Saturday, March 14, 2020

سبيءَ جا پھاڪا ۽ چوڻيون - ڊاڪٽر داد محمد بروھي

سبيءَ جا پھاڪا ۽ چوڻيون
ڊاڪٽر داد محمد بروھي
پھاڪا
دنيا ۾ اهڙي ڪا به ٻولي ڪانهي، جنهن ۾ پهاڪا نه هجن ۽ نه وري ڪو اهڙو دؤر ٿي سگهي ٿو، جيڪو پهاڪن کان خالي هجي. پهاڪن مان نه رڳو وقت جي تاريخ جو پتو پوي ٿو،[1] بلڪ ملڪ جي عادات ۽ اطوار، رفتار ۽ گفتار، رسم ۽ رواج، ڪمال ۽ زوال، حرفت ۽ بدعت جو به جيئن جو تيئن پتو پوي ٿو. مطلب ته پهاڪا پنهنجي سماج جي آئيني جي حيثيت رکن ٿا. پهاڪن جو بنياد ڏندڪٿائون، مذهبي قصا، تاريخي واقعات، عام قصا، ڪهاڻيون ۽ نقل نظير ئي ٿي سگهن ٿا.[2] پھاڪا ٻهڳڻن جا ٻول سنڌ جي سياڻڻ جو آئينو آهن[3]. گهڻا پهاڪا ته هر دؤر تي ٺهڪي اچن ٿا.
پهاڪو اڪثر لفظي معنيٰ بدران ٻي معنيٰ ۾ ڪتب آندو وڃي ٿو. اهو ٻيو مطلب ئي اسان کي گهربل هوندو آهي، ڪجهه لفظي معنيٰ ۾ به استعمال ٿين ٿا، جن کي چوڻي چئبو آهي.[4]
بلوچستان جو هي خطو به سنڌي پهاڪن کان خالي نه آهي، جيڪي ان علائقي جي رهواسين جي عڪاسي ڪن ٿا. سنڌ جي پهاڪن تي ڪافي ڪم ٿيو آهي، پر بلوچستان ۾ موجود پهاڪن تي ڪو به ڪم ڪو نه ٿيو آهي، جن کي ڪٺو ڪرڻ جي ضرورت هئي، ان خيال سان اسان ڪوشش ڪري هت اهڙن پهاڪن کي لساني بحث هيٺ آندو آهي، جن تي اڳ ۾ ڪم ڪو نه ٿيو آهي. انهن مان ڪي پهاڪا پنهنجي عوامي مقبوليت سبب پوري سنڌ ۾ مروج ٿي چڪا آهن ۽ ڪي سنڌ جي پهاڪن سان هڪجهڙايون رکن ٿا، جن جي هت وضاحت به شامل ڪئي ويئي آهي.


۱- بنگاهي جهيڙو:
هي پهاڪو جغدالي علائقي ۾ جهل مگسيءَ جي علائقي سان تعلق رکي ٿو. بنگاهه جهل مگسيءَ جي اتر طرف هڪ واديءَ جو نالو آهي. هن علائقي ۾ هڪ ڀيري رند، جمالي، چانڊين ۽ مگسين جي وچ ۾ ڇتي جنگ لڳي هئي، جنهن ۾ سوين جانيون ضايع ٿيون هيون. ماڻهن جي اهڙي ڪشت و خون بعد سنڌي ٻوليءَ ۾ هي پهاڪو مقبول ٿيو.[5] جڏهن به ڪنهن سخت جنگ جو ذڪر ٿئي ٿو، ان وقت ”بنگاهي جهيڙي“ جو مثال ڏنو وڃي ٿو، جيڪو هاڻ مقبوليت سبب سنڌ تائين مشهور ٿيو آهي.[6]

۲- موسن شاهه جي چٽي:
ڪڇي ضلعي جي ڳوٺ شاهه پور جي سيدن مان سيد محسن شاهه پنهنجن جت قوم جي هارين کي زبردستي نماز پڙهائڻ جي ڪوشش ڪندي کين روزانه نماز پڙهائڻ تي مجبور ڪندو هو. جتن يا علائقي جي ماڻهن هن مجبوريءَ کي ”سيد محسن جي چٽيءَ“ جو نالو ڏيئي ڇڏيو، جنهن بعد ۾ موسن[7] شاهه جي چٽي نالي سان هڪ پهاڪي جي حيثيت حاصل ڪري ورتي.[8]

۳- نه صافيين، نه ڪڙڪين:
هي پهاڪو فراڪي محاوري جو آهي. صافي ۽ ڪڙڪ سبيءَ کان چئن پنجن ميلن جي مفاصلي تي ٻن ڳوٺن جا نالا آهن. صافي ۽ ڪُڙڪ علائقي جي ٻن پٺاڻ قومن جا نالا به آهن، جيڪي پنهنجن گهرن ۾ به سنڌي ٻولي ڳالهائيندا آهن. هي پهاڪو علائقي جي هڪ فقير جو آهي. حقيقت هيئن آهي ته هڪ دفعي ٻنهي ڳوٺن ۾ خيرات پئي هلي، فقير خيرات جو احوال ٻڌي صافين جي ڳوٺ پهتو، جتي ديڳيون اڃا چاڙهيون ڪونه ويون هيون. هن کي بک به ڏاڍي لڳل هئي. جڏهن معلوم ٿيس ته ڪڙڪن جي ڳوٺ ۾ به خيرات جو بندوبست آهي، جيڪو اتان ٻه اڍائي ميل پري هو. هو يڪدم اوڏانهن روانو ٿيو. جڏهن اتي پهتو ته خيرات ختم ٿي چڪي هئي. هن کي ٻيهر خيال ٿيو ته هاڻ صافين ۾ ديڳون تيار ٿيڻ واريون هونديون، سو ڀڳو اوڏانهن، پر اتي به هن جي پهچڻ کان اڳ خيرات ختم ٿي چڪي هئي. تڏهن ماڻهن چرچي طور هن ڳالهه کي پهاڪي جي صورت ڏيئي ڇڏي ته ”نه صافين جو، نه ڪڙڪن جو رهيو.“[9]
هي پهاڪو سنڌ جي پهاڪي ”ڌوٻي جو ڪتو؛ نه گهر جو، نه گهاٽ جو“ سان مشابهت رکي ٿو.

۴- ڪاٿي ڪوري، ڪاٿي تراران:
هي پهاڪو به فراڪي محاوري واري علائقي جو آهي. علائقي ۾ ٻن بلوچ قبيلن جي وچ ۾ زبردست جنگ لڳي، هرڪو پنهنجن ماڻهن جي مدد لاءِ ترارون کڻي جنگ طرف ڀڄڻ لڳو. ڪن ماڻهن اتان جي ويٺل ڪورين کي چيو ته ”توهان به هلو ساٿ ڏيو ۽ وٺو ترارون“ تنهن تي ڪورين وراڻيو ”ڪاٿي ڪوري ڪاٿي تراران“ يعني ”ڪٿي ڪوري، ڪٿي ترارون“ علائقي جي محاوري سبب اهو مٿين شڪل اختيار ڪندي پهاڪي طور مشهور ٿيو. هي پهاڪو سنڌ جي ”ڪاڏي ڪوري، ڪاڏي ترار“ پهاڪي سان مشابهت رکي ٿو.

۵- جوهي کان لوهي؛ نه واهي، نه اوهي:
هي پهاڪو جغدالي علائقي سان تعلق رکي ٿو، جيڪو هن خطي جي ڪاڇي واري علائقي روهه جبل جي آسپاس جو آهي. جوهي کان روهه جبل وڃڻ لاءِ وچ تي لوهي شهر ڏانهن ويندڙ رستو ۽ علائقو اچي ٿو. تنهن تي آڳاٽو ڪا به وسندي ڪا نه هوندي هئي، جنهن سبب ان علائقي کي لاوارث علائقو سڏيو ويندو هو. ان لاوارثيءَ سبب علائقي جي نسبت سان ”جوهي کان لوهي؛ نه واهي، نه اوهي.“ پهاڪو وجود ۾ آيو.[10] جيڪو جغدالي محاوري ۾ ”جوئي کئون لوئي؛ نه وائي، نه اوئي“ طور استعمال ڪيو ويندو آهي.

۶- مراد گنجي جو  ڦاهو:
هي پهاڪو جغدالي محاوري واري علائقي سان تعلق رکي ٿو ۽ ان وقت استعمال ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ڪو ماڻهو هوندي سوندي ناشڪريءَ جو مظاهرو ڪري. قناعت ۽ صبر کان ڪم نه وٺي. هن پهاڪي جو پسمنظر هن ريت آهي. ڪلهوڙن جي دؤرِ حڪومت ۾ ناڙي ۽ ڪڇي علائقي جو نائب مراد گنجو نالي هڪ سماٽ هو، جيڪو گنداواهه ۾ رهندو هو.
ان زماني ۾ به اڄ وانگر مٿين جابلو علائقي جا بروهي سردين کان بچڻ ۽ مالداريءَ جي خيال سان جبلن کان هيٺ لهي ڪڇيءَ جي هن علائقي ۾ آباد ٿيندا هئا. ان دوران ريڍي ۽ ٻاڪري مال طرفان سماٽن جي فصلن کي پهتل نقصان جي فرياد تي ڪلهوڙن جو هي حاڪم مراد گنجو بروهين تي طرح طرح جا ظلم ۽ زيادتيون ڪندو هو، جن ۾ ڦاهي جي سزا به شامل هئي. اهڙيءَ طرح ٿوري ٿوري ڏوهه لاءِ ڦاهي جهڙي وڏي سزا علائقي ۾ ناپسند ڪئي ويئي، جنهن سبب ان مقبوليت حاصل ڪندي هڪ نيم تاريخي پهاڪي جي صورت اختيار ڪئي. جغدالي محاوري ۾ اهو پهاڪو ”مراد گنجي جو ڦائو“ ۽ بروهي زبان ۾ ”مراد گنجه نا پائو“ طور مشهور آهي.[11] ڦاهو لفظ مان ”هه“ حذف ڪري ”ء“ استعمال ڪئي وڃي ٿي.

۷- سنڌ ڇورا پال:
هي پهاڪو هن خطي ۾ مروج آهي، ڇوته هن خطي جا اڪثر بروهي ۽ بلوچ خاندان اونهاري جي موسم ۾ لڏپلاڻ ڪري سنڌ طرف اچن ٿا ۽ اتي پنهنجو گذر سفر ڪن ٿا. سياري ۾ هو واپس پنهنجي جابلو علائقن ۾ وڃي آباد ٿين ٿا. ان روزگار ۽ گذر سفر ڪرڻ سبب هن علائقي ۾ سنڌ لاءِ مٿيون پهاڪو وجود ۾ آيو آهي.[12]

۸- چانڊيا مگسي جهيڙو:
هي پهاڪو به جغدالي علائقي سان تعلق رکي ٿو، جيڪو چانڊين ۽ مگسين جي قديم جهيڙن سبب وجود ۾ آيو آهي ۽ اڪثر جهيڙن جهڳڙن وقت مثال طور پيش ڪيو ويندو آهي.[13] ٻئي قومون جابلو قومون آهن، هڪٻئي سان دنگئي هئڻ ڪري اڪثر جنگيون ڪندا رهندا هئا. ان جنگين کي علائقي جي محاوري ۾ ”ماهو“ به چئجي ٿو.[14] جنهن جو مقصد خونريزي آهي ”جهيڙو“ کي ”جيڙو“ جي اُچار سان استعمال ڪبو آهي يا وري ائين چئبو آهي ته فلاڻا پاڻ ۾ چانڊيا مگسي لڳا پيا آهن.

۹- بڻي ته بڻي نه ته دائودخان پڻي:
هي پهاڪو فراڪي محاوري واري علائقي جو نيم تاريخي پهاڪو آهي، جيڪو علائقي ۾ سخاوت ۽ اعليٰ ظرفيءَ جي لحاظ کان مقبول آهي. علائقي جي ڪنهن حاڪم دائودخان پڻي جي نالي سان نسبت رکندي، مشهور آهي.[15] دائودخان پڻي علائقي جو هڪ بهادر پٺاڻ حڪمران هو ۽ توڪل جو ترهو ٻڌي هر ڪم ڪندو هو. ان ئي خيال سان ماڻهن ان جي ان خاصيت کي پهاڪي جي حيثيت ڏيندي، پهاڪي طور استعمال ڪن ٿا ته ڪم ٿيو ته ٺيڪ آهي نه ته دائودخان وانگر بيفڪر رهجي. يعني ”بڻي ته بڻي نه ته دائود خان پڻي“ جو پهاڪو ڪم آڻجي ٿو. هي پهاڪو سنڌ جي ”بڻي ته بڻي نه ته اسماعيل خان جي ڦڻي“ پهاڪي سان هڪجهڙائي رکي ٿو. انهيءَ کان علاوه سنڌ ۾ چئبو آهي ته ”بڻي ته بڻي، نه ته دال روٽي گهڻي“.

۱۰- رنن ڪيڙا جمعا، ڇورن ڪيڙون عيدان:
هي پهاڪو فراڪي علائقي جو آهي، جيڪو انهن زالن ۽ ٻارن لاءِ ڏنو ويندو آهي، جيڪي زالون رنڙ ٿي ويون هجن ۽ اهي ٻار جيڪي ڇورا هجن. رنن زالن جا مڙس مري چڪا هجن، تن جون ڪهڙيون خوشيون ٿي سگهن ٿيون. اهڙيءَ طرح جن ٻارن جا والدين وفات ڪري چڪا هجن، تن جون عيدون ڪهڙيون هونديون. فراڪي محاوري ۾ ”ڪيڙا“، ”ڪهڙا“ بدران ۽ ”ڪيڙيون“، ”ڪهڙيون“ بدران ۽ ”عيدان“ جا لفظ ”عيدون“ بدران استعمال ڪيا ويا آهن. هن پهاڪي جو مقصد انهن سان همدردي به ظاهر ڪرڻ آهي، جيڪي امداد جا حقدار آهن.

۱۱- ڏٺي پير، پنيون مرادان:
هي پهاڪو جغدالي محاوري سان تعلق رکي ٿو ۽ ان دوست لاءِ چيو ويندو آهي، جيڪو پنهنجي ڪنهن ڪم سانگي ڪنهن دوست وٽ ويندو هجي، پر اهو کيس دلاسا ڏيئي واپس ڪري ڇڏيندو هجي. اها ڳالهه جڏهن گهڻن ماڻهن کي پئجي ٿي، تڏهن مٿيون پهاڪو مثال طور پيش ڪجي ٿو، ته ان پير کي ڏٺوسين ۽ آزمايوسين اهو مرادون پوريون ڪري ڪونه سگهندو، ان ڪري هاڻي تون ڪو ٻيو بندوبست وڃي ڪر. ”پُنيون“، پوري ٿيڻ کي چئجي ٿو. هيءُ پهاڪو باقي سڄيءَ سنڌ ۾ به ڏنو ويندو آهي.

۱۲- ڄٽ اَئون ڦٽ ٻڌا ڀلا:
چوڻي آهي ته ڪو بيوقوف مست ماڻهو جنهن کي ڇڏي ڏيڻ سان هو نقصان ڪندو هجي ۽ ڦٽ جنهن کي پٽي نه ٻڌبي ته اهو خراب ٿي نقصان ڏيندو رهندو. انهن ٻنهي ڳالهين کي ملائي جغدالي محاوري ۾ هي پهاڪو استعمال ڪيو وڃي ٿو. پهاڪي ۾ ”اَئون“ جو لفظ ”۽“ بدران استعمال ڪجي ٿو.

۱۳- هڪ اڻ هوند ٻيو حفال بڇڙا:
جغدالي علائقي ۾ هي پهاڪو ان ماڻهوءَ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، جيڪو کائڻ پيئڻ لاءِ لاچار هجي، پر ان حالت باوجود به برا ڪم ڪندو وتو هجي. ”حفال“ جو لفظ هت ”افعال“ لاءِ ڪم آندل آهي. هي پهاڪو پوري سنڌ ۾ مروج آهي، رڳو لفظ ”افعال“ ڪم اچي ٿو.

۱۴- وائڙي ڪتي واءَ تي، مالڪ ڄاڻي شڪار تي:
هي پهاڪو ان بيڪار ماڻهوءَ لاءِ ڏنو وڃي ٿو، جيڪو پنهنجي ليکي گهمندو وتندو رهي ۽ عام ماڻهو ان کي ڪنهن ڪم سانگي گهمندو رهڻ سمجهندا هجن، پر حقيقت ائين نه هجي. ان لاءِ مٿيون پهاڪو جوڙي استعمال ڪيو وڃي ٿو. ”واء“ جو لفظ ”واءُ“ بدران ڪم آندو ويو آهي، جيڪو جغدالي محاوري ۾ استعمال ٿئي ٿو.

۱۵- بار گڏهه تي هِينگي کوتي:
جغدالي علائقي جي هن پهاڪي جو پسمنظر هن طرح آهي ته، ڪو ماڻهو ڪنهن ٻئي غريب ماڻهوءَ جي اڪثر مدد ڪندو رهندو هو، پر هن جو هڪ دوست سندس اِها ڪار پسند ڪونه ڪندو هو ۽ اڪثر کيس ٽوڪيندو رهندو هو. تنهن تي هڪ ٽئين دوست ان لاءِ هي مثال ڏيندي کيس ٽوڪيو ته ”بار گڏهه تي هينگي کوتي“، ”هينگي“ جو لفظ ”چِنگهي“ معنيٰ لاءِ استعمال ڪيل آهي. سموري پهاڪي جو مقصد هي آهي ته خرچ هڪڙو ڪري ته تڪليف ٻئي کي ٿئي ٿي. هي پهاڪو ”ڏنڀجي گڏهه، سور ٿئي ساٽيءَ کي.“[16] پهاڪي سان هڪجهڙائي رکي ٿو.

۱۶- بيڪاري کئون بيگاري ڀلي:
هي پهاڪو ڪنهن بيڪار وقت گذارڻ بدران ڪنهن بيگار ۾ گذارڻ لاءِ ڏنو ويندو آهي. مقصد اهو آهي ته جيڪڏهن ڪو ائين بيڪار بي روزگار ٿي پنهنجو وقت اجايو پيو وڃائي. ان کان ڪنهن جي بيگار ۾ ڪم ڪرڻ وڌيڪ بهتر شيءِ آهي. ”کئون“ جو لفظ ”کان“ بدران استعمال ڪيل آهي. سياڻن جو قول آهي ته حرڪت ۾ برڪت آهي، ان ڪري هي پهاڪو مقبول ٿيو آهي.

۱۷- هڪ وڻي نه ٻيو جوتن سوڌو جهوليءَ ۾:
هي پهاڪو ان ماڻهوءَ لاءِ ڏنو ويو آهي، جيڪو ڪنهن دوست کي وڻندو به نه هجي، پر اهو ان جي باوجود ان کان مختلف حجتون پوريون ڪرڻ چاهيندو هجي. اهڙيءَ طرح ماڻهوءَ کي طنزيه اهو پهاڪو چئي ٻڌائبو آهي ته جيئن آئنده ائين نه ڪري. سنڌ ۾ چوندا آهن ته ”ڄٽ کي منهن ڏي ته جتين سوڌو کٽ تي.“

۱۸- هر ڏينهن جامڀر جو جمعو:
هي پهاڪو جغدالي علائقي ۾ مروج آهي، جيڪو ڪنهن عياش عورت لاءِ چيو وڃي ٿو، جيڪا هر روز پنهنجي عادت پوري ڪري ٿي. ان ڪري ان ڳالهه مقبوليت حاصل ڪئي ته جامڀر جو هر روز جمعو آهي. ”جامڀر“ لفظ ”عياش“ بدران استعمال ڪيل آهي.

۱۹- دمبورو وڄائي وڄائي ٿَڪَم:
فراڪي محاوري جو هي پهاڪو سنڌ جي پهاڪي ”رڍن اڳيان رباب وڄائڻ.“[17] سان هڪجهڙائي رکي ٿو. هي پهاڪو اڪثر ڪري ان وقت استعمال ٿيندو آهي، جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي ڪا ڳالهه مڃرائڻ لاءِ گهڻا وس ڪري پر هو نه مڃي، تڏهن هي چئبو ته ”دمبورو وڄائي وڄائي ٿَڪم“ پر ڪجهه نه ٿيو. سڀ ڪوششون بيڪار ويون. فراڪي محاوري ۾ ”ٿَڪَس“ لاءِ ”ٿَڪَم“ جو لفظ استعمال ڪيو وڃي ٿو.

۲۰- هڪ الله جي نالي ٻيو حلوي سان:
ڪنهن فقير اچي گهر وارن کان ماني گهري، ماني وٺڻ بعد هن حلوو گهريو. تنهن تي ڪنهن چيو ته هڪ الله جي نالي ٻيو حلوي سان. هي پهاڪو ان لاءِ به ڪم ايندو آهي، جو ڪو ماڻهو ڪنهن تي ڪو ٿورو ڪري، ان جي باوجود هو ٻي حجت به منجهس رکيو اچي. تڏهن ٽوڪ طور ائين چئجي ٿو.

۲۱- بروهڪي ٿوڻي/ ٻروچڪي ٿوڻي:
هي پهاڪو به هن ئي علائقي جو آهي. ان جو پسمنظر هن طرح آهي ته هڪ بروهي ٻيو ڄاموٽ پاڻ ۾ گهاٽا دوست هئا. هڪ دفعي ڄاموٽ پنهنجي گهر جي مَنَهه لاءِ بروهيءَ کان ٿوڻي وٺي آيو ۽ مَنهه ۾ هڻي مَنهَه تيار ڪيائين، پر پوءِ اهو بروهي روزانو ماني کائڻ وقت سندس گهر ۾ ويهي پنهنجي ٿوڻيءَ جي تعريف ڪري ماني کائي هليو ويندو هو. ڄاموٽ بروهيءَ جي ان روش کان اچي تنگ ٿيو. نيٺ هڪ ڏينهن ڪاوڙ ۾ اچي مَنَهه ڊاهي ٿوڻي کڻي ڏنائينس ۽ چيائين ته مهرباني ڪري اڳتي هت نه ايندو ڪر. اها ڳالهه جڏهن ماڻهن ٻڌي تڏهن کڻي ان ڳالهه ”بروهڪي ٿوڻي“ نالي هڪ پهاڪي جي صورت اختيار ڪئي.[18] سنڌ طرف ”ٻروچڪي ٿوڻي“ مشهور آهي.[19]

۲۲- ٻروچڪي ڄنگهه:
هڪ ڀيري هن خطي ۾ سنڌي ۽ ٻروچ جي وچ ۾ اچي ملهه جو مقابلو ٿيو. پهرين ملهه سنڌيءَ هنئين، ٻروچ چيو ته ٻي ملهه جنهن هنئين ان کٽيو. اهڙيءَ طرح ٻي ملهه به سنڌي هنئين. پر ٻروچ  ڇا ڪيو جو هيٺان ئي پنهنجي ڄنگهه سنڌيءَ مٿان رکي ڇڏي ۽ ٻروچڪي ڏاڏر رکي چوڻ لڳو ته ملهه مون دسي آهي. ڏس منهنجي ڄنگهه تنهنجي مٿان آهي!! سنڌي گهڻو ڦٿڪيو، پر ٻروچ پنهنجي ٻروچڪي زور تي شرط کڻي ويو. بعد ۾ ماڻهن ان ڳالهه کي مشهور ڪيو، جيڪا هاڻ هڪ پهاڪي جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي.

۲۳- پٺاڻڪو قرض:
هن خطي ۾ مقبول پهاڪو آهي. هن جو پسمنظر هن طرح آهي ته پٺاڻ اڪثر پنهنجو واپاري ڪپڙو قرض تي وڪڻندا آهن ۽ مقرر ڪيل مدي تي اچي در وٺندا آهن. هڪ ڀيري ڇا ٿيو جو مقرر مدت کان اڳ گهر وارا جاءِ وڪڻي ٻئي طرف هليا ويا. پٺاڻ اچي نون ويهڻ وارن کي سوڙهو ڪيو. آخر جهڳڙو ٿيو. ماڻهن ان ڳالهه کي ايترو ته مشهور ڪيو جو ان ڳالهه پهاڪي جي حيثيت حاصل ڪري ورتي. انهن پٺاڻن ۾ اها عادت به آهي ته مقرر مدت تي ڇابه ٿئي هو پنهنجا پيسا جيستائين وصول ڪونه ڪندا اوستائين کين ڪونه ڇڏيندا ۽ جهڳڙندا رهندا. پٺاڻڪي قرض بابت خطي ۾ هي روايت[20] به مروج آهي ته جڏهن پٺاڻ پنهنجو قرض وٺڻ آيو ته کيس ٻڌايو ويو ته اهو ماڻهو فوت ٿي چڪو آهي. پٺاڻ چيو ته مان کيس ڪو نه ڇڏيندس مون کي هڪ ڏنڊو ڏيو ۽ ان جي قبر ڏيکاريو. ماڻهن سمجهيو ته هي تمام ڏکيو لڳو خبر نه آهي ته قبرستان جي ڪهڙي حالت ڪندو،  ان ڪري مجبور ٿي، ٻين اهو قرض لاٿو. اهڙيءَ طرح ”پٺاڻڪو قرض“ هڪ پهاڪي جي حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي.

۲۴- واڻڪي ملهه:
هي پهاڪو حقيقت ۾ ڀاڳ شهر جو آهي، قصو هيئن آهي ته هڪ ڀيري ملهه جو مقابلو ٿيو، جنهن ۾ هڪڙي ٻروچ سڀني پهلوانن کي ملهون هڻي ۽ ميدان تي بيهي سڀني کي رعب سان دعوت ڏيڻ لڳو ته آهي ڪو باقي بچيل وڙهڻ وارو؟ پر ڪوبه ڪونه پيو اٿي. اتي هڪڙو هندو ملهه ڏسڻ لاءِ آيو هو. سو ٺاهوڪو پهلوان پيو لڳي، ماڻهن ان کي همت ۽ دلاسا ڏيئي وڙهڻ لاءِ آماده ڪيو. اتفاق سان هندو ٻئي ملهون ٻروچ کي هڻي ويو. وڏي واهه واهه ٿي وئي. ٻروچ جي وڏي بيعزتي ٿي پيئي ۽ خار مان هندو کي ڏسڻ لڳو. هندو ٻروچ کي خار مان پاڻ ڏانهن ڏسندي اچي ڊنو ۽ روئڻ لڳو. ماڻهو حيران ٿيا ته خوش ٿيڻ بدران هندو روئي ٿو. سبب پڇيائونس، پهرين ته هو ٻڌائي ڪونه پيو. آخر جڏهن مجبور ٿيو، تڏهن ڏڪندي ڏڪندي ٻڌايائين ته ٻروچ جي بي عزتي ٿي آهي ۽  هاڻي هو  مونکي اُڦٽ ماريندو، ان ڪري روئان ٿو. تنهن تي ماڻهو سڀ کليا ۽ هن ڳالهه کي ايترو ته مشهور ڪيائون جو ان هڪ پهاڪي جي حيثيت حاصل ڪري ورتي.

۲۵- پانجو گهر هنگي ڀر، ٻئي جو گهر ٿڪ کئون ڏر:
هي پهاڪو به ڀاڳ جي آسپاس سان تعلق ٿو رکي. هن پهاڪي جو پسمنظر هن طرح آهي ته ماڻهو پنهنجي گهر ۾ ڇابه ڪري، توڙي ان کي هنگي ڀري ته ڪابه ڳالهه نه آهي، پر هو جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي گهر ۾ آهي ته اتي هن کي ٿڪ اڇلائڻ کان به ڊڄڻ گهرجي، ڇوته اهو پرايو گهر آهي. ان خيال سان ماڻهن ان ڳالهه کي هڪ پهاڪي طور مشهور ڪري ڇڏيو آهي. ”پانجو“ لفظ ”پنهنجو“، ”کئون“ جو لفظ ”کان“ ۽ ”ڏر“ جو لفظ ”ڊڄ“ بدران استعمال ڪيو ويو آهي.

۲۶- ٻروچڪو ٽوڻو:
هي پهاڪو هن علائقي جي جغدالي محاوري سان تعلق رکي ٿو. اصل ۾ آڳاٽي وقت ۾ حڪيمن ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ سبب اڪثر ماڻهو جهونن ٻروچن کان ماڻهن توڙي جانورن جو علاج ڦل، دعا، ٽوڻو، دونهون يا ڏنڀ سان ڪرائيندا هئا، جنهن سان اتفاق سان فائدو به ٿي ويندو هو. ان ڪري اها ڳالهه ٻروچڪو ٽوڻو جي نالي سان مشهور ٿيندي پهاڪي جي صورت اختيار ڪري ورتي، جيڪا اڄ به اڳ وانگر مقبول آهي، ڇوته ٻهراڙين ۾ اڃا تائين ساڳيءَ طرح سان علاج پيو هلي.

۲۷- مُڪُر ماءُ وارو آسرو:
هن پهاڪي جو پس منظر هن طرح آهي جو مڪر مڇي جو ساهه تمام دير سان ختم ٿيندو آهي. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته مڪر کي ٽڪر ٽڪر ڪري جڏهن ديڳڙيءَ ۾ وجهبو آهي، تڏهن به اهي گوشت جا ٽڪر تپش کان چرندا پرندا آهن، ان ڪري عام ماڻهن ۾ اها ڳالهه هن سان مقبوليت حاصل ڪئي آهي ته مڪر جي ماءُ کي پنهنجي ٻچي تي پورو يقين آهي ته هو جيئرو بچي نڪرندو. ايتري تائين جو هو ان کي ديڳڙيءَ ۾ پچڻ تائين ساريندي رهندي آهي. ان ڪري هن ڳالهه کي ”مُڪُر ماءُ وارو آسرو“ واري پهاڪي طور مقبوليت حاصل ٿي، جيڪو گهڻي تائين ڪنهن کي آسرو رکڻ تي ٽوڪ طور به چيو وڃي ٿو.

۲۸- ماءُ مري رکائي ڌيءَ گهري ڏهي:
جغدالي محاوري جو هي پهاڪو سنڌ جي ”گهر ۾ غرقي به مس اٿس، دم هڻي ٿو ٺوڙهيءَ جو.[21] سان هڪجهڙائي رکي ٿو. مقصد ان جو هي آهي ته گهر ۾ کائڻ لاءِ پورو ڪجهه نه هجي ۽ ڌي پيئي نوابن وارا نخرا ڪري ۽ طعام چئي گهري. اهڙي ماڻهن لاءِ هي پهاڪو جوڙيو ويو آهي. هن پهاڪي ۾ ”ماءُ“ بدران ”ماء“ ۽ ”ڌيءَ“ بدران ”ڏي“ جا جغدالي لفظ استعمال ڪيل آهن.

۲- چوڻيون:
چوڻيون سنڌي ٻوليءَ ۾ اصطلاحي حيثيت رکن ٿيون، جيڪي اسان جي وڏڙن، سياڻن، سالڪن، سگهڙن ۽ درويشن پنهنجي وقت جي حالتن پٽاندر جوڙيون آهن. چوڻيون علائقي جي ماحول جي عڪاسي ڪنديون آهن، ڇو ته ان کي جوڙڻ وارا پنهنجي علائقي جي ماڻهن جي عادتن، رسم و رواج، رهڻي، ڪهڻي ۽ ماحول ۾ ٿيندڙ ڪن اهم حادثن ۽ موقعن کي مثال طور پيش ڪن ٿا، جيڪي بعد ۾ عام ماڻهن جي اصطلاح لاءِ مثال بڻجي وڃن ٿيون، ڇو ته ڪي چوڻيون اصطلاحي، ته ڪي طنزيه، ڪي مثالي ته، ڪي دعائيه هونديون آهن. اهو ئي سبب آهي جو اهي واقعا ۽ حادثا بعد ۾ ماڻهن لاءِ مثالي چوڻيون ۽ پهاڪا بڻجي وڃن ٿا.
چوڻين کي اصطلاح به چئبو آهي، جيڪي هزارن جي تعداد ۾ اسان جي ٻوليءَ ۾ مروج آهن. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو هن سلسلي ۾ لکي ٿو: ”اصطلاحن جو استعمال تقرير توڙي تحرير، نثر توڙي نظم کي دلنشين بڻائي ٿو. ٻن چئن لفظن جي ننڍڙي جملي ۾ مفصل مطلب سمايل هوندو آهي، جو پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ جي دل ۽ دماغ تي ايترو ته جلد اثر پيدا ڪري ٿو جو داستانن ٻڌائڻ سان ڪري نه سگهجي. هن مان اهو مطلب وٺڻ نه کپي ته عبارت ۾ اصطلاح ئي اصطلاح هجن. ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ نه رڳو عبارت ثقيل ٿي پوندي، پر اصطلاحن جو مفهوم به فوت ٿي ويندو. مطلب ته اصطلاح اسان جي ٻوليءَ جي سونهن ۽ سرمائي سان گڏ اظهار خيال لاءِ ڄڻ اثرائتا الفاظ ۽ اشارا آهن، جيڪي اندر ۾ ويهي وڃن ٿا.“[22]
چوڻين جي ظاهري معنيٰ ۾ ئي ٻيا اصلاحي پهلو نڪرن ٿا، جيڪي انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ وجود ۾ اچن ٿا. سنڌ ۾ اهڙي قسم جون سوين چوڻيون مروج آهن، جن تي سنڌي ادب ۾ ڪجهه ڪم ٿيو آهي، پر سبيءَ جي هن خطي ۾ مروج چوڻين تي اڳ ۾ ڪم ڪونه ٿيو آهي، جن کي گڏ ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪندي، اسان هت ڪجهه اهڙيون چوڻيون لساني جائزي سميت پيش ڪري رهيا آهيون.
انهن مان ڪي چوڻيون پنهنجي عوامي مقبوليت سبب سنڌ جي علائقن تائين مروج ٿي چڪيون آهن، جن کي اتان جو سمجهيو پئي ويو، پر سنڌي ادب ۾ انهن تي غالبن اڃا تائين قلم ڪونه کنيو ويو آهي. ان ڪري اسان اهڙين چوڻين کي زيربحث آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

۱- اٺ پانجي پيشاب کئون تِرڪي:
جغدالي محاوري جي هي چوڻي ڪنهن بيوقوف ماڻهوءَ لاءِ ڏبي آهي، جنهن کي ڪا سمجهه نه هجي ۽ هو ابتا سبتا ڪم ڪندو رهي. ان ڪري انهن کي اٺ جهڙو بيوقوف ڏيکارڻ لاءِ هي پهاڪو ڏجي ٿو. هن چوڻيءَ ۾ ”پنهنجي“ بدران ”پانجي“ ۽ ”کان“ بدران ”کئون“ جا لفظ استعمال ڪيل آهن.

۲- چمڙي وڃي دمڙي نه وڃي:
هي چوڻي هن علائقي ۾ ڪنجوس ماڻهن لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي، جيڪي ماڻهو پئسو بچائڻ لاءِ پنهنجي جان کي به جوکم ۾ وجهن ٿا.

۳- شل نه ڪارو مٿو ڪينجي ڪڍ لڳي:
هي چوڻي انسان ذات لاءِ ڏبي آهي، جيڪو جڏهن لاهي پائي ڪنهن جي ڪڍ لڳندو آهي، تنهن کي ضرور نقصان رسائيندو آهي، ان ڪري ان کان ڊڄڻ جي تلقين ڪندي هي چوڻي ٺاهي ويئي آهي. چوڻي ۾ ”ڪينجي“ جو لفظ ”ڪنهن جي“ ۽ ”ڪارومٿو“، ”انسان“ بدران ڪم آندو ويو آهي.

۴- پيسو وڃي پت نه وڃي:
هي چوڻي پت وڃائڻ وارن کي تلقين ڪرڻ لاءِ ڏني وڃي ٿي، ڇوته ڪي ماڻهو ڪوڙا ٺڳ ۽ بي لڄا ٿين ٿا ۽ هو پئسي لاءِ پنهنجي عزت به وڃائي ويهن ٿا. اهڙي ماڻهن جي اصلاح لاءِ هي چوڻي جوڙي ويئي آهي ته جيئن هو سمجهي سگهن ته عزت جي اهميت پئسي کان وڌيڪ آهي.

۵- واندو ڪتو به گندو:
هي چوڻي انهن ماڻهن جي اصلاح لاءِ جوڙي ويئي آهي، جيڪي ڪوبه ڌنڌو وغيره ڪونه ٿا ڪن ۽ پنهنجن مائٽن لاءِ آزار بڻيل هجن. انهن کي ڪتن کان به خراب ڪري پيش ڪرڻ ۽ غيرت ڏيارڻ لاءِ هي چوڻي وجود ۾ آئي آهي.

۶- ساڳي ماني ساڳ سان:
هي چوڻي سنڌ جي ”ساڳيا لاٽون ساڳيا چُگهه“ پهاڪي سان هڪجهڙائي رکي ٿي. هن چوڻيءَ جو مقصد هي به آهي ته ڪنهن انسان کي پئسو هٿ اچي وڃڻ تي مغرور نه ٿيڻ گهرجي، ڇوته رب پاڪ ڪنهن وقت به ناراض ٿي ان کي اڳين حالت تي آڻي سگهي ٿو. جيئن پهاڪو چئجي ٿو.

۷- چريي سان چڙجي نه:
چريي سان چڙڻ غلطي آهي، ڇوته هو چريو آهي، جيڪو چڙندو، ٿي سگهي ٿو اڳتي هلي ان جي بيعزتي به ٿي پوي. ان ڪري ان احتياط ڪرڻ لاءِ هي چوڻي وجود ۾ آئي آهي ته ”چريي سان چڙجي نه“.

۸- جو چلهه تي سو دل تي:
هي چوڻي سنڌ جي ”اڳيان ويا وسري پويان لڳا مصري“ واري چوڻيءَ سان هڪجهڙائي رکي ٿي. هن جو مقصد هي آهي ته جيڪو ويجهي آهي، صرف ان کي ياد ڪرڻ يا وسارڻ درست نه آهي، جيڪي ڪجهه پري ٿي ويا آهن. انهن کي به ياد ڪرڻ گهرجي، ڇوته انهن جو به حق لڳي ٿو. هي چوڻي سنڌ ۾ به عام جام آهي.

۹- گهر ڄاٽي کئون ڇڙو چڱو:
هي چوڻي ماڻهن کي گهر ڄاٽو ٿي شادي ڪرڻ کان روڪڻ جي تلقين ڪرڻ لاءِ جوڙي ويئي آهي، ڇوته گهر ڄاٽو اڪثر پنهنجي سس سهري، سالين، سالن توڙي گهرواريءَ جو محتاج رهي ٿو. ان کي اتي ڪابه عزت ڪونه هوندي آهي. چوڻيءَ ۾ ”کان“ بدران ”کئون“ ۽ ”غيرشادي شده“ بدران ”ڇڙو“ جا لفظ استعمال ڪيل آهن.

۱۰- مالڪ ته مالڪي:
هي چوڻي ”ڌڻ ته ڌڻي نه ته وِڪڻ کڻي“ سان هڪجهڙائي رکي ٿي. ڇوته ڪابه شيءِ جيڪڏهن وٺجي ته ان جو خيال ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي لاوارث ڪري نه ڇڏجي. اهڙن ماڻهن کي تلقين ڪرڻ لاءِ هي چوڻي جوڙي ويئي آهي.

۱۱- حياتيءَ تي ڪيڙو اعتبار:
هي چوڻي عام ماڻهن کي نيڪي ڪرڻ يا پنهنجو جائز مقصد پورو ڪرڻ لاءِ چئي وڃي ٿي، ڇوته زندگيءَ تي ڪوبه اعتبار نه آهي. ان ڪري جيترو جلد ٿي سگهي نيڪ ڪم يا پنهنجو جائز مقصد پورو ڪري وٺجي. چوڻيءَ ۾ ”ڪهڙو“ بدران ”ڪيڙو“ جو لفظ استعمال ڪيل آهي.

۱۲- چنڊرو چنڊري کي سئو ڪوهن تي ڳولي لهي:
هر ماڻهو پنهنجي طبيعت يا هم پيشه ماڻهوءَ سان ياري دوستي رکي ٿو. مثلاً موالي موالي سان ۽ چور چور سان وغيره. اهڙن ماڻهن جي دوستيءَ تي هي چوڻي جوڙي ويئي آهي. هن چوڻيءَ ۾ ”چنڊرو“ ۽ ”چنڊري“ لفظن ۾ ”ڊ“ جو حرف ”ر“ گاڏڙ مرڪب حرف آهن. ”ڳولي“ جو لفظ ”ڳولهي“ بدران استعمال ڪيو ويو آهي. سنڌي محاوري ۾ وري ائين چيو ويندو آهي ته ”چنڊو چنڊي کي نه سهي“.

۱۳- ڳوهه کي کُٽي کڻي ته ڍيڍن جا گهر تاڙي:
هڪڙي ڳوهه ڍيڍن[23] جي گهر جي ڀر سان اچي پهتي ته هنن هڪدم ان کي پڪڙي پچائي کائي ڇڏيو. ڪنهن ماڻهوءَ هي چوڻي جوڙي ڇڏي ته ڳوهه کي جڏهن کٽي کڻندي آهي ته ڍيڍن جا گهر تاڙيندي آهي. هي چوڻي هاڻ اهڙن ماڻهن لاءِ به ڏني وڃي ٿي، جيڪي پنهنجي بيوقوفيءَ سبب پاڻ کي خطري وارين ڳالهين کان ڪونه ٿا بچائين ۽ ان طرف وڃن ٿا ۽ پنهنجو خيال ڪونه ٿا ڪن.

۱۴- انڌو اچي سڄن کي کڻي وڃي:
ڪنهن وقت اوندهه ۾ سڄا ڪا شيءِ ڳولي نه سگهيا، پر اها شيءِ انڌي اچي لڌي، تڏهن سڄن تي ٽوڪزنيءَ لاءِ هي چوڻي وجود ۾ آئي آهي.

۱۵- مينئن وٺرو، ناڙي سائي:
جغدالي محاوري جي هي چوڻي ان وقت استعمال ڪئي وڃي ته جڏهن ناڙيءَ جو علائقو برسات سبب آباد ٿئي ٿو ۽ ماڻهو خوشحال ٿي پنهنجي رب جو شڪرانو ادا ڪن ٿا. هن چوڻيءَ ۾ ”مينهن“ بدران ”مينئن“ ۽ ”وُٺو“ بدران ”وُٺرو“ جا لفظ ڪم آندل آهن. جڏهن ته ”وُٺو“ ۾ ”ٺ“ جو حرف، ”ر“ گاڏڙ مرڪب حرف آهي، جيڪو هن خطي ۾ استعمال ٿئي ٿو. جيئن ”ڊ“، ”ڍ“ ۽ ”ٽ“ جهڙا ”ر“ گاڏڙ مرڪب حرف استعمال ڪيا وڃن ٿا. حرف ”ٺ“ جي مرڪب هئڻ بابت مٿين باب ۾ واضح طور بحث ڪيل آهي.

۱۶- پرائي ٻوڙ تي اٽو ٻڌي هلڻ:
هي چوڻي انهن ماڻهن لاءِ جوڙي ويئي آهي، جيڪي پنهنجي همت کان ڪم نه وٺندي هر ڪم ٻين جي آسرن تي ڪن ٿا. اهڙن ماڻهن کي اڪثر ناڪامي ٿئي ٿي. ان ڪري انهن کي پنهنجي همت ڪرڻ جي تلقين لاءِ هي چوڻي وجود ۾ آئي آهي، جيئن، ”آپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوَئي[24] پهاڪو آهي. ان طرح هي چوڻي ڪم آندي وڃي ٿي. سنڌ ۾ وري چيو ويندو آهي، ”پرائي مال تي ٽوپي نراڙ  تي.“

۱۷- وڻ وڻ جي ڪاٺي:
هي چوڻي مختلف ماڻهن بابت استعمال ٿئي ٿي. ڇوته هر ماڻهو پنهنجي طبيعت ۽ قسم جو هوندو آهي. ان لاءِ انهن جي ڀيٽ ”وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ“ سان ڏني وڃي ٿي، ڇوته هرهڪ ڪاٺيءَ جو رنگ، سواد، افاديت پنهنجي هوندي آهي. هي چوڻي ڪنهن ماڻهن جي ميڙ وقت چئي وڃي ٿي.

۱۸- ڪاريءَ وارا ڪک:
ڪي چور وڏي مصيبت کان پوءِ ڪنهن گهر ۾ گهڙيا ۽ اندر ڏٺائون ته ڪا شيءِ ڪانهي، تنهن تي ڪنهن چيو هت ته ڪاري وارا ڪک به نه آهن. ان قسم جي ڳالهين کي واضح ڪرڻ لاءِ هاڻ هي چوڻي استعمال ڪئي وڃي ٿي.

۱۹- ما مري ڌي ڪان، ڌي مري چگهن ڪان:
ڪا ڇوڪري پنهنجي ماءُ جو خيال نه ڪندي هئي ۽ هو پنهنجي يار جي فڪر ۽ خدمت ۾ رهندي هئي. ماڻهن ان ڳالهه کي ناپسند ڪندي هي چوڻي ٺاهي ورتي. چوڻيءَ ۾ ”ماءُ“ بدران ”ما“، ”لاءِ“ بدران ”ڪان“ ۽ ”يارن“ بدران ”چَگهن“ جا لفظ استعمال ڪيل آهن، جيڪي هن خطي ۾ مروج آهن.

۲۰- سُڪن سان ساوا بي سڙن:
هي چوڻي ان وقت استعمال ڪبي آهي، جڏهن قصور وارن سان گڏ بي قصور به تڪليف ۾ اچي وڃن ٿا. ان حالت کي جهنگ جي باهه سان تشبيهه ڏني وڃي ٿي، جتي سڪن وڻن سان گڏ ساوا وڻ به سڙي رک ٿي وڃن ٿا.

۲۱- ڪانٽو ڇڪي رک سؤ تي:
هي چوڻي ان وقت جوڙي ويئي، جڏهن ڪنهن ڊرائيور غيرضروري طور پنهنجي گاڏي جي اسپيڊ سئو تي رکي گاڏي هلائي ايڪسيڊنٽ ڪري وڌو. ان طرح هاڻي طنزيه طور عام ماڻهو هي چوڻي استعمال ڪندا رهن ٿا.

۲۲- هديرو گل ڪرڻ:
هي چوڻي ان وقت استعمال ٿئي ٿي، جڏهن ڪو ماڻهو ٻئي ڪنهن کي ايترو نقصان پهچائي جو اهو ختم ٿي وڃي، يا ڪو ماڻهو واپار يا ڌنڌي ۾ سخت نقصان کائي، ان لاءِ ائين چئبو آهي ته ”هديرو گل ڪري ڇڏيئين“ يا ”هديرو ئي گل ٿي ويس“، ”هديرو گل ٿيڻ“، ”ڪم لاهي ڇڏڻ“ يا ”ڪم لهي وڃڻ“ جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو.

۲۳- ٽِڪي اَگهاڻي:
ڪنهن مصيبت کان بچڻ وقت چئبو آهي ته تنهنجي ڪا ”ٽِڪي اگهاڻي“ آهي. يعني خيرات قبول ٿي آهي.
ان کان علاوه ڪانگيرا ڪرڻ= پاڻ جهڙا پيدا ڪرڻ، رات منڌرات= اويلو وقت. ڏينهن شينهن= ڏينهن جو بيپرواهه هجڻ. ڪڻي گهٽ ڪاسو= ذري گهٽ عقل جو انڌو، بيوقوف ۽ ٻي واهه ناهي، لاچاري جي معنيٰ ۾ به چوڻيون استعمال ٿين ٿيون.

(سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو طرفان، ڊاڪٽر داد محمد بروھيءَ جي ڇپيل ڪتاب؛ ’بلوچستان ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو اڀياس منجھان ’خطي ۾ مروجلوڪ صنفن جو لساني جائزو‘ باب تان کنيل)


[1] سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ”پهاڪن جي پاڙ“، پاڪستان پرنٽنگ پريس، لاڙڪاڻو، ڇاپو ٻيو، ۱۹۶۹ع، ص ب، ٻه اکر.
[2] سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ”پهاڪن جي پاڙ“، پاڪستان پرنٽنگ پريس، لاڙڪاڻو، ڇاپو ٻيو، ۱۹۶۹ع، ص ب، ٻه اکر.
[3] سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ”پهاڪن جي پاڙ“، پاڪستان پرنٽنگ پريس، لاڙڪاڻو، ڇاپو ٻيو، ۱۹۶۹ع، ص ب، ٻه اکر.
[4] جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر، ”پهاڪا چوڻيون ۽ محاورا“، ماهوار پيغام، ڪراچي، جولاءِ-آگسٽ، ۱۹۸۸ع، ص ۹.
[5] بشير احمد وارثي، ”تذڪره مگسي معه تاريخ“، مدير اعليٰ رهبر سنڌ، رتوديرو، ۱۹۵۷ع، ص۳۲، ۽ پڻ ڏسو لالا هتورام جي ”تاريخ بلوچستان“، بلوچي اڪيڊمي، ڪوئيٽا، ۱۹۷۳ع، ص۱۹۴.
[6] چانڊيو، مجيد، مقالو: ”بنگاهي جهيڙو“، روزانه هلال پاڪستان، ڪراچي، ۶-۱۱-۱۹۸۳ع، ص ۳.
[7] موسن“ جغدالي محاوري جي اثر سبب محسن کان بدلجي موسن ٿيو آهي ۽ ”شا“ اصل ۾ ”شاهه“ جو لفظ آهي، جنهن جي ”هه“ محاوري ۾ حذف ٿيل آهي.
[8] قريشي، عبدالرزاق، ”مشاهير جيڪب آباد“، شاهين بوڪ ڊيپوت، جيڪب آباد، ۱۹۷۳ع، ص۲۵.
[9] بروهي، داد محمد خادم، ”سبي خطي جي فراڪي لهجي جو لساني اڀياس“، (ايم. اي) سنڌي، سال ۱۹۸۴ع لاءِ، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پيش ڪيل مونوگراف، ص ۱۰۷.
[10] احمد خان مدهوش، ”ڪاڇو ڪيئن آهي“، ماهوار پيغام، ڪراچي، آڪٽوبر نومبر، ۱۹۸۶ع، ص ۷۱.
[11] مهر دل پروانه، ”براهوئي زبان نا لوڪ ادب“، هفته روزه ايلم، مستونگ، ۳-۲-۱۹۸۹ع، ص ۸.
[12] قاضي، محمد يعقوب، عليزئي، ”بلوچستان ۾ سنڌي زبان و ادب“، هفت روزه ايلم، مستونگ،  ۳ فيبروري، ۱۹۸۹ع ص ۲.
[13] ملڪاڻي منگهارام، ”سنڌي نثر جي تاريخ“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، ۱۹۷۷ع، ص ۳۵.
[14] سنديلو، عبدالڪريم، ”پهاڪن جي پاڙ“، پاڪستان پرنٽنگ پريس، لاڙڪاڻو، ڇاپو ٻيو، ۱۹۶۹ع، ص ۶۵.
[15] انور رومان، پروفيسر، مترجم: ”بلوچستان ڪي قبائل“، جلد دوم، گزيٽيئر، بينظير انٽرپرائيزز، ڪوئيٽا، ۸۷-۱۹۸۶ع، ص ۱۵۷.
[16] آڏواڻي، سلامتراءِ، ”گل شڪر“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ۱۹۵۶ع، ص ۱۰.
[17]آڏواڻي، ڪيولرام سلامتراءِ، ”گل شڪر“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ۱۹۵۶ع، ص ۱۱۱.
[18] بروهي، داد محمد خادم، ”سبي خطي جي فراڪي لهجي جو لساني اڀياس“، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو  ۾ ايم اي سنڌي لاءِ پيش ڪيل مونوگراف، سال ۱۹۸۴ع، ص ۱۰۷.
[19] روايت ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو.
[20] روايت ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو.
[21] آڏواڻي سلامتراءِ، ”گل شڪر“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ۱۹۵۶ع، ص ۱۷۷
[22] سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ”اصطلاحن جي اصليت“، اسلم پبليڪيشن، نزد پاور هائوس، لاڙڪاڻو، ۱۹۸۷ع، ص ۱-۲.
[23] ڍيڍن= باگڙي يا ڀيل قومون جيڪي اڪثر ڳوهون کائين ٿيون.
[24] سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ”پهاڪن جي پاڙ“، پاڪستان پرنٽنگ پريس، لاڙڪاڻو، ڇاپو ٻيو، ۱۹۶۹ع، ص ۵.

No comments:

Post a Comment