Friday, March 6, 2020

مار؛ سنوار - مير الطاف حسين ٽالپر


مار؛ سنوار. (سنڌ، چوڻي)
مير الطاف حسين ٽالپر
اسان جي دعوي هوندي آهي ته اسان امن پسند ۽ عدم تشدد جا پوئلڳ ۽ پرچارڪ آهيون.
ٺيڪ...
لوڪ محاورا يا مثال عام ماڻهن جي روزمره زندگيءَ جو آئينو هوندا آهن. گهڻا مثال ڇڏي، فقط هڪڙو ئي مثال ٿا وٺون.
مارَ، سنوار آ.
مطلب صاف ظاهر آهي؛ ”تشدد، انسان کي سنواريندو آهي.“


استادن سان ملي ڏسو. اهي استاد ڀلي سرڪاري اسڪولن جا هجن يا پرائيويٽ اسڪولن جا، گيراج جا مستري هجن يا ڊرائيور حضرات، مدرسن جا معلم هجن يا استاد باجي والا ھجن، شاگردن تي ذهني ۽ جسماني تشدد ڪرڻ، پنهنجو حق سمجهندا آهن.
عورت ته پير جي جتي آ. ٻه چار پادر، گار گند، طعنو سهڻ ته سندس روزه مره جو معمول آهي.
چئون ٿا؛ ”سائين! سنڌ صوفين جي ڌرتي آ ۽ عدم تشدد جي حامي آ. پيار، سنوار آ.“
صوفي درگاهن تي نفسياتي مريضن تي جيترو تشدد ٿو ٿئي، اوترو پوليس ٿاڻن ۾ پڪن مجرمن تي به ڪو نه ٿيندو هوندو.
پوليس ۽ پوليس اسٽيشنز يا جيلن جي ته ڳالھ ئي نٿي ڪري سگهجي.
ٻين ڳالهين کي به ڇڏيو. ڪنهن مصروف چوراهي يا سڌي سڙڪ تي، اگر ڪنهن گاڏيءَ سان ٻي گاڏيءَ جو بلڪل معمولي تصادم ئي ٿئي ٿو ته ڊرائيور حضرات بريڪ ڏيڻ کان پوءِ پهريون ڪم حريف ڊرائيور جو ڳلو پڪڙڻ وارو ڪندا آھن. پنهنجي گاڏيءَ تي هڪ نظر به جهڳڙي کان پوءِ ئي وجهندا آھن.
اڃا به جيڪڏهن اسان پاڻ کي عدم تشدد جا پيروڪار سمجهون ٿا ته پوءِ منهنجي خيال ۾؛ پنهنجو پاڻ سان ئي منافقت ڪريون ٿا.
مطلب:
۱ . استاد جي مار، ٻار جي سنوار.
۲ . جنھن کي استاد/ پيءُ، مار نه ڏني آ، تنھن کي دنيا ڪٽيندي.
۳ . عرشان لٿيان چار ڪتابان پنجوان لٿا ڏنڊا، ڪتابان اوھ نه ڪيتا جو ڪيتا ڏنڊا. (پنجابي)
۴ . جور استاد، بہ از مھر پدر. (فارسي)
۵ . سٻر سوٽي ھجي ساڻ، گڏھ گوھي نه ڪري.
۶ . Spare the rod, spoil the child


(مير الطاف حسين ٽالپر جي فيسبڪ وال تان کنيل)

No comments:

Post a Comment