Friday, July 15, 2022

ٻٻر؛ بي خبر، جن جا آکيرا ئي اونڌا - دائم علي دربان

ٻٻر؛ بي خبر، جن جا آکيرا ئي اونڌا.

(چوڻي/ پھاڪو)

دائم علي دربان



هڪڙي لوڪ ڪھاڻي آھي، جيڪا مونکي سڄي ته ياد ڪا نه آھي پر ان جو ڪجھ حصو ياد آھي!

هڪ ڀيري ٻٻر پکيءَ جو نانگ سان جھيڙو ٿي پيو، نانگ دڙڪو ڏنو ٻٻر کي ته؛ ”مان تنھنجا ٻچا به کائي ڇڏيندس.“

ٻٻر ورندي ڏنس ته؛ ”مان پنھنجو گھر ئي اھڙي جڳھ تي ٺاھيندس، جتي تون نانگ پھچي ئي ڪو نه سگھندين.“



ان کانپوءِ ٻٻر پنھنجا گھر، ٻوڙن جي سرن سان لٽڪائي ڇڏيا، جتي نانگ پھچي ناھي سگھندو.

ان کانپوءِ اها مٿين ڪھاوت مشھور ٿي ته: ”ٻٻر؛ بي خبر، جن جا آکيرا ئي اونڌا!“

پر شايد اھو لفظ ”بي خبر” نه بلڪ ”باخبر هوندو! ڇو ته اھا ڪھاڻي ٻٻر جي آکيرا ٺاھڻ واري، ايڏي وڏي مھارت ۽ قابليت تي ٺھيل آھي. يعني اھا چوڻي ھيئن ھوندي؛ ”ٻٻر؛ باخبر، جنھن جو آکيرو اونڌو.“

 

(دائم علي دربان جي فيسبڪ ڪمينٽ تان ۱۵ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي کنيل.)

No comments:

Post a Comment