راڳ جو سنڌي ادب تي اثر
(محاورن/ اصطلاحن جي حوالي سان)
منظور نقوي
قديم دؤر کان سنڌي زبان ۾ اھڙا
محاورا، استعمال ٿيندا
اچن، جن جو سڌو سنئون تعقل راڳ سان آھي. جيتوڻيڪ اھڙن محاورن جي
قدامت کي پرکڻ لاءِ اسان وٽ ڪو خاص ذريعو نه آھي. ايترو چئي سگھجي ٿو ته اھي
محاورا صدين کان وٺي اسان جي زبان جي زينت بڻيل آھن. جيڪڏھن انھن کي ورھائجي ته ڪي
محاورا اھڙا آھن جن جو تعلق راڳ سان به ملندو، ۽ ڪي محاورا اھڙا لڀندا جن جو تعلق
لئي سان ملندو. ھتي اھڙا محاورا درج ڪجن ٿا.
تيبريون سڻائڻ: معنيٰ ڪنھن کي مند جي ٻڌائڻ. سخت ڪلامي ڪرڻ. حقيقت ۾
تيبر يا تيور چوندا آھن تکن سرن کي. ھي محاورو اتان ورتل آھي.
کٽ راڳ ۾ پوڻ: معنيٰ جنجال ۾ پوڻ. موسيقيءَ ۾ کٽ راڳ ھڪ اھڙو راڳ آھي،
جنھن ۾ تيور سڀ سر لڳندا آھن. ان ڪري اھو راڳ ڳائڻ بذاتِ خود جنجال تان ورتل آھي.
جنجھٽ ۾ پوڻ: معنيٰ آزار ۾ پوڻ. اھو محاورو جنجھوٽي راڳ تان ورتل آھي.
راڳ ڪرڻ: معنيٰ حيلا بھانا ڪرڻ.
ڪينرو ڪڍي ويھڻ: معنيٰ ڪنھن ھڪ ڳالھ کي بار بار ورجائڻ. جيئن ٻيجل چارڻ
راءِ ڏياچ جي اڳيان ڪينري ساز تي سر گھرڻ جي صدا بار بار پئي ورجائي.
رڍن اڳيان رباب،
وڄائيندي ورھيه ٿيا: معنيٰ نادان
اڳيان حال اورڻ اھڙو آھي جھڙو رڍ جي اڳيان رباب وڄائڻ.
رڍ ڇا ڄاڻي راڳ
مان، جنھن جي ٻولي ٻي: انھيءَ جي به
اھا ساڳي معنيٰ آھي، جيڪا مٿئين محاوري جي آھي.
ترڪ تال جو ڪم
ڪرڻ: معنيٰ دل لائي ڪم نه ڪرڻ. ترڪ
تال ڪنھن تال جو نالو ٿو معلوم ٿئي، جيئن؛ تين تال، چڪر تال، پورن تال وغيره.
ساڍِ چال ھلڻ: معنيٰ گوھي ڪرڻ. صحيح طريقي سان نه ھلڻ. ڪي تال اھڙا
ھوندا آھن جن ۾ اڌ ماترا ڳڻڻي پوندي آھي. انھن کي ساڍِ چال جا تال يا ساڍِ چال جا
ٽڪا چوندا آھن.
تيرنھن تالي: معنيٰ وڏي نخري باز. سڀ نخرا ڄاڻڻ واري.
تار مڪان کان
ٻاھر ھجڻ: معنيٰ ڪنھن حال ۾ ٺيڪ نه
ھجڻ. تار معنيٰ تال. مڪان معنيٰ سم جي جاءِ.
تال ڪرڻ: معنيٰ نخرا ڪرڻ.
بي تالي ڪڃري،
ڌڪڙ جو زيان: معنيٰ نادان ماڻھون، ڪم جو
زيان.
بي تالو ٿيڻ: معنيٰ آتاڙو ٿيڻ. منجھي پوڻ.
گُرُ ھٿِ اچڻ: معنيٰ صحيح راھ ھٿ اچڻ. گُرُ معنيٰ تال جو سم.
کٽ پٽ لڳڻ: معنيٰ ڪل ڪل مچڻ_جھيڙو مچڻ. طبلي سکڻ وارو سدائين کت پٽ
(طبلي جا ٻول) لايو ويٺو ھوندو آھي. ھيءُ محاورو اتان پيدا ٿيو.
ڌڪڙ تي اٽو لائڻ:
معنيٰ جھيڙي مچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ.
ٽڪو پنجو ڪرڻ: معنيٰ ھڻي ماري پورت ڪرڻ. لئي ڪاريءَ ۾ سم تي پھچڻ لاءِ
طبلي يا ڍولڪ وارو ٽِڪو (تِيئو) يا پنجو رکندو آھي ۽ اچي سم تي رسندو آھي.
ائين سنڌي زبان ۾، ٻيا به ڪيترا
ئي موسيقيءَ سان تعلق رکندڙ محاورا قديم دؤر ۾ مروج ھوندا، جيڪي زبان جي اڳتي وڌڻ
جي ڪري پوئتي رھجي ويا ھوندا.
راڳ متعلق اھي محاورا ٻڌائين ٿا
ته اسان جي معاشري ۾ راڳ کي به اھميت حاصل ھئي. ان ڪري محاورا ٺھيا ۽ زبان ۾
مستعمل ٿي ويا.
(نقوي منظور سيد؛ سنڌي راڳ ۽ تال، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، اپريل ۱۹۸۱ع، ص ۱۵ کان ص ۱۷ تائين ڇپيل)
No comments:
Post a Comment