Saturday, February 13, 2021

سر زمين سنڌ جون سدا ياد سوکڙيون

سر زمين سنڌ جون سدا ياد سوکڙيون

الحاج ولي محمد طاهر زادو



هن عالم آشڪار عنوان جي سڌَ تڏهن ٿي، جڏهن پنجاب جي هڪڙي ميگزين ”سپر اسٽار ڊسٽ“ ۾ لکيل ڏٺم ته هيٺين سوال جو ڪير به خاطر خواهه جواب ڏيندو ته ان کي اداره طرفان هڪ سؤ رپيا انعام ڏنو ويندو.

سوال: توهان وٽ جي ڪو دل گهرئو دوست اچي ته ان جي واسطي ڪهڙي قسم جي خدمت جو بندوبست ڪندؤ.

ان جو مقبول جواب هڪڙي راولپنڊيءَ جي رهاڪوءَ سيد ظاهر شاهه، هن طرح  لکي سؤ رپيا کٽيا هئا؛


جي، اهو دلبر دوست اسلام آباد کان ايندو ته کيس ڊرائنگ روم ۾ ويهاري، شهر جي پرتپاڪ هوٽل تي لنچ (ٻپهري) کارائيندس ۽ جي پشاور کان ايندو ته ان کي طعام پيش ڪرڻ سان گڏ چپلي ڪباب شامل ڪندس ۽ ٻي مشغولي لاءِ نسوار پڻ. بلوچستان کان ايندو ته چمن جي باغن جا انگور اوس موجود ڪندس ۽ جي لاهور شهر کان ايندو ته دود لسي جو بندوبست ڪندس ۽ اها خوب پياريندس. پر جيڪڏهن سنڌ ڪراچيءَ مان آيو ته سندس هت خير سلامتيءَ سان پهچڻ لاءِ لاڪائس خير جو صدقو ڏيندس.

بس اهو هو، هن سوال جو جواب لکيو. کيس سنڌ جو سماءُ ڪو نه هو.

هيءَ به هينئين سان هنڊائڻ جهڙي ڳالهه چئجي:

سمن جي صاحبي جي ايامڪاريءَ جي هڪڙي ڳانهه يا ڳانو، (اڌورو بيت) سگهڙ ۽ ڳالهير ڏيندا هئا:

نرت نورائي، نار نصرپور، ڦل فتح باغ، هلي ڏس ته جوڻ ۾ ڪپهه جو واپار.

مطلب: نرت ناچ، نورائي شهر وارن  جو ۽ سهڻي عورت ڪامڻي نصرپور شهر جي ۽ ميوات ڦل فتح باغ شهر جي، پر جوڻ جي شهر ۾ ڪپهه جا گدام آهن جن جو پري پري ڏيساور سان واپار ٿو هلي، (هن ڳالهه ۾ سنڌ ديس جي خوشحاليءَ جو نقشو چٽيل آهي) ٻڌو هن خطي جون خوراڪون.

سنڌ درياهه جو کيرو ۽ آنيارو پلو،

ڪهڙي ڳالهه ڪجي؛ ان پلي جي!

سنڌ ملڪ جو حاڪم، مرزا باقي بيگ پلي کائڻ جو شوقين، خوراڪي هو، پلو رڌرائي، پلو ترائي، پلو سيئلرائي، پلو پوئارائي ۽ پلو ڪوڪ ڪرائي پيو کائيندو هو. ايڏو ته پلي جي شيريءَ ۽ لذت کان لطف اندوز ٿيندو رهندو جو ڪڏهن به پلي جي هاٻ هٻڇ کان شوق پلجي نه ٿي سگهيس. هڪڙي رات ايترا ته پلي جا نمونا تيار ڪرايائين جو سندس دستر خوان تي پورا ئي نه ٿي سگهيا. کائڻ واسطي ويٺو ته ويو کائيندو ۽ ويو کائيندو. بس ئي نه ڪري تان جو معده ”معدي ڪرب“ ٿي ويس ۽ ساهه سنگهوڙڻ ٿيڻ لڳس، ماندو ٿي لڇڻ ڦٿڪڻ لڳو. نه ويٺي آرام نه ستي سک، هاضمي ڪاڻ حيران پريشان رهيو. نڌان پنهنجي تلوار کڻي پنهنجي پيٽ ۾ ٽنبي آنڊا اوجهريون ڪڍي رکيائين. پر مرڻ مهل به نگاهون پلي جي پليٽن ۾ رهيس.

اڄ به تازو پلو مهاڻن جي هٿن سان تريل يا رڌل يا پڪل کائي امين ٿيو. ايڏو ته لذيذ لڳندو جو ان جي مٽ ڪا به شي ڪري نه سگهندؤ. اصل شرط آهي!

ڪراچي، سمنڊ جي ڪناري تي  منهوڙو ٻيٽ آهي، اتي جيڪا بيسڻ ۾ تريل مڇي ٿي ملي، سا سيرن-مُنهين مسافر کائين ٿا، پر ڍاپن نه ٿا.

سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي ۾ وري لئيءَ جي لامن ۾ مڇيءَ جا ٻيرا ڳنڀيون سيخ ڪري ٽنبي باهه تي پچائي ڳاڙهن چانورن جي اٽي جي سوڪ ماني پچائي کارائين ٿا. جي اها اوهان کاڌي ته ڳوٺ ڏانهن ورڻ تي دل نه ٿيندوَ.

ٽنڊي آدم جو پڪل گوشت، سيخن ۾ پڪل ٻاڪريون رانون سجي، کائڻ بعد داد ڏيڻ کان وانجها نه ويندؤ.

حيدرآباد جو قيمائي نان، جن نه کاڌو سي ٿيا پشيمان.

نان پاوا، نهاري، دک نه بيماري، صبح سواري ڏي ٿي مزيداري.

ٻيون چشڪيدار چٽڻيءَ هاڻيون ٻيون چاپون، سيخن پڪل ڪڙڪ ڪباب مرچن ۽ مالن سان ٽپ ٽاٻ، جن ۾ زبان جو ذائقو بي حساب ۽ شڪارپور جي کٽائي سانڌاڻو،آچار.

سگهه قوت جو ڪامل علاج، سنڌ ملڪ جو اناج.

گهوگهارو گهٽر، ضلعو  لاڙڪاڻو، هتي جا پيدا ٿيندڙ چانور سڳداسي سڏجن ٿا، ان ۾ چاشني  چنگالي، قورمي واري پسا، پلاءُ ۽ برياني بنائجن ٿا، مجلسن مارڪن ۽ شادين ۾ مهمانن جو مها مرڪ ٿي ڪوٺجن.

نارو ڍورو تعلقو عمر ڪوٽ، نارائي چانور، خوشبودار آهن، گيهه گهٽ ٿا گهرن ديڳڙي کي دم ڏيڻ مهل آس پاس واسيو ڇڏين اوي سوي کايو خوش ٿين ٿا.

لاڙ ۾ مهمان جي مرحبا سڀتي سان ڪن ٿا.  ڇا ٿا ڪن جو گوشت ڳاري، ان سان ڳاڙها چانور ملائي رڌي سڀتو تيار ڪن. کائيندا ته چوندا حيدرآباد جو حليم به گهري مري، اندر مان از خود آلاپ پيا نڪرندا. سي ڪهڙا؟

جيڪو ڀت ڪري ٿو شون شون، شون،

ڀلاڙي ڀت تون!

هالا نوان شهر ۾ پينهون چانورن جي سارين مان ٺهي وڪامن ٿا، سارين کي پسائي پوءِ ٿئي ڀڃين، اکرن ۾ پيرن جي مهلڙن سان ڪٽي ڪٽي چپين ٿا ته ٿين پينهون، پينهن جو طعام اڪثر  ڏينهن وارتي عيد برادن تي ختمن جي مقعي تي خونچن جي زينت بنجي ٿو.

اتر سنڌ ۾ جي جوئر جو ان جنهن جا ڪيترائي قسم آهن ان کي آيل ماڻهو ماهي کير سان گهڻي اڪير سان کائين ٿا سبحان الله چئي!

ٿر ۾ وري ٻاجهري جي ماني  ٻاڪري کير سان کائڻ ڪري ڪڏهن به ماڻهو سلهه جي بيماري جو شڪار نه ٿو ٿئي.

نعمتون ۽ سونهن ڀريون سوکڙيون.

نصرپور (تعلقو ٽنڊو الهيار) جا کير پيڙا، مٽيارين جو مائو، حيدرآباد جي رٻڙي، برفي، خيرپور ۾ پير جي ڳوٺ جو مائو مشهور آهن.

ڪراچي جو احمد جو حلوو، ميرپورخاص جو ڦوٽي جو حلوو، ٽنڊوالهيار جو نٿو جو اگم حلوو، جيڪو سياري جي سيءَ جو دشمن ٿو سڏجي.

ٺٽي جو اصل ابريشم شربت تراوت توانائي ۾ بي بها مشروبات ۾ آهي.

نوابشاهه جي حڪيم محمد معاذ جي جوڙيل ٺنڊي ٺار ٿاڌل، تن کي تراوت ڏي ٿي.

حيدرآباد جو انبن ۽ صوفن جو مربو، دلشاد چندن جو چٽڪو آهي، ميوات ۽ ڦل ڦول تعلقي ٺٽي ۽ تعلقي حيدرآباد جا گلابي ۽ موتيا گل عطر عرق ۾ ٿا ڪم اچن ۽ گلقند ٿو ٺهي.

ميرپورخاص جو فارمي انب، ڪوٽ غلام محمد تعلقي ۾ عبدالصمد ڪاڇيلي جي باغ جا انب سنڌڙي.

ٽنڊو الهيار تعلقي ۾ سيد ڀورل شاهه  باغ جا سنڌڙي انب ولايت تائين وڃن ٿا ۽ انهن جا باغ به ڪن ڪوهن ۾ آهن، ڏاڍا مشهور آهن.

ٺارو شاهه تعلقي جون نارنگيون ۽ سنگتڙا.

ٽنڊوالهيار تعلقي جي بڪيرا شريف ۽ کوکرن ڳوٺ جي کيرول.

ٽنڊي محمد خان تعلقي جي نرم ڪماند جي ڳنڍيري ۽ زيتون.

خيرپور تعلقي جي کجور يا کجي، سکر تعلقي جي کجور کارڪون ۽ ڇوهارا.

ٽنڊي ڄام جا کيرولي ٻير ۽ ٽنڊي قيصر جا صوفي ۽ گولا ٻير.

ٽنڊي الهيار تعلقي جي ڌڱاڻو بوزدار جون ڇاهيون هنداڻا، مٺيون ته بي انداز هيون پر انهن جي تور پنجن سيرن کان وٺي اڌ مڻ تائين هوندي آهي.

ضلعي حيدرآباد ۾ ڪيوڙن (ڪيلن) جو ڪمال  اهو آهي ته هر هنڌ پوکيل آهي. هڪ جهڙا لذيذ ۽ مٺا آهن.

جهرڪن ۾ توهان کي ڦاڪدار ڳاڙها گدرا جن کي سال جا گدرا چون ملندا. سال لفظ ساحل آهي، يعني درياهه جي ريٽ تي پوکيل گدرا لا جواب مٺا ڀلا، ڪوٽ غلام محمد تعلقي ۾ ڄيمسي گدرا پڻ اهڙا مٺا آهن جو ڪوئيٽا جي سردن ۽ گرمن کي شهه ڏيو ٿا ڇڏين.

(نوٽ ڪوٽ غلام محمد جو نالو انگريزن جي حڪومت ۾ ڦيرائي جيمس آباد ڪيو ويو هو.)

دادو ضلعي ۾ منڇر ڍنڍ جا پاپوڙا، پٻڻيون، بهه، ٻوراڻي، بوبڪ شهر ۾ ئي موجود آهن، ڏورڻ جهڙو ڏٿ.

ٿر ملڪ ۾ کبڙن جا ۽ ساڏوهين ڄارن جا پيرون تحفي طور کڻڻ ۽ کائڻ جي لائق آهن. جابلو هنڌن تي ڇپر جا ڇاپرو ڳاڙها ٻير قدرت جو ڪمال پيا ٿا لڳن.

ننگرپار تعلقي ۾ نمن جا وڻ گهڻا آهن. اتي جا ماڻهو نمورين مان تيل ڪڍي صابڻ ٿا ٺاهين. جيڪو چمڙي جي خارش ۽ ڦٽن ڦرڙين ڇٽائڻ لاءِ مشهور آهي.

ٻيو، هيرڻ جي پوک جام ٿئي ٿي. ان جو ٻج پيڙهي ان مان تيل ڪڍن ٿا جنهن کي ايرنڊي چئون ٿا. ٻارن لاءِ جلاب ۽ دوائن ۾ اهو تيل ڪتب ٿو اچي.

تعلقي ماتليءَ ۾ شهر ماتليءَ جو جلاب ۽ نوابشاهه شهر ۾ محمد معاذ جو ”جلاب گلاب“ لاجواب  آهن. هاضمي جي حرڪتن کان بچائيندڙ بدهاضمي ڪاڻ هڪ ٽڪ علاج آهن. سنڌ ملڪ ۾ ڇا ڇا نه آهي. گهمو ڦرو ته توهان کي ڪيتريون ئي سنمک سوکڙيون سرنديون، ميواتون، خوراڪ، سوغاتون، نعمتون، غنيمتون انهن جي ڪشادي قلب سان قدر ڪريو سائين کي ساراهيو!

هي ملڪ مولا جي نعمتن سان مالا مال

آيل جي آجيان، سڪڻ مرحبا بي مثال.


(ماھوار سرتيون تان کنيل)


No comments:

Post a Comment