Sunday, October 22, 2023

گهاڻو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

گهاڻو

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو


گهاڻو، گهاڻِ، سنڌي سڀيتا ۾ ته ڳڻبو آهي، ليڪن هيءَ ڪَلَ (مشين) سڄي دنيا ۾ ان ڀيرَ سان رهي آهي. البت، الڳ الڳ ديس آهر، ان جا پرزا يا هنري ٽَپَڙ الڳ، انهن جا ماڻ ماپا الڳ، ڍور الڳ ٿين ٿا. سنڌ ۽ هند ۾ گهاڻي جا نمونا گهڻي ڀاڱي ملندڙ جلندڙ آهن.

گهاڻو، اهڙن ٻجن کي پيڙڻ جي ڪَل آهي، جنھن مان ڪو تيل نڪري سگهي. سنڌ ۾ سَرنھَن جي پوک جام ٿئي، ان لاءِ ان مان تيل ڪڍڻ عام جام آهي. باقي ته کوڙ ساٿريون اهڙيون پوکون آهن، جن جي ٻجن مان تيل ڪڍيو ويندو آهي. سنڌ ۾ سَرنھَن کان سواءِ، گاج سَرنھَن، ڄانڀو، تُوريو، رائِي، تِرَ، ڪَڪِڙا وغيره جا ٻج ٿين ٿا، جن مان تيل يا کاڄرُو تيل ڪڍيو ويندو آهي. ڄاڻو هاري ناري، ڄاڻايل ٻجن کي الڳ الڳ ڀائيندا آهن، پر عام ماڻهوءَ لاءِ ته سڀ برابر آهن. هاڻي ته سورج مُکي ۽ ڪينولا جي پوک به ٿئي ٿي، جنھن جو تيل بازار ۾ عام جام هلي پيو.



ٻجن مان تيل ڪڍڻ واري ڪَل جي تاريخ نھايت آڳاٽي آهي، جنھن جا اشارا پٿر واري دور کان ملن ٿا. گهاڻي واري ڪَل جي عضون ۾ ’اُکرِي‘ اهم هوندي آهي، جنھن ۾ ٻج يا سڻڀي وٿَ پِيڙِي ويندي آهي. ويجهي واري دور ۾ ڪاٺ جي اکري ڪم آندي ويئي. آڳاٽي دور ۾ اها اُکري پٿر جي ٺاهي ويندي هئي، جنھن جا ٻه نمونا هئا. هڪ اُکري اهڙي هئي، جنھن جي مٿان ٻيو ننڍڙو پٿر پاسيرو رکي، ان ۾ ڳاڌي هڻي هلايو ويندو هئو. ان جي وڏي پٿر کي سڏبو ته اُکري، پر ان جو نمونو اُکريءَ جھڙو نه هئو، بلڪ ان گول چڪري جي وچ ۾ گول وچ تراکڙو رکيو ويندو هئو. باقي ان جو اندريون پاسو ۽ ٻاهريون پاسو ڪنارو گهڙيو ويندو هئو، ته جيئن ان دائري ۾ اهو پاسيرو پٿر ڦري ۽ ٻجن کي پيڙي سگهي. ٻي اُکرِي، عام اکريءَ وانگر رکي ويندي هئي ۽ ان جي وچ ۾ لَٺ هلائي ويندي هئي، جيڪا انڊيا جي ڪن هنڌن تي اڄ به ڪم آندي وڃي ٿي. سنڌ ۾ گهڻي ڀاڱي ڪاٺ جي اُکري ڪم آندي ويئي آهي.

سنڌ ۾ گهاڻو، ڪاٺ مان ٺھندو رهيو آهي. اڄ به ڪن هنڌن تي اهي ڪاٺ وارا گهاڻا موجود آهن. هاڻي جو مشينون اچي ويون ته اهو ڪاٺ وارو گهاڻو به ويو. چند ڳوٺن ۽ شھرن ۾ اڃا ڪاٺ وارو گهاڻو هلي پيو، باقي رواج ختم ٿي ويو، ماڻهن جا سواد مٽجي ويا، ان لاءِ هٿرادو تيل جو مزو به ويو.

گهاڻي واري ڪَلَ جي هٿڻن ۾ اکري، لٺ، جهَلُ، هَرِينھَه، ڳاڌي، اڌ پاڃاري، ضامن وغيره اهم آهن.  هن ڪَل ۾ هڪ اُکري هوندي آهي، جنھن ۾ ٿلهي ٿنڀري لَٺ پيل هوندي آهي، جنھن جي مٿان چوڙَ، هرينھه جي سَل ۾ پيل هوندي آهي، بلڪ ڦٻيل هوندي آهي. هرينھه ڦرندي ته لَٺ به ڦرندي، پر لٺ جو ڦرڻ اکريءَ جي بنھه پاسي سان لڳي، پاسِيرِي ڦرندي. يعني هرينھه جي مٿئين پاسي سَلُ هوندو، جنھن ۾ لٺ پَئي ۽ هرينھه جو هيٺيون پاسو جنھن ۾ وري چُوڙ هوندي، جيڪا ڳاڌيءَ جي هڪ پاسي واري سَل ۾ پوندي. هرينھه جي اوچائي وڏي هجڻ ڪري، ان کي ٻن ڀاڱن ۾ رکندا آهن، ۽ لوهي ڪِلن سان ڳنڍي وٺندا آهن. هرينھه جي ٻن ڀاڳن وچ ۾ ڳنڍڻ لاءِ ٻه- ٽي ٽُنگ هوندا آهن، جن ۾ ڪِلِي وجهي، سوگهو ڪيو ويندو آهي. اهو ان لاءِ ته جيترو هرينھه کي سوڙهو ڪبو، اوتري لٺ پاسيري ٿيندي ۽ اُکريءَ ۾ ٻجن کي وڌيڪ زور سان پيڙيندي. اکريءَ جي مٿئين ڀاڱي کان هڪ چونڪي وڌي ويندي آهي، جيڪا اکريءَ کي مٿان کان جهلُ ڪيون بيٺي هوندي.

گهاڻي واري پوري ڪَل کي هلائڻ ۾ ڳاڌي اهم آهي. ڳاڌيءَ جي هڪ پاسي ته هرينھه پئي، ٻئي پاسي ڪاٺيءَ جا ڪِلا هڻبا، جنھن کي جهَلُ ٿو چئجي، جن ۾ ڍور سان ٻڌل رَسا، ٻڌبا آهن، ۽ ان تي وزن پڻ رکبو آهي، جنھنڪري ڳاڌيءَ ۾ پيل انهن ڪِلن کي جهَلُ ٿو چئجي. ڳاڌيءَ جو هڪڙو پاسو، ڍور ڇڪيندو، ته ٻيو پاسو، جنھن ۾ هرينھه جي چوڙ پيل هوندي، سا اکريءَ جي ٻاهران چيلهه ۾ ڦرندي آهي. اکريءَ جي چيلهه ۾ ڦرڻ لاءِ، ڳاڌيءَ جي ان پاسي اڌ گول جو کانچو هوندو، جيڪو سَولائيءَ سان پيو ٻاهران ڦرندو. ان ڳاڌيءَ ۾ اُٺ، ڍڳو يا ڏاند، گڏهه وغيره ٻڌي هلايو ويندو آهي. ڍور جي اکين تي کوپا يا اکياڙيون پاتيون وينديون آهن، ته جيئن ڍور ٽھي نه، بلڪ پنھنجي پِڙَ ۾ چپ چپات سان هلي. جيڏو ڍور وڏو، گهاڻي جي پيڙَ اوتري ڀلي! ڪي ته وري پورو ڍڳن جو جوڙ جوٽيندا آهن.

جيڪڏهن گهاڻي ۾ ڍڳن جو جوڙو جوٽبو ته پاڃاريءَ جو مٿيون ڀاڱو يعني ’ڪُلهو/ ڪُڙهو/ سَرائي‘ وجهي ان ۾ چمڙي يا نوڙين جو جوٽو وجهبو آهي ۽ وچ ۾ رسو يا زنجيرَ وجهي ڳاڌيءَ سان ٻڌي ڇڏبو، جيئن ڍور هلندا ته ڳاڌي هلندي. اصل ڳالهه آهي ڳاڌيءَ کي هلائڻ، جنھن سان هرينھه ۽ لَٺ ڦيرڻي آهي. ڪي ته وري هڪ ڍڳو ٻڌي ڇڏيندا، ان ۾ پاڃاري نه بلڪ، ڍڳي جي ٿوهي وٽ ڪا ٿَڙِي/ گدي/ ٽپڻيءَ تي ڪو پٽو وجهي، پيٽ سان ٻڌي ڇڏبو، ٻئي پاسي وارو ڇيڙو ڳاڌيءَ سان ٻڌبو. ڍڳي يا اٺ سان ايئن ئي ٻڌبو جو ڳاڌي هَلي ۽ گول ڦري.  ڍور جي نٿ وري هرينھه جي مٿئين پاسي ٻڌي ڇڏبي آهي، ته جيئن ڍور ٻئي پاسي منھن موڙي نه سگهي. البت، اندر هرينھه پاسي منھن ڀلي ڦيرائي. ڍور جنھن گولائيءَ ۾ هلندو، ان گولائيءَ واري هنڌ کي ’پِڙُ‘ چئبو آهي.

گهاڻي ۾ اُکري اها وٿُ آهي، جنھن ۾ ڪوبه تيلي ٻج وجهي، گهاڻي کي هلايو ويندو ته ٻج ويندو پيڙبو. پھرئين واري ته اهي ٻج جا ڪڻا، ويندا ٽٽندا ۽ ڀور ڀور ٿي پاڻ ۾ ويندا ڀيچندا. ٻئي واري پِيڙيل ڪڻن مان ويندو پاڻي نڪرندو، ٽئين واري اهو پاڻي پنھنجو رنگ مٽائيندو، تيل جي ڏِکَ ڏيندو. نيٺ هرهڪ ڪڻو ڇنڊجي، ويندو پاپِڙِي ڪندو، ۽ تيل تري ۾ لھندو ويندو. ان وچ ۾ ڪي ڪڻا اکريءَ جي ٻاهرئين ڪناري تي نڪرندا ايندا آهن، ان کي چاڪِي يا ته هٿ سان اکريءَ ۾ لاهيندو ويندو  يا وري اهڙي چپتري لٺ ٻڌي ڇڏيندو، جيڪا گهاڻي سان گڏ هلندي، انهن ڪڻن کي اندر اڇلائيندي ويندي.

اُکريءَ ۾ جڏهن ڪڻا پيڙجي ويندا ۽ تيل وڃي ترو وٺندو، هاڻي ان کي ٻاهر ڪڍڻ جو وارو ايندو. ان لاءِ اکريءَ جي بلڪل تَري ۾ هڪ ٽُنگُ هوندو آهي، جيڪو ڪنھن مُوئي سان بند ٿيل هوندو آهي. جڏهن تيل تري ۾ گڏ ٿيندو ته چاڪي، ان اکريءَ جي تري کان ٻاهرئين پاسي لڳل مُوئي کي کوليندو، ته تيلُ نيسَرِ ڪري ٻاهر نڪرندو. ان اڳيان ڪو دٻو، ڪا چَونري، ڪو ٻاٽلو، مطلب ته ڪو ٿانءُ رکندو ته تيل ان ۾ ويندو پوَندو. اکريءَ جي ان ٽُنگ جي ٻاهران به نيسَر بيھارڻ لاءِ ڪو پَٽرُ يا ڪنھن ڌات جو ٻُڪ ٺھيل هوندو، جنھن جي وسيلي تيل ان ٿانوَ ۾ پوندو. سنڌو سنئون تيل نڪرڻ جي صورت ۾ ان ۾ ٻج جي پيسيل ڪڻن جو ڦوڳُ به گڏيو ايندو، ان لاءِ چاڪِي ٿانوَ جي مٿان ڪا ڇاڻي رکي ڇڏيندو ته جيئن تيل صاف ٿي ٿانوَ ۾ پوي. ان صاف ٿيل تيل کي وري، ڪنھن ٻئي ٿانوَ يا دٻي ۾ لاهيندو، رهيل کھيل ڇاڻُ يا ڦوڳ وري اتي تَرو وٺندو. ايئن تيل اُجرو ٿيندو. اهو تيلُ، مشين واري پيڙَ کان وڌيڪ سوادي ٿئي ٿو.

گهاڻي ۾ تيلي ٻجن جي پيڙَ جيتري وڌيڪ سگهاري ٿيندي، اوترو ڀلو ۽ سِگهو تيل نڪرندو. ٻجن جي گهاٽائي ۽ نھرائپ سبب، گهاڻي جي به چال رکي ويندي آهي. گهاڻو تڪڙو پيڙيندو ته تيل به پورو سارو نڪرندو، جي گهاڻو هوريان هوريان ۽ سگهه سان پيڙيندو ته تيل به جام ۽ وقت سان نڪرندو. ان لاءِ گهاڻي به هڪ چال رکي ويندي آهي، اها آهي ضامن! ضامن پٿر يا وزن کي چوندا آهن، جيڪو ڳاڌيءَ تي رکيو ويندو آهي، جنھن سبب اٺ يا ڍڳي کي ڇڪڻ ۾ وڌيڪ زور لڳندو آهي، زور وڌيڪ لڳندو ته ٻجن جي ڪڻن کي پيڙَ وڌيڪ ايندي. ڪڏهن ڪڏهن، ضامن هوندي به ماڻهو پاڻ ان ڳاڌيءَ تي ويھي رهندو آهي، ته جيئن وڌيڪ زور لڳي ۽ پيڙَ ڀلي ٿئي.

گهاڻي ۾ هڪ توريل تڪيل رائي يا سرنھن وجهڻي پوندي آھي. اندازي پٽاندر ارڙهن سير/ ڪلو ھڪ ’نَرِي‘ سڏجي ٿي. گهٽ ھوندي ته چاڪي/ تيلي پيڙَ نه ڪندو. پھرين رائيءَ کي پاڻيءَ سان آڊوکو ڪري، پوءِ ڇھن ڇھن سيرن جون ٽي ڍڳڙيون ٺاھيندو. واري واري سان ٽئي گهاڻي ۾، اڳيئن جي پيڙجڻ پڄاڻان ٻي وجهندو. تان جو ٽئي ڍيريون وجهي، پيڙيل تيل الڳ ڪري پوءِ، کڙ جي نري ڪڍندو. ان کڙ کي نريءَ وارو کڙ چئبو آھي، جيڪو مال کي ڏاڍو وڻندو آهي. بازار اندر وڪامندر کڙ، پاپڙي کڙ سڏبو آھي، جيڪو ايڪسپيلر مان نڪرندو آھي. ايڪسپيلر تي رائيءَ جو مقدار ڪيترو به ھجي پيڙجي ويندو؛ ڇو جو ان ۾ کڙ جي نري نه ٿي ٺھي. تيل نڪرندو ويندو ۽ پاپڙي کڙ نڪرندو رهندو.

گهاڻي وارو تيلُ، هار سينگار ۾ پڻ شامل رهيو آهي. محبوب جي وارن کي جيستائين تيل لڳل نه هوندو ته وارَ به ٻسا لڳندا. ان لاءِ سگهڙن پنھنجن سھڻن لفظن ۾ تيل کي به ڳڻيو آهي. سورهن سينگار ۾ به تيل جو شمار ٿئي ٿو. ان کان سواءِ عام زندگيءَ ۾ چمڙيءَ جي روڳ ۾ ڪارائتو ليکيو ويو آهي. آڳاٽي وقت ۾ تيل ۾ پڪل ڀاڄيون جن به کاڌيون هونديون، تن کان وسرندو ئي ڪونه! هاڻي مشينن جي تيلن اسان جي صحت جو ستياناس ڪري ڇڏيو آهي، نه ته موٽڻ جي ڪا واهه آهي، نه وري اڳتي وڌڻ جو ڪو رستو! بس چپ ڪيون چاڪيءَ جي ڍڳي وانگر هلڻو ٿو پوي.

چاڪِي، تيل پِيڙڻ واري کي چئبو آهي، جيڪو ويچارو سڄو ڏينھن پنھنجي گهاڻي جي سنڀال لاءِ ويٺو هوندو آهي. چاڪِي لفظ آهي ته ’چُڪُ‘ مان ورتل، جيڪو گول چڪري کي ٿو چئجي. هن مان مراد گول چڪري کي وهائڻ وارو آهي. ممڪن آهي ته اُٺ يا ڏاند جيڪو گول چڪر ڪاٽي ٿو ۽ هڪ ڄاڻايل پِڙ ۾ وهي ٿو، ان وهڻ واري ڍور کي وهائيندڙ، چاڪي سڏجي ٿو.

سنڌ جيئن ته بنيادي طور پورهيت طبقي جو ديس آهي، ان لاءِ گهڻيون نُکون ۽ ذاتيون، پورهيي جي نسبت سڃاتيون وينديون آهن. اسان جي ڳوٺ محرابپور ۾ به ٻه گهاڻا هئا، هڪ ته گهاڻو ڇڏي، مڇيءَ جي گهور ڪرڻ لڳو، باقي هڪ چاڪِي هئو، جيڪو اسان جي سانڀر تائين هلائيندو هئو. اسان ننڍي هوندي سندس گهاڻي تي، تيل وٺڻ ويندا هئاسين ۽ سندس گهر به گڏيل هئو. شھر ايڏو وڏو نه هئو، چند سنڌي خاندان هئا، جن جو پاڻ ۾ گھِرو ۽ گهرو لاڳاپو رهندو هئو. ان ڪارڻ اچڻ وڃڻ پيو ٿيندو هئو. ان کان پوءِ انهن به لڏي وڃي، خيرپور وسائي. گهاڻا ۽ گهر به وڪڻي وڃي، ٻي جُوءِ وسايائون. هينئر به سندن نالي سان هڪ انگاس ۽ پڙُ سڏبو آهي، جنھن جي سنڀال ڪيون پيا اچن.

ڪوٽڙي محمد ڪبير ۽ خانواهڻ جي رستي سان جروارن جو ڳوٺ آهي، اتي هڪ گهاڻو هوندو هئو، جنھن کي ’مجنون فقير جروار‘ هلائيندو هئو. شايد پونئيرن اهو نه سنڀاليو هجي. مجنون فقير جروار، ڪمال جو مڻيادار ماڻهو، گفتي جو گوهر، پوکن پڙن ۽ مندن مھينن جو پارکو، نقل نظير جو ڏانءُ، شڪل شباهت ۾ ٺاهوڪو، ساڻس ڪچھريون هئيون، ڪافي ان وٽان پرايوسين. ويجهر ۾ ئي ڌڻيءَ کي پرتو، پر سندس گفتا ۽  نقل نظير ياد رهندا. هو ٻڌائيندو هئو ته مان اهڙو به مٺو تيل بيھاريندو آهيان، جو کڻي سرائيءَ سان اکين ۾ وجهجي. هاڻي اکين ۾ وجهبو آهي يا نه، ان جو ته پتو ناهي، باقي مجنون فقير جيڪا ڳالهه ڪندو هئو، اهو اجايو حوال نه هوندو هئو.

فقير چوندو هئو، ته ’بابا ڏاند واري گهاڻي جو نڪتل سَرنھَن جو تيلُ ماڻهن لاءِ اڪسير جو درجو رکي ٿو. هن جو نڪتل کَڙُ مال لاءِ به تمام ڪارائتو آهي. هن سان مال ڍور جو پيٽ به ٺيڪ رهي ٿو ۽ چمڙِي به چمڪيلي رهي ٿي. گهاڻي واري کڙ تي به مينھِن اهڙو کير ڏيندي، جو بسم اللـہ ڪري ويھي ڏهوس. ڏاند واري گهاڻي جو کڙ رڳو ڦوڳ نه هوندو آهي، ان مان تيل جيڪو نڪتو سو نڪتو، باقي کَڙ ۾ سڻڀ رهي ٿو، جيڪو مال لاءِ ڪارائتو آهي...‘

اڄڪلهه اهڙو دور ٿي ويو آهي، جو هر شيءِ ڳِڌِي وٺڻي پوي ٿي. گاهه پٺا به مُلهه وٺجن ٿا، اهڙي ماحول ۾ ڍور رکڻ ۽ گهاڻو هلائڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. اڳي مال اسباب پنھنجا هوندا هئا ته اهي ڪَلون سولائيءَ سان هلنديون هئيون، هاڻي ته اهڙن ڪَلن کي هلائڻ ’هاٿي پالڻ‘ مثل آهي.

تاريخي اشاري موجب مخدوم بلال کي گهاڻي ۾ پيڙيو ويو. ان جي ڪا پڪي ثابتي ڪونه ٿي ملي، باقي واقعو ٿيو ضرور آهي ۽ جيڪا سزا مخدوم بلال کي لکت جي صورت ۾ ڏني ويئي، سا به مڃجي ٿي، مخدوم بلال جذباتي طور اهو به چيو هوندو ته ’جيڪڏهن گهاڻي ۾ پِيڙڻو آهي ته منڍيءَ کان نه بلڪ منھنجي پيرن کان پِيڙيو ته جيئن ان جا ٽڙڪاٽ ڪنين ٻڌان!‘ ليڪن گهاڻي ۾ جنسي پيڙجڻ واري شاهدي ڪونه ٿي ملي. گهاڻي جي اُکري ايتري ويڪري آهي ئي ڪونه، جو ان ۾ ماڻهوءَ کي پِيڙيو وڃي. اها پيڙجڻ واري روايت فرضي آهي. وڌيڪ اها ڳالهه تاريخ جا ڄاڻو ماڻهو ئي چٽِيءَ ريت بيان ڪري سگهن ٿا.

اهي ڪَلون ماڻهن جي روزگار جو وسيلو هئو. هاڻي اهڙيون ڪَلون، ماڻهو ته کڻي هلائين، پر مھانگائيءَ هر ڪنھن جي چيلهه چٻي ڪري وڌي آهي. اهڙيون ڪَلون رکڻ ۽ سنڀالڻ ئي ڏکيو ٿي ويو آهي. ماڻهو غربت ۾ پاهُه ٿيندو ٿو وڃي ۽ خوشحال ماڻهو وڌيڪ خوشحال ٿيندو پيو وڃي. ان حالت ۾ هي ڪَلون هلائڻ يا ان کي بچائڻ عام ماڻهوءَ جي وس کان چڙهي ويو آهي. ان ڏکيي ماحول ۾ حڪومت سنڌ کي گهرجي ته جِٿي به اهي ڪَلون پونين پساهن ۾ آهن، ان کي جيئرو رکڻ لاءِ انهن جي سالياني سھائتا ڪن، ته جيئن اهي بچيل سڀيتا جا اهڃاڻ سگهارا ٿي سگهن.

گهاڻي ۾ اٺ يا ڏاند وهندو آهي، ان جي جاءِ تي ھاڻي ايڪسپيلر اچي ويا آھن. انهن کي هلائڻ لاءِ هاڻي ڍور جي گهرج نه ٿي پوي، رڳو موٽر تي ھلن ٿا. حيدرآباد ۾ گول بلڊنگ وٽ، کيبرن جي شھر ۾ نيشنل ھاءِ وي تي، مٽيارين جي بازار ۾ روشن ميمڻ جو گهاڻو، لاڙڪاڻي ۾ باقراڻي روڊ جي منھن وٽ، جيڪب آباد ۾ قائد اعظم روڊ تي اڏيل گهاڻا، موٽر سان ھلايا وڃن ٿا. انھن گھاڻن جو تيل ۽ کڙ، ٻئي ڪارائتا ٿين ٿا. ايڪسپيلر جو تيل گهڻو پٽڙو ۽ کڙ، پاپڙي ٿئي ٿو، جيڪو مال کائڻ ۾ گهٽ پسند ڪري ٿو. مال کي بُھُه اڻڀو لڳندو آھي ۽ کائڻ ۾ سنهي توتڙي اڏامي ناسن ۾ پوندي آھي، جنھنڪري يڪدم ٻوٿ پري ڪري بيھي رھندو آھي. بُھه کي آڊوکو ۽ سڻڀو رکڻ لاءِ کڙ جي چٽ لازمي ڏني ويندي آهي. اهڙي چٽ مشين واري کڙ مان نه ٿي ملي ۽ ڍور به ان کي پسند نه ٿو ڪري.

ڪراچيءَ جي چند علائقن ۾ اهڙا به سنڌي چاڪي آهن، جن جو گهاڻو هٿ تي بيھاريل آهي. ان گهاڻي ۾ نه ڪو ڍور نه مشين! اهي گهاڻا، ننڍڙا آهن، جنھنڪري ان کي ’گهاڻِي‘ چئبو. ان ۾ به ساڳئي نموني گهاڻي جا اوزار پوَن ٿا. رڳو ضامن يعني پٿر/ وزن ان ليکي آهر رکيل هوندو آهي. چاڪي ان کي پاڻ ئي ان جي چوڌاري ڦرندو آهي، ايئن تيل به پيو پيڙبو آهي.

هن وقت ته اهڙا ماڻهو به آهن، جيڪي ان خيال جا آهن ته زندگيءَ جي معيار کي بھتر ۽ سڦلي بڻائڻ لاءِ اصل ديسي وٿُون (organic things) ڪم آڻجن ۽ مشينريءَ جي ٺھيل شين بجاءِ ديسي مرحلن مان گذاريل شيون واپرائجن. ملڪي سطح تي ڪافي تيل ۽ کاڄرو تيل ٻاهران گهرايا ٿا وڃن، جن تي ڪافي ناڻو خرچ ٿئي ٿو. جيڪڏهن تيلي ٻجن جي پوک تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ گهاڻن جي ڪَلن کي سڌاريو وڃي ۽ تيل توڻي گيھه کي مقامي صورت ۾ تيار ڪيو وڃي ته اسان جا ڪافي مامرا سولا ٿي سگهن ٿا.

جيئن، حڪومت ڪڻڪ ۽ ڪمند جو سرڪاري اگهه مقرر ڪري ٿي، تيئن تيلي ٻجن جي اهميت هجڻ باوجود سرڪاري سطح تي تيلي ٻجن جي اگهن تي ضابطو ناهي. ان لاءِ ان پوکيءَ تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ ان جي اگهن جي سرڪاري مقرري ٿئي ته ان پوکيءَ ۾ به اضافو ٿيندو ۽ اهو سلسلو به بھتر رخ سان هلندو.

ڪافي شاعرن هن اسم کي پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪم آندو آهي، جنھن مان هن جي اهميت جو پتو پوي ٿو، جيئن:

سانوڻ فقير جو بيت:

لڏي ويا ڇڏي، ڪري آتڻ اولاڻو،

پيڙي دل پرزا ڪري، گهمائي ويا گهاڻو،

سورن ۾ ساوڻ چئي، وتان ويڳاڻو،

آيل اولاڻو، ڏيئي ويا ڏهاڳ جو.

مولوي احمد ملاح جو هڪ شعر:

گُهور گُهمري ۾ کڻي، گهوڙا! پِڃيَس گهاڻي اَندر،

خُوبصُورتَ، کِل سَندئي، کانئي اَندر مُون کوڙ ڪيو.

ابراهيم منشي جو هڪ شعر:

قول عزم تي قائم رھندي، گهوٽ قبولي ھليا گهاڻو،

ھر ڪو پنھنجي اگھ اگهاڻو.

سگهڙن جا ٻول:

  ميلو سونھين ناڻي سان، چاڪي سونھين گهاڻي سان، گهوڙو سونھين داڻي سان، صوبيدار سونھين ٿاڻي سان.

(ميلو تڏھن ٺھندو، جڏھن خريداري ٿئي، خريداري ٿيندي آھي پئسي سان. چاڪي به تيل ڪڍندو ته ٺھندو ۽ تيل نڪرندو گهاڻي سان. گهوڙو به ڊوڙندو ته وڻندو ۽ ڊوڙ لاءِ طاقت گهربل آھي جيڪا حاصل ٿيندي داڻي يا کاڌ خوراڪ سان. صوبيدار جي لئه آھي رعب تاب سان، جيڪو ٿاڻي تي ئي حاصل ٿي سگهيس ٿو)

اصطلاح ۽ پھاڪا:

• چاڪيءَ جي ڍڳي وانگر هلڻ (محدود سوچ جو هئڻ)

• چاڪيءَ جو ڏاند (بنا سوچ سمجهه زندگي گذارڻ)

• گهاڻي ۾ پيسجڻ (سخت تڪليفن ۾ هجڻ)

• گهاڻي ۾ ڏاند جيان ڳَھَڻ. (سخت تڪليفن جو منھن ڏسڻ)

• چور نه ته چاڪي ئي سھي.

(بس ڪنھن کي پڪڙڻو آهي، پوءِ جيڪو اڳيان اچي)

• ترن جو تيل، ترن مان ڪڍڻ

 (خرچ جا پيسا به ٻين مان ڪڍڻ)

• چاڪِي ڏاند وڃايا، ڦِر ڦِر گهاڻي آيا.

(ماڻهو ڪٿي به وڃي پھچي، وري به پنھنجي اصل نسل تي ڇڪ ڪندو)

• گهاڻِي پوئي ڪا! (پٽ پاراتو)

• چاڪي ڙي چاڪي، تنھنجي مٿي ۾ گهاڻو.

(پيچيده سوچ سمجهه هجڻ)

• يار به چاڪي، مٿو به اڻڀو.

(خوشحال دوست هوندي به زندگي ڏکي هجڻ)

• چاڪي يارَ، اڻڀا وارَ.

(دوستن مان ڪا چڱائيءَ جي اميد نه ٿي رهي)

• ڏاند لاءِ گهاڻو، مرد لاءِ ٿاڻو. (چوڻي)

• اک ۾ گهاڻو، ته به مٺو جڳاڻو.

(سڪرات هجڻ باوجود جڳ ڇڏڻ ڏکيو آهي. هيءُ جھان مٺو آهي)

• مري چاڪي، ڇٽي ڏاند.

(سدائين وارو عذاب، ڪنھن جي مرڻ سان ئي ڇٽندو)

• چاڪيءَ جي ڏاند کي گهر ۾ ئي ڪوهه پنجاهه.

(بنا سوچ ۽ سمجهه جو ڪم ڪندڙ اتي ئي اتي)

• جنھن جو يار چاڪي، تنھن جي سينڌ اڻڀي نه ٿيڻي آهي.

(سٺن دوستن مان سٺيون اميدون پوريون ٿينديون آهن)

  تيلي رو بيل، سَو سَو ڪوس چلي، پڻ بٺئي ڪو بٺئي.

(چاڪيءَ جو ڏاند، گهاڻي جي چوڌاري ڏينھن ۾ ڀلي سوين ميل ڪري، پر هوندو اتي جو اتي. بيوقوف ماڻهو ڀلي ڪيڏا به جتن ڪري، پر وک نه وڌندس)

• گهاڻو رڳو ناڻو. (پورهيي ۾ عظمت)

• مڙس جي ڦٽي ته جيل ۾ وڃي، ڍڳي جي ڦٽي ته گهاڻي ۾ وڃي، گهوڙي جي ڦٽي ته ٽانگي ۾ وڃي. (چوڻي)

• يار به تيلِي، سينڌ به ميلِي.

(يار به چاڪي، مٿو به اڻڀو)

• نڪا سڙڪ سڌي کپي، نڪو ساٿ سپاهه، چاڪيءَ سندي ڏاند کي گهر ۾ ڪوهه پنجاهه.

(اجائي محنت ڪرڻ واري کي هڙ حاصل نه ٿو ٿئي)

• تيليءَ جو تيل ٻري، مشعالچي مفت ڪڙھي.

(نقصان مالڪ جو ٿئي، سر نوڪرن جو وڃي)

  چاڪيءَ ڏاند وڃايو، گهمي گهاڻي ڌاري.

(وڃايل شيءِ کي هڪ هنڌ نه ڳولهبو آهي)

• چاڪيءَ جو ڏاند ۽ ڪاسائيءَ جو ڪتو، جاتي بيٺو، تاتي کُتو.

(چاڪيءَ جو ڏاند، پنجاهه ڪوهه پنڌ ڪري ته به گهاڻي جي پڙ وٽ بيٺو هوندو، ڪاسائيءَ جي ڪتي کي مفت جا هڏا ملندا، تنھنڪري پري ويندو ئي ڪونه)

• يار چاڪي، جوڳ/ چڳ رُکِي.

(پاڻ خوشحال، پر يار جي سِينڌ اَڻڀي)

• گهاڻي ۾ پيڙجڻ کان سواءِ، ترن مان تيل نه نڪرندو.

(محنت ۽ تڪليف سواءِ منزل نه ٿي ملي)

• گهر ۾ گهاڻو هجي، ته ماني اڻڀي ڇو کائجي.

(سھولتن هوندي، ان مان فائدو وٺجي)

• سچن ساڻِي، ڪوڙن گهاڻِي.

(سچن سان ڌڻي تعالى گڏ آهي، باقي ڪوڙا پيا گهاڻي ۾ پيسبا)

• گهاڻِيءَ کي ئي گهُمرو.

(سڀ جو سڀ کَريَل)

 

(هن مضمون جي تياريءَ ۾ اصطلاح ۽ پھاڪن جي همراهي، انجنيئر عبدالوهاب سھتي جي رهي. مان سندس ٿورائتو.)

No comments:

Post a Comment