Saturday, May 28, 2022

ڪوھستان ۾ سڱاوتي ريتن جا اصطلاح

ڪوھستان ۾ سڱاوتي ريتن جا اصطلاح

سنڌو سنڌي



سڱ وٺڻ ۽ ڏيڻ جا دنيا ۾ ڪيترا ئي رواج آھن. جتي خانداني نظام آھي، اتي سڱاوتي ڪرڻ جا مضبوط قانون ۽ رسمون آھن. قبيلائي نظام جي مرڪز سنڌ جي ڪوھستان ۾ سڱاوتين جي رواج بابت تمام دلچسپ ڳالھيون ملن ٿيون. ڪوھستان ۾ گھر جو گھر ۾ سڱ ڪرڻ کي ڌارين مان سڱاوتي ڪرڻ کان وڌيڪ ڪارائتو سمجھيو ويندو آھي، جنھن لاءِ ھيٺيان رواج ۽ انھن لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ مخصوص محاورا يا اصطلاح پڻ استعمال ٿيندا آھن:


”واڙ جو واڙ ۾ سڱ ڪرڻ جو رواج“:

ھتي ٻه ڀائر يا ٻه سؤٽ ھميشه اھا ڪوشش ڪندا آھن ته اھي پنھنجو پاڻ ۾ گڏجن؛ يعني اھي پنھنجي ٻارن جا سڱ لازمي ڪري ھڪ ٻئي جي اولاد سان ئي ڪَن. ان جو مطلب ته نه ڪا سندن نياڻي ۽ نه ئي ڪو گھر جو ڇوڪرو واڙ کان ٻاھران پرڻائجي.

”مُھاڙ نه ھجڻ جو رواج“:

ھتي جيڪڏھن ”واڙ جو واڙ ۾“ سڱ نه ٿئي ۽ ڪنھن ٻي واڙ مان سڱاوتيون ڪجن ته اھڙي صورتحال کي ائين چوندا آھن ته  ”ڦلاڻي کي مھاڙ نه ھئي، جنھن پانجي واڙ مان نڪري، ٻي واڙ منجھان سڱ ڏنو/ ورتو“. ان مھاڙ نه ھجڻ جي لفظن کي ايتريقدر به استعمال ڪيو ويندو آھي جو جيڪڏھن ڪو ڀاءُ پانجي اھڙي ڀيڻ سان گڏبو جيڪا اڳم پرڻجي ڪنھن ٻي واڙ يا ڳوٺ ۾ وئي ھجي؛ يعني ڀاءُ پانجي اھڙي ڀيڻ کي ڪو ڌيءَ جو سڱ ان جي پٽ لاءِ ڏي يا ان جي پٽ جو سڱ سندس ڌيءَ لاءِ وٺي، ته ان صورت کي به ھتي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ”مھاڙ نه ھجڻ“ سمجھيو ويندو آھي.

”ادي بدي جي سڱاوتيءَ جا رواج“:

ڪو به سڱ ڏئي، وري سڱ وٺجي ته ان کي ”ادي بدي جي سڱاوتي“ چون، يعني سڱ جي بدلي سڱ ڪرڻ. اھڙي سڱ کي جيتوڻيڪ ھتي ”ڳرو“ سمجھيو ويندو آھي، جنھن جا مستقبل ۾ سٺا نتيجا ناھن ملندا پر تنھن باوجود ان جا رواج صدين کان ھتي ھلندا پيا اچن، جنھن ۾ ڪنھن قدر گھٽتائي ضرور آئي آھي پر وري به اھو رواج اڃا تائين ھتي ھلي پيو.

”ٽپي پوڻ يا آکُڙي اچڻ جو رواج“:

ھي رواج جيتوڻيڪ جديد سماج جي گھرج آھي پر ان کي ڪوھستاني ريتن ۽ رسمن ۾ مخصوص نالي سان ۽ اڻ پڙھيل ماڻھو عام طؤر ناپسند ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته قبيلائي نظام ۾ ھڪ قبيلي جي نياڻي ٻئي قبيلي ۾ تمام گھٽ ڏني ويندي آھي، ۽ جيڪڏھن ڪو باشعور ماڻھو يا پنھنجي پسند مطابق ڪير پنھنجي نياڻيءَ کي سندس واڙ کان پري ڪنھن اھڙي مخصوص واڙ، پاڙي يا ڳوٺ ۾ پرڻائي، جتي ان گھوٽ جي اڳ ۾ ئي ڪانہ ڪا سڱاوتي ٿيل ھجي ۽ ھن سڱ جي ڪري، سندس پراڻو سڱ ٽوڙيو وڃي، ته اھڙي صورت ۾ ڪنواريتن کي ائين چوندا آھن ته ”ڦلاڻي کي مھاڙ ھئي پر ھروڀرو ٽپي اچي ڦلاڻي جي گھر منجھ آکُڙي پيو.

ھي اصطلاح اھو ھر ڪنواريتي طرف جو فرد به ان صورت ۾ ھتي چوندي ڏٺو ويو آھي، جڏھن سندس نياڻيءَ جي، ازدواجي سڱاوتين جي انتھائي سنگين حالت ۾ طلاق ٿي وڃي.

”نئين سِرَ يا نئون رت آڻڻ جو رواج“:

جيڪڏھن ڪو ڪوھستاني مرد ڪنھن ٻئي ڳوٺ، قبيلي، خطي، ملڪ، ديس يا کنڊ مان پرڻجي ۽ کيس ڌاري ڪنوار مان اولاد ٿئي،  ته ان کي ھتي ائين چوندا آھن ته تو نئون سر يا نئون رت آندو آھي. اھڙي اولاد کي ھتي ”ٻِسر“ يعني ٻن سرن وارو به چيو ويندو آھي.

”ريس خميس جو رواج“:

ھي رواج گھڻو ڪري ”ادي بدي جي سڱ“ وانگر آھي پر ھن ۾ خاص ڪري سڱ جي بدلي سڱ نه ھوندي به مختلف طريقن سان پري جون مائٽيون ساري ڪڏھن ڪڏھن عورتون گھر جي ڪمن ڪارن م يا وري مختلف شين ۾ ريس ڪنديون آھن ته ڦلاڻي وٽ اھا شي آھي ته مون وٽ به اھا شي ھجي. جيڪڏھن ڪنھن ھڪ ستابي گھر ۾ سڱ ڪيو ته ان تي به ريس خميس ڪندي، ٻي عورت يا مرد به ان ئي يا ان جھڙي ئي ڪنھن ٻئي سکئي ستابي گھر سان سڱ جو ناتو ڳنڍيندو. اڪثر اھي رشتا ناڪام به ٿيندا آھن.

”ننڍپڻ ۾ سڱاوتيون ڪرڻ جا رواج“:

ڪوھستان ۾ ننڍپن ۾ سڱ ڪن، پوءِ وڏو ٿي گھوٽ ڪنوار ھڪ ٻئي کي پسند ڪن يا نه پر ننڍپڻ جا ٿيل رشتا ڪير به ناھي ٽوڙيندو. جيڪڏھن ڪنھن اھڙو رشتو ٽوڙيو ته ان لاءِ باھ ٻاري، کيس راڄ وارا تنگ ڪندا آھن.

”پينگھي ۾ پوتيءَ جو رواج“:

جيڪڏھن ٻار جو رشتو ماءُ جي پيٽ ۾ نه ٿيو ته ڄاپڻ کانپوءِ پينگھي ۾ لازمي ڪن. اھو رشتو به ڪامياب ناھي ويندو.

”وڻي ڌُوڻي سڱ ڪرڻ جو رواج“:

ڪنھن جون نياڻيون ھڪ کان وڌيڪ ھجن، جيڪڏھن اھو ماڻھو ھر نياڻيءَ جو سڱ ڪنھن سکئي ۽ ڏوڪڙ پئسي واري يا سرڪاري نوڪريءَ واري مرد سان چونڊي ڪري (باوجود ان جي جو عمر، سونھن نه ڏسي)، ته اھڙي سڱ ڪرڻ جي رواج کي ھتي ائين چون ته؛ ”فلاڻي پنھنجا سڀ ڄانٽا (ناٺي)، وڻي ڌُوڻي کنيا آھن“. ان اصطلاح جو مطلب ھڪ مثال آھي، جيئن ٻير جو وڻ ھجي، ان کي ڌُوڻي، لوڏجي ته ڪيترائي ٻير زمين تي ڪري پوندا ۽ انھن مان چونڊي ٻير کڻجن ته ان عمل کي وڻي ڌُوڻي چوندا آھن.

 

(ڏھاڙي ھلال پاڪستان ڪراچي ۽ روزاني عبرت حيدرآباد ۾ آچر ۲۹ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment