Wednesday, May 25, 2022

اھڙو رھزن جو لوڌين کي ئي لام لڪڻ ڏئي.

اھڙو رھزن جو لوڌين کي ئي لام لڪڻ ڏئي.

(تشبيھ)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



لوڌ؛ ڊنب (خاص طور تي ڪتن جو)

لوڌڻ (مصدر)؛ تڙڻ، ڊيڪائڻ، لٺ کڻي پويان پوڻ.

لوڌي؛ لوڌي ڪڍندڙ، تڙي ڪڍندڙ، لٺ کڻي ڊيڪائيندڙ، لٺ سان لوڌيندڙ.

لوڌي؛ آسماني نکٽ ٽيڙوءَ جي پويان ٻه تارا ايندا آھن. منجھانئن ھڪڙو نيرو، نيلي تيلي روءِ، جنھن کي سھل يا ائٿ پڻ سڏبو آھي. ان سان ٻيلھي يا ٻيو لال لُڌو آھي. اھي ٻئي ان پوري نکٽ يعني ان ٽه-تار واري ھرڻ جا، لوڌي پڻ سڏبا آھن.

لوڌي؛ ڪتن جي لوڌ ڪاھي ھلندڙ.


جڏھن جھنگل ۾ شڪار جو سمان ٿيندو آھي ته جھنگل ۾ منگل ٿي ويندو آھي. اھو سڄو شڪار، سِٽيندو (پلان ڪرڻ) ته آھيڙي آھي پر منجھس مختلف قسم جا شڪاري پڻ پنھنجو پنھنجو حصو وٺندا آھن. ھر شڪاريءَ جو پنھنجو پنھنجو نالو آھي. ڪتن جو ڊنب، ٿم مان نڪرڻ کان پوءِ شڪار کي تڙڻ لاءِ استعمال ڪبو آھي، ان ڪتن جي شڪاريءَ کي لوڌي سڏبو آھي.

جيئن شڪار جو منظر ڪشي ڪندي شاھ صاحب چيو آھي؛

نه ڪتا، نه ڪؤنڪار، نه سي سڏ شڪاريين،

جھنگل ڪڍيو پار، روئي آھيڙين کي. (شاھ)

جيڪي پکين کي مھاڙيءَ ڏانھن ڇڇڪاري ۽ لاڙي اچن تن کي ساٽڙيا ۽ جيڪو نڪتل شڪار تي گز اڀا ڪري، ان شڪاريءَ کي گازڙيو (واحد)/ گازڙيا (جمع) سڏبو آھي. جيڪي شڪار کي پويان لٺين سان تڙين تن کي لاٺڙيا، جيڪي شڪار کي پوين ڄنگھن کان لڪي جھلين (خاص طور تي سوئر کي) تن کي واٺا سڏبو آھي.

اھڙي قسم جو شڪار، جڏھن شڪارين ۾ ورھائبو/ واٽبو يا حصا پتيون ٿيندو آھي ته ھر ھڪ شڪاريءَ کي سندن محنت سارو مقرر حصو مال جو ملندو آھي. جڏھن ته ان وقت لالچ ۽ لوڀ پڻ اچي منھن ڪڍندا آھن، جنھن ڪري اڪثر آھيڙي، شڪار جو وڏو حصو پاڻ ڦٻائي ويندا آھن. ٻين ننڍن شڪارين کي ته نه ڏيندا آھن پر اصل شڪاري لوڌي آھي، جنھن وٽ ڪتا آھن ۽ پنھنجيءَ تي اچي ته سڄو شڪار پاڻ کڻي وڃي، تنھن جو حصو به ڦٻائي ويندا آھن. اھڙو رھزن آھيڙي، جڏھن ٻيھر شڪار جو اھتمام ڪندو آھي ته شڪاري ساڻس شڪار ۾ اھو چئي شامل نه ٿيندا آھن ته؛ ”اھڙو رھزن آھي جو لوڌين کي ئي لام لڪڻ ڏئي. ان سان شڪار ڪير ڪندو؟“

مطلب؛

۱. اھڙو رھزن، جو يڪو ڏيکاري دُڪيءَ تي ھٿ رکائي وڃي.

۲. اھڙو رھزن، جو وٽانئس نانگ به نيراني ھليا وڃن.

No comments:

Post a Comment