Sunday, February 9, 2020

جڪيو گڏھ سان بحث ڪري، تنھن کي سزا ڏجي.


جڪيو گڏھ سان بحث ڪري، تنھن کي سزا ڏجي.
Image result for lion conservation donkey
هڪ ڀيري هڪَ گڏھ ۽ هڪَ شينهن پاڻ ۾ بحث ڪيو.
شينهن چيو ته؛ ”سج اوڀر مان ٿو اڀري ۽ گڏھ چيو ته اولھ مان.“
نيٺ انهن کان اهو بحث حل نه ٿيو ۽ طئي ڪيائون ته جھنگ جي بادشاھ وڏي شينهن کان ٿا فيصلو ڪرايون.


سو ٻئي ڄڻا شينهن بادشاھ وٽ پهتا ۽ سڄو قصو ڪري ٻڌايائونس.
شينهن بادشاھ سڄو قصو ٻڌي، غور ويچار کان پوءِ، پنهنجي سپاهين کي گھرائي حڪم ڏنو ته؛ ”گڏھ کي ڇڏي، شينهن کي جيل ۾ وجھو.“
ننڍي شينهن عرض ڪيو ته؛ ”سائين! صحيح به مان ۽ سزا به مون کي ڇو ٿي ملي؟“
شينهن بادشاھ چيو ته؛ ”اها سزا تو کي صحيح يا غلط جي ناهي پر ان لاءِ آهي ته تو گڏھ سان بحث ڪيو ڇو؟
مطلب: گڏھن سان بحث ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي.

2 comments: