Saturday, May 7, 2022

اتم کيتي، وڌندڙ واپار ۽ نيچ نوڪري

اتم کيتي، وڌندڙ واپار ۽ نيچ نوڪري.

(سنڌ، چوڻي)

امتياز احمد عرساڻي



اتم کيتي، وڌندڙ واپار ۽ نيچ نوڪريءَ جي چوڻي ته اسان سنڌ واسين کي برزبان ياد آھي، ان بيان تي ھر ھڪ متفق به آھي، مگر ان جي تفصيل ۾ وڃي وضاحت ڪرڻ واري روش ھميشه سرسري رھي آھي. کيتي کي اتم ڇو ٿو چيو وڃي، واپار وڌندڙ ڇو آھي ۽ نوڪري نيچ ڪيئن آھي؟ جھڙا سوال حل طلب ان ڪري به آھن جو نوڪريءَ کي گھٽ سمجھيو ويندو آھي، پر تڏھن به ڪيترا ئي نوجوان نوڪريءَ کي ئي پنھنجي مستقبل لاءِ چونڊيندا آھن. ”کيتيءَ کي اپنائڻ، واپار کي پنھنجو ڪرڻ يا وري نوڪريءَ سان نڀائڻ“ مان اسان جي اڪثريت جو نوڪريءَ کي پسند ڪرڻ پٺيان ڪھڙو منطق لڪل آھي؟ اچو ته ان جي کوج ڪري ڏسون ته کيتي اتم ڇو آھي؟ واپار وڌندڙ ڪيئن آھي ۽ نوڪري نيچ ھئڻ باوجود ھر آئيندي جي ضرورت ڇو بنجي پئي آھي؟


انسان فطرت ڄائو آهي، جنھن قدرتي ماحول ۾ ھو جنم وٺندو آھي، ان ئي ماحول ۾ ھو رسي وسي ويندو آھي. جتي سندس اجھا پُرکن کان جڙيل ھوندا آھن، ھو ان اطراف جو ئي اثر وٺندو آھي. جيڪو انسان پھاڙي علائقن ۾ نپجي، تنھن جو مزاج به پٿر وانگر سخت ٿيو پوي، جيڪي وارياسي زمين تي پلجن سي وسيع ۽ سحرائي دل رکن. جيڪي برفيلي پھاڙن تي جنم وٺن سي مزاج به پنھنجو ٿڌو رکن. پر جيڪي سائي چادر اوڙھيل زمين تي جنم وٺن سي پنھنجي اندر ۾ سڀن کي سموئڻ جي طاقت رکن. اھا حقيقت آھي ته ڪو ڪھڙي به علائقي سان تعلق رکندو ھجي، اتي ئي پلجي نپجي، ليڪن اهو به هريالي ۽ سائي چادر اوڙهيل زمين ۽ معتدل آبھوا کي ئي اپنائڻ پسند ڪري ٿو. دورِ قديم ۾ پهاڙي علائقن اندر غارن ۾ پناهه وٺڻ شايد انسان جي مجبوري ھئي، کين ميداني علائقن ۾ لڱ لڪائڻ جي جاءِ ميسر نه ھئي. پنھنجو بچاءُ ۽ موسمن جي تبديلي کين اھڙين غارن ۾ رھڻ تي مجبور ڪيو، جيڪي کين مٿو ڍڪڻ لاءِ اجھو ميسر ڪن. ليڪن ڪيترن ئي سالن پڄاڻان، آبادي وڌڻ ۽ پاڻڀرو ٿيڻ بعد درياهه جا ڪنارا وسائڻ ۽ پوکي ڪرڻ انسان جي اهم ڪرت ۾ شامل ٿي پيو. ميوات، اناج ۽ مال کي سنڀالڻ ئي انسان جو بنيادي مشغلو بنيو. کير ڏهڻ، لسي ولوڙڻ، ڪپڙو وهٽڻ، ويڙها وسائڻ ۽ اَنُ اُپائڻ جهڙا ڪم انساني زندگيءَ جو اهم حصو بنيا. 

ايئن پنهنجي نيپاج کي شڪار مان ڪڍي کيتي کي اپنائڻ ۽ مال کي ڌارڻ وارو رواج عام بنجي پيو ۽ انسان کيتي کي ئي اتم ڀانيو، پنهنجي ماٿي سان لاتو ۽ پنهنجو پاڻ کي ان ئي رنگ ۾ رڱيو، جيڪو فطرت انسان لاءِ منتخب ڪيو هو. کيتيءَ کي اتم سمجهڻ جو مقصد به اهو ئي آهي، جو کيتيءَ مان اسان کي اهو ئي فطري ساءُ ميسر ٿئي ٿو، جيڪو اسان جي اندر کي گهرجي. صبح ساجھر پوکيءَ لاءِ پتوڙڻ ۽ سج لٿي کان اڳ ئي پنھنجي ماڳن ڏانھن موٽڻ وارو جيئڻ جو انداز، ڌرتيءَ تي رھندڙ ھر جاندار سان مناسبت رکي ٿو. سورج جي ڪنيءَ ڪڍڻ ساڻ ئي جسماني پورھئي سان لڳي وڃڻ ۽ پنھنجو پگھر وھائي مشقت سان پنھنجي پيٽ لاءِ جدوجھد ڪرڻ واري عمل کي انسان اتم سمجھي، پنھنجو بڻايو. 

رگ ويد ۾ پڻ کيتيءَ کي اتم ڌنڌو لکيو ويو آھي، جنھن ۾ ٻڌايل آھي ته ٻج ڇٽڻ جو ھنر اوشوني ڪمار ديوتا، منو ڀڳوان کي سيکاريو. اڳي سنڌو ماٿريءَ ۾ ڪيترن ھنڌن تي گھاٽا جھنگ لڳا پيا ھوندا ھئا، ماڻھو وڻ وڍي پوک لاءِ زمين صاف ڪندا ھئا. اھي ڪشادا پٽ ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ ورھائي، ھر ھڪ ”کيٽ“ کي ڌار ڪندا ھئا. ”اٺاس“ يعني اٺ جريب يا ”سورھاس“ يعني سورھن جريب کي کيٽ سڏيندا ھئا. ھر ھڪ کيٽ نھايت ئي خبرداريءَ سان ماپيو ويندو ھو. ھر ھڪ ھاريءَ کي پنھنجي ٻني ڌار ھوندي ھئي. اھي ٻنيون ھو پنھنجن ڳوٺن جي آسپاس آباد ڪندا ھئا. اڄ به ھاري ناري پنھنجي ٻنيءَ ٽڪر جي آسپاس گھرڙا اڏيو ڳوٺڙا ٻڌيو ويٺا آھن. جيڪي وڏا زميندار آھن سي به پنھنجا بنگلا ۽ اوطاقون ٻنيءَ جي نزديڪ جوڙين ٿا. سندن ھاري ناري انھن اوطاقن جي آسپاس ڀُنگين ۾ رھندا آھن. اھو انھيءَ زميندار جو ڳوٺ سڏبو آھي، جنھن جون زمينون اتي ھونديون آھن. اڳي به ھوند وارن وٽ نوڪر چاڪر، ٻانھا يا غلام پورھيو ڪندا ھئا، پاڻ زميندار رڳو ان زمين جي نظرداري ڪندا ھئا. 

اھا کيتي ئي ھئي، جنھن سان اسان جي ضرورتن جو دائرو مڪمل ٿيو پئي. کائڻ، پائڻ ۽ رھڻ جون سموريون گھرجون ان ئي اپت سان پوريون ٿي رھيون ھيون. اَنُ، ميوات، جنسون، مال لاءِ خوراڪ توڙي گھر اڏڻ لاءِ ويڙھو ۽ ٻارڻ جون ضرورتون اھا کيتي ئي پوري ڪري رھي ھئي. زمين کيڙڻ ئي آزاد فضا ۾ ساھه کڻڻ، خودخيالي، خودمختياري ۽ پنھنجي مرضيءَ سان ڪم ڪرڻ واري رجحان، انسان کي پنھنجي مرضيءَ سان جيئڻ جو ساءُ ڏنو. کيتي کي وڌائڻ، ان ۾ جدت آڻڻ، نوان طريقا اپنائڻ، قلم ڪري فصل کي مضبوط بنائڻ، گھٽ محنت ۽ گھٽ خرچ سان وڌيڪ اُپت لاءِ نوان طريقا ڳولي لھڻ وارو تخليقي رجحان اسان کي پوکيءَ منجھان ئي ميسر ٿيو. مطلب ته ترقيءَ جي منزل جا سمورا بنياد اسان کي پوک منجھان ئي دستياب ٿيا. ان ڪري ئي ته وڏڙن کيتيءَ کي ”اتم کيتيءَ“ جي اصطلاح سان منسوب ڪيو آھي.

ڏٺو وڃي ته اسان جي ڪل ڪائنات اھا زمين ھئي جنھن تي اسان ھر ھلائي پنھنجي جيئڻ جو وس ڪندا ھئاسين. اسان جون سموريون ضرورتون ان ئي ھريالي سان سلھاڙيل ھيون. زمين کيڙڻ سان گڏ مال ڌارڻ جو مشغلو اسان جي باربرداري، سواري، صحت ۽ جسماني طاقت جون ضرورتون مڪمل ڪرڻ لاءِ اھم ھو. کيتي سر سيتيءَ سان ئي اسان جي ثقافت، اسان جي زبان، اسان جا قدر، اسان جا معيار، اسان جون ريتون رسمون ۽ ھنر و فن پروان چڙھيا. پر جتي انساني ترقيءَ جا سمورا رستا خلاصا ٿيا، اتي اسان جي وڌندڙ آبادي سان گڏ ضرورتن به ڪر کنيا. جنھن سبب زندگيءَ کي سھل ۽ آسان بنائڻ خاطر انسان نوان گھٽ گھيڙ ڳولڻ شروع ڪيا.

جيتوڻيڪ زمين جي عزت، اھميت ۽ ضرورت ته ھن وقت به ايتري ئي آھي، جيتري اڳ ھئي، مگر وقت گذرڻ سان آباديءَ ۾ اضافو ٿيڻ سان بنيادي ضرورتن ۾ به اضافو ٿيڻ لڳو. وقت جو وھڪرو، سائنسي ايجادن سبب فاصلن کي گھٽائي، آسانيون پيدا ڪري، کيتيءَ کان اڳتي ڪڍي پھرين ڪاروباري ۽ پوءِ صنعتي دور ڏانھن وٺي آيو. آباديءَ جي واڌ سبب جتي اسان جا قدرتي وسيلا گھٽجندا ويا، اتي پنھنجي زندگي سھل ڪرڻ واسطي اسان جون ضرورتون پڻ پروان چڙھنديون ويون. اسان کي پنھنجي پوک وڌائڻ سان گڏ اھڙا طريقا پڻ آزمائڻا پيا، جيڪي وڌيڪ ڪارائتا ھجن ۽ وڌيڪ اُپت ڏيڻ جا ضامن رھن. گھرن جون ضرورتون ھجن، ڪپڙي جي اُڻت جو سوال ھجي، ھڪ جڳھه کان ٻي جڳھه تائين مال پھچائڻ واسطي مال برداريءَ جي وسيلن جي ضرورت ھجي يا رابطي جا ذريعا ھجن، انھن سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ واسطي اسان کي ھڪ وڏي ڪينواس تي ڪم ڪرڻو پيو ۽ درجي به درجي زراعت سان گڏ حرفت ۽ پنھنجي ضرورتن آڌار صنعتن ڏانھن وڌڻو پيو. 

جنسن جي مٽا سٽا، ھنر کپائڻ ۽ ضرورت جي ٻين شين جي خريد و فروخت ۽ شيون وڪڻڻ واسطي مارڪيٽنگ جي فن اسان کي اھڙي دور ۾ آڻي بيھاريو، جتي واپار زراعت کان به وڏو زندگيءَ جو اثاثو بڻجي اڀريو. پنھنجي شيءِ جو ڪارج ڳولڻ، مارڪيٽ تلاش ڪرڻ ۽ ان جي مارڪيٽنگ ڪرڻ ھڪ اھڙو فن نڪري نروار ٿيو، جنھن سان انسان کي نه صرف پنھنجي صلاحيت ۽ قابليت وڌائڻ ۾ مدد ملي، بلڪه ھو نوان گس ڳولڻ ۽ پنھنجون تخليقي صلاحيتون وڌائڻ ۾ پڻ اڳتي اچڻ لڳو. چٽاڀيٽي ۽ ھڪٻئي کان اڳيان نڪرڻ وارو رجحان اسان کي نوان پيچرا ڳولي لھڻ ۾ مددگار رھيو. اھو ياد رکڻ گھرجي ته انساني آباديءَ جو تناسب ھميشه وڌندو رھي ٿو، اسان جون ضرورتون ۽ سائنسي ايجادن سبب خواھشون پڻ ان آڌار پروان چڙھنديون رھن ٿيون. زندگي آسان کان آسان تر ڪرڻ واسطي اسان کي ھر نت نئين شئي جي ضرورت پوي ٿي. نيون دريافتون ۽ ايجادون نڪور مارڪيٽن جو بنياد وجھن ٿيون. اھو ئي سبب آھي جو واپار کي ھميشه وڌندڙ واپار سان منسوب ڪيو ويندو آھي. 

ڪاروبار کي جيڪر اسين فطري تناظر ۾ به ڏسون ته واپار اسان کي ان جوھر جو پيوند ئي لڳندو، جيڪو اسان لاءِ فطرت سڀاءُ مقرر ڪيو آھي. جيئن وھندڙ پاڻي ھميشه صاف ۽ بيٺل پاڻي بدبودار ھوندو آھي، بلڪل تيئن ئي انسان طبعي طور جيترو ڪم ڪندو، اوترو ئي مضبوط جسم جو مالڪ ٿيندو. اسان جي ذھني اوسر به ان ئي اصول سان لاڳاپيل آھي، جيترو اسان جي ذھني استعداد استعمال ۾ ھوندي ۽ ترقي ۽ ترويج جا نوان ڍنگ ڳولڻ ۾ مصروف ھوندي، اوترو ئي اسان پنھنجي ذھني صلاحيتن کي استعمال ڪندي پنھنجي تخليقي قوت سان اڳيان وڌندا، ترقي ڪندا ۽ پنھنجي لاءِ آسانيون پيدا ڪندا وينداسين. واپار کي وڌندڙ جي اصطلاح سان منسوب ڪرڻ پٺيان به اھا ئي ڪارفرماني آھي ته جيترو وڌيڪ محنت ۽ سيڙپ سان ڪاروبار ڪبو، اوتروئي وقت سان گڏ واپار به ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندو اڳتي نڪرندو رھندو. نوان خيال ۽ نڪور طريقا ھميشه اسان جي ڪاروبار کي ترقي ڏيڻ ۾ مددگار رھندا. ياد رھي ته ڪاروبار جي وسعت جي ڪابه حد مقرر نه ٿي ڪري سگھجي ۽ ان مان ٿيندڙ منافعي کي به ڪنھن ماپي ۾ نه ٿو آڻي سگھجي. 

نيچ نوڪري جو اصطلاح غلامانه دور جو عڪاس آھي. پٿر واري دور ۾ طاقت واري انسان جي غلامي ڪرڻ وارو تسلسل نوڪريءَ جي مھذب صورت ۾ اڄ به موجود آھي. شڪار جي ھڏائين ٽڪر ڏيڻ واري معاوضي کان وٺي اڄوڪي ھينڊسم پيڪيج تائين جو سفر مختلف صورتون ضرور اختيار ڪندو رھيو آھي، مقرره وقت ۾ دائري اندر ڪم ڪرڻ بلڪل ايئن ئي آھي، جيئن ڪنھن ڍڳي کي نار ۾ ٻڌي ڇڏجي. ھڪ ئي ڪم ۽ ھڪ ئي جاءِ تي ھڪ ئي وقت ۾ ساڳيون ساڳيون خدمتون ڏيڻ وارو رجحان انسان جي سوچ کي ھڪ ئي ھنڌ بيھاريو وجھي. جنھن سبب سندس تعميري، تخليقي ۽ تنقيدي نقطه نگاه فوت ٿيو وڃي. ساڳيو ڪم ڪري، نه ته اڳيان سوچڻ جي سگھ بچي، نه ئي مستقبل جي ڪا سار سنڀري! ڪپڙي جي دڪان تي ڪم ڪندڙ ملازم ھجي يا ريزڪي ھٽ تي خدمتون ڏيندڙ مزدور، سرون ڍوئيندڙ ڪمي ھجي يا بار کڻندڙ ملازم، سڀني قسم جي خدمتن ۾ نوڪر کي ھڪ ئي طرز طريقي سان ڪم ڪرڻو پوندو آھي. اھڙي قسم جي جراحت ۾ سماجي، معاشي ۽ ذھني طور اڳيان وڌڻ جو تسلسل ھڪ جاءِ تي بيھي رھندو آھي. اھو ئي سبب آھي جو دورِ قديم کان وٺي نوڪريءَ کي نيچ تصور ڪيو ويندو آھي. 

مخصوص معاوضي ۽ مقرره وقت عيوض پنھنجون اڳ ئي طئي ٿيل خدمتون پيش ڪرڻ، يعني اھو تعليم ڏيڻ وارو استاد ھجي، بينڪ اندر ڪم ڪندڙ ملازم ھجي، ڪنھن فورس جي نوڪريءَ سان وابسته فرد ھجي يا ڪنھن اداري ۾ خدمتون ڏيندڙ شخص، صبح کان شام تائين ڪم ۾ جنبيل ھجي. سندس ھڪ ھنڌ بيٺل زندگي اڳيان وڌڻ جي تمنا ۾ گذريو وڃي. ڪن حالتن ۾ ته سندس اميد ۽ آس جو به دم ٽُٽيو پوي ۽ ساڳي ساڳي ڪرت سان سندس جيئڻ جو انداز ئي اجھاميو وڃي. ھڪ ڏاڪي تائين پھچي ھن جون سموريون صلاحيتون جواب ڏيو وڃن ۽ آخرڪار سندن صلاحيتون ھڪ دائري اندر بند ٿيو رھجيو وڃن. جيتوڻيڪ ڪارپوريٽ سيڪٽر ۽ سرڪاري نوڪرين اندر ترقيءَ جا ڏاڪا ۽ بونس وغيره متعارف ڪرايا ويا آھن، مگر تڏھن به ساڳي خول ۾ رھندي ڪم ڪرڻ جو انداز انساني صلاحيتن ۽ سندس تخليقي وجود کي ھڪ ھنڌ بيھاريو وجھي.

اھي قومون جيڪي صدين کان غلام رھنديون آھن تن جو مزاج غلامانه ذھنيت جو عڪاس ھوندو آھي. انھن لاءِ ھميشه اھڙي نوڪري ڪرڻ ھڪ آسان ذريعو ھوندو آھي، جيڪو مخصوص معاوضي عيوض خاص خدمتن تي ئي ڪم ڪري سگھي. ڇاڪاڻ ته سندن ڪُند ذھن ھڪ ئي ھنڌ بيٺل ھوندو آھي، اڳيان نڪرڻ لاءِ ڇٽاڀيٽي ڪرڻ يا ٻاھر نڪرڻ، سفر ڪرڻ، محنت ڪرڻ سندن مزاج مان نڪري ويندو آھي. اھي ڪنھن ڪاروبار ڪرڻ، محنت ڪرڻ ۽ نفعي نقصان کي منھن ڏيڻ جا عادي نه رھندا آھن. نوان دڳ ڳولڻ، نوان وسيلا ٺاھڻ، نيون راھون تلاش ڪرڻ، تعميري ۽ تخليقي گس وٺڻ سندن وس کان ٻاھر ھوندو آھي. سندن سڀاءُ ۾ ڪجھ نئون ڪرڻ واري صلاحيت نه رھندي آھي. ھو ڪو به قدم کڻڻ کان لنوائيندا ۽ ڊڄندا آھن. ھميشه کين نقصان جو انديشو باقي رھندو آھي. ھو نه چاھيندا آھن ته ھڪ خاص لڪير کان ھٽي ڪري ڪم ڪن.

انھن قومن جا ھنرمند پڻ نوڪري پيشُه فردن وانگر ھڪ ئي نار ۾ وھندا، ساڳين دائرن اندر بند رھندا آھن. سندن واڍا، رازا، لوھار، درزي، رنگريز، سونارا توڙي ڪنھن به ھنر سان تعلق رکندڙ ڪاريگر ھڪ ئي سمت ۾ اھو ئي ڪم ڪندا آھن، جيڪو کين وڏڙن کان ھڪ خاص رخ ۾ مليل ھوندو آھي. ڪم ۾ جدت آڻڻ، نوان تجربا ڪرڻ يا تخليقي ڪم ڪرڻ سندن وس کان ٻاھر ھوندو آھي. ھو ھر نئون قدم کڻڻ ۾ ڪيٻائيندا آھن. انھن ۾ جديد دنيا سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي ھلڻ وارو رجحان ڪڏھن به اڀري نه سگھندو آھي. اھو ئي سبب آھي جو ھو به نوڪري پيشا فردن وانگر بيٺل پاڻيءَ جي ڏيڏر وانگيان پنھنجي ڪل ڪائنات ان ئي سينھواريل زمين کي ڀائيندا آھن، جتي ھو پيدا ٿيندا آھن.

ڪاروبار انسان کي اڳتي وڌڻ جو اتساھ ڏئي ٿو. جديد دور ۾ ڪاروباري طرز تي ملازمت جا پڻ نوان معيار متعارف ڪرايا ويا آھن. ملازمت ۾ اوور ٽائيم ۽ بونس ڏيڻ بعد مارڪيٽنگ سان ملازم کي پنھنجو شيئر ڏيڻ وارو رجحان پنھنجون پاڙون پختيون ڪري رھيو آھي. اھو ئي سبب آھي جو اڄڪلھ مارڪيٽنگ واري ڪاروباري طريقي کي اپنائڻ ۽ ان ئي قسم سان اڳتي وڌڻ کي ھمٿايو پيو وڃي. ڪاروباري پيشو سماج جي پرک، اقتصاديات جي ڄاڻ، توڙي سياسي سوچ ٻوجھ سان فيضياب ڪري ٿو. ڪاروبار ۾ تخليقي، تعميري، تحقيقي ۽ چٽاڀيٽي جا رجحان پروان چڙھن ٿا. ڪاروبار ۽ ان سان واڳيل خدمتون به اسان کي اڳتي وٺي وڃڻ جو سنيھو ڏين ٿيون. جديد دنيا اندر ڪاروباري خدمتن جو تعلق شيئر جي بنياد تي وڌو ويو آھي. ڪارج پيدا ڪرڻ، مارڪيٽنگ ڪرڻ، ايڊورٽائيزمينٽ ذريعي شئي جي اھميت وڌائڻ سان گڏ نيون مارڪيٽون ڳولڻ ۽ ڪاروبار کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ نوان نوان گھٽ گھيڙ ظاھر ڪرڻ، اھي سڀ حربا واپاري توڙي جديد ملازمت واري طريقه ڪار لاءِ ھڪ جيتري اتساھ جو باعث ھوندا آھن. اھو ئي سبب آھي جو کيتي کي اتم، نوڪريءَ کي نيچ ۽ واپار کي ھميشه ”وڌندڙ“ سان منسوب ڪيو ويو آھي. دنيا جي اڳتي نڪرڻ ۽ ترقي ڪرڻ جو دارومدار پڻ ان ئي اصول تي بيٺل نظر اچي ٿو. فطرت به اسان کي اڳيان نڪرڻ لاءِ اھو ئي موقعو فراھم ڪري ٿي، جيڪو ڪاروباري طرز عمل ۾ پنھا آھي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۶ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment