ڇري گهڻي وزني يا ڳوري نه هوندي آهي. اها ايتري هوندي آهي، جو ڪنھن مھل پيرَ جي آڱوٺي ۽ وڏي آڱر ۾ ڏيئي، ٻنهي هٿن سان گوشت ٻُوٽاري سگهجي. ٻوٽارڻ لاءِ ڇُرِيءَ جو وِچ ڪم آندو ويندو آهي، ان لاءِ ڇرِيءَ جو وچ وڌيڪ تکو رکيو ويندو آهي.

ٻي ڇُرِي گهر ۾ گوشت مڇي يا ڀاڄي ڀُتي ڪٽڻ لاءِ ٺاهي ويندي آهي. هيءَ ڇُرِي سِيرَ واري ڪاتيءَ کان ننڍي ۽ ماترا ۾ هلڪي ٿيندي آهي. هن جي ڌارَ جي ماپ گهڻي ڀاڱي منو فوٽ رکي ويندي آهي، باقي ڌارَ جي اڌ جيترو، ان ۾ مُٺيو پوندو. هيءَ ڇُرِي، اگهه پار ۾ به مڻڪي واريءَ کان سستي ٿيندي.

ٽِي ڇُرِي وري مورڳو هلڪي ٺھندي آهي، جيڪا هلڪلي ڦلڪي ڪم ڪار، سائي ڀاڄي يا ميوي وغيره ڪٽڻ ۽ ڀاڱا ڪرڻ جي ڪم ايندي آهي. هن جي ماپ وري اڌ فوٽ رکي ويندي ۽ مُٺيو وري ان جي اڌ جيترو يا ٿورو سوايو. ان کي به ڪاتي نه بلڪ ’ڇُري‘ ڪوٺيندا آهن.

چاڪون، ترڪي ٻوليءَ جي لفظ ’چاقو‘ جي سنڌي صورت آهي، جنھن کي ’ڪَپُ‘ به چيو ويندو هئو. هيءُ نمونو، ساڳي ڇُريءَ وانگر ئي ٺھندو آهي، پر ان کي رڳو ڍَڪ ۾ رکبو آهي. ڪاٺ يا ڪنھن ٻيءَ ڌات سان اهڙو پُڙ ٺھندو، جنھن جي وچ ۾ کانچو رکبو، ان جي هڪ ڇيڙي ۾ ڇُريءَ جو ڦر، ٽُنگ ڪري ڪِليءَ سان هڻي ڇڏبو. گهرج آهر سٽ ڏيئي ڦارَ کي ڪڍي وٺبو ته سڌو ٿي بيھندو، ۽ وَٽُ ڏيئي اندر هڻبو ته هٿيي جي اندر هليو ويندو. ان جي ڦَر پويان به اهڙي پٽي بيھاربي آهي، ساڳئي نموني هٿيي جي پويان به لوهي پٽي بيھاربي آهي، جيڪي کولڻ مھل هڪٻئي سان ڀيچي بيھنديون؛ پوءِ جو سَٽ ڏيئي کولجي ته سڌو بيھي ۽ ڪابه لچڪ نه ڪري ۽ ان جو هٿيو به هٿ ۾ هجي. اڳي ته ست ڦيريو چاڪون به ايندو هئو. جڏهن جو ڦَر کي سٽ ڏيئي کولبو هئو ته ان جي وچ واري گراڙي، ’ٽِر ٽِر‘ جا ست آواز ڪڍندي هئي، اڳلو ٻڌندو هئو ته هٽي پوئتي ٿي ويندو هئو. اهي بچاءَ جا انداز رکيا ويندا هئا.

ماڻهو چاڪون ساڻ کڻڻ لازمي سمجهندا آهن، ان لاءِ ته ٿورا ٿڪا ڪم ٿين ٿا، جن ۾ چاڪُن جي گهرج پوي ٿي، جيئن: پينسل جو گورو گهڙڻ، بجليءَ جي تار ڇِلِڻ، ٻوٽن جا قلم هڻڻ، ڪو پکي حلال ڪرڻ وغيره.

مون وٽ به هڪ ڪاتي سنڀاليل آهي، جيڪا لِڪائي رکي اٿم. اها آهي ته ڪاتي، جنھن کي ڇُري چئجي ته ٺيڪ رهندو، ڇاڪاڻ ته ان سان سِيرَ نه ٿي ڏيئي سگهجي. اها ڪاتي مون کي وڻندي آهي، اها ڳالهه ڪونه ٻڌائي سگهندم ته ڪنھن جي نشاني آهي، نه ته ان جا ڌڻِي گهڻا نڪري پوندا. رکي رکي ڪجهه ڪٽجي ويندي آهي، ٺپرائيندو به آهيان، وري وقت سان مُڏي ٿي ويندي آهي. گهر جا ٽپڙ هيٺ مٿي ٿي ويندا آهن، پر گهر وارن کي ڪاتيءَ جي پارت ڪندو آهيان، ته اها ڪنھن کي اُڌاري به نه ڏجو، موٽندي ڪونه! ان جي ڌارَ جي ماپ مني فوٽ کان سَوائي آهي ۽ مُٺيو، ڪُٽِ (پتل ۽ جست جي ملاوت) جو ٺھيل، چار آڱر يعني ساڍا ٽي انچ کن ٿيندو. مٺيي جي مُھَڙ ۾ هيٺتي منھن ڪيل مُڇَ اٿس. ان ڪاتيءَ کي ٻاڪري عيد تي ٺپرائيندو آهيان، وري جو ڪم نه ٿي اچي، ته بيگاني پئي هوندي آهي. آهي ڪاتي، پر ان ۾ منھنجو ساهه هوندو آهي.

هيٺ، چند اهڙا بيت ۽ شعر رکجن ٿا، جن ۾ ڪاتيءَ جي پچار ٿيل آهي:

• خليفو نبي بخش قاسم لغاري:

پرين جي پُڇن، ڪاتِي پُڇي تن کي،

وڍيا ئي وِهسَن، جي ڪوٺي ڪٺا سڄڻين.

• مولوي احمد ملاح:

جي ڪُھن ته به ناءِ ڪَنڌ تُون، آئي ڪاتِي ڪِيمَ ڪُڇُ،

ٿِين حاصِل هَٿ سَندن، ٻيو کوءِ، حَياتِي ڪِيمَ ڪُڇُ.

• استاد بخاري:

حسن ڏي ڪاتي اڏي، ڇيرا ڏيو زوري سڏي،

عشق ڏي رڳ رڳ ڪُڏي، ڪو مصلحت ڪھڙي ڪري.

• شيخ اياز:

ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌُ، پوءِ به نعرا نينھَن جا،

سنڌڙيءَ جو سوگنڌُ، مرنداسين پر مُرڪندي.

اصطلاح ۽ ورجيسون:

• ابتي ڪاتيءَ سان ڪھڻ (ناجائزي ڪرڻ- ايذاءَ ڏيڻ)

• ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ هجڻ (موت جي منھن ۾ هجڻ)

• ڪاتيءَ وڍيو کائڻ (گوشت مڇي کائڻ)

• ڪُٺي حلال هجڻ (مرد جي ڪُٺي روا هجڻ)

• ڪاتيُن وڍيو (ضدي، بئنشيرو)

• ڪاتي پوڻ جو پاراتو ڏيڻ (نفرت جو اظھار ڪرڻ)

• حلال حرام جي ڪاتي هجڻ

(دوڳلو ماڻهو هجڻ- منافق هجڻ- جائز ناجائز جي پرواهه نه ڪرڻ)

پھاڪا ۽ چوڻيون:

• اگر ڪاتي سون جي ٿِي ته ڪنڌ نه وڍيندي ڇا؟

(ڪم وارو ماڻهو، ڪھڙي به حال ۾ هجي، درست ڪم ڪري سگهي ٿو)

• بيعقل مري ڪات سان، عاقل مري وات سان.

(سمجهدار ماڻهو، ٻن لفظن ۾ ئي سمجهي ويندو)

• بيمارين تي به موت ناهي، ڪاتين لڳل به بچي وڃن. (چوڻي)

• پرائي ماس ۾ ڪاتي وھائڻ سولي.

(ٻئي ساسيءَ کي تڪليف ڏيڻ سولي آهي)

• پنھنجي ماهه ۾ ڪاتي ڪا نه وهندي.

(عدل ۽ انصاف ۾ پنھنجن سان رياءُ ٿي ويندو آهي، جيڪو نه ڪرڻ گهرجي)

• پھرين ڪاتي پاءِ، پوءِ پڇج پرِيتِڻو.

(پھرين دنيا جي لڳ لاڳاپن تي ڪاتي ڦير، پوءِ عشق جي ڳالهه ڪر)

• تنھنجي ڪاتيءَ کي مڻڪو آهي، جيئن وڻئي تيئن سِيرَ ڏي.

(جنھن وٽ اختيار آهي، ان جي مرضي هلندي آهي)

• جاتِي، قرب جي ڪاتِي.

(ٺٽي ضلعي جي شھر جاتيءَ بابت چوڻي، جيڪا اتان جي رهاڪن جي قرب ۽ پاٻوهه جي نشاندهي ڪري ٿي)

• جيڪا ننھن سان ڇِڄي، ان کي ڪاتيءَ سان ڇنڻ جي ڪھڙي ضرورت؟

(سولي ڪم ۾ اٻھرائپ نه ڪجي)

• جيڪي مڏي ڇريءَ سان ڪھن، سيئي ڊاڪٽر نه پر ڪاسائي سڏجن. (چوڻي)

• چورن جون ڪاتيون تکيون هونديون آهن.

(چورن جو احتياط ڪجي)

• چھڙڪي ڪاتي، ڪڏھن حلال ۾، ڪڏھن حرام ۾.

(منافق ماڻهو، جائز ناجائز جي پرواهه نه ڪندو ۽ ٻئي پاسا پيو وٺندو)

• داڻي تي خوش ٿجي ته چاقوءَ تي چين چين نه ڪجي.

(سک ۾ ڪنھن جو کائجي پيئجي ته ان سان ڏکن ۾ به نڀائجي)

• ڊاڪٽر ۽ ڊاڪوءَ جي چاقوءَ ۾ فرق آھي. (چوڻي)

• ڍور کي ڪھڻ جو ڪات، ڪڪڙ تي ڇو استعمال ڪجي؟

(هر وَٿُ کان پنھنجو ڪم وٺڻ گهرجي)

• ڏاڍي جي ڇُري، حلال تي به وھي، حرام تي به وھي.

(ظالم ماڻهو، جائز ناجائز ڇا ڏسندو!)

• ڪاتي بيٺِ ۾ هڻبي، پيٽ ۾ ڪانه هڻبي.

(بيٺ = ڪمر پٽو، جنھن ۾ تلوار وجهي، لڙڪائجي. اجايو زيان نه ڪجي. هر وٿُ پنھنجي درست جاءِ تي رکڻ گهرجي ۽ درست ڪم ۾ آڻجي)

• ڪاتيءَ ڪونهي ڏوهه، ڳن وڍيندڙ هٿ ۾.

(ڏاڍ ڪندڙ، ڪنھن جي اشاري تي ڏاڍ ڪندو آهي)

• ڪنڌ تي ڪاتي ايندي، ته دانھن به ڪبي.

(ناحق ٿيندو ته دانھن ضرور ڪبي)

• گدرو ڪري ڪاتيءَ ته به گدري جوکو،

ڪاتي ڪري گدري تي ته به گدري جوکو.

(ڪنھن مامري ۾ سڀ صورتون نقصانڪار هجڻ)

• گدري کي شوق، ڪاتيءَ تي چڙھڻ جو.

(بيوقوف ماڻهو تڪڙ ڪري پاڻ مارائيندو آهي)

• ڳالهه ڳالهه ۾ ڇري ڪٽارِي، مائي آهي ست هٿياري.

(ٿوري ٿوريءَ ڳالهه تي جهيڙو ڪندڙ ماڻهو، ڪاسائين کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ ھوندو آھي)

• مڏي ڇُري، گهڻو اُڙَھي.

(هلڪڙو ماڻهو اجايو پيو پڏندو آهي)

• مُک ۾ رام، بغل ۾ ڇُرِي.

(ظاهري ڀلو ماڻهو، اندر ۾ ڪِينو هجڻ)

• وات ۾ ڳڙ، هٿ ۾ ڪاتي.

(مِٺي زبان ڳالهائڻ، ليڪن مقصد اڳلي سان زيادتي ڪرڻ)

• وھائيندي، ڀلِي نه ڇُري، نه ڪاتي!

(زيادتي ڪرڻ، ڪنھن به صورت ۾ ڀلي ناهي)

• هٿ ۾ قرآن، ڪڇ ۾ ڇري.

(ظاهر ۾ مؤمن اندر ۾ ابليس)

 

(هن مضمون ۾ اصطلاح ۽ پھاڪن وغيره جي همراهي، انجنيئر عبدالوهاب سھتي جي رهي آهي، سندس ٿورائتو آهيان)

No comments:

Post a Comment