پھاڪن چوڻين جون نڪور وضاحتون
ولي محمد طاھرزادو
(الف) چوڻيون:
ماڻهو چڙ ۾ اچي ٻئي
ڪنهن کي چئي ڏيندو آهي، ته وڃ ”ڦاڙهيءَ ڦاڇڪو“ اصلي چوڻي آهي: ”ڦاڙهيءَ پوئان ڇڪن“
جابلو ماڻهو ڦاڙهي جي مادي ڦاڙهي جي شڪار لاءِ رلندا وتندا آهن ۽ ان جي شڪار تي
ڇڪن هوندا آهن.
”ننگ جون پاڙون دوزخ ۾“ پهاڪو
ڏنو ويندو آهي. پر اصلي آهي ته: ”جي ننگ پارڻو ته دوزخ ۾ به“ يعني ڪيڏي به تڪيلف
سهي ٻار ٻچا پالبا.
”آسر پوٽيون ڳالهيون“ هن چوڻي
لاءِ ڪن سمجهيو آهي، ته آسرمل جا پوٽا اهڙيون ڳالهيون ڪندا هئا، جي نه ٿيڻ جهڙيون
هونديون هيون، پر ائين ناهي هن جو مطلب آهي: اهڙيون ڳالهيون ٿو ڪري، جهڙيون ايشور
جي پوٿيءَ ۾ لکيل آهن. ]خدائي صحيفن واريون ڳالهيون[ اِيشوَر پوٿيون.
”لَيڙ پيئو“ هيءَ گار آهي يعني
جنهن جو پيءُ ليڙو هجي، منجهس مرداني طاقت نه هجي، ته اِهو ماڻهو ”ليڙ پيئو“
ليکبو.
”ماءُ جو وڌيڪ“ هيءَ به گار
آهي، يعني ماءُ جي پرڻي کان به اڳ ڄاول يا وڌيڪ ڄاول، جنهن کي ٻين لفظن ۾ حرامي
چئجي.
(ب) پهاڪا
اصلي |
نوان |
- جيئن دير تيئن خير! |
جيئن دير تيئن انڌير! |
- ٻه ڀائر ٽيون ليکو! |
ٻه ڀائر ٽيون کيٽو! |
- لٺ کڻجي ڀاءُ پاران، شاهدي ڏجي خدا ڪارڻ! |
شاهدي ڏجي سنگت پاران، لٺ کڻجي ڀاءُ خاطر! يا مهل تي هڻجي موچڙو،
باڪره ڪجي ڪوڙ تي. |
- مڙس ٿجي يا مڙس جي پاڙي ۾ رهجي! |
مڙس ٿي مڙس کي پاڙي مان ڪڍجي! |
- رنون رب رُلايون،
ڏاڙهين ڪهڙا ڏوهه؟ |
رنون راڄ ريجهايون،
ڏاڙهين ڪهڙا ڏانوَ! |
- ڏاڍي جي لٺ کي،
ٻه مٿا. |
ڏاڍي جي لٺ،
بندوق برابر! |
- جهڙو حال حبيبان، تهڙو پيش پريان. |
جهڙو حال حبيبان، تهڙو پير پادر ۾. |
- وار ته ڦڻي نه ته ڪوڙائي کڻي |
زال ته ڦڻي نه ته ڇڏ کڻي |
- انڌ وٺ، منڊَ وٺ، پر ننڍ وٺ |
پراڻي جتي جهوني زال مٽائجي
سال بسال! يا پراڻي جتي، جهوني زال، مٽائجي
هر سال. |
- ابي چاڙهي، ادي چاڙهي، مون نه چاڙهي ته ڪنهن نه
چاڙهي! |
ابي چاڙهي،
ادي چاڙهي، پوءِ به بک مرڻ، وڏي شرمساري! |
- ماني ڍؤ تي موچڙو گهٽ |
موچڙا ۽ ڍؤ تي مانيءَ
جِي ناهي پڪ. |
- مڙس ته ضدي نه ته ڇڏي ڏيوس |
مڙس ته ڦڏائي،
نه ته ڪهي ڇڏيوس. |
- اشراف پنهنجي شرم ۾ ٿو مري. |
حرامڙو هڻي،
ته ٻه ڀاڱا کڻي. |
جي ڀانئين صرفو ڪريان ته پَٽ
هنڊاءِ |
جي ڀانئين نالوڪڍايان ته ٺاهه
ٺڳي جو ٺاهه |
- سپ نه ماري، سپ جو سيراف ماري. |
نڪي سپ ماري،
نڪي سيراپ ماري، ڏينهن پورن جو ٿو پاپ ماري. |
- درياءَ ڀر تي ڇوڪر ڪُڏي؛
اڄ نه ٻڏي، سڀان ٻڏي. |
براج پاڻي لئه هاري رڙي اڄ نه
مري سڀان مري! |
(’سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو‘ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد تان ٿورن سان کنيل)
No comments:
Post a Comment