Monday, August 10, 2020

چور جي ڏاڙهيءَ تي تر

چور جي ڏاڙهيءَ تي تر

دلچسپ ۽ مزاحيا تاريخي پھاڪو

علي حيدر

پراڻي زماني جي ڳالھ آهي.

اڪبر بادشاھه وٽ هڪ وزير هوندو هو، جيڪو پاڻ کي وڏو اديب داناءَ ۽ عقلمند سمجهندو هو. اڪبر بادشاھه کي پنهنجي پيءُ هڪ منڊي ڏني هئي، جيڪا هن کي هميشه پنهنجي هٿ ۾ پاتل هوندي هئي.

هڪ ڏينهن ائين ٿيو جو اها منڊي گم ٿي وئي. اڪبر بادشاھه ڏاڍو پريشان ٿيو. ڇو ته هن کي ٻي ڪا پنهنجي پيءُ جي نشاني نه هئي.


ڪجھ وقت کان پوءِ هن جو وزير درٻار ۾ آيو. اڪبر بادشاھه پنهنجي وزير کي چيو؛

”تون پاڻ کي وڏو سياڻو سمجهندو آهين! مون کي تون ٻڌاءِ ته منهنجي هاڻي درٻار ۾ منڊي گم ٿي وئي آهي. اها ڪٿي گم ٿي آهي.“

وزير چيو؛ ”بادشاھه سلامت صبر ڪريو! مان اوهان کي ٻڌايان ٿو.!“

هن، سڄي درٻار جي حاضرين تي نظر ڦيرائي، چيو ته؛ ”سائين منڊي جنهن لڪائي آهي، اهو چور اوهان جي درٻار ۾، اوهان سان گڏ ويٺو آهي ۽ ان جي ڏاڙهيءَ ۾ تِر آهي.“

ايئن ٻڌي، منڊيءَ جي چور، فورًا پنهنجي ڏاڙهيءَ ڏانهن هٿ هڻي ڏٺو ته واقعي منهنجي ڏاڙهيءَ ۾تر آهي.

ان وقت وزير هن کي تاڙي ورتو ۽ چيو؛ ”بادشاھه سلامت! هيءُ چور آهي، جنهن اوهان جي منڊي لڪائي آهي.“

پوءِ واقعي چور اهو هو ۽ بادشاھه کي پنهنجي منڊي واپس ملي.

ان وقت کان وٺي اهو پهاڪو مشهور آهي ته ”چور جي ڏاڙهي تي تر“.

ڪهاڻي مان سبق:

چور چاهي ڪهڙو به هجي، هميشه خوفزده هوندو آهي. ان کي پڪڙڻ، توهان جي دانائيءَ تي منحصر آهي.

 

 

 

(ڏيھاڙي پنھنجي اخبار، ۱۰ آگسٽ ۲۰۲۰ع)

No comments:

Post a Comment